سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17976   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر ٺهڻ جو پس منظر


سنڌي تمام قديم ۽ تاريخي زبان آھي. موھن جي دڙي مان لڌل مھرن جي لکت مان اھو ثابت ٿئي ٿو ته اھا باقاعده لکي ۽ پڙھي ويندي ھئي. لکڻ ۽ پڙھڻ لاءِ انھن ضرور ڪي قاعدا قانون به جوڙيا ھوندا، ڇو ته انسان مادري زبان ته ننڍپڻ کان ئي ٻڌي ٿو، اھو ڳالھائڻ ٻڌي ڪري سکي سگهي ٿو، پر لکڻ ۽ پڙھڻ لاءِ ان جي اصولن کي سکڻ ضروري ھوندو آھي.

سنڌ جون سياسي سماجي حالتون اڪثر اهڙيون رهيون، جو سنڌي ٻوليءَ کي ايتري تاريخي حيثيت نه ڏني وئي، جيترو ان جو حق هو. تاريخ جي اڪثر دؤرن ۾ ٻي ڪنھن ڌاري ٻوليءَ جي برتري ان تي مڙھي وئي آھي. ان ڪري ٻوليءَ جي علم ۽ گرامر جي ارتقا اوڻيھين صديءَ کان شروع ٿيل معلوم ٿئي ٿي، جڏھن انگريز ھن خطي تي قابض ٿيا. اھي پھريان حڪمران ھئا، جن سنڌيءَ کي سرڪاري ۽ تعليمي (academic) ٻوليءَ جو درجو ڏنو. انھن مقامي ٻولين کي ھٿي ڏيڻ ۽ پنھنجي آفيسرن کي سنڌي سکڻ ۽ امتحان پاس ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. جيتوڻيڪ سنڌي مختلف نمونن ۽ طريقن سان لکي ۽ پڙهي پئي وئي. شاعريءَ جا ڪتاب به لکيا پئي ويا، پر انهن ۾ ڪو هڪ ۽ يڪسان معيار مقرر ڪونه هو ۽ هر ڪو پيو پنهنجي نموني لکندو هو. سنڌي ٻوليءَ جي آئيويٽا ٺاھڻ ۾ ڏھ سال لڳي ويا. 1853ع ۾ سنڌيءَ جي صورتخطي ٺاھي وئي. ڪتاب لکندڙن ۽ ترجمو ڪندڙن لاءِ انعامن اڪرامن جو اعلان ڪيو ويو. سرڪاري خزاني مان پئسا مقرر ڪري ڊڪشنريون، گرامر ۽ ٻين صنفن تي ڪتاب ڇپرايا ويا.

شروعاتي دؤر ۾ سنڌي ڪتابن تي ڪم ڪندڙ ٻن يورپي عالمن ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جا نالا سرفھرست آھن، ڪئپٽن اسٽئڪ 1849ع ۾ گرامر لکيو، جيڪو ديوناگري رسم الخط ۾ لکيل آھي ۽ کانئس اڳ مسٽر واٿن (Wathen) جي گرامر جي آڌار تي لکيو هئائين. ڊاڪٽر ٽرمپ 1872ع ۾(A Grammar of the Sindhi Language) لکيو. جنھن ۾ ھن سنڌي گرامر جو سنسڪرت ۽ پراڪرت گرامر سان تقابلي جائزو ورتو. ھي پھريون مڪمل گرامر ھو ۽ سنڌي گرامر جي تاريخ ۾ وڏي اھميت رکي ٿو. ان کان پوءِ سر گريئرسن جو جڳ مشھور ڪتاب Linguistic Survey of India Vol: viii ۽ ھيسڪل (Haskell) جو  A Grammar of the Sindhi Language به انھيءَ سلسلي جي ڪڙي آھن. ان دؤر جي ٻين گرامر نويسن ۾ منشي اڌارام ٿانورداس، ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻي، ڏيارام وسڻ مل ميرچنداڻي ۽ مرزا قليچ بيگ جا نالا اچي وڃن ٿا.

جيئن ته ان دؤر ۾ سنڌيءَ کي تعليمي ٻولي ڪيو ويو ھو، ان لاءِ خاص ڪري اسڪول جي شاگردن ۽ انگريز آفيسرن لاءِ جن کي سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪرڻو ھو، ائنگلو ورنيڪيولر ۽ اسڪول گرامر لکيا ويا. اميد علي، ڪريم محمد ۽ علي قلي بيگ 1853ع ۾ ائنگلو ورنيڪيولر گرامر لکيو. ميان محمد حيدرآباديءَ 1860ع، آر.ايم رنگ ۽ بي بي. راسناڻي، نارومل وسنواڻي 1892ع ۾ گرامر تي ڪتاب لکيا، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ جي بنيادي ڄاڻ ڏني وئي ھئي.

پاڪستان جي ٺھڻ کان پوءِ اردو ڳالھائيندڙ سنڌ ڏانهن آيا، انھن کي سنڌي سيکارڻ لاءِ سنڌي گرامر جي بنيادي ڳالھين تي ’سنڌي معلم‘ ۽ ’سنڌي اردو بول چال‘ ڪتاب لکيا ويا. ڊاڪٽر غلام علي الانا، علي محمد بلوچ ۽ محمد صالح شاھ اهي گرامر لکيا ھئا. ورھاڱي کان پوءِ گرامر تي قابل ذڪر ڪم واحد بخش شيخ جو آھي. جنھن ”صرف ونحو“ ٻن ڀاڱن ۾ لکيو آھي. آغا تاج محمد، مشھور مؤرخ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ محمد صديق ميمڻ به اسڪول گرامر لکيا آھن. انھيءَ کان سواءِ ٻيا انيڪ مقالا ۽ مضمون مھراڻ، نئين زندگي ۽ ٻين رسالن ۾ گرامر جي مختلف پھلوئن ۽ مسئلن تي لکيا ويا آھن.

ڏٺو وڃي ته لسانيات جي جديد تقاضائن مطابق سنڌي گرامر تي ڪنھن به ناھي لکيو، اڃا تائين اسان جي گرامر جا ڪتاب ساڳئي پراڻي نموني تي لکيا وڃن ٿا. انگريزيءَ ۾ تغيري (Transformational)، عملي (Practical) ۽ تخليقي گرامر (Generative Grammar) کي متعارف ڪرايو ويو آھي ۽ ان قسم جا ڪيئي ڪتاب لکيا ويا آھن.