سنڌي ادب جو فڪري پس منظر

ڪتاب جو نالو سنڌي ادب جو فڪري پس منظر
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-128-6
قيمت 600    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (1815) PDF  (985) E-Pub
انگ اکر

12 October 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     165151   ڀيرا پڙهيو ويو

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي سماجي صورتحال ۽ تبديل ٿيندڙ فڪر


پاڪستان ٺهڻ سان سنڌي مسلمان اها اميد رکيو ويٺا هئا ته هندن جي اثر کان آجيون ٿيڻ واريون ملڪيتون، نوڪريون تعليم ۽ ڪاروبار جا ڇڏيل سڀ ميدان ۽ موقعا انهن لاءِ مخصوص ٿي ويندا، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ انهن ڏٺو ته هندن جي ملڪيت ۽ ڪاروبار تي هندستان کان آيل ماڻهن جو قبضو ٿي ويو. مسلمانن جي هندن وٽ گروي رکيل يا مقاطعي تي ڏنل تمام گهڻي زمين جيڪا سنڌي هاري پوک ڪندا هئا، اها به غير سنڌين کي الاٽ ڪئي ويئي، انهن زمينن کان هارين کي بي دخل ڪيو ويو.

ساڳئي وقت سنڌ ۾ اچڻ وارن وڏن ڪارخاني دارن جون اميدون ته پوريون ٿيون، پر هتي اچڻ وارن گهڻن مسلمانن جي مالي حالت ابتر هئي. انهن مان ڪجهه ماڻهن ڪوڙن سچن ڪليمن ذريعي هندن جي ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ جلد اهي علائقا جتي پهرين امير ۽ وچئين طبقي جا سنڌي آباد هئا، هيٺئين طبقي جي ماڻهن سان ڀرجي ويا ۽ آباديءَ جي گهڻائي، غربت ۽ رٿابنديءَ جي اڻهوند سبب جلد ئي گندگيءَ جو ڍير بڻجي ويا. اهڙيءَ طرح شڪارپور جو مرڪز، ڪراچيءَ ۾ رنڇوڙ لائين، حيدرآباد ۾ هيرآباد جا علائقا سهڻين آبادين مان ڦري گنجان علائقن ۾ تبديل ٿي ويا. جهوپڙين جي غيرمنظم ڀرمار ۽ ڪچيون آباديون آهستي آهستي مهاجرن جون خودرو ڪالونيون ٺهي ويون، ۽ ٻئي طرف وري اميرن جون به پنهنجون ڪالونيون تيار ٿي ويون. جن ۾ ڪراچي ۾ ڊفينس سوسائٽي جو علائقو، حيدرآباد ۾ لطيف آباد جو علائقو آباد ٿيو. ائين اهي فيشن وارا علائقا وجود ۾ آيا.

اهڙيءَ طرح تمام گهڻو تعداد غيرسنڌين جو سنڌ ۾ آباد ٿيو ۽ نون اچڻ وارن گروهن پاڻ کي مقامي تهذيب ۽ تمدن کان الڳ رکيو، بلڪ پنهنجي زبان انهن مقامي ماڻهن تي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. تنهن کان علاوه نوان اچڻ وارا گهڻا ماڻهو ٺهيل ٺڪيل گهرن، ڪاروبار ۽ معاشي ذريعن ملڻ سبب جلد ئي خوشحال ٿي ويا. پر سنڌ ۾ پراڻا رهندڙ مسلمان ڳوٺن۾ غربت ۽ پسماندگيءَ جوشڪار رهيا. ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو ۽ ائين ئي سنڌ جي اصلوڪن باشندن کان وڏا شهر کسجڻ جي ابتدا ٿي.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪراچي پوري ملڪ ۾ جديديت جي عمل ۾ رهنمائيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو. سنڌ کان ڌار ڪيل ڪراچيءَ ۾ وڏا وڏا ڪارخانا لڳا، جديد ٽيڪنالوجيءَ جو رواج پيو، پر ان جو فائدو اصلوڪن باشندن کي ڪونه مليو. اندرون سنڌ ۾ به ڪجهه نوان روڊ ٺهيا، ڪي نوان بئراج ٺهيا، زراعت کي ڪجهه قدر ترقي وٺرائي ويئي، ريڊيو ٽي وي ذريعي ماڻهن جي ذهن ۾ ترقيءَ جو نئون روح ڦوڪيو ويو، جنهن جو ڪجهه اثر سنڌين تي به پيو ۽ هارين ۾ خوشحاليءَ جو تصور پيدا ٿيو، پر سنڌ جي مخصوص حالتن سبب ترقيءَ جي اثر جو زياده حصو انهن ماڻهن جي هٿ ۾ آيو، جيڪي وڏن شهرن ۾ رهندڙ هئا ۽ سنڌي ڳالهائڻ وارا نه هئا. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ قدرتي طور ننڍي کنڊ جو جيڪو وڏو تضاد هو، انهيءَ نئين صورت ورتي ۽ سنڌ ۾ لساني گروهن جي مسئلن جي شڪل ظاهر ٿي. سنڌ ۾ محروميءَ جو احساس پيدا ٿيو ۽ پنهنجي سرزمين تي پنهنجي حقن جي حصول لاءِ سنڌي قوميت جو احساس تقويت حاصل ڪرڻ لڳو. سنڌي زبان جي اخبارن سنڌي مفادن ۽ سنڌي قوميت جي ڀرپور وڪالت شروع ڪري ڏني. (حوالي طور: روزانه ڪاروان حيدرآباد جو 18 ڊسمبر 1953ع جو ايڊيٽوريل ڏسو)

ساڳئي وقت سنڌ ۾ طبقاتي تضاد به نمايان ٿيا. صنعتي ادارن ۾ مزدورن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو. لڏپلاڻ سان ٽريڊ يونين تنظيمون ختم ٿي ويون هيون. اهي ويسٽ پاڪستان ليبر فيڊريشن قائم ٿيڻ کان پوءِ وري متحد ٿيڻ لڳيون. سنڌ ۾ 22 يونينون ٺهيون، سکر، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪارخانن ۾ڪم ڪندڙ مزدورن کي متحد ڪرڻ لاءِ ڪميونسٽ مرزا محمد ابراهيم اڳواڻي ڪري انهن جون يونينون ٺهرائڻ لڳو. (13)

ٽريڊ يونين جو وڏو حصو ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيو، جن ۾ ٽرانسپورٽ، مشين سازي، ڪيميائي، غذائي ۽ ڪاغذ جي صنعت ۾ يونينون قائم ٿيون. هنن يونين کي ڪميونسٽ پارٽي هلائيندي هئي، پر جلد ئي حڪومت ڪميونسٽ پارٽيءَ تي پابندي لڳائي ڇڏي ۽ ترقي پسند اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو، پر پوءِ به سنڌ ۾ مزدور طبقي پنهنجي حالتن ۾ بهتريءَ جي جدوجهد جاري رکي. 1951ع ۾ مزدورن هڙتالون ڪيون، جن۾ ٽرام جا ملازم، ٽرانسپورٽ ۽ٽيڪسٽائل جا مزدور شامل هئا. مزدورن جي اها جدوجهد ڪارخانن تائين محدود نه رهي، پر سماج جي مختلف حصن ۾ گهٽ پگهار کڻڻ وارن ملازمن پڻ پنهنجي زندگيءَ جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ پنهنجي پگهارن ۾ اضافوڪرڻ لاءِ هڙتالون ڪيون. جيئن 1954ع ۾ سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جي چيئرمين ايم جمالي جي اپيل تي استادن جي هڙتال ٿي. حيدرآباد جي ميڊيڪل ڪاليج جي ملازمن به هڙتال ڪئي. 1956ع ۾ نجي بينڪن، اشاعت گهرن ۽ اخبارن جي ملازمن هڙتالون ڪيون. مئي 1953ع ۾ ٻيڙي ورڪرز يونين جي اپيل تي ڪراچيءَ ۾ مظاهرا ٿيا. ساڳئي وقت ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ روهڙي ۾ پورهيتن مظاهرا ڪيا. 1954ع ۾ حڪومت ڪميونسٽ سرگرمين جي خلاف جدوجهد جي بهاني گهڻي تعداد ۾ پورهيت گرفتار ڪيا. نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جي پورهيتن کان علاوه زندگيءَ جي گهڻن شعبن ۾ سياسي شعور ۽ طبقاتي سوچ پيدا ٿيڻ لڳي.

ٻئي طرف پاڪستان جي تاريخ ۾ خصوصًا سنڌ جي تاريخ ۾ هارين جي جدوجهد به وڏي اهميت رکي ٿي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هاري ڪميٽي ٺهي چڪي هئي، جنهن جي ڪانگريس به پرجوش حمايت ڪري رهي هئي.

مسلم ليگي رهنمائن کي ڊپ هو ته ڪٿي هاري ڪاميٽي پاڪستان خلاف ووٽ نه ڏئي، انهيءَ ڪري قائداعظم ۽ مسلم ليگ جي هدايت تي سنڌ هاري انڪوائري ڪاميٽي قائم ڪئي ويئي ته جيئن هارين جي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت کي سفارش ڪجي. اهڙيءَ طرح ڪليڪٽر مسعود کدرپوش هاري رپورٽ تيار ڪئي. انهيءَ رپورٽ پهريون دفعو دنيا جي توجه ڇڪائي ته سنڌ ۾ هارين جي زندگي ڪيتري قدر معاشي ۽سماجي طور پٺتي پيل آهي. 1950ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي هارين جي عوامي تنظيم بڻجي ويئي. اڪثر ٻين ترقي پسند پارٽين ۽ تنظيمن جا ماڻهو هن تنظيم جي حمايت ڪندا هئا. هارين جي جدوجهد ۽ دٻاءَ جي پيش نظر سنڌ ۾ قانون ٺاهيندڙ اسيمبليءَ ۾ اپريل 1950ع ۾ بٽائي جو قانون پاس ٿيو، زرعي سڌارا به ٿيا، هارين جون بيدخليون ڪافي حد تائين بند ٿيون. سنڌ ۾ انهيءَ سياسي، سماجي ۽ معاشي پسمنظر ۾سنڌي ماڻهن ۾ فطري طرح ڪافي تبديلي اچڻ لڳي. ماڻهو علم ۽ادب ڏانهن راغب ٿيڻ لڳا. جديد دور جي ضرورتن کي سمجهڻ لڳا، سماجي طور زندگيءَ جي قدرن ۽ اخلاقن ۾ تبديلي اچڻ لڳي ۽ پراڻن جاگيرداريءَ وارن قدرن ۾ ڳهندڙ ماڻهو علم ۽ سمجهه حاصل ڪرڻ کان پوءِ آزاديءَ جو طرفدار ٿيڻ لڳو، سماجي سڌارا ڪرڻ لڳو. رشتن ناتن ۾ پراڻا قدر ٽٽڻ لڳا. شهرن ۾ سرمائيداري ثقافت اڀرڻ لڳي. مردن جو عورتن جي باري ۾ رويو بدلجڻ لڳو. عورتن کي پڙهائڻ جو خيال پيدا ٿيو. زندگيءَ جي سک ۽ سهولت بابت قسمت ۽ تقدير جا فڪر ٽٽڻ لڳا. ماڻهو پنهنجي عمل ۽ محنت تي يقين ڪرڻ لڳو. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ جاگيرداري ۽ جديد قدرن ۾ تضاد پيدا ٿيا. ماڻهن ۾ طبقاتي شعور پيدا ٿيڻ لڳو.

انهيءَ سڄي پسمنظر جو سنڌي ادب ۾ نمايان اثر پيو، بلڪ جديد دور جي قدرن ۽ فڪر جي سنڌي ادب اڳواڻي ڪئي. جيڪو اسان اڳيان تحقيق هيٺ آڻينداسين.