سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (451) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17958   ڀيرا پڙهيو ويو

ڀيرو مل مهر چند آڏاواڻي


ڪاڪو ڀيرو مل 1875ع ۾ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم مڪاني اسڪول ۽ سيڪنڊري تعليم حيدرآباد جي مشھور يونين اسڪول ۾ ورتائين، جتي ساڌو شوقيرام آڏاواڻي ۽ تاراچند شوقيرام آڏاواڻي سندس استاد ھئا، جن کيس ٻي تعليم سان گڏ ادب ۽ شاھ جي مطالعي جو به شوق ڏياريو. ڪاڪي ڀيرو مل جو شُمار ورھاڱي کان اڳ جي ناليوارن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو. ھن نثر ۽ نظم ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا. ھو شاعر، نثر نويس، مؤرخ، محقق ۽ ماھرِلسانيات ھو، سندس تخلص ”غريب“ ھئو. خاص ڪري ٻارن لاءِ ڪيترائي شاھڪار نظم لکيائين، جيئن: ”مونکي ڪنھن ٿي کير پيارو“، ”وقت چوي آءٌ بادشاھ“ وغيره.

سندس ڪتابن مان ”ھيري جون ڪڻيون“، ”قديم سنڌي“، ”غريب اللغات“، ”پهاڪن جي پيڙهي“، ”وڏي سنڌي وياڪرڻ“، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۽ ”لطيفي سير“ هر دؤر ۾ مقبول رهيا آهن. ڪاڪي ڀيرو مل سنڌي ادبي بورڊ جي ”جامع سنڌي لغات“ جي پهرين جلد مرتب ڪرڻ ۾ سرگرم حصو ورتو. هو سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ (موجوده سنڌي ادبي بورڊ) جو شروع کان وٺي ميمبر به رهيو، بعد ۾ ان مرڪزي بورڊ جو ڪجهه وقت لاءِ وائيس چيئرمن به رهيو.

سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد متعلق ڪاڪي ڀيرو مل جو رايو هو ته ”سنڌي سنسڪرت مان ٺهي آهي“. ان کان پهريان اهو نظريو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ ٻيا يورپي ماهر ڏئي چڪا هئا. ڪاڪي ڀيرو مل پورو ڪتاب لکي ان نظريي کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌيءَ ۾ سندس گرامر وارو ڪتاب ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ وڏي اهميت رکي ٿو، جنهن جو پهريون ڇاپو 1925ع ۾ ڇپيو ۽ ان وقت جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ لازمي پڙهايو ويندو هو. ڪاڪي ڀيرو مل هن گرامر ۾ به ڪيترن نڪتن مان سنڌي ۽ سنسڪرت جو لاڳاپو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪاڪو ڀيرو مل ورهاڱي کان پوءِ 1949ع ۾ بمبئي لڏي ويو ۽ اتي صرف هڪڙي سال کان پوءِ جولاءِ 1950ع ۾ وفات ڪيائين.