ڪتاب جو نالو | سنڌي ادب جو فڪري پس منظر |
---|---|
ليکڪ | پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-128-6 |
قيمت | 600 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (1864) PDF (1018) E-Pub |
انگ اکر | 12 October 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 167146 ڀيرا پڙهيو ويو |
مجموعي طور تي سنڌي ادب جي فڪري ارتقاءَ جي پس منظر کي جانچڻ کان پوءِ 1947ع کان 1980ع تائين جي ادب ۾ موجود فڪر کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته هندستاني اپکنڊ جو بنيادي مرڪز سنڌ رهي آهي. اسان جي هن تحقيق جي پس منظر ۾ سنڌ کي رکجي ته گهڻيون ڳالهيون واضع ٿي بيهن ٿيون، سنڌ قبل از تاريخ جي انهن پراڻين تهذيبن مان هڪ هئي جتي هزارين سال اڳ خوشحاليءَ امن، پيار ۽ محبت جو سماج قائم ٿيل هو. ڌرتي زرخيز هئي، زياده تر ميداني علائقو هو، سنڌو ندي هئڻ ڪري زراعت، واپار ۾ آساني هئي، ان کان علاوه هتان ماڻهن جو معاش، جانور پالڻ، پرڏيهي واپار تي به هو. هي سماج مادري (Matriarchal) سماج هو، جنهن ۾ تخليقي قوتن جي وڏي اهميت هئي، ايتري قدر جو تخليقي قوتن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي ۽ عورت ۽ ڌرتي خاص اهميت جون حامل هيون. هي سماج ۾ اخلاقي قدرن جي حوالي سان آزاد هو ۽ فطري لڳ لاڳاپا قبوليت ماڻيل هئا. اصل تضاد ماڻهن جو فطرت سان هو. تحقيق سان خبر پوي ٿي ته هن سماج جا ماڻهو زياده تر عملي ڪمن سان لڳل هوندا هئا، هنن جو زندگيءَ ڏانهن رويو ڏاڍو مثبت هو. انهن ماڻهن جي ڪهڙي نفسيات هئي ۽ ڪهڙو فلسفو هو انهيءَ جا واضع ۽ چٽا ثبوت نه هئڻ جي باوجود به سندن سماجي وهنوار، زندگيءَ ڏانهن مثبت رويو، تعميراتي آثار ٻڌائين ٿا ته هنن ماڻهن وٽ زندگيءَ جي وڏي اهميت هئي، ڪي به سماجي قدر اهڙا نه هئا، جيڪي زندگيءَ جي فطري تقاضائن کان ٻاهر هجن يا زندگيءَ کي جبري قدرن جو بار سهڻو پوي، انهيءَ جو هڪڙو سبب اهو هو ته سنڌ جي ڌرتيءَ تي ماڻهن جي اچڻ ۽ آباد ٿيڻ کان اڳ انهن ماڻهن کي بيشمار تڪليفن مان گذرڻو پيو هوندو، تنهن ڪري انهن ماڻهن ۾ قدرتي طور خوف، دهشت، هراس ۽ ٻيون مختلف وجودي وارداتون موجود هونديون پر سنڌوءَ ڪناري آباد ٿيڻ کان پوءِ هنن ماڻهن کي ڪافي سک ۽ شانتي ملي، جنهن ڪري هنن ۾ زندگيءَ جو قدر وڌيڪ ملي ٿو.
ان کان پوءِ انهيءَ خوشحال خطي ۾ ڌارين جو اچڻ شروع ٿئي ٿو، عالمن جي اها راءِ آهي ته ڌارين جي اهم نسلن مان سڀ کان پهرين هن خطي ۾ آريا آيا، جيڪي خانه بدوش هئا ۽ کيتي ٻاريءَ کان واقف نه هئا. سنڌي سماج ۾ آرين ۽ اڻ آرين جي ويڙهه به ٿي آهي، پر آخر آريا قابض ٿي ويا، پر ڇوته سنڌي سماج سڌريل هو، تنهن ڪري آرين سنڌي ماڻهن جون سٺيون خاصيتون پنهنجايون، مثال طور، کيتي ٻاري سکي، جنگي ديوتائن جي پوڄا ڇڏي امن پسندي ۽ تخليقي ديوتائن کي پهنجايو وغيره پر ڪجهه محققن جي راءِ آهي ته هن خطي ۾ آريا آيا ئي ڪونه، جنهن مان ڪجهه يورپين (مئڪس ملر ۽ گرم صاحب) روسي ۽ سنڌ مان سراج ميمڻ صاحب هن راءِ جا آهن. سراج صاحب جو نظريو آهي ته واديءِ سنڌ جا ئي ماڻهو دنيا جي مختلف خطن ۾ ڦهليا آهن، انهن جي ٻوليءَ جو اثر مختلف هنڌن تي ٿيو آهي. مان سمجهان ٿو ته آريا جيڪڏهن آيا هئا ته اهو شروعاتي دور هو ۽ اهي سنڌ جي تهذيب ۾ ضم ٿي ويا هوندا، انهن جا فڪري ۽ نفسياتي اثر ايترا ماڻهن قبول نه ڪيا، جيترا هنن هتان جي تهذيب جا اثر قبول ڪيا. منهنجي خيال ۾ تحقيق مان انهيءَ ڳالهه جا واضع ثبوت مليا آهن ته سنڌ جا ماڻهو دنيا جي مختلف خطن ۾ ويا آهن، خاص طور سان هندستان جي مختلف خطن ۾ سنڌي ماڻهو آباد آهن. تحقيق ذريعي ثابت ٿيل آهي ته اڄ به جپسي ماڻهن جي ٻولين ۾ سنڌي لفظ موجود آهن (حوالي طور ڏسو خورشيد قائم خانيءَ جو ڪتاب ”ڀٽڪتي نسلين“) ۽ يوناني فلسفي ۾ وجودي طرز جو فڪر، يورپ جي جديد فلسفي ۾ وجودي اثر، هندستان ۾ ويدن، جين مت، ٻڌمت ۽ چارواڪ فڪرن ۾ سنڌي فڪر جا پڙاڏا ملن ٿا، جن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. سراج جي نظريي مطابق سنڌ جا ماڻهو هندستان جي مختلف خطن ۾ ڦهلجندا ويا ۽ اتان جي مختلف جاگرافيائي ۽ پيداواري حالتن جي ڪري ماڻهن جي مقامي ٻولين ۾ ڦيرو ٿيندو ويو، پر اڄ به انهن ٻولين ۾ سنڌي ٻوليءَ جا اثر، لفظ نحوي سطح تي موجود آهن، تحقيق سان اها ڳالهه سامهون آئي ته سراج جي اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي ۽ نه صرف ٻوليءَ جا اثر موجود آهن، بلڪ فڪري اثر به موجود آهن، جن جا عڪس اسان کي ويدن ۾ ملن ٿا، بلڪ ويدن ۾ هڪ تاريخي ارتقا جو تسلسل موجود آهي. جيئن جيئن سماج بدلجي ٿو ته انهيءَ سماج جو عڪس هڪ کان ٻئي ويد ۾ تبديل ٿيندو ملي ٿو، تنهن کان پوءِ جين مت ۽ ٻڌمت ۾ به اهڙي ئي فڪر جا عڪس موجود آهن. هنن فڪرن ۾ وجودي وارداتن جي وڏي اهميت آهي، پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته هنن فلسفن ۾ وجودي فڪر جو منفي انداز موجود آهي، جنهن جو تفصيل ڪجهه هن ريت ڏسڻ ۾ آيو ته زندگيءَ بابت مابعدالطبعياتي سوال بي انداز اٿاريل آهن، مثال موت ڇا آهي؟ زندگي جو جوهر ڇا آهي؟ حقيقت ڇا آهي؟ مايا فريب آهي يا حقيقت آهي؟ هاڻي صورتحال آهي ته مايا تياڳي ڇڏڻ ۽ ساڌو ٿي وڃڻ زندگيءَ جو منفي پاسو ضرور آهي، پر وجودي فلسفي جو هڪ ڍنگ آهي. انهيءَ کان پوءِ چارواڪ فلسفو اڀريو. چارواڪ فلسفي جي تحقيق مان خبر پوي ٿي ته هن فلسفي ۾ وجودي طرز جو ئي فڪر موجود آهي، پر هي وجوديت جو مادي پهلو آهي، ڇوته زندگيءَ جو ڪوبه جوهر ناهي پوءِ تياڳي بنجي يا مايا پرست دارومدار چونڊ تي آهي. چارواڪ ۾ زندگيءَ کي صرف خوشي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجهيو ويو آهي. هنن جو مقصد هو ته زندگيءَ جو انجام موت آهي، تنهن ڪري موت جو انتظار ڪرڻ بجاءِ زندگيءَ کي مسرتن ۽ لذتن ۾ گذارجي. اهڙيءَ طرح هڪ ئي فلسفي جا مختلف رخ هندستان ۾ موجود ملن ٿا. تحقيق ڪندي صورتحال اسان جي سامهون اها اچي ٿي ته انهن سڀني جي فڪر جو بنياد سنڌ وادي آهي، ڇوته هي خطو سڀني تهذيبن کان پراڻو آباد آهي، تنهنڪري جهڙيءَ طرح اهو سمجهيو وڃي ٿو ته هندستان جون گهڻيون ٻوليون سنڌ مان نڪتيون آهن، اهڙيءَ طرح نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته هندستان جا گهڻا فلسفا به سنڌي فڪر مان نڪتا آهن، تنهن ڪري اهو چوڻ ته سنڌي ادب تي يا سنڌي ماڻهن تي ويدانيت، جين مت ۽ ٻڌمت جو اثر آهي، غلط آهي، بلڪ ائين چئجي ته انهن سڀني فڪرن جو بنياد سرزمين سنڌ آهي، جيڪي پوءِ مختلف علائقن ۾ مختلف اثر قبول ڪندا رهيا ۽ وري موٽي ايندا رهيا، اُن ڪري انهن فڪرن ۾ موجود منفي اثر به سنڌ ۾ کڻي آيا ۽ انهن جو اثر به ٿيو.
تحقيق مان خبر پوي ٿي ته سرزمين سنڌ جي پنهنجي فڪر جي شڪل وجودي فڪر جهڙي آهي، جنهن کي اسان وجوديت چئي سگهون ٿا ۽ وجودي فڪر فطرتي فڪر آهي، جيڪو وجود سان لاڳاپيل ۽ سوچ جو لازمي حصو آهي، نتيجي طور هي فڪر دنيا جي ڪجهه حصن ۾ پاڻمرادو به اڀريو آهي.
انهيءَ کان پوءِ سنڌ ۾ اسلام مذهب آيو، اسلام سنڌ ۾ عرب واپارين جي اچ وڃ ۽ سنڌ ۾ عربن جي ڪاهه کان پوءِ باقاعده آيو، انهيءَ جو هڪڙو نتيجو اهو نڪتو ته سنڌين ۽ عربن جي علمي ڏي وٺ ٿي، سنڌي ماڻهن عربن سان اسلامي فڪر ۽ عربن سنڌ مان وجوديت جا فڪري لاڙا حاصل ڪيا. انهيءَ کان علاوه ادبي طور به هنن جي پاڻ ۾ ڏي وٺ ٿي ۽ اڳتي هلي اسلام ۾ عربن وٽ تصوف جو فڪر اڀريو، ڇوته سنڌ ۾ تصوف جي لاءِ اڳ ۾ ئي ماحول سازگار هو، انهيءَ ڪري سنڌ ۾ اسلامي تصوف، صوفي مت جي شڪل ۾ اڀريو، جيڪو دراصل وجودي فلسفي جي ئي هڪ شڪل آهي.
غور سان ڏٺو وڃي ته دنيا جي تقريباً سڀني فڪرن ۾ اسان کي وجودي فڪر جا نشان ضرور ملندا، مثال، عيسائيت، اسلام، هندومت، جديد يورپي فلسفو انهيءَ ۾ خاص طور سان اسپنوزا، ڊيڪارٽ وغيره، ۾ اسان کي وجودي فڪر جا نڪتا ملن ٿا. تحقيق دوران خبر پئي ته وجودي فلسفو ڪنهن فلسفي مان نه نڪتو آهي نه وري اهو فلسفو ڪنهن مذهب جي ميراث آهي، بلڪ هي فڪر فطرتي آهي، جنهن جي اڀرڻ لاءِ وجود جو هئڻ ئي ڪافي آهي، يعني هي فڪر وجود سان لاڳاپيل آهي ۽ انساني وجود جو سڀ کان پراڻو ۽ خودرو اڀرڻ وارو فڪر آهي.
اڳتي هلي سنڌ ۾ ادب جي شروعات ٿي، جنهن ۾ باقاعده شاعر قاضي قادن اسان کي ملي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ اسان کي صوفي مت جو فڪر ملي ٿو، پر ياد رهي ته سڄي دنيا جي تصوف کان سنڌ جو تصوف نرالو آهي. عام طور سان سنڌ جي فڪر کي صوفي مت چيو وڃي ٿو. هن فڪر ۾ ڪنهن به قسم جو جنون ناهي، نه هن فلسفي ۾ دنيا تياڳڻ جي ڳالهه آهي ۽ نه وري دنيا ئي وهنوار کان پري رهڻ جي ڳالهه آهي. ساڳئي وقت هن فلسفي ۾ انسانيت جو پاسو ڏاڍو مضبوط آهي، پوءِ چاهي اهو ڪير به هجي، هندو، مسلم، ٻڌ، جيني وغيره پر سنڌ جي فڪر ۾ اهو صرف انسان هوندو، انهيءَ جو ثبوت اهو آهي ته شاهه لطيف هجي يا خواجه محمد زمان هنن جي مريدن ۾ هندو به هئا، مسلمان به هئا، هو ٻه اکيائي نه ڪندا هئا. سڀني سان هڪ جهڙو هلندا هئا ۽ دنيا جو وهنوار بدستور ڪندا هئا، ان کان علاوه سنڌ جي صوفين وٽ ڪوبه جنون نه هو، بلڪ هو انسان ۾ خدا جو جلوو ڏسي انهيءَ سان محبت ڪرڻ جو درس ڏيندا هئا. مطلب ته سنڌ جي فڪر جو جوهر وحدت الوجود جي صورت ۾ نمايان هو.
عام طور سان تصوف جا مختلف سلسلا آهن، جن ۾ قادري سلسلو، چشتي سلسلو، سهروردي سلسلو، قلندري سلسلو وغيره نمايان آهن ۽ چيو ويندو آهي ته مختلف درويشن انهن سلسلن کي وڌايو، پر سنڌ ۾ ڏٺو وڃي ته هوبهو اهي سلسلا نه هليا آهن، مثال قادري سلسلي ۾ موسيقيءَ جي منع ٿيل آهي، پر شاهه لطيف قادري سلسلي جو پوئلڳ هئڻ جي باوجود به سماع جون محفلون سجائيندو هو. بلڪ سنڌ ۾ تمام گهڻا صوفي درويش سماع جون محفلون ڪندا هئا، وري ٻئي طرف وحدت الشهود جو فڪر جيڪو مجدد الف ثانيءَ کان ٿيندو سنڌ ۾ جڏهن خواجه محمد زمان تائين پهچي ٿو ته بلڪل بدلجي وڃي ٿو ۽ منجهانئس انسانيت دوستيءَ جي سرهاڻ ملي ٿي، جنهن جو ثبوت اهو آهي ته خواجه محمد زمان وٽ جتي مسلمان مريد ويهندا هئا اتي هندو مريد به ويهندا هئا ۽ وٽس ڪوبه جنون نه هو. تعصب يا انتها پسندي نه هئي ۽ سندس شاعريءَ مان انسانيت دوستي ۽ پيار امن جو فڪر ملي ٿو.
سنڌي فڪر جو جوهر ۽ عروج اسان کي شاهه لطيف وٽ ملي ٿو. تحقيق مان ڳالهه سامهون آئي ته شاهه صاحب وجودي فڪر جي پاسي کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيو آهي، انسان جون جملي ڪيفيتون منفي ۽ مثبت اظهاريون اٿس. انهيءَ کان پوءِ سچل سرمست جلالي انداز ۾ وجودي فڪر کي کليو اظهاريو آهي ۽ انا الحق جو نعرو هنيو اٿس، سندس فڪر جون گهڻيون ڳالهيون اسان دنيا جي مختلف وجودي فلسفن سان ڀيٽي سگهون ٿا، جيڪي هن مقالي ۾ موجود آهن ۽ اهڙيءَ طرح سان سنڌ جي وجودي فڪر جون ڪڙيون دنيا جي وجودي فڪر سان ملن ٿيون.
ان کان پوءِ سنڌ تي انگريزن قبضو ڪيو، انگريزن جي اچڻ کان پوءِ سنڌي صورتخطي 54-1853ع ۾ ٺهي، ساڳئي وقت انگريزن ادب علم ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ دلچسپي ورتي، نتيجي طور سنڌيءَ ۾ پرڏيهي علم ادب متعارف ٿيو ۽ سنڌ ۾ وڏا عالم جهڙوڪ؛ مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل آڏواڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، علامه دائود پوٽو ۽ علامه آءِ آءِ قاضي وغيره پيدا ٿيا. هنن عالمن جون ادبي طور وڏيون خدمتون سرانجام ڏنل آهن ۽ ساڳئي وقت هنن جي ادبي ڪاوش ۽ علمي رويي ۾ صوفي مت وارو فڪر موجود هو. انهيءَ کان علاوه انگريزن جو شروعاتي دور به انهيءَ فڪر جا آثار ڏئي ٿو. مثال طور: قادربخش بيدل، مصري شاهه، سانگي، خليفو گل وغيره. هنن جي شاعريءَ ۾ اسان کي دنيا جا ٻه پهلو هڪ مايا ۽ ٻيو روحاني رمزون ملن ٿيون، پر مجموعي طور هنن جي شاعريءَ ۾ صوفي مت موجود آهي.
سنڌي نثر به باقاعده هن دؤر ۾ شروع ٿيو، جنهن ۾ ٻه دؤر اسان ڏسون ٿا؛ هڪ پهريون دؤر جنهن ۾ تحقيق تي زور آهي، ڀيرومل جنهن سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي تاريخ تي تحقيق ڪئي، ڊاڪٽر گربخشاڻي جنهن جي شاهه عبداللطيف تي ٿيل تحقيق سنڌي ادب ۾ هڪ اعليٰ مقام رکي ٿي، خاص طور سان شاهه عبداللطيف جي سوانح حيات ۽ سندس فڪر جي اپٽار تي ٿيل ڪم قابل تعريف آهي، ان کان پوءِ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي به شاهه عبداللطيف تي ٿيل تحقيق قابل تعريف آهي، ۽ ٻئي دؤر ۾ اسان کي امر لال هنڱوراڻي، شيخ اياز ۽ ڪجهه ٻيا اديب ملن ٿا، جن جي لکڻين ۾ سنڌي ماحول ۽ سنڌي ماڻهن جي نفسيات ۽ ڌارين جا رويا ظاهر ٿين ٿا. ساڳئي وقت امر لال هنڱوراڻي جي ڪهاڻين ۾ اسان کي صوفي مت واري فڪر جون جهلڪيون ۽ سنڌي ماڻهن جا نفسياتي رويا ملن ٿا، مثال سندس ڪهاڻي ”رانجهوءَ سندي رمز“ ۽ ”ادو عبدالرحمان“ وغيره اهڙي فڪري طرز جون آهن.
سنڌ جي سرزمين جي خصوصيت اها رهي آهي ته هتان جو مثبت فڪر انسانيت پسندي، امن، پيار، ڀائيچارو هميشه ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود رهيو آهي. جڏهن هندستاني اپکنڊ ۾ طبقاتي نظام، ذات پات، اونچ نيچ، ڀيد ڀاءُ شروع ٿيو، ان وقت، ٻڌمت، جين مت، چارواڪ جهڙا فڪر ردعمل طور ظاهر ٿيا ۽ اهڙين نفرتن کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ٿيون. جڏهن هن کنڊ ۾ اسلام پکڙيو، آباديءَ جي وڏي انگ جي مسلمان ٿيڻ کان پوءِ مذهبي طور هندو ۽ مسلم تفريق پيدا ٿي ته ڪٿي ڪٿي نفرتون پيدا ٿيون، ماڻهن ۾ جنون پيدا ٿيو، پر انهيءَ باهه کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيترائي درويش، عالم پيدا ٿيا ۽ مختلف فڪر پيدا ٿيا، جن ۾ ڀڳتي تحريڪ به اهم آهي. هن تحريڪ ۾ خاص طور سان ڀڳت ڪبير، نام ديو، رامانج، گرونانڪ اهم ڪردار هئا، جن هندو مسلم تفريق کي گهٽائڻ جون ڪوششون ڪيون ۽ تنهن کان پوءِ سنڌ جي صوفين جو وڏو ڪردار رهيو پر انهيءَ جي باوجود به مسلمان ۽ هندن ۾ جاگيردارن، سرمائيدارن عالمي سامراج پنهنجن مفادن خاطر تضاد اڀاريا، نفرتون پيدا ڪيون ۽ اهوئي سبب آهي جو هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ وقت ڪانگريس ۾، موجود ڪن انتهa پسندن جي روين جي ڪري مسلم ليگ الڳ ملڪ جو نعرو هنيو.
۽ اهڙيءَ طرح 1947ع ۾ هندستان انگريزن خالي ڪيو ۽ پاڪستان ۽ هندستان ٻه الڳ ملڪ وجود ۾ آيا. برصغير جي تاريخ ۾ هندو مسلم فسادن جو اهو سڀ کان وڏو واقعو هو، جنهن ۾ ورهاڱي جي بهاني قتل وغارت شروع ٿي. هندستان مان مسلمانن جي لڏي اچڻ کان پوءِ سنڌ ۾ به فساد شروع ٿي ويا، جنهن جي ڪري سنڌ ۾ موجود هندو عدم تحفظ جا شڪار ٿيا ۽ انهن به لڏڻ شروع ڪيو. سنڌ مان هندن جو لڏڻ سنڌين لاءِ وڏو واقعو ثابت ٿيو ڇو ته هندو زياده تر شهري ۽ وچيون طبقو هو ۽ هر قوم جي ثقافت تهذيب ۽ جدت وچئين طبقي جي ذريعي ظاهر ٿيندي آهي ۽ وڏي ڳالهه ته سنڌ جو هنر، علم و ادب هندن ۾ نمايان هو، پر انهن جي لڏڻ کان پوءِ سنڌ جي شهري تهذيب ۾ خال پيدا ٿي ويو. انهيءَ جڳهه تي هندستان مان لڏي آيل مهاجر اچي آباد ٿيا. هندستان مان لڏي آيل مسلمان ڇو ته ٻولي، رهڻي ڪهڻيءَ ۾ توڙي فڪري ۽ نفسياتي طور سنڌين کان مختلف هئا، تنهن ڪري سنڌي قومي وحدت ۾ فرق پيو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ون يونٽ ٺهيو، جنهن جي نتيجي ۾ اهو فڪر ظاهر ٿيو، جنهن مطابق پاڪستان ۾ رهندڙ ماڻهو هڪ پاڪستاني قوم جا فرد قرار ڏنا ويا، جن جي قومي ٻولي اردو ۽ قومي مذهب اسلام ۽ تهذيب ۽ ثقافت مغليه طرز جي اسلامي ثقافت هئي، نتيجي طور سنڌي قوم، ٻولي، تهذيب، تاريخ کان انڪار ڪيو ويو. جيتوڻيڪ پاڪستان جي ٺاهڻ ۾ سنڌي ماڻهن جو وڏو هٿ هو، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي اديبن اسلامي نڪته نظر ۽ پاڪستاني قومي هيرن تي شعر به چيا، جيڪي هن مقالي ۾ نموني طور ڪجهه ڏنا ويا آهن، پر اڳتي هلي ڪن اڳواڻن جي غلط پاليسن سبب رياستي فڪر ۽ سنڌي فڪر ۾ تضاد واضع ٿيندا ويا، اهي تضاد انهيءَ وقت وڌيڪ اڀري آيا، جڏهن ڪو وقت اهڙو آيو جو سنڌ جي ماڻهن جا حق پائمال ٿيڻ لڳا ۽ سنڌي ٻوليءَ کي جهڙوڪر رد ڪيو ويو، نتيجي طور سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪ شروع ٿي، ۽ چوٿين مارچ جو واقعو ٿيو. هن واقعي کان پوءِ باقاعده سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪ قومي رنگ ورتو ۽ سنڌ سراپا احتجاج بنجي ويئي.
هن مقالي ۾ مزاحمت جي فڪري پس منظر ۽ سنڌ ۾ مزاحمت جي تاريخ جو به جائزو ورتو ويو آهي ۽ اها تحقيق ثابت ڪري ٿي ته مزاحمت به وجود جو هڪ حصو آهي، جيڪو ذات جي اظهار ڪرڻ ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو، اهوئي سبب آهي جو ڏند ڪٿائن کان وٺي تاريخ جي رومانوي قصن ۾ مزاحمت موجود آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪن جي پس منظر ۾ باقاعده مزاحمتي ادبي تحريڪ هلي. هي مزاحمتي ادب جو سونهري دؤر هو، جنهن ۾ سنڌي ادب باقاعده قومي حيثيت ۾ اڀريو، بلڪ تحقيق دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته مزاحمتي ادب سنڌ ۾ قومي شعور وڌايو ۽ سنڌي ماڻهو باقاعده پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت سان محبت ڪرڻ لڳا، ساڳئي وقت هن ادب ۾ معاشي، سماجي ۽ سنڌي فڪر جا پهلو نمايان هئا. هن تحريڪ ۾ اديبن مزاحمتي ادبي تخليقون ڪيون ۽ عملي طور ويڙهه به ڪئي، رياستي سختيون سٺيون، اهائي تحريڪ هئي جنهن ۾ سنڌ جي اصلوڪي ۽ پاڪستان جي سرڪاري فڪر جو فرق بلڪل واضع ٿي پيو، جنهن جو اثر سماج، ادب ۽ رياست تي به پيو. هن تحريڪ جي نمايان اديبن ۾ حيدربخش جتوئي، محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، حميد سنڌي، تنوير عباسي، نياز همايوني، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، امرجليل، طارق اشرف وغيره هئا.
تحقيق مان خبر پوي ٿي ته هن تحريڪ جا اثر سنڌي قوم تي تمام گهڻا پيا. سنڌي قوم ۾ باقاعده ادبي، سياسي، سماجي، فڪري شعور پيدا ٿيو ۽ ساڳئي وقت اها به ڳالهه سامهون آئي ته سنڌي ادب ۾ مزاحمتي تحريڪ فڪري طور مثبت ۽ ترقي پسند هئي.
هن ڏس ۾ اها به تحقيق ڪئي ويئي ته دنيا جي مختلف فڪرن جا ۽ لاڙن جا سنڌي ادب تي ڪهڙا اثرا پيا ۽ هر ايندڙ لاڙي جو ڪهڙو فڪري پس منظر هو ۽ انهيءَ تحريڪ جو سنڌ جي فڪر سان ڪهڙو تعلق هو. مثال، رومانوي تحريڪ: عام طور سان اسان وٽ رومانويت ۽ رومانيت جي فرق کي نه سمجهيو ويندو آهي، بلڪ سمجهيو ويندو آهي رومانويت معنيٰ عشق محبت پر حقيقت ۾ رومانويت جو رڳو عشق محبت سان تعلق ڪونهي، هن ٿيسز ۾ رومانويت جي فڪر کي تفصيل سان پيش ڪيو ويو آهي ۽ تحقيق دوران اهو نتيجو نڪتو ته رومانويت جيتوڻيڪ يورپ جو هڪ ادبي لاڙو هو، جنهن جو فڪري پس منظر روسو جو فلسفو سمجهيو وڃي ٿو ۽ ادبي طور وليم ورڊس ورٿ ۽ ڪولرج کي هنن جو بنيادي محرڪ سمجهيو وڃي ٿو، پر رومانويت وجودي فلسفي جو هڪ منطقي نتيجو آهي ۽ رومانويت انساني فطرت جو هڪ لاڙو آهي، ڇوته وجودي فلسفي ۾ زندگيءَ جو متحمل ڪوبه عمل ناهي، فطرت ۽ ڪائنات سان زندگيءَ جو ڪو حقيقي رشتو ناهي، تنهن ڪري پاڻ کي فطرت سان ڪائنات سان جوڙي رکڻ ۾ زندگي آهي ۽ اهو زندگيءَ جو رشتو رومانوي آهي، ٻي معنيٰ ۾ زندگيءَ جو بنياد ئي رومانويت آهي، يعني تصور، تخيل، خواب نما رنگ، داخلي جذبا ۽ احساس زندگيءَ کي خوشگوار بنائين ٿا، اهي نه هجن ته زندگي بي ڍنگي ۽ ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿي پوي. ماڻهو مايوسيءَ جي اوڙاهه ۾ وڃي ڪري، اهوئي سبب آهي جو سنڌي ادب ۾ رومانويت هر دؤر ۾ رهي آهي. جيتوڻيڪ رومانويت جو نالو هڪ خاص يورپين تحريڪ کان آيل آهي، پر اهڙي قسم جو لاڙو سنڌ ۾ مخصوص دؤر ۾ نه رهيو آهي، بلڪ سنڌ ۾ هر دؤر ۾ اهو لاڙو موجود رهيو آهي، مثال طور اسحاق آهنگر جي پهرئين شعر؛ ”ٿيان مان جهرڪ ويهان پرينءَ جي سپ تي“ ۾ رومانويت موجود آهي، ان کان پوءِ شاهه ڪريم، شاهه لطيف کان وٺي شيخ اياز تائين اسان کي رومانويت ملي ٿي. تنهن ڪري رومانويت واري فڪر جو ڪو مخصوص دؤر سنڌ ۾ نه رهيو آهي.
سنڌ ۾ صوفي مت ۾ حسن، عشق، تصور، تخيل جي وڏي اهميت رهي آهي ۽ اهي سڀ عنصر رومانويت ۾ موجود آهن، جنهن ڪري سنڌ ۾ رومانويت وارو فڪر سنڌي فڪر جي هڪ ڪڙيءَ طور رهيو آهي. سنڌ ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به رومانوي ادب اسان کي ملي ٿو. جنهن ۾ عثمان ڏيپلائيءَ جو ناول ”سانگهڙ“، سراج جا ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”مرڻ مون سين آءٌ“، ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“ وغيره، ان کان پوءِ آغا سليم جا ناول ”همه اوست“، ”ٻه ننڍا ناول“ ۽ ڪهاڻيون فڪري طور تصوف ۽ تاريخي ناولن کان علاوه رومانوي پڻ آهن. انهيءَ سان گڏ امرجليل، موهن ڪلپنا، تنوير عباسي وغيره، هنن ليکڪن جي خاص ڳالهه اها آهي ته هنن جي رومانويت هوا ۾ لٽڪيل ناهي، بلڪ سنڌ جي تاريخ، صوفي مت ۽ معاشي پهلوءَ سان ڳنڍيل آهي.
تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته سنڌ ۾ هرهڪ لاڙي ۽ فڪري پس منظر جا الڳ الڳ اديب ناهن، بلڪ هڪ اديب جي ڪاوشن ۾ هڪ کان وڌيڪ لاڙا موجود آهن. مثال طور امرجليل، شيخ اياز اهڙا ليکڪ آهن جن جي ادبي ڪاوشن ۾ هر فڪري لاڙو موجود آهي.
تنهن کان پوءِ ترقي پسند تحريڪ جو هڪ دؤر شروع ٿئي ٿو. هن لاڙي جو بنيادي محرڪ مارڪسي فلسفو آهي ۽ ساڳئي وقت سڄي دنيا ۾ طبقاتي جدوجهد ۽ پورهيت حڪومت قائم ٿيڻ جو اثر سنڌ ۾ تمام گهڻو ٿيو. سنڌ ۾ مارڪس ازم جي قبول ڪرڻ جا مختلف سبب هئا. هڪ ته سنڌ پهريائين جنوني مذهب جي قائل نه هئي. ماڻهن جي نفسيات ۾ صوفي مت، انسانيت پسندي، امن، پيار جا لاڙا اڳ ۾ ئي موجود هئا. ان کان علاوه سنڌ ۾ پاڪستان جي سرڪاري فڪر سان تضاد جي نتيجي ۾ سنڌي قوم ۾ احساس محرومي پيدا ٿي چڪي هئي، جنهن ڪري مارڪسي فلسفو ۽ طبقاتي جدوجهد سنڌي قوم کي ڏاڍي پرڪشش لڳي، انهيءَ کان علاوه سنڌ ۾ اساسي شاعريءَ ۾ روشن خيال پهلو اڳ ۾ ئي موجود هئا ۽ ساڳئي وقت شاهه عنايت صوفيءَ جي جدوجهد به اهڙي ئي فڪر جي آئينه دار هئي، سندس نعرو هو ته ”جيڪو کيڙي سو کائي“ ۽ انهيءَ جو معاشي بنياد ائين هو جيئن جديد سوشلزم جي نظريي ۾ آهي. تحقيق دوران هيءَ ڳالهه سامهون آئي ته ترقي پسند ادب صرف مارڪس ازم جي پس منظر ۾ سنڌ ۾ پيدا نه ٿيو، بلڪ هن ادب ۾ عوام جا ڏک، عوامي مسئلا، امن، پيار، محبت ۽ انسانيت جا اهڙا گڻ جيڪي سنڌ ڌرتيءَ جي وجودي فڪر ۾ موجود آهن، شامل هئا. سنڌ جي ترقي پسند ادب ۾ حيدربخش جتوئي، شيخ اياز، سراج، جمال ابڙو، امرجليل، رسول بخش پليجو، خاڪي جويو، عبدالڪريم گدائي، فتاح ملڪ وغيره بيشمار اديب ترقي پسند لاڙي جا نمايان اديب هئا. خاص طور سان 70 واري ڏهاڪي ۾ ترقي پسنديءَ جو سنڌ ۾ عروج هو. هن لاڙي سان گڏ سنڌ ۾ قوم پرستيءَ جو لاڙو به گڏ گڏ هلندو رهيو.
ترقي پسند تحريڪ جو زياده زور سنڌ ۾ هو ۽ سنڌي نوجوانن ۾ ترقي پسند تحريڪ سياسي ۽ ادبي طور تمام تيزيءَ سان ڦهلجي رهي هئي، جنهن ڪري حڪومت جي عتاب هيٺ به سنڌي زياده آيا، خاص طور سان 83ع واري ايم آرڊي تحريڪ جنهن ۾ هڪ ئي وقت ٽي عنصر هئا، هڪ حڪومت خلاف نفرت ٻيو قومي جدوجهد ٽيون ترقي پسند تحريڪ. هن تحريڪ ۾ سنڌي ماڻهن سان جيل ڀرجي ويا ۽ تمام وڏي پئماني تي سنڌي ماڻهن جو قتل ڪيو ويو.
ترقي پسند تحريڪ ۾ ڪجهه خاميون به هيون مثال، اجتماعيت پسندي، سٺي ڳالهه آهي پر ان جي ڪري انفرادي ذات کي نظر انداز ڪرڻ يا قربانيءَ جو رومانس جنهن ۾ حقيقت کي نظرانداز ڪيو ويندو هو. ان کان علاوه ڪميونسٽ نڪته نظر رکندڙ نوجوان سماج جي رسمن رواجن ۽ قدرن کان ڪٽجندا ويا ۽ هنن ۾ انارڪي ڦهلجي ويئي. ان کان پوءِ سنڌي ترقي پسند ادب تي اهي الزام هئا ته اديب خالص سماج جون اوڻايون ظاهر ڪري انقلاب جو ڏس ڏين ٿا. ادب ۾ انفرادي ذاتي ۽ داخلي جذبن جا ڪابه اهميت ناهي، اديب تي ڪميونسٽ نظريو مڙهيو وڃي ٿو ته هو ادب ۾ داخلي جذبن جي اپٽار بدران سماجي مسئلن کي ظاهر ڪري ۽ حل ٻڌائي. ساڳي ئي وقت ان دور ۾ ترقي پسند تحريڪ جا ڪافي مثبت اثر به پيا، جيئن سنڌي نوجوانن ۾ پڙهائيءَ جو رجحان وڌيو، دنيا جي ادب کان واقف ٿيا، منجهن سياسي شعور وڌيو ۽ سماج مايوسيءَ ڏانهن وڃڻ بدران اميد افزا ٿيو. ساڳئي وقت نوجوان دنيا جي ٻين مختلف جديد تحريڪن کان به واقف ٿيا، مثال وجوديت، جديد وجوديت جنهن کي جان پال سارتر سان منسوب ڪيو وڃي ٿو. سڄي دنيا ۾ هن تحريڪ بي پناهه مقبوليت ماڻي. سنڌ ۾ به هي فلسفو پرڏيهي ادب ذريعي پهتو ۽ تمام گهڻا نوجوان هن فڪر جا پوئلڳ ٿيا. هنن انهيءَ فڪري طرز جون ڪهاڻيون به لکيون. هن ادبي تحريڪ ۾ وجودي فڪر جا تمام گهڻا رنگ شامل هئا، جنهن ۾ مايوسي زندگيءَ کي واهيات سمجهڻ، لاحاصل نتيجو سمجهڻ، دهشت، موت ۽ بوريت جهڙيون وارداتون ادب ۾ نمايان ڪرڻ وغيره، پر ساڳئي وقت هن تحريڪ جا ڪجهه مثبت پاسا به هئا، جنهن ۾ ماڻهوءَ جو پاڻ تي ڀاڙڻ، زندگيءَ جي اهميت جتائڻ، جدوجهد ڪرڻ وغيره جهڙا پهلو به ادب ۾ اڀاريا ويا. مثال مشتاق شورو، هن جي ادبي ڪاوشن جي فرد جي ذات ۾ زياده تر داخلي مايوسي ۽ بي مقصديت نظر اچي ٿي. اسان چئي سگهون ٿا ته مشتاق شوري وجوديت جي منفي پاسي جي نمائندگي ڪئي، نورالهديٰ شاهه داخلي بغاوت ۽ فرد جي گهٽ ٻوسٽ واري صورتحال کي ادب ۾ پيش ڪيو، ڪيهر شوڪت، شرجيل، ڪيلاش، ممتاز مهر، رسول ميمڻ، رزاق مهر، مدد علي سنڌي، هنن اديبن وجوديت جا منفي ۽ مثبت پاسا اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي، خاص طور سان هي اديب ان وقت البرٽ ڪاميو ۽ سارتر کان گهڻا متاثر هئا. ساڳئي وقت ماڻڪ هڪ منفرد ۽ گهڻ پاسائون ليکڪ ٿي اڀريو، جنهن نه صرف وجوديت جا داخلي پاسا اڀاريا بلڪ وجود جو سائنسي طور تجزيو به ڪيو، فطرت ۾ وجود جي بيهڪ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ وجودي فڪر کي سنڌ ۾ سماجي مسئلن ۽ انسان جي فطرتي مسئلن سان گڏي پيش ڪيو. ماڻڪ سنڌيءَ ۾ جديديت جي لاڙيءَ جو عروج هو.
تحقيق دوران اها ڳالهه به سامهون آئي ته وجودي فڪر جي پس منظر ۾ ايندڙ جديديت جو لاڙو سنڌ لاءِ بلڪل نئون نه هو، جنهن جو سبب اهو آهي ته جديد وجوديت جا گهڻا فڪري پهلو به وجودي فلسفي جهڙا آهن، جيڪي عالمي طور هزارين سالن کان موجود رهيا آهن ۽ سنڌ ان جو مرڪز رهي آهي. اهڙي قسم جي تحقيق جو وچور هن مقالي ۾ ”سنڌ جو وجودي فڪر ۽ جديد وجوديت“ نالي سان ڏنو ويو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته جديد وجوديت بلڪل ڪو نئون اڇوتو فلسفو نه هو بلڪ اهو هر دؤر ۾ دنيا جي هر خطي ۾ اڀرندو رهيو آهي، جنهن لاءِ ڪجهه عالمن جو چوڻ آهي ته اهو سماجي بحران ۾ انسان جي زوال دوران پيدا ٿيندو آهي ۽ ويهين صديءَ ۾ ٻن عالمي جنگين جي هولناڪ تباهي اهڙي صورتحال پيدا ڪئي جو وجودي فلسفو اڀري آيو.
آءٌ سمجهان ٿو ته وجودي فلسفي ۾ زندگيءَ جا سمورا رنگ موجود آهن، اهو وقت تي منحصر آهي ته ڪهڙي وقت ۾ ڪهڙو پهلو اڀري ٿو، باقي سنڌي ماڻهن جي نفسياتي ساخت ۾ وجودي فلسفو شامل آهي اهوئي سبب آهي جو اسان کي تقريباً هر سنڌي اديب ۾ اهڙا لاڙا ملن ٿا، پوءِ چاهي هو ڪهڙي به لاڙي جو هجي، مثال غلام رباني آگرو، هن جون ڪجهه ڪهاڻيون جهڙوڪ، ”مان پل هجان“، ”آب حيات“، امر لعل هنڱوراڻيءَ جي ڪهاڻيءَ ”رانجهو سنڌيءَ رمز“، وغيره ۾ وجودي پهلو موجود آهن، جڏهن ته ان وقت سنڌ ۾ اڃان جديديت جو لاڙو هو ئي ڪونه. اسان کي سنڌيءَ ۾ ٻين به ڪيترن اديبن وٽ اهو لاڙو ملندو، مثال شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ اهڙا ڪيترا شعر موجود آهن. مثال:
جيون سارو جک
پيار به مري ويو
وڃي رهي آ رک
چوڌاري ساماڻا سور
پورب پڇم آ پيڙا
ڪوئي ڪنهن جو نه آ دنيا ۾
ڪهڙو تنها جهان آ پيارا!
اهڙيءَ طرح اياز قادري، امرجليل، علي بابا، استاد بخاري، شمشيرالحيدري، نياز همايوني، تنوير عباسي وغيره جهڙن اديبن ۽ شاعرن وٽ اسان کي وجودي فڪر جا مختلف پهلو ضرور ملندا، نه صرف ايترو بلڪ شاهه لطيف، سچل سرمست، بيدل فقير، مرزا قليچ بيگ، مصري شاهه وغيره وٽ به نمايان طور وجودي فڪر جا مختلف پهلو آهن ۽ اهي وجوديت يا وجوديت سان ملندڙ جلندڙ آهن، انهي جو مطلب ته انهن سڀني وجودي فڪرن جو بنياد اسان کي انهن پهلوئن ۾ ڳولڻو پوندو.
مجموعي طور هن ٿيسز ۾ تحقيق دوران ڳالهه سامهون آئي ته سنڌيءَ جو اصلي فڪر وجودي آهي، جيڪو فطرتي آهي ۽ سنڌ ۾ موجود وجودي فڪر ڏاڍو مثبت ۽ زندگيءَ سان ڀرپور آهي ۽ انهيءَ فڪر جو تسلسل اسان کي هر دور ۾ ملي ٿو. سنڌي ادب ۾ شاعريءَ يا نثر ٻنهي ۾ اسان کي هن فڪر جون جهلڪيون ملن ٿيون، جيتوڻيڪ دنيا جي مختلف فڪرن جو اثر سنڌ تي ٿيو، جنهن ۾ اسلامي فڪر، مارڪسي فڪر، جديد وجوديت وغيره شامل آهن ۽ ساڳيءَ طرح سنڌ ۾ ايندڙ حملا آور قومن جي ثقافت، نفسيات جا اثر به سنڌ ۾ ٿيا، جنهن ۾ گهڻيون ئي رسمون ۽ رواج اڄ تائين سنڌ ۾ موجود آهن، مثال ڪاروڪاريءَ جي رسم، انا پرستي، وغيره. پر ڪا به قوم يا فڪر سنڌي فڪر مٿان حاوي ٿي نه سگهيو، ڪجهه وقت جو سحر رهڻ کان پوءِ آهستي آهستي سنڌي ثقافت ۽ فڪر وري اڀري آيو ٿي، يا وري ٻاهرئين فڪر سان ملي ڪري ڪا اهڙي صورت اڀاري ٿي، جنهن ۾ وجودي فڪر نمايان هجي جيئن ”اسلام“. سنڌ ۾ اسلام کي فڪري طور صوفي مت ۾ قبول ڪيو ويو، بلڪ ائين چئجي ته سنڌي ماڻهن اسلامي فڪر سان پنهنجو فڪر داخل ڪري صوفي مت جي شڪل کي اڀاريو.
هن تحقيق مان اها ڳالهه به سامهون آئي ته سنڌ کي وڌ ۾ وڌ نقصان ڌارين جي مسلسل ڪاهن مان ٿيو، سنڌ ۾ ماڻهن جي قتل و غارت، ڦرمار، باهين وغيره هميشه ماڻهن کي نفسياتي، فڪري، سماجي ۽ معاشي طور نقصان پهچايو ۽ بي يقينيءَ واري ڪيفيت يا عدم تحفظ ڪري سنڌي ماڻهن ۾ ويڳاڻپ، ڌارين کان هيسيل رهڻ، انفراديت ۽ دهشت واري ڪيفيت رهي. سنڌي قوم پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جنهن صورتحال کان گذري تحقيق دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته اها ڪا ايتري مثبت نه رهي آهي، سنڌي قوم جو فڪري، سماجي، معاشي طور رياستي پاليسين سان اختلاف هئڻ سبب سنڌي قوم ۾ ڪافي احساس محرومي ۽ عدم تحفظ پيدا ٿيو. جنهن جو سنڌي ادب ۾ اظهار ملي ٿو.
مجموعي طور اها ڳالهه هن مقالي جو جوهر آهي ته سنڌي فڪر جي الڳ انفراديت آهي، جيڪا سنڌي ادب ۾ هر دؤر ۾ مختلف روين ۾ ظاهر ٿي آهي ۽ خصوصاً 1947ع کان اسي واري ڏهاڪي ۾ ان کي اظهار جو ڀرپور موقعو مليو آهي.