سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا
ليکڪ ڊاڪٽر شازيه پتافي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-096-3
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (516) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     27755   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي وياڪرڻ (مرزا قليچ بيگ- 1916ع)


سنڌي ٻوليءَ جي ھرفن مولا اديب مرزا قليچ بيگ 1916ع ۾ ”علم صرف“ ۽ ”علم نحو“ تي الڳ الڳ ڪتاب لکيا، جن کي گڏي 1992ع ۾ ”سنڌي وياڪرڻ“ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايو ويو آھي. مرزا صاحب علم صرف واري ڀاڱي ۾ ڳالھائڻ جا اٺ لفظ لکي ٿو، پر نحو جي بيان ۾ عربي-فارسيءَ جي اثر ھيٺ لفظن جا ٽي قسم ڄاڻائي ٿو:

”عربي ۽ فارسي صرف نحو موجب جيڪي به لفظ ڳالھائجن ٿا، سي ٽن قسمن جا آھن: اسم، فعل، ۽ حرف. پر ھاڻوڪي رواج موجب ۽ انگريزيءَ گرامر جي نموني تي ڳالھائڻ جا لفظ مڙيئي اٺ آھن، يعني جيڪي ڳالھائبو، سو ضرور انھن اٺن مان ھڪڙو ھوندو: اسم، فعل، ضمير، صفت، ظرف، حرف جر، حرف جملو ۽ حرف ندا. عربيءَ ۽ فارسيءَ صرف نحو موجب ضمير، صفت ۽ ظرف اسم ھيٺ اچي وڃن ٿا ۽  حرف جر، جملو ۽ ندا حرف ھيٺ اچي وڃن ٿا، تنھنڪري عربي ۽ فارسيءَ واري تقسيم اصول موجب پوري آھي. اسان ھرھڪ جي تقسيم ۽ تفصيل عربي ۽ فارسي صرف نحو موجب ڏينداسين ۽ ھاڻوڪي تقسيم موجب جيڪو فرق ھوندو سو به ڏيکاريندا وينداسين.“ (ص-22-221)

اسم:

مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ۾ اسم جا ٽي قسم عام، خاص ۽ ذات ڄاڻايل آھن. اسم جمع (Collective Noun) لاءِ لکي ٿو ته، سَڀا، فوج، لشڪر ۽ ڌڻ وغيره اسم جمع آھن، پر انھن کي سنڌي گرامر موجب اسم عام لکيو وڃي ٿو.

گلاب سنگهه  گدواڻيءَ ۽ ڏيارام وسڻ مل اسم جي جنس معلوم ڪرڻ لاءِ ان سان صفت لڳائڻ جو طريقو ٻڌايو آھي، مرزاقليچ بيگ اسم جي پڇاڙيءَ مان جنس معلوم ٿيڻ کي سنڌيءَ جي خوبي سڏي ٿو، ’پاڻي کارو آھي‘، ’کچڻي کاري آھي‘. اھڙي طرح صفت لاڳو ڪرڻ سان اسمن جي جنس معلوم ڪري سگھجي ٿي، پر سنڌي ٻوليءَ جي سچي پچي خوبي ھيءَ آھي ته اسمن جي پڇاڙين مان جنس جي پروڙ پوي ٿي، اھي پڇاڙيون جملي ست آھن.“ (ص-8)

مرزا قليچ بيگ اسم جون ٽي حالتون فاعلي، مفعولي ۽ جري ڄاڻايون آھن، حالت ندا کي حالت فاعليءَ جو قسم ۽ حالت اضافت کي جريءَ جو قسم لکيو اٿس.

’ڇوڪرا خط لک‘، ھتي ”ڇوڪرا“ لفظ سڏ ڪرڻ لاءِ ڪم آيو آھي. جملي ۾ اسم، سڏ ڪرڻ لاءِ ڪم اچي ٿو، تنھن جي حالت کي ”ندا“ چوندا آھن. ندا معنيٰ سڏ. حالت ندا سچ پچ ته حالت ”فاعليءَ“ جو ھڪ نرالو اسم آھي. تنھنڪري ڪن صاحبن جو رايو آھي ته ھتي ”ڇوڪرا“ لفظ کي ”ندا جو فاعل يا اسم“ (Nominative Address) سڏجي، ڪن جو رايو وري آھي ته ھن صورت ۾ حالت ندا ھڪ ڌار حالت ليکجي“ (ص-12)

حالت اضافت (Possessive case) کي حالت جريءَ (اپادان) (Ablative case) جو قسم چوي ٿو، وري فوٽ نوٽ ۾ لکي ٿو:

’جو‘، ’سندو‘ ۽ ’وارو‘ لفظ اضافت جي معنيٰ ڏيکارين ٿا ۽ اھي جن اسمن يا ضميرن جي پٺيان اچن ٿا تن جي حالت اضافت آھي، جا مائٽي، مالڪي يا ٻي نسبت ڏيکاري ٿي. ھلندڙ رواج موجب حالت ”اضافت“ کي حالت ”جري“ ۾ گڏي ڇڏيو اٿن. ڪن صاحبن جو رايو آھي ته حالت اضافت ڌار حالت ليکڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته اھا فقط ٻن اسمن جي پاڻ ۾ مائٽي يا لاڳاپو ڏيکاري ٿي.“ (ص-13)

ضمير:

ضمير جي قسمن کان سواءِ ضميري پڇاڙين (Pronominal suffixes) کي اڪثر گرامر نويس ضمير متصل جي نالي سان الڳ اسم لکيو آھي. مرزا قليچ بيگ انھن کي ضمير خالص (Personal Pronoun) سنڌي ٿو:

ضمير خالص ٻن قسمن جا آھن. هڪ سڄا لفظ جھڙوڪ آءٌ، تون ۽ ھو، ٻيو پڇاڙين وارا جن کي متصل يا گڏيل ضمير چئبو آھي.“ (ص-21)

صفت:

صفت جا ٻه قسم آھن، وصفي (Qualitative) ۽ عددي (Quantitative) سنڌيءَ ۾ اڪثر صفتي لفظ اسم سان عدد ۽ جنس  ۾ ڦرندا آھن، جن کي مرزا صاحب نج سنڌي لفظ سڏي ٿو:

”عدد ۽ جنس ۾ ڦرندڙ صفتون، نج سنڌي ٻوليءَ ۾ آھن، مگر فارسي ۽ عربي ٻولين جا صفتي لفظ جنس ۽ عدد ۾ نٿا ڦرن، جيئن خوبصورت ۽ خوش وغيره (ص 28)

سنڌيءَ ۾ صفت جو ڦيرو کائڻ ۽ نه کائڻ واريون ٻئي خاصيتون ڇو آھن؟ ان جو ڪو ٺوس سبب ته اڃا تائين ڪنھن به نه ڄاڻايو آھي، باقي مرزا صاحب جي راءِ ته نج سنڌي لفظ ڦرن ٿا ۽ ڌارين ٻولين جا لفظ نه ٿا ڦرن، صحيح نه ٿو لڳي، ڇو ته ”چٽ“ ۽ ”ڳچ“ جھڙا لفظ نج سنڌي آھن، جيڪي موصوف سان عدد، جنس ۽ حالت ۾ ڦيرو نه ٿا کائين. جيئن:

ڳچ ڪتاب        (مذڪر جنس)

ڳچ پينون        (مؤنث جنس)

چٽ ڇوڪرو     (واحد مذڪر)

چٽ ڇوڪري     (واحد مؤنث)

چٽ ڇوڪرا      (جمع مذڪر)

چٽ ڇوڪريون   (جمع مؤنث)

فعل:

فعل جا ٻه قسم آھن؛ لازمي ۽ متعدي. انھن ٻنھيءَ جا وري ٻه ٻه قسم آھن، لازمي معروف ۽ لازمي مجھول، متعدي معروف ۽ متعدي مجھول. مرزا قليچ بيگ صاحب پهريون ڀيرو ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو ته فعل لازمي صرف سنڌي ٻوليءَ ۾ مجھول (Passive) صورت وٺي ٿو:

”انگريزي، ۽ ھاڻوڪي سنسڪرت ۽ ڪن ڏيھي ٻولين ۾ رڳو فعل متعديءَ  جون معروف ۽ مجھول صورتون ٿين ٿيون. فقط سنڌي ٻولي ئي آھي، جنھن ۾ لازمي فعل نه اھي ٻئي صورتون وٺن ٿا. اھو نمونو بلڪل قديم سنسڪرت مان ورتل آھي.“ (ص-34)

اھو نمونو قديم سنسڪرت مان ڪيئن  ورتل آھي، ان جي مرزا صاحب ڪا وضاحت ڪونه ٿو ڪري، جڏھن موجوده سنسڪرت ۽ ٻين ڏيھي ٻولين، جيڪي ڪن عالمن جي نظريي مطابق سنسڪرت جون ڌيئرون آھن، انھن ۾ فعل لازمي مجھول صورت نٿو وٺي ته سنڌيءَ ۾ اھا خوبي سنسڪرت مان ڪيئن آئي؟ جيڪڏھن اھو نمونو سنسڪرت جو آھي ته ان  ۾ موجوده دؤر ۾ ائين به ھئڻ گھرجي. ڪٿي ائين ته ناھي اھا سنڌيءَ جي اصلي خوبي آھي ۽ سنڌيءَ مان قديم سنسڪرت ۾ وئي. جيڪا ان ۾ برقرار رھي نه سگھي؟ (سراج ميمڻ جو نظريو ان جي پٺڀرائي ڪري ٿو.)

فعل جو بنياد ڪھڙو آھي؟ ان بابت ٻه رايا آھن. ڪي امر کي ڌاتو لکن ٿا (ڊاڪٽر ٽرمپ، منشي اڌارام، ڀيرومل ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا)، ته ڪجھ عالم وري مصدر کي فعل جو بنياد يا ڌاتو ڪري لکن ٿا. مرزا قليچ بيگ لکي ٿو:

”مصدر معنيٰ جنھن مان ٻيا لفظ صادر ٿين ٿا يا ڦٽن ٿا، مطلب ته  مصدر معنيٰ ڌاتو يا بنياد. عربي ۽ فارسي ٻولين جا لفظ مصدر مان ٺھن ٿا، تنھنڪري ان تي اھو نالو رکيو اٿن. سنڌي ٻوليءَ ۾ فعل جو بنياد مصدر نه آھي، تنھنڪري مصدر کي ڌاتو يا بنياد ڪري ليکڻ غلط آھي.“ (ص-35)

اڳتي ھلي نحو واري ڀاڱي ۾ مصدر جي وصف ۾ لکي ٿو:

”مصدر اھو لفظ يا اسم آھي، جنھن مان ٻيا لفظ صادر ٿين يا ڦٽي نڪرن.“ (ص-106)

سنڌي فعل جو بنياد امر (آخري سُر کان سواءِ)  آھي، ڇاڪاڻ ته  مصدر پاڻ امر مان نڪتل آھي. سنڌي وياڪرڻ لکندڙن عربي گرامرن جي اصولن کان متاثر ٿي مصدر کي ڌاتو لکيو آھي، ان باري ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب لکي ٿو:

”سنڌيءَ ۾ لکيل گرامرن جو جڏھن جائزو وٺجي ٿو، تڏھن ڪيترائي اھڙا سوال پيدا ٿين ٿا ۽ انھن سوالن جي جوابن لاءِ جڏھن انھن ئي گرامرن جا صفحا اٿلائجن ٿا يا ڪنھن ڄاڻوءَ کان انھن سوالن جا حل طلب ڪجن ٿا، تڏھن ائين پيو معلوم ٿيندو آھي ته ڄڻ ڪنھن به صاحب انھن لکيل وياڪرڻن ۾ بيان ڪيل نڪتن کان اڳتي وِک نه وڌائي آھي. سنڌيءَ جا اھي گرامر جا ڪتاب ثابت ٿا ڪن ته انھن جي لکندڙن اردو ۽ پارسيءَ جي پراڻن گرامرن کي سامھون رکي سنڌي ٻوليءَ جا گرامر جوڙيا آھن. اڄ جڏھن انھن گرامر جي ڪتابن کي تحقيقي نظر سان ڏسجي ٿو، تڏھن ڪي وصفون گرامر موجب ۽ ڪي علمي نالا سنڌي ٻوليءَ جي صرفي نحوي اصولن موجب عجيب لڳن ٿا، اھي يا ته عربي صرف- نحو سان واسطو رکن ٿا ۽ يا ته انگريزي گرامر جا چرچا آھن، جيڪي سنڌي صرف- نحو جي اصولن موجب قبول ڪري نه ٿا سگھجن.“ (15)

علم صرف (Morphology) تي مرزا صاحب کان پھريائين ڪتاب لکيا ويا ھئا، پر علم نحو (Syntax) تي پھريون ڪتاب مرزا قليچ بيگ لکيو. ڇاڪاڻ ته ھن وٽ ڪوبه سنڌي نحو جو نمونو نه  ھو، انڪري ھن روايتون ۽ اصول عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين مان کنيا، جنھن جو ذڪر ديباچي ۾ ڪري ٿو:

”علم نحو ۾ گھڻو ئي ڪي داخل آھي جيئن ته، لفظن جي بناوت، جملن جي بناوت، انھن جي تقسيم ۽ ترتيب، تفريق، اشتقاق، اصطلاح، عروض، علمي صنعتون، جي سڀ خوش بياني، خوش ڪلامي، عبارت آرائي، مضمون نويسي، فصاحت، بلاغت ۽ حجت دليل لاءِ نھايت ضروري آھن. ھڪڙو عربي پھاڪو آھي ته ”ڪلام ۾ نحو اھڙو آھي، جھڙو طعام ۾ لوڻ“ يعني انھيءَ کان سواءِ ڪلام ڦڪو ۽ بيسوادو آھي، نحو ساڻ سلوڻو ۽ لذيذ آھي. تنھنڪري ڪن دوستن جي صلاح سان مون عربي، فارسي ۽ انگريزي نحو جي گڏيل نموني تي ھيءُ سنڌي نحو جو ڪتاب لکيو آھي.“

ھر ٻوليءَ جا اکر سُر (vowels) ۽ وينجڻن (consonants) ۾ ورھايل ھوندا آھن. اھي ملي ڪري لفظ ٺاھيندا آھن، سُر ۽ وينجن ڇا آھن؟ مرزا قليچ بيگ لکي ٿو:

”ان بابت الف-ب جي اکرن مان ھڪڙا بيمار ٺھرايائون ۽ ٻيا چڱا ڀلا بيمارن کي حرف علت چيائون، جو علت جي معنيٰ آھي بيماري ۽ بيمار کي عليل چون ۽ چڱن ڀلن کي صحيح. بيمار ھن ڪري چيائون جو ضعف ڪري ٻيا انھن کي پاڻ سان وٺي يا کڻي ھلائيندا آھن ۽ اھي پنھنجي منھن ڌار ھلي نه سگھندا آھن. اھي ٽي اکر ٺھرايائون- ا، و، ي. بيمار ماڻھو به وايءَ وايءُ ڪندو آھي ۽ حرف علت به اھي ئي اکر ٿيا.“ (ص-77)

مٿئين وصف ھن سائنسي دؤر ۾ قبول ڪري نٿي سگھجي. سُر ته پنهنجي ليکي ڌار هلي سگهندا آهن، البت وينجڻ بنا سُر جي ڪونه هلي سگهندا آهن. ان کان سواءِ سنڌيءَ ۾ سُر (vowels) ٽي نه پر ڏھ آھن، جيڪي ھيٺ ڏجن ٿا.

اَ، آ، اِ، اُو، اي، او، اي، او، اَي، ۽ اَو.

اِي، اُو، اَي، اَو ٻٽا سُر آهن، جن جا لکيل اهي حرف علت آھن. ٻٽن سُرن کي جن کي انگريزيءَ ۾ “Diphthong” چئبو آھي.

“Sindhi has a ten-vowel system, showing  three-fold contrast in the tongue-position: front, central and back; and five- fold contrast in the tongue- height: high, lower- mid and low,” (16)

موجوده دؤر ۾ سُر ۽ وينجن ۾ ڪھڙو فرق ڪيو وڃي ٿو، ان ڏس ۾ ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو لکي ٿو:

”اندرين ھوا ڳالھائڻ واري حصي (oral cavity) ۾ ڪنھن به ھنڌ رڪجي ته آواز کي چئبو ”حرف صحيح“ ۽ بنا ڪنھن رڪاوٽ جي ان حصي جي گول يا تراکڙي صورت جي آڌار تي ھوا ٻاھر نڪري ته اھو آواز سڏبو ”حرف علت“.(17) آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ ۾ سُر (vowel) ۽ وينجڻ (consonant) جي وصف ھن طرح لکيل آھي:

Vowel –“A speech- sound made without audible stopping of the breath (opposed to a consonant)”

Consonant -“An Alphabetic or phonetic element other than a vowel, and elementary sound of speech which in the formation of a syllable, is combined with a vowel. Applied both to the sounds and to the letters.” (The Oxford English Dictionary, P - 778,vol: iii).

اينسائيڪلو پيڊيا آف لئنگئيج ۾ حرف علت جي وصف ھن طرح لکيل آھي.

“A vowel is a sound in which there is narrowing or obstruction between the supera laryngeal articulators and hance no turbulence or a total stopping of the air can be perceived.”

علم اللسان (Linguistics) ۽ صوتيات (Phonology) جو ماھر ڊاڪٽر غلام علي الانا سُر جي وصف ھن طرح بيان ڪري ٿو:

”سُر ھڪ ڳرو آواز آھي، جنھن جي اچارڻ مھل ھوا نڙيءَ ۽ وات واري کوپي مان، ھڪ روان لھر (continuous stream) جي روپ ۾ لنگھندي آھي. ”نيڪاس“ وقت ھوا کي نه ڪٿي روڪ ٿيندي آھي ۽ نه وري مخرج وٽ اچار دؤران ھوا جي لنگھ ۾ ڪا سوڙھ يا گھٽ ڪئي ويندي آھي. جنھن جي ڪري ھوا جي نيڪاس مھل ”گھٽ“ وٽ ڪو گَھِڪو ٿئي، جنھن آواز ۾ اھي جملي خصوصيتون موجود ھجن، تنھن کي سُر چئبو آھي.“  (19)

ٻولي ھڪ سرشتو يا نظام (system) آھي، ھر لفظ جي ھڪ مقرر جڳھ ھوندي آھي، جيڪڏھن ڪنھن به ٻوليءَ جي لفظن کي ان جي نظام تحت نه رکيو وڃي ته اھي صحيح مفھوم ادا ڪري نه سگھندا. سنڌي نحو ۾ لفظن جو انتخاب (selection) ۽ انھن جي ترتيب (order) اھم آھي. سنڌيءَ ٻوليءَ جو سٽاءُ فاعل-فعل وارو آھي، جنھن ۾ فاعل پھرين ۽ فعل پوءِ ايندو آھي.

”نحو جا يا نحو جي قانون جا ٽي قسم آھن. مناسبت، انتظام ۽ ترتيب. مناسبت جي معنيٰ آھي مبتدا ۽ خبر يا جملي جي لفظن جي جنس، عدد، حالت، زمان وغيره جي نظريي تي پاڻ ۾ موافقت. انتظام اھا طاقت يا اھو عمل آھي جو ھڪڙي لفظ جو ٻئي لفظ تي رھي، حالت زمان وغيره ۾، ”ترتيب“ جو مطلب آھي جملي ۾ سڀ ڪنھن لفظ کي پنھنجي پنھنجي جاءِ تي رکڻ يا بيھارڻ.“ (ص- 124)

ان کان سواءِ ھن حصي ۾ مرزا قليچ بيگ علم نحو جو ٻين علمن سان واسطو به ڏيکاري ٿو، جنھن ۾ علم اِملا، صرف، منطق، معنيات ۽ بديع اچي وڃن ٿا. علم نحو (Syntax) جو علم صرف (Morphology) ۽ علم املا (Spelling) سان ڪھڙو واسطو آھي؟ لکي ٿو،

“حرفن مان لفظ ۽ لفظن مان جملا ٿا ٿين، حرفن جي بابت جيڪو علم آھي تنھن کي ”علم اِملا“ ٿا چون. لفظن جي صورتن ۽ حالتن ڦرڻ گھرڻ کي ”صرف“ ٿا چون ۽ لفظن مان جملن ٺھڻ ۽ انھن جي ترتيب ۽ تفريق کي علم ”نحو“ ٿا چون. جيئن حرفن ۽ لفظن جي سڃاڻپ جملن لاءِ ضروري آھي، تيئن علم اِملا ۽ علم صرف علم نحو جي لاءِ ضروري آھن.“ (ص-145)

”اِملا“ کي سنڌيءَ ۾ ’صورتخطي‘ به چئبو آھي، جنھن جو مطلب آھي اکر ڳنڍي لفظ ٺاھڻ. حرفن کي ملائي  ڪيئن لکجي مثلاً ”ماڻھو“ ۽ ”ماڻهون“- انهن ٻن صورتن مان هڪ جي آخر ۾ ’ن‘ آهي، اهو ’ن‘ لکجي يا نه؟ ڇا درست آھي؟ ڇا غلط آھي؟ اھي مسئلا ھڪ معياري ۽ درست رسم الخط يا صورتخطي مقرر ڪري حل ڪيا ويندا آھن. ڊاڪٽر غلام علي الانا ”سنڌي صورتخطي“ تي پورو ڪتاب لکيو آھي. اڪثر ماڻهو لپي (script) املا ۽ صورتخطي (spelling) ۽ الف ب (alphabet) ۾ منجهي هڪ ٻئي جي جاءِ تي استعمال ڪندا آهن. صورتخطيءَ بابت ڊاڪٽر الانا لکي ٿو:

ڪنھن به زبان ۾ لفظن ۽ جملن جي لکت لاءِ آوازن جي تحرير ٿيل صورتن (لکت وارن نشانن) کي اھڙي نموني استعمال ڪرڻ جو اھا لکت سڄي ملڪ لاءِ ھڪجھڙي معياري ۽ درست ھجي. معياري ۽ ھڪجھڙي صورتخطيءَ جو مطلب ھي آھي ته لسانيات جي اصولن موجب ڌار ڌار خطن ۾، ڪن لفظن جي ڌار ڌار اچار (variant pronounciation) ڪري، اچار موجب ڌار ڌار نموني لکڻ، يعني ھڪ لفظ کي ڌار ڌار خطن ۾ اتي جي لھجي ۽ اچار موجب ڪتابن ۾ ڌار ڌار نموني ۾ لکڻ، اهو درست نه آھي.“ (20)

مثال طور: ”ٽي“ يا ”چنڊ“ جي اچار ۾ اتر سنڌ ۾ ھلڪو ”ر“ جو آواز ملايو ويندو آھي، پر معياري لھجي مطابق ان کي لکيو نه ويندو آھي. يا وري لاڙڪاڻي جا ماڻھو ”مڇي“ جو اچار ”مشي“ ڪندا آھن. پر لکيو ھر ھنڌ معياري  لھجي مطابق ”مڇي“ ويندو آھي.

مرزا صاحب جو ’نحو‘ تي لکيل پھريون ڪتاب آھي ۽ اڄ ڏينھن تائين ھن علم (نحو) تي ٻئي ڪنھن به پورو ڪتاب نه لکيو آھي، ان ڪري ھي بنيادي ۽ اھم ڪتاب آھي. جناب امداد حسينيءَ جي اھا راءِ درست آھي ته:

”مرزا قليچ جون جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ خدمتون آھن، تن جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونھي. سنڌ جي ھن عظيم سپوت جيڪي تصنيفون ڏنيون ۽ ڀن ڀن موضوعن تي ڏنيون آھن اھي لازوال آھن. اھي ان سون وانگر آھن، جنھن تي ڪڏھن به ڪٽ نٿي چڙھي. ترجمي، تحقيق ۽ تخليق جي ڏس ۾ قليچ جيترو پاڻ ملھايو آھي، اوترو ڪنھن به پاڻ نه ملھايو آھي.“ (21)

نتيجو:

 مرزا قليچ بيگ هڪ عالم فاضل شخصيت هئي. ھن کي ڪيترن ئي ٻولين تي دسترس ھئي، جنھن جو ثبوت مرزا صاحب جي ڪيل ترجمن مان ملي ٿو. ھو انگريزيءَ سان گڏ عربي ۽ فارسي به چڱي طرح ڄاڻيندو ھو. ھن جي لکيل گرامر جي خاص ڳالھ ۽ اھميت اھا آھي ته، ان ۾ علم نحو (Syntex) تي به لکيو ويو آھي. جيتوڻيڪ ھن سنڌي وياڪرڻ کي عربي ۽ فارسي گرامر جي اصولن مطابق پيش ڪيو آھي. انڪري ڪي وصفون ۽ ڳالھيون سنڌي وياڪرڻ جي حوالي سان قبول ڪري نٿيون سگھجن، پر تنھن ھوندي به مرزا صاحب سنڌي وياڪرڻ ۾ ڪيترين ئي نين شين کي متعارف ڪرايو. ھن ڪتاب جي ٻي خوبي اھا آھي ته ھر باب جي آخر ۾ ضميمو ڏنل آھي، جنھن ۾ ان باب جا سوال ۽ پوءِ انھن جا جواب ڏنل آھن، جنھن سان پڙھندڙ جي مشق ٿي وڃي ٿي.