سنڌي ادب جو فڪري پس منظر

ڪتاب جو نالو سنڌي ادب جو فڪري پس منظر
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-128-6
قيمت 600    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (1814) PDF  (985) E-Pub
انگ اکر

12 October 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     165089   ڀيرا پڙهيو ويو

پهرئين ڇاپي جو مهاڳ


ڊاڪٽر غفور ميمڻ منهنجو هڪ لائق فائق شاگرد آهي جنهن کي مون نه صرف ايم. اي سنڌيءَ دوران پڙهايو بلڪه سندس پي. ايڇ. ڊيءَ جي به گائيڊ رهيس ۽ هاڻ هو شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر جي حيثيت ۾ ٿيندڙ تحقيقي ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي آهي.

گذريل ڏهن سالن جي عرصي ۾ هن سان علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ فڪري موضوعن تي بحث ڪندي مون هن کي هڪ ”ننڍڙو مفڪر“ محسوس ڪيو جيڪو آهستي آهستي پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي مدد سان فڪري طور بالغ ٿيندو اڄ سنڌ جي انهن چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن گهڻو پڙهيل نوجوان مفڪرن ۽ دانشورن ۾ ڳڻپ ڪرائي ويو آهي جيڪي مستقبل ۾ علم دانش جي حوالي سان سنڌ جون واڳون سنڀاليندا.

غفور ميمڻ جو هي ڪتاب دراصل سندس پي. ايڇ. ڊيءَ جو مقالو آهي جنهن ۾ مجموعي طرح سان سنڌي ادب جي فڪري پس منظر بابت تحقيق ۽ کوجنا ڪيل آهي ۽ ائين ڪندي هن سنڌ ۽ ان جي فڪر کان متاثر ٿيل ۽ انهن تي اثر وجهندڙ فڪرن فلسفن بابت پڻ ڳوڙهو مطالعو ڪيو آهي. جيتوڻيڪ اڪيڊمڪ تقاضائن مطابق سندس تحقيق جو دائرو ورهاڱي کان وٺي اسي جي ڏهاڪي تائين محدود ڪيو ويو هو، تنهن هوندي به هن انهيءَ ڳالهه کي هر وقت سامهون رکيو ته ڪوبه دور پنهنجي پس منظر ۽ پيش منظر کان ڌار ڪري تحقيق جي دائري هيٺ آڻي نٿو سگهجي ان ڪري هن ضروري سمجهيو ته سنڌ جي فڪر جا پيرا موهن جي دڙي کان کڻجن، اهو هڪ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو ڇاڪاڻ جو سنڌ جي حوالي سان موهن جي دڙي واري دؤر کان ويدن واري دؤر تائين ڪنهن به قسم جي تاريخي طور رڪارڊ ٿيل مواد جي اڻهوند سبب هن کي مجموعي طور سان سموري کنڊ جي فڪري ڌارا سان سلهاڙي کوجنا ڪرڻي پئي ۽ انهيءَ ڏس ۾ فلسفي جي مغربي توڙي مشرقي عالمن جا ڪيترائي ڪتاب ۽ نظريا ڀيٽڻا پيا ۽ آخر ۾ انهيءَ ذريعي سنڌي فڪر جي انفراديت کي اجاگر ڪري ان جي تسلسل کي ويهين صديءَ تائين کڻي آيو آهي. اهو هڪ محقق پاران پيش ڪيل نظريو آهي جنهن کي کانئس پوءِ اچڻ وارو ڪو ٻيو محقق قبول يا رد ڪري سگهي ٿو، ان ڪري هن جي نظريي کي حتمي يا آخري نٿو چئي سگهجي. هونءَ به تحقيق ۾ اهڙي گنجائش هئڻ گهرجي. البت ”سنڌ جي فڪر“ بابت هڪ نئون ۽ نڪورو خيال يقيناً پيش ڪيو ويو آهي. انهيءَ جي روشنيءَ ۾ شاهه لطيف سميت سنڌ جي ٻين اهم ڪلاسيڪي شاعرن جي پرک ڪئي وئي آهي ۽ اڳتي هلي ورهاڱي کان پوءِ وارين اهم نثر ۽ نظم جي صنفن ۾ پڻ انهيءَ فڪري پس منظر جا اولڙا ڏيکاريا ويا آهن... ايئن هڪ نهايت اهم موضوع کي توڙ تي پڄايو ويو آهي.

هن ٿيسز جي خاص ڳالهه اها آهي ته اها پهرين ٿيسز آهي جيڪا سنڌ کان ٻاهر جي ٻن ماهرن ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ۽ ڊاڪٽر موتي پرڪاش وٽ پرکجڻ لاءِ وئي جن جو تحقيق جي ميدان ۾ پنهنجو مقام آهي. هنن ٻنهي صاحبن هن مقالي کي تمام گهڻو ساراهيو ۽ بهترين رپورٽون اماڻيون.

شاهه لطيف چيئر پاران ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي ڪيل هن منفرد ۽ اعليٰ درجي جي تحقيق کي منظر عام تي آڻڻ سان عمومي طور سنڌ جي ۽ خصوصي طور سنڌي علم ادب جي فڪر جو پس منظر اڳيان آڻي سگهنداسين جنهن جي روشنيءَ ۾ شاهه لطيف تي تحقيق جو هڪ نئون باب کلندو.

اميد ته اسان جي هيءَ ڪوشش ساب پوندي.

 

فيبروري، 2002ع

ڪراچي، سنڌ

 

ڊاڪٽر فهميده حسين

ڊائريڪٽر

شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر

ڪراچي يونيورسٽي