سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (451) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17961   ڀيرا پڙهيو ويو

شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ


شاعر، نثر نويس، مترجم، محقق، مؤرخ، گرامر نويس، لغت نويس، لطيف شناس ۽ ڊراما نويس اھي سڀ حوالا آھن ”عالمن جي سج“ مرزا قليچ- بيگ جا. مرزا قليچ بيگ 07 آڪٽوبر، 1853ع ۾ حيدرآباد جي ٽنڊي ٺوڙھي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو مرزا فريدون بيگ ھو، جنھن کي ست پُٽ ھئا، قليچ بيگ انھن ۾ ٽيون نمبر ھو. سندس وڏا جارجيا جا ويٺل ھئا. مرزا قليچ بيگ شروع ۾ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي، پوءِ سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو جتي سنڌيءَ سان گڏ عربي ۽ انگريزيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. مرزا قليچ بيگ جي گھر جو ماحول علمي ادبي ھو. سندس پيءُ ۽ نانو فارسي ٻوليءَ جا عالم ھئا، کين ڪتابن گڏ ڪرڻ جو شوق ھو. مرزا قليچ بيگ به ننڍي ھوندي کان ئي (ستن سالن جي عمر ۾) شاعري ڪرڻ شروع ڪئي، جنھن جي اصلاح سندس پيءُ ۽ نانو ڪندا ھئا، اھڙيءَ طرح سندس لکڻ ۽ پڙھڻ جو ذوق وڌندو رھيو.

سنڌ ۾ مرزا قليچ بيگ جيتري قدر علمي ۽ قلمي خدمتون سرانجام ڏنيون آھن، اوتري قدر ھن وقت تائين ٻيو ڪوبه عالم نه ڏئي سگھيو آھي. ھن تقريباً ھر موضوع تي ساڍن چئن سَوَن کان وڌيڪ ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا آھن. جن ۾ اخلاقيات، مذھب، روحانيت، تاريخ، لغت، صرف ونحو، منطق، طب، اقتصاديات، فلسفي ۽ باغباني وغيره جا موضوع اچي وڃن ٿا. لسانيات ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب لُغات لطيفي، سنڌي لُغات قديمي، پُھاڪن جي حڪمت ۽ فارسي زبان جي تاريخ ڪتاب لکيا سنڌي گرامر جي ڏس ۾ سندس ڪتاب ”سنڌي وياڪرڻ“ هو، جيڪو پوءِ ”علم صرف نحو“ جي نالي سان به ڇپيو. هن گرامر جي خاص ڳالهه اها هئي ته هن ۾ مرزا صاحب عربي صرف نحو جي قاعدن سان به ڀيٽ ڪئي ۽ ڪيترن هندي ۽ سنسڪرت جي اصطلاحن سان گڏ عربي اصطلاح به استعمال ڪيا. سندس مڃتا ۾ ۽ علمي ادبي خدمتن جي عيوض سرڪاري طرفان ”خان بھادُر“، ”قيصر ھند“ ۽ ان وقت جي وڏي اعزاز ”شمس العماءِ“ جو خطاب مليس. جديد سنڌي ادب جي عمارت کي اڏيندڙ ۽ سينگاريندڙ ھي عالم پنجھتر سالن جي عمر ۾ ٽين جولاءِ 1929ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھ حيدرآباد جي ٽنڊي ٺوڙھي ۾ آھي. مرزا قليچ بيگ پنھنجي علمي پورھيي ذريعي عوام جي دلين ۾ سدائين زنده رھندو.