ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر شازيه پتافي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-096-3 |
قيمت | 150 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (506) PDF E-Pub |
انگ اکر | 14 November 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 25760 ڀيرا پڙهيو ويو |
ٻولي اسان جي زندگيءَ ۾ تمام اھم ڪردار ادا ڪري ٿي، هن ذريعي ھڪ انسان پنھنجي سوچ ويچار، جذبن احساسن، اميدن، امنگن، خوشيءَ ۽ ڏک جو اظھار ٻين سان ڪري ٿو ۽ ٻين جا ويچار ٻڌي، انھن سان انھن جي خوشين ۽ تڪليفن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. اھوئي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج آھي.
ٻولي گهڻن مقصدن وارو ذريعو (Multipurpose Instrument) آھي. ان جو بنيادي مقصد اھو آھي ته ان ذريعي اسان ٻين جو رويو سمجھون ٿا، تنھنڪري ماڻھن جي وچ ۾ ھم آھنگي پيدا ٿئي ٿي. ٻولي انفرادي نه پر اجتماعي معاملو آھي، تنھنڪري ٻولي انساني آوازن جو اھو وڏي ۾ وڏو معنيٰ رکندڙ نظام آھي، جنھن ذريعي ماڻھن جي وچ ۾ لاڳاپو پيدا ٿئي ٿو. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ٻوليءَ جا ٻه طرف مقرر ڪندي، ان جي اھميت جي باري ۾ لکي ٿو ته:
”ٻوليءَ جا ٻه طرف يا پھلو آھن، ھڪڙو طرف آھي اچار ڪيل آواز ۽ ٻيو طرف آھي انھن آوازن ذريعي حاصل ٿيندڙ مطلب. اچار ڪيل آواز مطلب يا معنيٰ کي ظاھر ڪرڻ جو ھڪ ماڌيم يا ذريعو (Medium) آھن. انھيءَ مان ظاھر آھي ته سماج ۾ اسين ٻوليءَ جو استعمال ڪنھن خاص مقصد سان ڪريون ٿا. اھو مقصد آھي پنھنجي امنگن ۽ ويچارن کي ٻين تائين پھچائڻ.“ (8)
ڪنهن به زبان جي ڪارج ۾ هيٺيون ڳالهيون اچي وڃن ٿيون:
ٻين لفظن ۾:
“In a broad way language is the expression of human thought and all thought is expressed through language, hence all knowledge, of the universe may fall within the scope of Linguistics and the scope may be complexness.” (9)
(وسيع معنيٰ ۾ ٻولي انساني خيالن جو اظھار آھي ۽ سڀني خيالن جو اظھار ٻوليءَ ذريعي ڪيو ويندو آھي. تنھنڪري ڪائنات جي باري ۾ سموري ڄاڻ لسانيات جي دائري ۾ اچي وڃي ٿي. ان لاءِ ٻوليءَ جو ڪارج پيچيده آھي.)
ٻوليءَ ذريعي ڪنھن به مواد کي لکي سگھجي ٿو ۽ لکيل مواد کي محفوظ ڪري سگھجي ٿو. ان ڪري ٻوليءَ جو واسطو تاريخ سان به آھي. ٻوليءَ ذريعي اھا خبر پوندي آھي ته ڪھڙي دؤر ۾ ان جي ڳالھائيندڙن جو واسطو ڪھڙي علائقي، تھذيب ۽ ٻوليءَ جي ماڻھن سان ھو. ٻولي ۽ قوم جو وجود لازم ۽ ملزوم آھي.
”جڏھن ڪا قوم پنھنجي شخصيت کان باخبر ٿيندي آھي، تڏھن ان جو پھريون ڌيان پنھنجي تاريخ ۽ پنھنجي ٻوليءَ ڏانھن ويندو آھي.“ (10)