ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر شازيه پتافي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-096-3 |
قيمت | 150 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (506) PDF E-Pub |
انگ اکر | 14 November 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 25757 ڀيرا پڙهيو ويو |
رايا يـيگورو روا سنڌي ٻوليءَ تي “The Sindhi Language” نالي ڪتاب روسي ٻوليءَ ۾ لکيو ھو، جنھن جو انگريزيءَ ۾ اِي-ايچ تسپان (E.H.Tsipan) ترجمو ڪيو. ھيءُ ڪتاب 1971ع ۾ ماسڪو ۾ ڇپيو. ھن ڪتاب ۾ پھريائين سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو مختصر پر جامع تعارف (Introduction) ڏنو ويو آھي، جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بُڻ بنياد، ارتقا ۽ سنڌي ادب جي مختلف دؤرن ۾ ترقي ۽ واڌاري جو احوال ڏنو ويو آھي. قاضي قادن، شاھ ڪريم شاھ لطيف، لُطف الله قادريءَ کان وٺي موجوده دؤر جي اديبن حسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا وغيره تائين سڀني جو ذڪر ڪيو ويو آھي. يـيگورو روا پنهنجي ڪتاب جي شروعات صوتيات (Phonetics) کان ڪري ٿي. سنڌي ٻوليءَ جو ھر لفظ مُتحرڪ آھي، يعني ھر لفط جي اخري اکر تي ڪانه ڪا حرڪت ھوندي آھي، مس رايا ان کي سنڌيءَ جي خاص خوبي سڏيندي لکي ٿي:
“One of the specific fealures of Sindhi Phonetics is the presence of the of the short final vowels, a,u,e, which alter the meaning of words:
ڏيهُه, dehu (land), ڏيهَه deha, (countries), جَڙ jara (root), جَڙُ jaru (stupid, untrained), ڇوڪرُ chokaru (boy), ڇوڪرِ – Chokare (girl). (pp23-24)
(سنڌي صوتيات جي ھڪ خاص خوبي آخري ننڍي سُر، زبر پيش ۽ زير جي موجودگي آھي، جيڪو لفظن جي معنيٰ ۾ تبديلي آڻي ٿو. ڏيههُ (ڌرتي)، ڏيههَ (ملڪَ) جَڙ (پاڙ)، جَڙَ (جنھن جي سکيا ٿيل نه ھجي)، ڇوڪُرُ (ڇوڪرو)، ڇوڪرِ (ڇوڪري).
دنيا جي تقريباً ھرٻوليءَ جا ڪيترائي لھجا ھوندا آھن، جيڪي ڪجهه ڳالھين ۾ ھڪٻئي کان مختلف ھوندا آھن. سنڌيءَ جا به ڪيترائي لھجا آھن، جن مان اُترادي به ھڪ نمايان لھجو (dialect) آھي، اترادي لھجي ۾ ڪجهه اکرن سان ”ر“ جو اُچار ڳنڍيو ويندو آھي، جيئن: ڊ، ڍ، ٽ وغيره. ييگو رو وا ان کي قديم ھندستاني باقيات لکي ٿي!
“In literary Sindhi the sound t, d,dh, can sometimes be pronounced as tr, dr, dhr (this r however, is not depicted in written form) which is an archaism retaining old Indian features.” (pp24)
(سنڌيءَ ۾ ٽ، ڊ، ڍ آوازن کي ڪڏھن ڪڏھن ٽر، ڊر، ڍر به اچاري سگھجي ٿو، جيتو ڻيڪ ”ر“ کي لکت ۾ ظاھر نه ڪيو ويندو آھي، جيڪا خاصيت قديم ھندستاني باقيات آھي. قديم ھندستانيءَ مان ڇا مُراد آھي؟ ان جي باقيات يا اھڃاڻ ڪيئن آھي؟ ان باري ۾ ييگورو وا ڪابه وضاحت نه ڪئي آھي. صوتيات واري ڀاڱي ۾ سنڌي الف- ب (Alphabet) جي ھر اکر جو تفصيل ۽ ان جي انگريزي الف- ب (Alphabet) جي اکرن سان ھڪجھڙائي به ڏيکاري وئي آھي، جيئن پ- (P) وغيره.
علم صرف يا صرفيات (Morphology) لفظن جي جوڙجڪ، سٽا ۽ گردانن سان واسطو رکي ٿو. صرفيات واري ڀاڱي ۾ ڳالھائڻ جي لفظن (Parts of Speech) ۽ انھن جي قسمن وغيره جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آھي.
ٻولين جا فرق ۽ ھڪجھڙايون گرامر جي مدد سان جاچيا ويندا آھن، سنڌيءَ ۾ اسان کي گرامر جون ڪُجهه اھڙيون بناوتون ملن ٿيون جيڪي ان کي انھن ٻولين کان الڳ ڪن ٿيون، جن سان اڪثر سندس تعلق جوڙيو ويندو آھي. روا لکي ٿي!
“There are also such grammatical phonemes in Sindhi which distinguish it from other modern Indo-Aryan languages (for instance the system of pronominal enclitics” (pp35)
(سنڌيءَ ۾ گرامر جون ڪجهه اھڙيون خاصيتون/بناوتون پڻ آھن جيڪي ان کي ٻين جديد انڊو- آرين يا هند آريائي ٻولين کان الڳ ڪن ٿيون. (مثال طور ضميري پڇاڙين جو سرشتو). اڳتي ھلي ضميري پڇاڙين ۾ به ييگورووا لکي ٿي:
“Unlike other modern Indo-Aryan languages, Sindhi has a system of pronominal enclitics which are added to different parts of speech (the substantive, verbor positive), to replace the corresponding personal pronouns. In the sentence the enclitics may appear as subject, object or attributes.” (p65)
(ٻين جديد انڊو- آرين (هند آريائي) ٻولين جي برعڪس سنڌيءَ ۾ ضميري پڇاڙين جو نظام آھي، جيڪي مختلف ڳالھائڻ جي لفظن (اسم، فعل، يا حرف جر) سان ضمير خالص جي متبادل طور تي جوڙيون وڃن ٿيون. جملي ۾ اھي پڇاڙيون فاعل، مفعول يا اضافت جي طور تي اچن ٿيون.)
اسم، صفت، ضمير، ۽ انھن جا قسم ڏنا ويا آھن، ان کان سواءِ اسم عدد، جنس، حالتون ۽ صفت جي ڀيٽ جا درجا به ڏنا ويا آھن. پر انھن ۾ اھي ئي ڳالھيون ملن ٿيون جن جو اسان پھرين ذڪر ڪري آيا آھيون. اسان ھتي انھن ڳالھين جو ذڪر ڪنداسين جيڪي ھن نيون لکيون آهي.
فعل ۾ مصدر (The Infinitive)، صفت طور استعمال ٿيندڙ ڪردنت (The Participle)، اسم طور استعمال ٿيندڙ ڪردنت (Gerundive)، صيغا (Moods)، زمان (Tenses)، بنياد (Root)، ۽ مرڪب فعلن (Compound verbal derivatives) کي سمجھايو ويو آھي. فعل جي بنياد يا ڌاتو (Root) جي باري ۾ لکي ٿي:
“Etymologically, morphologically three types of roots can be determined in Sindhi:
Roots proper! Prefixed roots and nominal roots. In addition there are roots borrowed from other languages, regardless of their morphological structure.” (pp 106)
(لفظن جي بنياد جي مطالعي ۽ صرفيات طورتي سنڌيءَ ۾ ٽن قسمن جي بنيادن/ ڌاتن کي مقرر ڪري سگھجي ٿو. خالص ڌاتو، اڳياڙن وارا ڌاتو ۽ اسمن وارا ڌاتو. انهن سان گڏ اھڙا ڌاتو به آھن، جيڪي ٻين ٻولين کان اڌارا ورتا ويا آھن. هن ليکڪا امر جي صرفياتي بناوت جي بنيادن تي ان جي تقسيم ڪئي آھي.) (Roots Proper) ۾ لکي ٿي:
“The roots proper are old Indian words which have entered the basic Sindh vocabulary. For instance, ھل- (to go), ڪر-kar (to do) (pp 106)
(خالص ڌاتو قديم ھندستاني لفظ آھن، جيڪي سنڌيءَ جي بنيادي لفظي ذخيري ۾ داخل ٿي ويا آھن. مثال طور: ھَل، ڪر.)
ييگورو روا قديم ھندستاني ڪھڙي ٻوليءَ کي چوي ٿي؟ اھو واضح نه ڪيو اٿس. (to do) (to go) مصدر (infinitives) آھن، انهن ’ھل‘ ۽ ’ڪر‘ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو go ۽ do ٿيندو، (اھا ترجمي جي غلطي به ٿي سگھي ٿي.) ھن ڪتاب ۾ بنياد (Root) کي چڱيءَ طرح سمجھايو نه ويو آھي. سنڌيءَ ۾ مرڪب فعل به تمام گھڻا آھن، جيئن ”ٿي وڃڻ“، ”ڊوڙي اچڻ“، ”سوچي ڇڏڻ“ ۽ ”ڪري ڇڏڻ“ وغيره جن کي مس رايا (Compound verbal derivatives) (مرڪ فعلي مشتق) لکيو آھي. انھن جي حوالي سان لکي ٿي:
“In compound verbal derivatives, the first component of which (the basic verb) usually expresses the lexical meaning of the construstion, whereas the second component (the deriving verb) add meaning of perfective, tense, person, number etc. (pp 111)
سنڌيءَ ۾ مرڪب فعلن جو استعمال تمام گھڻو آھي. جنھن جو پھريون حصو (بنيادي فعل) اڪثر ڪري لغوي معنيٰ کي ظاهر ڪندو آھي. جڏھن ته ٻيو حصو بنيادي فعل، زمان ۽ عدد وغيره جي معنيٰ ظاهر ڪندو آهي. ظرف، حرف جر، حرف جملي ۽ حرف ندا کي مثالن سان سمجھايو ويو آھي. ”صرف“ ۽ ”نحو“ ملي ڪنھن به ٻوليءَ جو گرامر ٺاھين ٿا. ”صرف“ کي لفظن ۽ ”نحو“ کي جملي جو گرامر چئي سگھجي ٿو. نحو ۾ فقرن، جملن ۽ لفظن جي بيھڪ، وياڪرڻي استعمال جو بنياد اچي ٿو. لفظ جملا ڪيئن ٺاھين ٿا؟ لفظن جو جملي ۾ ھڪٻئي سان ڪھڙو لاڳاپو آھي؟ ھي علم نحو جا موضوع آھن. علم نحو جي مکيه ڳالھ ترتيب، موافقت ۽ انتظام آھي. ھن ڪتاب ۾ انھن ڳالھين کان سواءِ جملو، ان جي بناوت ۽ جملي جا قسم به سمجھايا ويا آھن. آخر ۾ ھڪ ضميمو ڏنل آھي جنھن ۾ سنڌي ٽيڪسٽ (Sindhi text) جو مثال ڏنو ويو آھي.
مس رايا ييگو رو وا روسي ٻوليءَ ۾ سنڌي گرامر ۽ ٻوليءَ تي ڪتاب لکي روس ۾ سنڌيءَ کي متعارف ڪرايو آھي. ھن تفصيل سان سنڌي ٻوليءَ جي صوتيات، صرفيات ۽ نحويات تي لکيو آھي. جيڪو سنڌي گرامر جي تاريخ ۾ ھڪ قابل قدر اضافو آھي. ڪتاب جي شروعات ۾ تعارف ڏنل آھي، جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ارتقا تي جامع بحث ڪيل آھي.