سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (452) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17981   ڀيرا پڙهيو ويو

ٻوليءَ ۾ گرامر جي اھميت


عام طرح سان گرامر کي خشڪ ۽ بور ڪندڙ مضمون چيو ويندو آھي، ڇاڪاڻ ته ان کي قاعدن ۽ قانونن جي ھڪ ڪتاب تائين محدود سمجھيو ويندو آھي ۽ ٻوليءَ ۾ ان جي استعمال واري پھلوءَ کي نظرانداز ڪيو ويندو آھي. ڪنھن به نظام کي سمجھڻ لاءِ ان جي جوڙجڪ کي سمجھڻ تمام ضروري ھوندو آھي. ساڳيءَ طرح ٻوليءَ کي سمجھڻ لاءِ ان جي جوڙجڪ جي اصولن يعني گرامر کي سمجھڻ ضروري آھي. ڇاڪاڻ ته،

“It is the grammar that makes the language so essentially a human characteristic. For, though, other creatures can make meaningful sounds, the link between sound and meaning is, for them, a more primitive kind than it is for man, and the link for man is grammar. Man is not merely homoloquens, he is homo grammaticus.” (9)

(اھو گرامر ئي آھي، جيڪو ڪنھن به ٻوليءَ کي اھم  انساني خصلت بنائي ٿو. ٻيا جاندار بامعنيٰ آواز پيدا ڪري سگھن ٿا، پر انھن جي لاءِ آواز ۽ معنيٰ جي وچ ۾ لاڳاپو انسان جي ڀيٽ ۾ ابتدائي (primitive) ھوندو آھي. ماڻھوءَ وٽ اھو تعلق گرامر وارو آھي. ماڻھو صرف ڳالھائيندڙ نه پر گرامر موجب ڳالھائيندڙ ساھوارو آھي.)

”ڪنھن به ٻوليءَ کي سکڻ لاءِ ان جي وياڪرڻي سرشتي جي پوري پوري ڄاڻ حاصل ڪرڻ نھايت ضروري آھي، جيڪڏھن ڪنھن کي لفظن جي معنيٰ اچي ٿي، پر انھن کي صحيح طريقي سان استعمال ڪرڻ جي کيس سُڌ نه آھي ته پوءِ ھو ٻوليءَ ذريعي پنھنجي ويچارن جو پوريءَ طرح اظھار ڪري نه سگھندو.“ (10)

گرامر جي تجربي سان ٻوليءَ جي تخليقي سگھ کي سمجھائي سگھجي ٿو. گرامر جي اصولن جي مدد سان محدود لفظن مان لامحدود جملا ۽ اظھار جا مختلف طريقا حاصل ڪري سگھجن ٿا. اسان نه صرف ادب ۾ پر روزمره جي لساني بقا لاءِ به گرامر کي استعمال ڪريون ٿا ۽ انھيءَ طريقي سان پنھنجي اظھار کي سگھارو بنائي سگھون ٿا. ڳالھائڻ ۽ ٻڌڻ لکڻ ۽ پڙھڻ جا پيچيده مسئلا گرامر ذريعي حل ڪري سگھجن ٿا.

“Many kinds of specialized problems can be illuminated through the study of grammar such as the difficulties facing the language handicapped, the foreign language learner or the translator. Grammar need not be dry, unreal, arcane, it can be alive, relevant, entertaining as with so many subjects. It depends only on how it is put across.” (11)

(ڪيترن ئي قسمن جا خاص مسئلا گرامر جي علم جي ذريعي چٽا ٿي سگھن ٿا. جيڪي ڪنھن ٻي ٻولي ڳالھائڻ وارن ماڻھن کي پيش ايندا هجن، جيئن پرڏيھي ٻولي سکندڙ يا ترجمو ڪندڙ کي پيش ايندا ھجن. گرامر خشڪ غير حقيقي ۽ منجھائيندڙ نه ھئڻ گھرجي. اھو ڪيترن ئي ٻين مضمونن وانگر زنده، ضرورت موجب ۽ دلچسپ ٿي سگھي ٿو، اھو ان تي مدار رکي ٿو ته ان کي ڪھڙي طريقي سان ڪتب آندو وڃي ٿو.)

ڪنھن به ٻوليءَ متعلق جيڪي شڪ شبها ھجن، انھن کي گرامر جي تجزيي سان ختم ڪري سگھجي ٿو. گرامر جا اصول عام آھن، جيڪي ڪنھن به ٻوليءَ جي مطالعي سان لاڳو ٿي سگھن ٿا ۽ ٻولين جي وچ ۾ ھڪجھڙاين ۽ فرقن متعلق ڄاڻ حاصل ڪري سگھجي ٿي، ڇو ته دنيا جون سڀ ٻوليون ڪيترين ڳالھين ۾ مختلف ھوندي به ڪن خاصيتن ۾ ھڪجھڙيون آھن. ان ڪري گرامر کي وسيع مقصد لاءِ استعمال ڪري سگھون ٿا.

“Grammar is neither a set of prescriptive rules, nor an inventory of data, but a general scientific theory of language. It is the native speakers’ ability to use, produce and understand a natural language, the ability to distinguish between grammatical and ungrammatical such a grammar is generative, explicit, predicting, simple, scientific, mechanical economical and formal.” (12)

(گرامر نه ته ٺھيل قاعدن جو مجموعو آھي ۽ نه ئي وري انگن اکرن جي فھرست آھي، پرٻوليءَ متعلق ھڪ عام سائنسي مفروضو آھي. اھا اھل زبان جي قابليت آھي ته اھو گرامر مطابق ۽ بنا گرامر جي ڪيئن فطري زبان کي سمجھي ٿو، استعمال ڪري ٿو ۽ تميز ڪري ٿو. اھو گرامر تخليقي، واضح، نشاندھي ڪندڙ، آسان، سائنسي، قابل عمل ۽ رواجي ھوندو آھي.)