سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (451) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17954   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻوليءَ جو صرف نحو: (واحد بخش شيخ- 1986ع)


ورھاڱي کان پوءِ لسانيات جي ٻين شعبن جھڙوڪ تاريخي لسانيات (Historical Linguistics) ٻوليءَ جو علم (Philology) ۽ سماجي لسانيات (Socio Linguistic) تي گھڻو ڪم ڪيو ويو آھي. پر گرامر ڏانھن لسانيات جي ماھرن جو گھٽ توجهه رھيو آھي. واحد بخش شيخ  ”سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو“ ٻن ڀاڱن ۾ لکيو آھي. جنھن جو پھريون ڀاڱو 1986ع ۾ ۽ ٻيو ڀاڱو 1989ع ۾ ڇپيو آھي. ھن ليکڪ تي عربي ۽ فارسيءَ جو گھڻو اثر نظر اچي ٿو. ايتري تائين جو سنڌيءَ کي عربيءَ جي ڀيڻ سڏي ٿو. هو پنھنجي ”تمھيد“ واري بيان ۾ لکي ٿو:

”سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ آواز اھي ئي آھن، جي سنسڪرت جا آھن ، يعني اَ، آ، اِ، اي، او اُو، اؤ، اَؤ، اَئ- حقيقت ۾ ھنديءَ يا سنسڪرت ۾ حرڪتن جو استعمال ظاھري طرح آھي ئي ڪونه، پر سنڌي ٻوليءَ جي آوازن جون ظاھري نشانيون يعني زبر (ـــَــ)، پيشُ (ـــُــ)، شدّ (ــــّــ) ۽ مد استعمال ٿين ٿيون سي عربي کان اڌاريون ورتل آھي ۽ اھي ھن وقت سنڌي ٻوليءَ جي ڪنھن حد تائين امتيازي خصوصيت بڻجي چڪيون آھن.“ (ص-2)

مٿيان اکر يا حرڪتون سنڌي ٻوليءَ جا حرف علت (vowels) آھن، جيڪي ھن جا پنھنجا آهن، پر ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ کي لکيو عربي اسڪرپٽ (script) ۾ وڃي ٿو. اڳتي لکي ٿو:

”سنڌي ٻولي، اگرچه سنسڪرت مان پيدا ٿي آھي، تاھم ٻنھي ۾ حرفي مشابهت کان سواءِ ٻي ظاھري ھڪجھڙائي خير ڪا نظر ايندي پر انھيءَ جي برعڪس عربي، فارسي ۽ اردو ٻولين سان سندس تعلق ۽ تشبيھ گھڻو نظر ايندي. تحريري طرز انھن چئن ٻولين يعني عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ جي ھڪجھڙي آھي يعني اھي چار ئي ٻوليون ساڄي طرف کان کاٻي طرف ۽ گڏيل حرفن ۾ لکڻ ۾ اينديون آھن.“ (ص-4)

ٻولين جي وچ ۾ ھڪجھڙاين ۽ لاڳاپن (تعلق ۽ تشبيھ) کي تحريري طرز تي نه پرکيو ويندو آھي، ڇاڪاڻ ته تحريري طرز ٻوليءَ ناھي هوندي اھو صرف ٻوليءَ کي ظاھر ڪرڻ جو ذريعو (medium) آھي. جيڪڏھن سنڌيءَ کي ڪنھن ٻئي رسم الخط جيئن ديوناگري يا رومن وغيره ۾ لکيو وڃي ته اھا يقيناً ٻي طريقي سان لکي ويندي پر رھندي ته پوءِ به سنڌي ٻولي! عربي، فارسي، اردوءَ ۽ سنڌيءَ جو
رسم الخط هڪ ئي بنياد رکن ٿا. اردوءَ جو فارسيءَ تان، فارسيءَ جو عربيءَ تان ۽ سنڌيءَ جو به عربيءَ تان ورتل آهي. ٻولين ۾ لاڳاپو جاچڻ لاءِ انھن جي ساخت ۽ (structure)، صوتياتي، صرفي ۽ نحوي ھڪجھڙاين ۽ فرقن جو اڀياس ڪرڻ ضروري ھوندو آھي. واحد بخش شيخ سنڌي وياڪرڻ جي صورتن ۽ ترڪيبن کي سمجھائڻ لاءِ معيار شاعريءَ کي کنيو آھي، هو چوي ٿو:

”جھڙي طرح عربي، فارسي ٻولين جو بنياد شعر تي ٻڌل آھي، يا ائين کڻي چئجي ته عربي ۽ فارسي ٻولين جي صحت ۽ موزونيت جي ڪسوٽي سندن شعر ليکيو ويندو آھي، تھڙيءَ طرح سنڌي زبان کي به اھو ساڳيو ئي شرف حاصل آھي يعني سندس ڪلام جي صحت موزونيت يا ترڪيبي خصوصيتون سندس شعر مان ئي پرکي سگھجن ٿيون.“ (ص-4)

سنڌي الف بي (Alphabet) تي بحث ڪندي سنڌيءَ جي لکڻ جي مختلف طريقن، ان تي عربيءَ، فارسيءَ ۽ سنسڪرت جي اثر ۽ انھن ٻولين جا اکر جيڪي سنڌيءَ ۾ مروج آھن، انھن جو بيان ڏنو اٿس. حرف علت جي وصف ۾ لکي ٿو:

”علت جا حرف ٽي آھن، ا-و-ي. علت معنيٰ آھي بيماري، ضعف يا ڪمزوري، ڇاڪاڻ ته مذڪوره ٽي حرف ڪمزور آھن جو عربي زبان ۾ انھن  جي صورت پئي مٽبي سٽبي آھي، تنھن ڪري انھن کي علت جا حرف سڏبو آھي.“ ص-17

سنڌيءَ ۾ زير، زبر، پيش به انھن اکرن يعني ا،و۽ ي جون مختصر صورتون آھن، انھن کي ڇوٽا سُر (short vowels) چيو ويندو آھي، جيڪي پڻ ساڳيو ڪارج ادا ڪن ٿا، ان کان سواءِ سنڌيءَ ۾ ٻٽا سُر (Diphthongs) به آھن، جيئن آءِ، آئو، آئون وغيره. انھيءَ ڪري سنڌيءَ ۾ سُرن جو تعداد ٽن کان وڌيڪ آھي vowel) جي وصف پھريائين صفحي تي ڏنل آھي.) واحد بخش شيخ ڳالھائڻ جا لفظ ڇھ لکيا آھن، حرف جملي، حرف جر ۽ حرف ندا کي  ھڪ ئي نالي ھيٺ يعني ”حرف“ ۾ آڻي ٿو.

اسم:

اسم جي لفظي معنيٰ آھي ”نالو“. ھو ان کي انھيءَ معنيٰ ۾ استعمال ڪري ٿو:

”اسم جي معنيٰ آھي نالو ڪنھن به ماڻھوءَ، جانور، پکي، جيت، ملڪ، شھر، ھنڌ يا مڪان، رشتي ۽ آواز جي نالي کي اسم چئبو آھي. (ص-48)

ان ڪري اسم جا ويھ قسم لکيا اٿس: اسم معرفہ يا خاص، اسم نڪره يا عام، اسم ذات، اسم جنس، اسم آلہ، اسم ظرف، اسم صوت، اسم عدد، اسم ڪيفيت، اسم منسوب، اسم ڪنايه، اسم تصغير، اسم تڪبير، اسم جمع، اسم مرڪب، اسم فعلي، اسم حاصل مصدر، اسم فاعل، اسم مفعول، اسم حاليه ۽ اسم استقبال.

سنڌيءَ ۾ اسم جون ٻه جنسون آھن. مذڪر ۽ مؤنث، وغيره غير جاندار شين کي به تذڪير ۽ تانيث ۾ آندو ويندو آھي. ڪجھ مثال جنس عام (common gender) جا به ملن ٿا. جيئن ماڻھو، پکي جيت وغيره جا لفظ مذڪر ۽ مؤنث ٻنھي لاءِ ھڪجھڙا آھن. واحد بخش شيخ جو خيال آھي ته:

”سنڌيءَ جي عام محاوري ۾ غير ذي روح يا بي جان شين جھڙوڪ: پٿر، چن، چاندي، يا کٽ وغيره سان به مذڪريا مؤنث جي جنس لڳائي ويندي آھي. مثلاً: پٿر، جن کي مذڪر ۽ چاندي، يا کٽ کي مؤنث سڏيو ويندو آھي. حقيقت ۾ جاندار ۽ غيرجاندار شين ۾ فرق ڪرڻ ۽ زبان جي اصولن کي قائم رکڻ لاءِ ضروري آھي ته غيرجاندار شين سان تذڪير ۽ تانيث جي نسبت لاڳو نه ڪجي، بلڪ انھن سان جنس غيرزي روح يا بي جان لڳائي وڃي. (ص-146)

ڪابه ٻولي گرامر يا زبان جي اصولن مان وجود ۾ ڪانه آئي آھي، ٻوليون پھرين ٺھيون آھن ۽ گرامر يا وياڪرڻ جا اصول ٻولين تان ٺاھيا ويا آھن. اھو ھرھڪ ٻوليءَ جي سٽا ۽ مزاج تي مدار ٿوا رکي ته ان ۾ عدد ڪيترا آھن جنسون ڪيتريون آھن يا ٻيون نحوي ترڪيبون ڪھڙيون آھن، پنھنجي مرضي مطابق ٻوليءَ سان ڪوبه اصول لاڳو نه ٿو ڪري سگھجي. عدد (Number) جي حوالي سان لکي ٿو ته ”سنڌيءَ ۾ ٻه عدد، جمع ۽ واحد آھن، پر ڪجھ ٻولين مثلاً عربي ۽ سنسڪرت ۾ عدد جو ٽيون قسم ”تثنيه“ به ملي ٿو.

”عربيءَ ۾ مٿين ٻن صورتن ۾ (واحد ۽ جمع) کان سواءِ عدد جي ٽين صورت به ٿيندي آھي، جنھن کي عدد ”تثنيه“ يا ٻن جو عدد چئبو آھي، مثلاً ”دارين“ يعني ٻه جھان، ”والدين“ يعني ماءُ پيءُ، جيئن ته عربيءَ جو سنڌيءَ سان گھڻو تعلق آھي تنھن ڪري تثينه جا صيغا پڻ ڪن حالتن ۾ سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندا، سنسڪرت جنھن مان سنڌي ٻولي پيدا ٿي آھي ان ۾ خود عدد جون ٽي صورتون آھن. تنھن ڪري مناسب ٿيندو ته سنڌيءَ ۾ ٽي  عدد شمار ڪيا وڃن اگرچه سنڌيءَ کي تثنيه جي پنھنجي صورت خير ڪا آھي.“ (ص-169)

جڏھن سنڌيءَ ۾ تثنيه جي پنھنجي صورت خير ڪا آھي ته پوءِ اھو ڪيئن مناسب ٿيندو ته سنڌيءَ جا ٽي عدد شمار ڪيا وڃن!؟ شيخ صاحب اسم جون حالتون پنج لکي ٿو، فاعلي، مفعولي، جري، اضافت ۽ ندا، البته حالت اضافت جون وري ڇھ صورتون ڏنيون اٿس: اضافت تمليڪي، اضافت ظرفي، اضافت بياني، يا توضيحي، اضافت ذاتي، يا صفاتي، اضافت مجازي يا تشبيھي ۽ اضافت نسبتي.

صفت:

صفت مان اسم جي گڻ، اوگڻ، خاصيت تعداد ۽ مقدار جي خبرپوندي آھي يعني اھا ڪنھن اسم (ضمير) سان لاڳو ٿي ان متعلق ڪجھ وڌيڪ ٻڌائيندي آھي. عام طرح سان صفت جا ٻه قسم عددي (Quantitative) وصفي (Qualitative) لکيا ويندا آھن واحد بخش شيخ صفت جا ست قسم لکيا آھن.

  1. صفت مشبہ، 2. صفت خالص، يا محض، 3. صفت نسبتي، 4. صفت ظرفي، 5. صفت عددي 6. صفت ضميري، 7. صفت مرڪب.

صفت مشبہ جي وصف ۾ لکي ٿو:

”اھا صفت جا موصوف سان مشابهت رکندڙ ھجي، يا اھا وصف جا موصوف ۾ طبعي طرح موجود ھجي، تنھن کي صفت مشبہ چئبو آھي.“ ص-232

مثال لاءِ ’سخي مرد‘، ’انڌو فقير‘، ’ٿڌي ڇانو‘ وغيره ڏنا آھن. صفت خالص يا محض جي وصف ۾ لکي ٿو:

”اھو لفظ جو اسم جي ظاھري اتفاقي يا عارضي وصف بيان ڪري تنھن کي صفت خالص يا محض چئبو آھي.“ ص-235

مثالن ۾ ’چانڊوڪي رات‘، ’زخمي پير‘، ’ميرا ڪپڙا‘ وغيره ڏنا اٿس. صفت نسبتي جي لاءِ لکي ٿو:

”اھو لفظ جو اسم جي ڪنھن سان نسبت يا ان جو ڪو خاص تعلق يا ڳانڍاپو ظاھر ڪري، تنھن کي صفت نسبتي چئبو آھي.“ ص-239

’ڪشميري شال‘، جھنگلي ٻلو وغيره مثال ڏنا اٿس.

ظرفي صفت ڇا آھي؟ ان بابت لکي ٿو:

”اھو صفت جو لفظ اسم جو وضع يا ھنڌ، مدت يا وقت، طرز يا طريقو ۽ مقدار، انداز بيان ڪري تنھن کي صفت ظرفي چئبو آھي.“ ص-245

مثال طور: ”اٿاھ سمنڊ“، ”تڪڙو قدم“ وغيره ۽ صفت مرڪب جي وضاحت ڪندي لکي ٿو:

”اھا صفت جا ھڪ کان وڌيڪ لفظن جي ٺھيل ھجي تنھن کي صفت مرڪب چئبو آھي. مرڪب لفظ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ لفظ گڏڻ سان ٺھندو آھي.“ (ص-274)

جيئن ’تر جيترو‘، ’چنڊ جھڙو‘، ‘گوندر گاڏئون‘ وغيره.

صفت جي ڀيٽ جا ٽي درجا ڏيکاريا اٿس: صفت خالص کي ”صفت نفسي“ لکي ٿو، يعني صفت نفسي، صفت تفصيلي ۽ صفت مبالغو لکيا اٿس ۽ انھن جو استعمال به ڏيکاريو اٿس.

ضمير:

ضمير جا قسم، واحد جمع ٺاھڻ جا طريقا ۽ انھن جا گردان ڏنا اٿس، ضمير جا اٺ قسم لکيا اٿس ڇاڪاڻ، ته ضميري پڇاڙين کي به ھڪ قسم ڪري لکيو اٿس.

فعل:

ھر ٻوليءَ جي نحوي سٽا ۾ فعل کي تمام گھڻي اھيمت حاصل آھي، ڇاڪاڻ ته اھو جملي جي معنيٰ کي مڪمل ڪري ٿو. سنڌيءَ ۾ ”مصدر“ (infinitive) ۽”امر“ (imperative) فعل جون ٻه صورتون آھن، مصدر امر جي آخر ۾ ”ڻ“ ملائڻ سان ٺھندو آھي ۽ فعل جو بنياد امر (آخري حرڪت کانسواءِ) آھي ۽ ڇاڪاڻ ته ڌاتو يا بنياد (root) فعل جي اھا ننڍي ۾ ننڍي صورت آھي، جيڪا وجود رکي سگهي يا exist ڪري، ان مان ٻيا لفظ نڪرن يا ٺھن. واحد بخش شيخ لکي ٿو.

”سنڌي ٻوليءَ ۾ فعل جو بنياد عام طرح مصدر ليکجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جو مصدر سنسڪرت ۽ پراڪرت جي مکيه يا اصل يا فعل جي برابر آھي، تنھن ڪري سنڌي لفظن جو اشتقاق مصدر جي بدران امر مان سمجھڻ گھرجي پر ڇاڪاڻ ته امر فعل جي مڪمل صورت پيش نٿو ڪري ۽ نه وري منجھس ڪا ھڪجھڙائي آھي تنھن ڪري مصدر کي ئي بنيادي لفظ ورتو ويو آھي.“ (ص333)

شيخ صاحب امر جا چار قسم لکيا آھن.1. امر يا امرمجرد 2. امر استمراري يا مدامي 3. امر استقبال 4. امر شرطي. امر شرطيءَ جي وصف ۾ لکي ٿو:

”جيڪڏھن جملي ۾ امر جي پٺيان ڪو حرف شرطي جھڙوڪ: ’ته‘، ’تان‘ وغيره استعمال ٿيل ھجي، يعني امر جي تعميل يا پوئواري ڪنھن شرط تي ٻڌل ھجي ته اھڙي امر کي امر شرطي چئبو آھي ۽ انھيءَ جي پٺيان ھميشه مضارع جو صيغو استعمال ٿيندو آھي.“ (ص-348)

جيئن:   اٿ ته ھلون.

وطن وسائيج ته سنگھارن سک ٿئي.

واحد بخش فعل جا پنج قسم لکيا آھن. 1. فعل لازمي، 2. فعل متعدي، 3. فعل اڪرترڪ يا فعل بي فعل 4. فعل معطوفي، 5. فعل مرڪب.

ماضي معطوفي به فعل جو ڪردنت (participle) آھي، جيڪو ٻن جملن يا جملي جي ٻن حصن کي ڳنڍڻ جو ڪم ڏيندو آھي.

”اھو فعل جو جملي ۾ عطف جو ڪم ڏئي، يا فاعل جي ھڪ ڪم جو ٻئي سان سلسلو ڳنڍي، يا ھڪ ڪم جي پڄاڻيءَ تي ٻئي ڪم جو اجراءُ ظاھر ڪري، تنھن کي فعل معطوفي چئبو آھي.“ (ص-348)

مثلاً: صدر آمريڪا جو دؤرو ڪري انگلينڊ ويو. واحد بخش شيخ ”مضارع“، ”ماضي“ ۽ ”مستقبل“ کي بنيادي يا مکيه زمان لکي ٿو: ڏٺو وڃي ته ”مضارع“ بنيادي فعل ته آھي، پر ان جي مڪمل صورت ڪونھي، انڪري زمان حال کي بنيادي يا مکيه زمان لکڻ وڌيڪ صحيح آھي. ھن ڪُل ويھ زمان لکيا آھن. پنج زمان مضارع مان ٺھندڙ جيڪي ھي آھن: زمان حال يا حال استمراري، زمان حال مدامي، حال متشڪي، حال امڪاني ۽ حال التزامي ۽ ڏھ قسم زمان ماضيءَ جا به ڄاڻايا اٿس: ماضي استمراري، ماضي مدامي، ماضي قريب، ماضي مطلق، ماضي بعيد، ماضي تمنائي، ماضي متشڪي، ماضي امڪاني ۽ ماضي مستقبل امڪاني ۽ مستقبل التزامي.

هنن زمانن کي الڳ الڳ نالا ڏئي شيخ صاحب ڌار ڌار زمان لکيا آھن، جڏھن ته انھن مان ڪيترن جي جوڙجڪ ۽ سندن مفھوم ۾ ھڪجھڙائي آھي. مثلاً ماضي تمنائي ۽ ماضي شرطي، مستقبل استمراري ۽ مستقبل مدامي ۾ ڪوبه فرق ڪونھي.

زمان ماضي شرطي:

”اھو زمان جنھن ۾ گذريل زماني ۾ ڪنھن ڪم جي پوري ٿيڻ لاءِ ڪو شرط ظاھر ڪيل ھجي، تنھن کي زمان ماضي شرطي چئبو آھي.“ (ص-46 ڀاڱو ٻيو)

مثال طور: تون سچ ڳالھائين ھا ته ايڏي مصيبت ۾ نه پوين ھا.

    قوم سادگي اختيار ڪري ھا ته معاشرو نه بگڙي ھا.

زمان ماضي تمنائي:

”اھو زمان جنھن ۾ گذريل زماني ۾ ڪنھن ڪم پوري ٿيڻ جي آرزو يا خواھش ظاھر ڪيل ھجي تنھن کي زمان ماضي تمنائي چئبو آھي.“ (ص-48 ڀاڱو ٻيو)

مثال:    جي مون کي ڪو موقعو ملي ھا.

جيڪو موت مھلت ڏئي ھا.

مٿيان ٻئي جملا اڻپورا لڳن ٿا. انھن ۾ ”ملي ھا“ ”ڏئي ھا“ وغيره ۾ به شرط آھي. انھن جملن کي ھيئن به لکي سگھجي ٿو:

1-   جي مون کي ڪو موقعو ملي ھا، ته آئون توھان جي مدد ڪريان ھا.

2-   جيڪو موت مھلت ڏئي ھا، ته آئون پنھنجا رھيل ڪم پورا ڪيان ھا.

يا وري ”زمان مستقبل استمراري“ ۽ ”مستقبل مدامي“ ۾ ڪو فرق نه آھي.

مستقبل استمراري:

”اھو زمان جو ايندڙ وقت ۾ ڪنھن ڪم جي جاري رھڻ جو اظھار ڪري، تنھن کي مستقبل استمراري چئبو آھي.“ (ص-63 ڀاڱو ٻيو)

مثال طور   گذاريندس پيو، سکندا پئا وغيره.

مستقبل مدامي:

”اھو زمان جو ايندڙ وقت ۾ ڪنھن ڪم جي ھميشه جاري رھڻ جي خبر ڏئي تنھن کي مستقبل مدامي چئبو آھي.“ (ص-65 (ڀاڱون ٻيو)

مثال طور  گھمندو رھندس، رُلندا وتندا وغيره.

ھن زمان (مستقبل مدامي) کي مستقبل استمراري به چيو ويندو آھي.

ظرف:

ظرف، فعل، صفت، يا ٻئي ظرف سان لاڳو ٿي، ان ريت، قدر، وقت، جاءِ يا ظرف متعلق ٻڌائيندو آھي. واحد بخش ان جا ڇھ قسم لکيا آھن. (1) ظرف مڪان (2) ظرف زمان (3) ظرف تميز (4) ظرف مقدار (5) ظرف اقراري ۽ (6) ظرف انڪاري.

ظرف مقدار جي وصف ۾ لکي ٿو:

”اھو لفظ جنھن مان وسعت، قدر يا انداز جي خبر پوي تنھن کي ظرف مقدار چئبو آھي.“ (ص-93 - ڀاڱو ٻيو)

’اڪيچار‘، ’بلڪل‘، ’بيحد‘، ’ھيڪاندو‘ وغيره ظرف مقدار جا مثال آھن. واحد بخش شيخ حرف جملي، حرف ندا کي ھڪڙو ئي لفظ ”حرف“ لکيو آھي. ان جي وصف ۾ لکي ٿو:

”حرف انھيءَ لفظ کي چئجي ٿو، جو جملي ۾ اسم يا ضمير جو لاڳاپو ٻين لفظن سان ڏيکاري. ٻن لفظن، جملي جي ٻن ڀاڱن يا ٻن جملن کي ڳنڍي يا ڌار ڪري، اسم ۽ ضمير جي اضافت بيان ڪري يا جنھن مان سُڌ، آواز، آرزو، ارمان، عجب، تعريف يا توھين جي معنيٰ نڪري.“ (ص-97 - ڀاڱو ٻيو)

حرف جا وري اٺ قسم لکي ٿو: (1) حرف جر (2) حرف جملو (3) حرف اضافت (4) حرف ندا (5) حرف تمنا يا دعا (6) حرف تعجب (7) حرف تاسف (8) حرف نفرين.    

نحو واري ڀاڱي ۾ جملي جا قسم، جملي ۾ لفظن جي نحوي حيثيت، جملي ۾ لفظن جو پاڻ ۾ رابطو يا لاڳاپو ۽ بيھڪ جون نشانيون ڏنل آھن. جملي ۾ لفظن جي پاڻ ۾ رابطي جي باري ۾ لکي ٿو:

”ھر ٻوليءَ کي لفظن جي ترتيب ۽ جوڙجڪ جو پنھنجو نظام آھي، سنڌيءَ کي به اھڙي ئي قاعدي تي ٻڌل مستند نظام آھي، جنھن موجب اصل محرڪ اسم ھوندو آھي ۽ ضمير ان جو عيوضي يا قائم مقام ٿي ڪم ڪندو آھي، تنھن ڪري اسم يا ضمير جو فاعل يا مفعول جي حيثيت ۾ سڌو سنئون فعل سان واسطو رھندو آھي. صفت خاصيت جو ٻيو نالو آھي، ان جو اسم يا ضمير سان طبعي لاڳاپو ھوندو آھي ظرف جو تعلق به اڪثر ڪري فعل سان رھندو آھي ڇاڪاڻ ته ظرف جو لفظ ئي فعل بابت مڪان زمان ۽ طور طريقي جو تعين ڪندو آھي ۽ حرف اسم يا ضمير جي حالت ظاھر ڪندو آھي.“ (ص- 244 - ڀاڱو ٻيو)

نتيجو:

سنڌ تي ساڍا ٽي سؤ سال عرب قابض رھيا آھن ان کان سواءِ ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ تجارتي ۽ واپاري لاڳاپا صدين کان رھيا آھن، ان ڪري ٻنھي ٻولين (عربي- سنڌي) جو ھڪ ٻئي تي تمام گھڻو اثر آھي. عربي، حڪمران طبقي جي ٻولي ھئڻ ڪري سنڌيءَ کي وڌيڪ متاثر ڪيو پر ان جا اثر (influence) لفظن تائين محدود رھيا، اهي سنڌيءَ جي ساخت يا جملي جي بناوت تي اثر انداز نه ٿيا آھن. واحد بخش شيخ عربيءَ کي سامھون رکي، انھيءَ کي معيار طور کڻي سنڌيءَ ٻوليءَ جو گرامر لکيو آھي، ان ڪري ڪي علمي نالا (Terms) جيئن ”التزامي“، ”تاسف“، ”تفريق“، ”توضيحي“ ۽ ”تمليڪي“ وغيره اوپرا لڳن ٿا. ڪن ھنڌن تي ھن جون ڏنل وصفون (defination) سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق نه آھن. جيڪڏھن مصنف کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي نيون بناوتون نظر آيون، جن جو اڳين نحوين ذڪر نه ڪيو ھو ته انھن کي سنڌي نالا ڏنا وڃن ھا. تنھن ھوندي به هي سنڌي گرامر جي تاريخ ۾ ھڪ ڪتاب جو اضافو ضرور آھي.