سنڌي ادب جو فڪري پس منظر

ڪتاب جو نالو سنڌي ادب جو فڪري پس منظر
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-128-6
قيمت 600    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (1814) PDF  (985) E-Pub
انگ اکر

12 October 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     165068   ڀيرا پڙهيو ويو

قديم سنڌ جو فڪري پس منظر


سنڌ تان سمنڊ هٽي پري ٿيو ته اول ڪهڙين قومن اُهي وارياسا پٽ اچي وسايا سا سڌ نٿي پئجي سگهي. جنهن زماني ۾ سنڌ جي سرزمين ظاهر ٿي هئي. تنهن زماني جا پنڊ (جسم) هن وقت تائين ڦري پهڻ ٿي ويا آهن، ان وقت جي وڻن ٽڻن جو به اهو حال ٿيو آهي، عالمن کي کوجنا ڪرڻ سان ايترو معلوم ٿيو آهي ته موجوده قومن مان قديم ۾ قديم لوڪُ، جن اتر هندستان وسايو سي هاڻوڪن سنٿالن ڀيلن ۽ منڊ لوڪن جا ابا ڏاڏا هئا. (4)

قديم اصلي لوڪ خشڪيءَ جي رستي آسٽريليا کان چين ولايت واري واٽ وٺي آسام ۽ بنگال آيا ۽ پوءِ اتر هندستان ڏانهن وڌيا. ان وقت سمورو هندستاني اپکنڊ سنڌ جي حدن ۾ هو. (5) جيڪو ميداني علائقن، دريائن ۽ جبلن تي مشتمل هو ۽ دنيا جون سڀ کان پراڻيون تهذيبون دريائن جي ماٿرين ۾ پيدا ٿيون ۽ وڌيون ويجهيون. (6)

سنڌ جو سڀ کان آڳاٽو ذڪر رگويد ۾ ملي ٿو جنهن ۾ سنڌوءَ کي پاڻ وهيڻي سون ورني ندي سڏيو ويو آهي ۽ اهو موهن جي دڙي واري دؤر کان اٽڪل هڪ هزار سال پوءِ لکيو ويو. (7)

رگويد جي سلوڪن ۾ ڪڪرن، گوڙ، کنوڻ ۽ مينهن جو ذڪر ثابت ڪري ٿو ته رگويد جي زماني ۾ سنڌو نديءَ واري ميداني علائقي ۾ مينهن جام پوندو هو. (8)

نتيجو اهو نڪتو جو هن خطي ۾ آيل ماڻهن جي لاءِ حالتون سازگار هيون. فطرت جي ظلم ۽ ستم جا شڪار خوف ۽ دهشت جا ماريل ماڻهو لڏ پلاڻ ڪندي جڏهن هن خطي ۾ پهتا ته کين زندگيءَ جي تحفظ جا ۽ پنهنجي گذران جا موقعا نظر آيا، انهيءَ ڪري انهن ماڻهن ۾ زندگيءَ لاءِ مثبت ۽ مهذب سوچ پيدا ٿي. منجهن هڪ جڳهه گڏجي رهڻ ۽ زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جو لاڙو وڌيو. هونئن به سخت مصيبت، جفا ڪشي ۽ خوف واري صورتحال کان پوءِ جڏهن ماڻهو تحفظ واري هنڌ تي پهچندو آهي ته منجهس سڪون ۽ همجنس لاءِ محبت ۽ طبيعت ۾ نهٺائي ۽ آرام پيدا ٿيندو آهي. سنڌ جو ميداني ۽ درياءَ جو ماٿريءَ وارو علائقو هئڻ سبب زراعت لاءِ گهڻو سازگار ثابت ٿيو. تنهن ڪري انهيءَ ڳالهه جا امڪان آهن ته دنيا ۾ سڀ کان پهرين باقاعده کيتي ٻاري سنڌ ۾ ڪئي ويئي.

اتي زندگيءَ ۾ ٻه لاڙا پيدا ٿيا: هڪ طرف ماڻهن کي شانتيءَ وارو ماحول مليو، جياپي جا وسيلا وڌيڪ مليا، ماڻهن ۾ وحشي پڻو گهٽ ٿي ويو، ٻئي طرف قدرتي آفتون بهرحال موجود هيون جن ۾ ڪڏهن زلزلا، ٻوڏون، ڪڏهن سوڪهڙو ته وري ڪڏهن زبردست برساتيون هونديون هيون. انهن کانسواءِ خونخوار جانورن يا بيمارين ذريعي ملندڙ موت جو خوف موجود هو ۽ انهن آفتن کي ماڻهو زنده متحرڪ روح سمجهندو هو تنهن ڪري انهن جي نقصان کان بچڻ لاءِ يا انهن کان فائدو وٺڻ لاءِ هو پوڄا طرف متوجهه ٿيو ۽ هر شيءِ سان هن جو عقيدو منسلڪ ٿي ويو. اهڙي طرح اهو عقيدو زمين، جبلن، دريائن، باهه ۽ هوا تائين وڌي ويو. جڏهن انسان کي عورت مرد جي تعلق، اولاد جي تخليق وغيره بابت تجسس ٿيو ته ان سموري عمل ۾ ڪنهن قوت جي موجودگيءَ جو احساس ٿيو ته پوءِ اڳتي هلي مخصوص لنگم (فيلوس يوني) ۽ عشق جي ديوتا وغيره جي خاص طاقتن جا عقيدا وجود ۾ آيا. (9)

عجيب جو تصور پيدا ٿيو جن ۾ ديون، ديوين، پرين ۽ راڪاسن وغيره جي وجود، روحن ۽ بدروحن جي افاديت ۽ نقصان جا عقيدا وجود ۾ آيا. تاريخ ۾ ڏٺو وڃي ته موت جي خوف، غيبي قوتن هئڻ جي وهم، مسلسل جستجو، خوشي ۽ ڏک جي تسلسل ۽ ورجاءَ، ڪٿي به مڪمل تسلي ۽ خاطريءَ جي نه هئڻ وارن احساسن زندگيءَ ۾ ٻه لاڙا پيدا ڪيا، هڪ مايوسيءَ وارو جنهن ۾ زندگيءَ کي ڏک جي علامت سمجهيو ويو، جنهن مان مذهبن جو مابعدالطبعاتي تصور، مذهبي اخلاقيات، ترڪ دنيا وغيره وجود ۾ آيا ۽ ٻيو اميد پرستي وارو، جنهن مان زندگيءَ جي حقيقت ۽ اهميت کي سمجهڻ ۽ تعميراتي سوچ جو پيدا ٿيڻ، قوت برداشت، صبر، درگذر جهڙيون ڪيفيتون پيدا ٿيون آهن.

قديم سنڌ جي سماج ۾ زرخيز سرزمين، معدنيات ۽ سٺي آبهوا ماڻهن کي زندگي طرف مائل ڪرڻ لڳي هئي ۽ هڪ سماج جڙي چڪو هو، جنهن ڪري موت جي دهشت، وهم، خوف فطرتي مصيبتون ماڻهن کي مايوس نه ڪري سگهيون، بلڪ انهن ماڻهن ۾ انهن ڪيفيتن زندگي ڏانهن وڌيڪ تعميراتي قدم وڌائڻ جو جذبو پيدا ڪيو. هتان جو ماڻهو فطرت سان گڏ پنهنجي جيئڻ جي جاءِ ٺاهي چڪو هو، تنهن ڪري وحشيءَ بجاءِ مهذب بڻجڻ لڳو، سندس سرزمين سرسبز ۽ وسيلن واري هئڻ ڪري هن لڏپلاڻ، ٻين قبيلن تي حملا ڪري شڪار حاصل ڪرڻ، جانورن جي چيرڦاڙ ڪرڻ پاڻ ۾ شڪار لاءِ ويڙهه ڪرڻ وغيره ڇڏي ڏني. نتيجو اهو نڪتو ته هن جي طبيعت ۾ نهٺائي، سادگي، صبر ۽ پيار محبت جهڙا جذبا پيدا ٿيڻ لڳا.

سائنسدانن جي چوڻ مطابق انسان جون ٻه اهم جبلي ضرورتون آهن: 1. معاش ۽ 2. جنس، جڏهن قديم سنڌ جا ماڻهو معاشي طور سگهارا ٿيڻ لڳا ته سندن جنس طرف رجحان به وڌيو.

سائنسدانن جو مشاهدو ۽ تجربو آهي ته انسان پنهنجي برادري جي جانورن جي ڀيٽ ۾ جنس کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو. (10)

قديم سنڌي سماج ۾ تخليق جو سرچشمو هڪ زمين ٻيو عورت هئي، تنهن ڪري ٻنهي جي اهميت يڪسان هئي، هونئن به عورت قدرت کي وڌيڪ عزيز آهي فطرت کي مرد کان وڌيڪ عورت ويجهي آهي، ڄڻ وڌيڪ پياري ۽ عزيز آهي ڇاڪاڻ ته انساني نسل کي برقرار رکڻ جي صلاحيت گهڻي قدر عورت جي جسم ۾ ئي موجود آهي، عورت تخليق جو سرچشمو آهي. انساني نسل جي واڌ ۾ مرد جو ڪم تمام مختصر۽ عارضي آهي. (11)

تنهن ڪري قديم سماجن ۾ عورت جي حيثيت ۽ اهميت وڌيڪ رهي آهي. سنڌ ۾ ڌرتيءَ جيان عورت جي حيثيت پڻ هڪ ديوي واري آهي.

سنڌو تهذيب جي مختلف آبادين ۽ وستين مان ٺڪرن مان ٺهيل عورت جا جيڪي ننڍا مجسما لڌا ويا آهن سي شايد انهيءَ ديويءَ جي نمائندگي ڪن ٿا. (12)

ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته قديم سنڌ ۾ زمين ۽ عورت جي حيثيت مٿانهين هئي، بلڪ ٻنهي کي تخليق جو سرچشمو سمجهڻ/مڃڻ جا ثبوت مليا آهن.

هڪ اهڙي عورت جي تصوير به ملي آهي، جنهن جي خاص عضوي مان ڄڻ وڻ اڀري رهيو آهي جو پٻڻ جو گل آهي. (13)

اهڙي طرح قديم سنڌ ۾ ماءُ آدرشي يا مائيتو سماج به ملي ٿو، جنهن ۾ عورت لاءِ نه ذاتي ملڪيت جو تصور هو نه وري اخلاقي طرح عورت ونڊيل ورڇيل هئي، بلڪ اهو جنسي طرح هڪ آزاد سماج هو.

امن ۽ آشتي، پيار ۽ محبت جي سرزمين سنڌ جو سماج ماءُ آدرشي سماج هو، جنهن ۾ عورت جي حيثيت مٿانهين هئي ڇاڪاڻ ته هوءَ تخليق جي ديوي هئي، هوءَ نسل به تخليق ڪندي هئي ۽ ان اپائيندڙ به هئي، ڌرتيءَ وانگر سموري تخليق جي ماءُ ثابت ٿيل هئي، انهيءَ ڪري کيس پوڄا لائق سمجهيو ويو ۽ ديويءَ جو درجو ڏنو ويو. (14)

سماج جي انهي جوڙجڪ اڳتي هلي دنيا جي عظيم تهذيب کي جنم ڏنو، جنهن جا آثار موهن جي دڙي، ڪاهوءَ جي دڙي، چانهوءَ جي دڙي، ڪوٽ ڏيجي، آمريءَ جي کوٽائي مان مليا آهن. هن سماج ۾ تهذيب جي جوڙجڪ کي مدنظر رکندي اسان ڏسنداسين ته جديد فڪر، نفسيات ۽ سائنس جي اصولن مطابق هي سماج فطري طرح ارتقا پذير هو ۽ جدلياتي ماديت جي اصولن سان ٺهڪندڙ هو. ڪارل مارڪس جدلياتي ماديت جا اصول هن ريت ڄاڻايا آهن.

تضادن جي ايڪي ۽ جهيڙي جو قانون

  1. Law of the unity and struggle of opposites

عددي تبديلي کان معيار جي تبديليءَ وارو قانون

  1. Law of the transforming of quantity into qualative change.

انڪاري قوتن کان انڪار جو قانون

  1. Law of the Negation of Negation.

هنن قانونن مطابق سنڌي سماج جو پهريون تضاد ۽ ميلاپ ماڻهن ۽ فطرت جي وچ ۾ هو. جنهن مطابق سنڌوءَ جي ڪناري رهي ماڻهن پيداواري ذريعو زراعت کي بنايو ۽ سماج جي ضرورتن مطابق آهستي آهستي تبديلي ٿيندي رهي. فطرت سان تضاد ته موسمي تبديليون، بيماريون، فصل جو سٺو نه ٿيڻ جو هو ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ماڻهن وٽ مختلف قسمن جا عقيدا پيدا ٿيا ۽ سماجي فطرت جڙي.

سماجي فطرت جي معنيٰ آهي جاندارن جو هڪ ٻئي سان گڏجي هلڻ چلڻ، گڏجي رهڻ ڪرڻ ۽ زندگي جي ڪشمڪش ۾ هڪٻئي جي مدد ڪرڻ جو لاڙو. اهي جڏهن پنهنجي همجنس جانورن کان الڳ ٿيندا آهن ته ڪجهه بي آرام ٿي پوندا آهن. (16)

تنهن کان پوءِ ماڻهن جي جنسي زندگيءَ جي باري ۾ اسان غور ڪنداسين ته اهو سماج آزاد جنس جو قائل هو ڇاڪاڻ جو زراعت جي ايجاد عورت ڪئي ان ڪري معاشي ۽ سماجي برتري عورت کي حاصل هئي.

“Because agriculture is the discovery of woman, it created conditions for the economic and therefore also of social supremacy of female.” (17)

ماءُ آدرشي سماج ۾ شاديءَ جو يا هڪ عورت رکڻ جو تصور ڪونه هو نه وري پيدا ٿيندڙ اولاد جي پيءُ جي خبر هئي ان وقت انسان سماجي طبقن ۾ ورهايل ڪونه هو نه وري ذاتي ملڪيت جو تصور هو. تنهن ڪري فطرت ۾ هر شيءِ تي سڀني انسانن جو هڪ جيترو حق هو.

جدلياتي ماديت جي قانونن کي اسان ڏسنداسين ته اهي فطرت جي هر شيءِ تي عمل پذير آهن، تنهن ڪري ماڻهوءَ جي نفسيات ۽ سندس عمل ۾ به اها ئي ارتقا ۽ تبديلي ٿيندي رهي. جنس (sex) متعلق اها تبديلي ڪيئن ٿئي ٿي؟ انهيءَ بابت اسان فرائيڊ جي نظريي کي ڏسنداسين.

فرائيڊ جي نظريي ۾ انساني جنس متعلق ٻه شيون اهم آهن:

  1. جنس جسماني سطح تي
  2. جنس جو لبيڊو فارم

جسماني سطح تي جنس جو تعلق صرف عام جبلي ضرورت جي حد تائين آهي، پر ذهني سطح تي جنس صرف انسان کي ٻين جانورن کان عليحده ڪري ٿي. انهيءَ خاصيت کي فرائيڊ لبيڊو فارم ۾ هن ريت ظاهر ڪيو آهي.

“The force by which the sexual instinct is represented in the mind, we call libido, sexual hunger regarding it as analogous to the force of hunger, or the will of power and other such trends among the ego tendencies.”(18)

ترجمو: اها قوت جيڪا جنسي جبلتن کي شعور ۾ ظاهر ڪري ٿي تنهن کي لبيڊو (Libido) چيو وڃي ٿو ۽ اها ائين آهي جيئن عام بک ۽ ٻيون ترغيبون جيڪي انا جون هونديون آهن.

لبيڊو لاءِ ويبسٽر نيو ورلڊ امريڪن ڊڪشنري ۾ هن ريت ظاهر ڪيل آهي.

“Libido Psycho- analysis: Psychic energy generally specific to a basic form of psychic energy, comprising the positive loving instincts and of personality developments.” (19)

ترجمو: لبيڊو نفسياتي تجزيو: معنيٰ ته نفسياتي قوت جو هڪ اهڙو بنيادي قسم جيڪو پيار جي جبلت ۽ شخصيت جي جڙڻ ۾ اهم هوندو آهي.

ذهني سطح تي جنس خوبصورتيءَ کان اتساهه وٺي ٿي. خوبصورتي ڪائنات ۾ ڪثرتي شڪل ۾ آهي ۽ ڪٿي به مڪمل (perfect) خوبصورتي هڪ جڳهه تي ناهي. انسان کي هڪ کان ٻي شيءِ پسند ايندي رهندي آهي. تنهن ڪري انسان جي حسن متعلق مڪمل تسڪين هميشه لاءِ ڪنهن هڪ جڳهه تان نٿي ٿي سگهي، ان ڪري هن آهستي آهستي ڪائنات جي ڪثرتي حسن کي پنهnجائڻ چاهيو آهي؛ سارتر جو ان متعلق خيال هو ته: ”انسان هر وقت چونڊ جي مرحلي مان گذرندو آهي، سندس وجود هڪ خال آهي، نيستي آهي، هو پنهنجي وجود جي خال کي ڪا معنيٰ ڏيڻ لاءِ ڪانه ڪا چونڊ ڪندو رهندو آهي، پر چونڊ سندس وجود جي متحمل نه هوندي آهي تنهن ڪري انسان خود فريبيءَ جو شڪار رهندو آهي ۽ مسلسل چونڊ جي مرحلي مان گذرندو آهي.“ (20)

سارتر جي چونڊ جي انهي عمل تي اسان جيڪڏهن جنس کي پروڙينداسين ته اسان کي محسوس ٿيندو ته انسان مڪمل ناهي، سندس وجود نفسياتي ۽ ذهني طور اڪيلو آهي تنهن ڪري ڏک ۽ ڪرب سان دوچار ٿئي ٿو. ٻيو ته سندس ذات ۾ ڪا ازلي کوٽ آهي جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هو سدائين چونڊ ڪندو رهي ٿو. مطلب ته اسان فرائيڊ ۽ سارتر جي نظرين ۾ هڪ جهڙائي ڳولهي سگهون ٿا، اها آهي مسلسل تبديلي! ڪارل مارڪس جي جدلياتي ماديت به انهيءَ عمل کي فطرتي قرار ڏئي ٿي. پر جيڪڏهن فطرت جي انهيءَ عمل کي روڪي ڇڏجي، ذهني سطح تي جنسي عمل کي روڪي ڇڏجي ته جنس جو جسماني جبلي پهلو ته پورو ٿيندو پر ذهني سطح تي لبيڊو وارو عمل نه ٿيندو. فرائيڊ جو چوڻ آهي ته پوءِ بي شمار نفسياتي بيماريون جنم وٺن ٿيون ۽ ساڳئي وقت جنسي گهٽ تخليق جي عمل ۾ به ڪتب اچي ٿي ۽ ڪيٿارسزم يا نيڪال جو عمل به لاڳاپيل ٿئي ٿو.

“Freud had deduced from this case that hysterical patients were suffering from forgotten memories usually of a sexual nature.”(21)

ترجمو: فرائيڊ ان مان اهو نتيجو ڪڍيو هو ته هسٽيريا جا مريض وساريل يادگيرين خصوصاً جنسي يادگيرين جي حوالي سان بيمار هوندا آهن.

نيڪال يا ڪيٿارسزم جو عمل تخليق ۽ تعمير جو سبب ته بڻجي ٿو، پر مڪمل طور جبلت جو مهذب ڪيٿارسزم نٿو ڪري سگهجي تنهن ڪري انسان ۾ منفي لاڙا پيدا ٿين ٿا، جنهن جي ڪري نفسياتي خلفشار پيدا ٿين ٿا.

هاڻي اسان قديم سنڌ جي سماج کي ڏسنداسين ته معلوم ٿيندو ته اتان جا ماڻهو عملي زندگيءَ تي وڌيڪ يقين رکندا هئا. اهو سماج مڪمل آسودو، امن ۽ سلامتيءَ وارو هو، ساڳئي وقت مادري نظام هئڻ ڪري جنس تي ڪا سماجي پابندي نه هئي، جنهن ڪري جنس جو عمل تبديليءَ ۾ هو ۽ ساڳئي وقت معاشي طور سگهارو سماج هو، سندن سماجي زندگي پيار امن ۽ جبلي ضرورتن جي تابع هئي، نه وٽن جنگ جو تصور هو نه طبقاتي تضاد هئا نه وري ٻين حملا آورن جو ڊپ ڊاءُ هو، وٽن ڪو به هٿيار يا جنگي هنر نه هو.

هڪ حيرت انگيز ڳالهه پڻ اسان جي ڌيان تي آندي ويئي ته اتان جا ماڻهو فقط طبي علم کي سنجيده مطالعي لائق سمجهندا هئا. ڇاڪاڻ ته هي ماڻهو جنگي هنرن ۽ ٻين اهڙين ڳالهين جي گهڻي مطالعي کي ائين سمجهن ٿا ڄڻ ڪو گناهه جو ڪم ڪري رهيا هجن، ائين به ٻڌايو ويو آهي ته هو سون ۽چانديءَ کان نفرت ڪندا هئا. (22)

وٽن عقيدا جيڪي هئا تن ۾ ڪثرتي پوڄا جا قائل هئا، مطلب ته وڻن، جانورن، تارن، هوا، پاڻي، تناسلي عضون، عورت جي پوڄا ڪندا هئا. پر باقاعده وٽن ڪو مذهبي عقيدو يا ان متعلق ڪو اصول نه هو. شادي يا زال مڙس وارو رواج نه هو، وٽن جنس جو عمل خوشي، اجتماعي طرح جڙڻ، ناچ، ڏڻ ملهائڻ، زمين ۾ وڌيڪ سٺي فصل ٿيڻ لاءِ ڪيو ويندو هو.

ڊي. ڊي. ڪوسمبي جو خيال آهي ته ”موهن جي دڙي جي کوهن ۽ تلائن وٽ هڪ خاص قسم جون اپسرائون رهنديون هيون جيڪي بي پناهه حسين ٻڌايون وينديون آهن، اهي سهڻيون عورتون گاني ۽ ناچ ۾ مهارت رکنديون هيون.“ (23)

ان مان ثابت ٿيو ته قديم سنڌي سماج جو جنس متعلق تصور فرائيڊ جي لبڊو فارم وارو يعني تبديلي (change) ۽ فطري سطح تي جدلياتي انداز ۾ هو، هو مسلسل چونڊ ۽ تبديليءَ جي رد عمل مان گذري ذهني سطح تي جنس جي تسڪين ڪندا هئا.

سماجي تاريخ ۾ وقت گذرڻ سان تبديلي آئي ۽ طبقاتي سماج وجود ۾ آيو، ذاتي ملڪيت، عورت جي غلامي، شادي ۽ پاڪ دامنيءَ جو تصور پيدا ٿيو، اخلاقيات جو بنياد جنس جي مٿان پابنديءَ تي وڃي بيٺو.

پر اڄ به سنڌي سماج جو غور سان مشاهدو ڪيو وڃي ته منجهس عورت جو مٿانهون تصور ۽ جنس جي اهميت جو تصور موجود آهي، مثال، نياڻي ست قرآن، نياڻين جو ميڙ هڪ طرف، عشقيه داستان، عورت ۽ مرد جو روماني جنس ڏانهن لاڙو، شاديءَ ۾ سوڻ يا ساٺ جن ۾ جنسي مذاق يا کل ڀوڳ شامل هوندا آهن، شاديءَ جا ڪافي گيت يا پهاڪا وغيره جن ۾ وڏو انگ جنسي نوعيت جي ٻولن جو آهي. وري منفي طور جنس کي اهميت ڏيڻ ۾ ڪارو ڪاري جي رسم، جنسي الجهاءُ، يا غيرت جو قدر عورت سان لاڳاپڻ جهڙا تصور موجود آهن، جيتوڻيڪ انهن رسمن ۾ جاگيرداري قدر به موجود آهن پر بهرحال سنڌي قوم ۾ ٻين قومن کان منفرد هئڻ جي خصوصيت جنس ڏانهن مختلف رويي جي نمائندگي ڪري ٿي.

ساڳئي وقت ترقيءَ جو سبب تضادن وارن اصولن سان وابستا آهي، قديم سنڌ ۾ تضاد سماجي، معاشي ۽ ذهني طور نه هئا، بلڪ صرف فطرت سان هئا. پنج هزار سال اڳ جنهن ترقيءَ ۽ جنهن عروج تي سماج پهتل هو اهو معروضي طور ڪٿي ڪٿي جمود جو شڪار به نظر اچي ٿو. ڇو ته جلديءَ ۾ تڪڙيون تبديليون سماجي ۽ معاشي تضادن جي ڪري ٿينديون آهن، پر هي امن پسند معاشرو هو، نه وري سائنس ايتري اڳتي وڌيل هئي، جو فطرت سان تضاد ۾ معروضي ترقي ڪري سگهن، بس فطرت جي تضادن سندن دلين ۾ خوف ۽ پوڄا جو تصور پيدا ڪيو هو.

”تنهن ڪري واديءَ سنڌ جي تهذيب جو سڀ کان حيرت انگيز پهلو ان جي يڪسانيت ۽ جمود آهي.“ (24)