سنڌي ادب جو فڪري پس منظر

ڪتاب جو نالو سنڌي ادب جو فڪري پس منظر
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-128-6
قيمت 600    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (1816) PDF  (985) E-Pub
انگ اکر

12 October 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     165157   ڀيرا پڙهيو ويو

ترقي پسند ادب


ترقي پسندي ڇا آهي؟

ترقي پسندي هڪ جامع ۽ متحرڪ اصطلاح آهي، ترقي پسندي هڪ رويو، لاڙو ۽ تحريڪ آهي، جيڪا هر دؤر ۾ موجود رهي آهي. ترقي پسندي ڪو موجوده دور جو محدود رويو ناهي، نه وري ان جو دائرو محدود آهي. ترقي پسنديءَ جو نظريو انساني تاريخ جي اڻ کٽ بابن جي هر دؤر ۾ موجود رهيو آهي، انسان فطرت جي غلاميءَ ۽ بي وسيءَ کان جيئن آزاد ٿيڻ شروع ٿيو آهي ۽ فطرت جي انڌن قانونن سان مهاڏو اٽڪائيندي سک ۽ سهولت واري زندگيءَ ۾ قدم رکيو اٿس تيئن هو ترقي پسنديءَ جي رستي تي هليو آهي. جڏهن يونان ۾ سقراط عام روايتن کان بغاوت ڪئي ۽ هڪ نئون فڪر ڏنو ته ان وقت سقراط جو سچ لاءِ Stand وٺڻ ترقي پسندي هئي، وچ واري دؤر ۾ سڄي دنيا ۾ جاگيرداري نظام ۽ ان جو فڪر ٿيوڪريسي (مذهبيت) حاوي رهيو، يورپ تي مذهبي جهالت، رجعت پسندي، جبر ڇانيل رهيو، ان کان پوءِ روشن خيالن واري دؤر جي شروعات ٿي. مارٽن لوٿر ۽ ڪال ون جي رومن ڪليسا جي خلاف بغاوت جنهن ۾ اڌ دنيا پروٽيسٽنٽ ٿي وئي. ڇاپي خاني جي ايجاد، رومن ڪليسا جي تعليمي اجاره داري کي ختم ڪري ڇڏيو. ان وقت اهي ترقي پسند عمل هئا. بطليوميوسي جي نظرئي جي جڳهه تي ڪو پرنيڪس، ڪپلرِ ۽ گليلو جو نظام شمسي جو نظريو ترقي پسند هو.

ڪٽر جاگيرداريءَ جي جڳهه تي برطانوي انقلاب ۽ 1789ع وارو فرانس جو انقلاب ترقي پسند عمل هئا. ان وقت جا مفڪر، ڊيڪارٽ، جان لاڪ، روسو، هابلي ۽ اهي فلسفي جن سرمائيداري جي حمايت ڪئي، پراڻي نظام خلاف نوان نظريا ڏنا اهي پنهنجي دور جا انقلابي ۽ ترقي پسند هئا. اهڙي طرح جڏهن سرمائيداري نظام پنهنجو مدو پورو ڪري هڪ دؤر ۾ داخل ٿيو ۽ فطري طرح نئون نظام وجود ۾ اچڻو هو ته ان وقت ڪارل مارڪس سائنسي ڪميونزم جو نظريو ڏنو ۽ پنهنجو فلسفو جدلياتي ماديت ڏنو، جيڪو سماج جي معاشي ۽ فطرت جي قانونن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. اهو نظريو ۽ ان جي حمايت ترقي پسندي هئي.

سويت يونين ۾ لينن (1924-1870ع) جي قيادت ۾ 1917ع ۾ هڪ انقلاب آيو، جيڪو آڪٽوبر انقلاب جي نالي سان مشهور آهي، ان جي نتيجي ۾ دنيا ۾ ڪيترائي سوشلسٽ ملڪ قائم ٿي ويا ۽ دنيا ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. هڪ طرف سرمائيداري ٻئي طرف سما جوادي (سوشلسٽ) سوچ هئي. ٻن نظامن جي ڇڪتاڻ ٻن نظرين، ٻن روين کي سياسي ۽ فڪري طور اڀاريو ويو. ان وقت سوشلزم جي حمايت ڪرڻ ان لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۽ ادب ۾ انهي خيال جي پرچار ڪرڻ کي ترقي پسندي سڏيو ويو.

پر ترقي پسندي اتي به محدود نٿي ٿئي ڇو ته ترقي پسنديءَ جو بنياد آهستي آهستي سائنسي رويي تي رکيو ويو، سائنس لاءِ چيو ويو ته:

“Science is the system of man’s knowledge of nature, society and thought, It reflects the world in concepts, categories and laws, the correctness and truth of which are verified by practical experience.”(1)

ترجمو: سائنس ماڻهن جي فطرت، سماج ۽ خيال جي علم جو نظام آهي، جيڪو دنيا کي خيالن، نمونن ۽ قانونن ذريعي اسان جي سامهون آڻي. جن جي حقيقت ۽ سچ اهو آهي جيڪو عملي تجزئي ذريعي ثابت ٿئي.

تنهن ڪري انسان جي جيئڻ جي ڍنگ جي باري ۾ اهو رويو جنهن جو بنياد سائنس تي هجي، ان کي ترقي پسندي چيو ويو.

يورپ ۾ ترقي پسندي باقاعده مختلف فڪرن ۽ مرحلن ۾ ورهايل آهي، ان جا ليکڪ به انهن خانن ۾ ورهايل آهن، ڇو ته مارڪسي فلسفي ۽ سويت يونين جي انقلاب کان پوءِ ترقي پسنديءَ کي انهيءَ نظرئي لاءِ مخصوص ۽ محدود سمجهيو ويو، جنهن ڪري يورپ ۾ روشن خيالي (Liberalism) دهريت (Atheism) انسانيت پسندي (Humanism) جمهوريت پسندي (Democracy) وجوديت (Exitentialism) جون فڪري سياسي ۽ ادبي تحريڪون الڳ الڳ رهيون آهن ۽ هر تحريڪ جا الڳ الڳ اديب ۽ فلسفي رهيا آهن. جهڙوڪ ميڪسم گورڪي، پليخانوف، مارڪس واد، البرٽ ڪاميو، جان پال سارتر وجودي فڪر جا اديب هئا، جان لاڪ، بوڪيشو، ماپاسان، بالزاڪ، والٽير، روشن خيال ليکڪ هئا ۽ روسو، شيلي وغيره رومانوي فڪر جا اديب هئا.

سنڌ ۾ جديد ادب جو دؤر دير سان شروع ٿيو، پر ان کان اڳ سنڌ ۾ صوفي شاعرن وٽ روشن خيالي ۽ ترقي پسند فڪر موجود هو. اسان وٽ يورپ وانگر هر لاڙي ۽ تحريڪ جا الڳ الڳ اديب نه رهيا آهن، ڇو ته اسان وٽ اهي فڪر باقاعدي ارتقائي طور پيدا نه ٿيا، بلڪه جنهن دؤر ۾ اسان وٽ جديد ادب جي شروعات ٿي ان وقت دنيا ۾ سڀئي لاڙا پنهنجو پنهنجو ارتقائي دؤر پورو ڪري چڪا هئا. ڪو به لاڙو سنڌ ۾ مڪمل طور آيو ئي ڪونهي، نه سرمائيداري، نه سوشلزم، نه لبرلزم، نه رومانويت، ۽ نه ڪو ٻيو، سڀني لاڙن جا ٿورا ٿورا اهڃاڻ نظر اچن ٿا، جيڪي ڪٿي ڪٿي ته گڏيا پيا آهن. تنهن ڪري سنڌ ۾ اهي سڀئي لاڙا تقريبا سڀني اديبن ۾ موجود رهيا. اسان وٽ ترقي پسندي کي خالص مارڪسي نقطه نظر سان منسوب ڪيو ويو، پر ڪو به اديب خالص مارڪسٽ نقطه نظر وارو نه هو، هن ۾ روشن خيالي، رومانويت، وجوديت، مارڪسزم ۽ قوم پرستي هڪ ئي وقت موجود رهيا، جهڙوڪ جمال ابڙو روشن خيال اديب آهي پر سندس ڪهاڻي ”پشو پاشا“ خالص مارڪسي نقطه نظر سان لکيل آهي. اهڙي طرح ماڻڪ جديديت سان واڳيل آهي، يعني سندس لکڻيون وجودي فلسفي سان منسوب آهن پر سندس ڪهاڻي ”حويليءَ جا راز“ روشن خيال فڪر تي لکيل آهي ۽ شيخ اياز هڪ ئي وقت سڀئي لاڙا رکندڙ رهيو آهي. سندس شاعريءَ ۾ ترقي پسندي، روشن خيالي، رومانويت، دهريت، صوفي ازم سڀ رويا موجود آهن. ايتري حد تائين جو آخر ۾ سندس شاعريءَ ۾ مايوسي ۽ رجعت پسندي ۽ روحانيت به اچي وئي هئي.

امر جليل هڪ روشن خيال ڪهاڻيڪار آهي، پر سندس ڪي ڪهاڻيون رومانوي ۽ مارڪسي نظرئي مطابق آهن. اهڙي طرح حيدر بخش جتوئي، خاڪي جويو، عبدالڪريم گدائي، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، باقاعده مارڪسي فڪر جا پوئلڳ هئا، پر ساڳئي وقت اهي قوم پرست ليکڪ به هئا/آهن.

 بنيادي طرح مارڪسي فڪر وسيع ۽ جامع آهي، ڇو ته ان جو بنياد سماجي ۽ معاشي انقلاب تي رکيل آهي، انهي ڪري جاگيرداري ۽ مذهبي جهالت خلاف جيڪي به تحريڪون هليون اهي مارڪسي فلسفي خلاف نه سمجهيون ويون.

ٻئي طرف ڏسو ته رجعت پسند ليکڪ خالص رجعت پسند هئا، اهي نه روشن خيال هئا نه وري مساوات يا انسانيت پسند، جهڙوڪ رشيد احمد لاشاري، سيد سردار علي شاهه، ابراهيم خليل وغيره سڀني ليکڪن جو تفصيلي جائزو وٺڻ لاءِ پهريائين اسان انهن تحريڪن جي فڪر ۽ پس منظر کي سمجهنداسين.

روشن خيالي Liberalism

تاريخي پس منظر

پنجين صديءَ ۾ يوناني سلطنت زوال پذير ٿيڻ کان پوءِ اڀرندي يورپ کان وحشي قومن اولهه يورپ تي يلغار ڪئي. هنن روم کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو. 50-60 سالن جي لڙائي کان پوءِ هنن اسپين، فرانس ۽ اٽليءَ ۾ پنهنجون رياستون قائم ڪري ورتيون. اهو زوال رومن ڪليسا جي حق ۾ وڏي نعمت ثابت ٿيو. سماجي ڀڃ ڊاهه سان جيڪو خلا پيدا ٿيو هو، اهو ڪليسا ڀري ڇڏيو. اهڙي طرح يوناني علم ۽ ڏاهپ جو جيڪو سج اڀريو هو، انهي مٿان ڪٽر مذهبي جهالت جا ڪڪر ڇائنجي ويا. پوري يورپ مٿان ڪليسا جي شهنشاهيت ڇانئجي وئي جيڪا، هزار سال هلي، مغربي ليکڪ هن دؤر کي اونداهو دور سڏيندا هئا.

هن دؤر ۾ پوپ وڏي طاقت هو، سندس دعويٰ هئي ته هو زمين تي يسوع مسيح جو خليفو آهي، تنهن ڪري سندس هر ڪم صحيح آهي. عيسائيت سرڪاري مذهب هو، سڀ قانون مسيحي دين مطابق واضح ڪيا ويا هئا، مطلب ته ڪليسا پوري زندگيءَ تي حاوي هئي. هن دؤر جي تصوير سبط حسن پنهنجي ڪتاب نويد فڪر ۾ هن طرح پيش ڪئي آهي:

”چوٿين صديءَ کان چوڏهين صدي تائين تعصب، تنگ نظري، وهم پرستيءَ جي اونداهه ڇانيل هئي، ڪليسا عقل، سوچ سمجهه تي پهرو لڳائي ڇڏيو هو. ڪنهن جي مجال نه هئي جو ڪليسائي عقيدي سان اختلاف ڪري سگهي، هر جڳهه مذهبي عدالتون قائم هيون، جن جي فيصلن جو نه داد هو نه فرياد، تنهن ڪري لکين بي گناهه بي ديني ۽ جادوگريءَ جي ڏوهه ۾ گرفتاري ڪري، انهن کي ڦٽڪا لڳايا ويا هئا. انهن جون هڏيون ٽوڙيون وينديون هيون. انهن جي لاشن کي روڊن تي گهليو ويندو هو، هنن جو مال ضبط ڪيو ويندو هو، ڪنهن کي شڪ ڪرڻ جي اجازت نه هئي، ڪو به شخص آزاديءَ سان سوچي نه ٿي سگهيو.“(2)

انهيءَ اونداهي دؤر جي آخر ۾ جڏهن واپار ۽ صنعت تجارت وڌڻ لڳي، وينس، فلورنس، جنيوا واپاري مرڪز بنجي، وڏا شهر بنجي ويا ته آهستي آهستي سرمائيدار طبقو پيدا ٿيڻ لڳو، معروضي حالتون بدلجڻ لڳيون، سائنسي، فڪري، علمي نظريا اچڻ لڳا. انهيءَ دوران 1465ع ۾ جرمنيءَ ۾ ڇاپي خانو ايجاد ٿيو، جنهن ڪري ڪتاب ۽ رسالا ڇپجڻ لڳا. پادرين جي علمي هڪ هٽيءَ کي ڌڪ لڳو، گليلو جي دوربين جي ايجاد نيوٽن جو ڪشش ثقل وارو نظريو، برقي قوت جي دريافت، ٻاڦ تي هلندڙ ڪل ۽ مشين، ڪوپرنيڪس ۽ ڪيپلر وارو نظام شمسي اهڙيون ايجادون ۽ نظريا هئا، جن ڪليسا جي عقيدي کي مشڪوڪ ڪري ڇڏيو.

ڪليسا پنهنجي عقيدي جي خلاف اهي آواز برداشت نه ڪري سگهي. هن سائنسدانن کي سخت اذيتون ڏنيون، جهڙوڪ برونو کي باهه ۾ زنده ساڙي ڇڏيو، گليلو تي مذهبي عدالت ۾ مقدمو هلايو ويو، پر رهي سهي ڪسر خود سندن پادرين جي بغاوت پوري ڪري ڇڏي. جهڙوڪ مارٽن لوٿر ۽ ٽامس مور اهڙا پادري هئا، جن مذهبي بغاوت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پروٽسٽنٽ (Protestant) فرقو وجود ۾ آيو. اهڙي صورت حال ۾ ان وقت سرمائيداريءَ خوب فائدو ورتو ۽ پنهنجو اثر رسوخ وڌايو، خاص طور سان برطانيه جي پارليامينٽ ۾ لنڊن جي تاجرن جو وڏو اثر رسوخ هو. برطانيه ئي مذهبي رجعت پسنديءَ کي ختم ڪرڻ ۾ پهرين ڪردار ادا ڪيو ۽ روشن خيال دؤر جي شروعات ٿي. اهو عمل سؤ سال هليو، فرانس جو انقلاب آخري عمل هو ڪليسا ۽ مذهبي رجعت پسندي توڙي جاگيرداريءَ جي خلاف.

فڪري پس منظر

اونداهي دؤر ۾ سڄي يورپ تي مذهب غالب هو. سڄي زندگي هڪ ئي فڪر جي دائري ۾ گهمي رهي هئي، پر جيئن جيئن سجاڳيءَ وارو دؤر، نشاط ثانيه (Renaissance) شروع ٿيو ته قوم، فرد ۽ زبان جو شعور بيدار ٿيو، سڄو يورپ لاطيني زبان جي منڊل کان ٻاهر نڪرڻ لڳو ۽ آهستي آهستي مقامي، ديسي ٻولين جي نشونما شروع ٿي. (3)

فرد جي ذات ۽ آزاديءَ جهڙن فڪرن جو شعور بيدار ٿيڻ لڳو، روشن خيال فڪر مذهب جي خلاف هڪ احتجاج طور شروع ٿيو.

“Early liberalism was a product of England and Holland and had certain well marked characteristics. It stood for religious toleration.”(4)

ترجمو: شروعاتي روشن خياليءَ جو فڪر انگلينڊ ۽ هالينڊ مان شروع ٿيو، جنهن جون نمايان خصوصيتون هيون. اهو مذهبي سهپ جو حامي هو.

انهيءَ فڪر جو بنياد رکندڙ مفڪرن ۾ رين ڊيڪارٽ (1650-1596) جان لاڪ (1704-1632) هيوم (1976-1711ع) والٽير (1778ع) روسو (1778-1712) هئا. رين ڊيڪارٽ کي جديد فلسفي جو باني سڏيو ويندو آهي، هن جي فلسفي ۾ روح ۽ مادو، جسم ۽ ذهن ٻه الڳ الڳ شيون آهن. هن جي فڪر ۾ خاص ڳالهه اها هئي ته پنهنجي وجود جو احساس ته ”مان موجود آهيان.“ صرف سوچڻ سمجهڻ ۽ ساڃاهه جي ڪري آهي. مطلب ته ذهن جي صداقت ڊيڪارٽ وٽ جسم کان مختلف هئي. هن جي خيال ۾ ذهن ۽ جسم ٻه الڳ الڳ جوهر آهن، جن جون ٻه مختلف خاصيتون آهن. جسم پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان گهٽ متحرڪ (Passive) آهي ۽ ذهن تيز تحرڪ ۾ (Active) آهي.(5)

ڊيڪارٽ جي فلسفي ۾ ٻه ڳالهيون (Dualism) موجود آهن. هڪ طرف هو مادي دنيا جي ميڪانڪي ڳالهه ڪري ٿو. ٻئي طرف هن وٽ ذهن هڪ الڳ خودڪار حقيقت آهي. جنهن جي حقيقت کي ڄاڻڻ مادي دنيا جو ڪم ناهي بلڪه ذهن روحاني دنيا جي نمائندگي ڪري ٿو. جيڪو خيال کي يعني غير مادي حقيقت کي ڄاڻائي سگهي ٿو. مطلب ته روحاني حقيقتون ۽ مادي حقيقتون ڊيڪارٽ وٽ ٻه الڳ الڳ دنيائون آهن ۽ روحاني حقيقت جي ڄاڻ صرف روحاني طور تي ٿي سگهي ٿي. سچل سرمست جي هن شعر وانگر ته:

”مين تان ڪوئي خيال آن لڀسان نال خيال دي.“(6)

ڊيڪارٽ جي فلسفي جو ٻيو نڪتو آهي، شڪ ڪرڻ (تشڪيڪ يا Skepticism)) ڊيڪارٽ جي طريقي ڪار مطابق هر شيءِ تي شڪ ڪري سگهجي ٿو. خدا جي وجود تي شڪ ڪري سگهجي ٿو. الهام ۽ وجدان، اخلاق، مابعدالطبعيات، رياضياتي اصول سڀني تي شڪ ڪري سگهجي ٿو، سواءِ انهي ڳالهه جي ته مان شڪ ڪري رهيو آهيان.(7)

“He resolves to make himself doubt everything that he can manage to doubt”. (8)

ترجمو: هو پاڻ کي هر ان شيءِ جي باري ۾ شڪ ڪرڻ لاءِ تيار رکي ٿو، جنهن تي شڪ ڪري سگهجي.

اهو ئي بنيادي نڪتو هو جنهن جي بنياد تي ڊيڪارٽ جي فلسفي کي جديد فلسفي جو آغاز سمجهيو ويو. ڪليسا جي جبر واري ۽ بند ماحول ۾ هي فلسفو روشن خياليءَ لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو.

روشن خياليءَ جو بنياد رکڻ وارن ۾ ٻيو فلسفي جان لاڪ هو، جنهن لاءِ برٽرينڊ رسل چيو هو ته:

“The first comprehensive statement of the liberal philosophy is to be found in lock.”(9)

ترجمو: روشن خياليءَ واري فڪر بابت جيڪو پهريون جامع بيان ملي ٿو سو لاڪ جو آهي.

جان لاڪ جو چوڻ هو ته انساني علم حواسن جي تاثر يا محسوس ڪرڻ واري سگهه وسيلي حاصل ٿئي ٿو. علم جو بنياد تجربو آهي. تجربي ۽ مشاهدي ذريعي ماڻهو ڄاڻ، ساڃاهه جيڪا حاصل ڪري ٿو اها ئي صحيح ۽ درست آهي. هن جو خيال هو ته ماڻهوءَ جي فطرت آهي ته هو سک، مسرت يا خوشيءَ جي جستجو ڪري، سندس اهي ضرورتون جيڪڏهن پوريون نه ٿينديون ته هو جذباتي ٿيندو ۽ غلط قدم کڻندو. سندس خيال هو ته اهو فڪري رجحان هڪ ننڍي عمر جي ٻار ۾ به موجود هوندو آهي ته هو تڪليف کان بچڻ جي ڪوشش ڪري ۽ ٻار جي زندگيءَ جا شروعاتي چند سال نهايت اهم ۽ فيصلي ڪن هوندا آهن. لاڪ جي اهم خصوصيت اها هئي ته هو سياسي مفڪر هو. هن 1688ع جي برطانوي انقلاب جي راهه هموار ڪئي، اهو انقلاب بظاهر ته وچولي طبقي جو آمريت جي خلاف جدوجهد جو نتيجو هو، پر هن انقلاب کان پوءِ جمهوريت جي راهه هموار ٿي وئي. سترهين ۽ ارڙهينءَ صديءَ ۾ جڏهن يورپ جون قومون فرسوده يا مدي خارج جاگيرداري نظرين ۽ جابر شهنشاهت مان جان ڇڏائڻ جون ڪوششون ڪري رهيون هيون ان وقت جان لاڪ جي عقلي ۽ ٺوس فلسفي ماڻهن جي دل موهي وڌي.(10)

جان لاڪ جي انهيءَ فلسفي جي بنياد تي اڳتي هلي هيوم ڪانٽ، والٽير ۽ روسو به پنهنجي فڪر جو بنياد رکيو.

اهڙي طرح روشن خيال فڪر جي شروعات ڪٽر تنگ نظر مذهبي ماحول ۾ ٿي، جنهن جا بنيادي نڪتا اهي هئا ته انسان جي تڪميل ۽ عروج رڳو مذهبي زندگيءَ رستي نه پر هن دنيا ۾ ٻين علمن سان ٿئي ٿو. انسان جي منزل صرف خدا جي خوشنودي حاصل ڪرڻ نه پر دنيا ۾ تعمير ۽ ترقي ۾ آهي. انسان صرف رياست ۽ مذهب جو معمولي جزو نه آهي پر انسان جي انفرادي ذات به هڪ وڏي اهميت جي حامي آهي.

روشن خياليءَ جي باري ۾ انسائيڪلو پيڊيا آف برٽينڪا ۾ لکيل آهي ته:

“Liberalism is a sense of the importance of human individuality, a liberation of individualism from complete subservience to the group and the relaxation of the light hold of custom, law and authority. (11)

ترجمو: روشن خيالي انساني انفراديت جي اهميت وارو احساس آهي، جنهن ۾ گروهه جي غلاميءَ کان فرد جي آجپي ۽ قانون، اختيار ۽ رسمن جي بندشن کان ڇوٽڪاري جو تصور آهي.

انٽرنيشنل انسائيڪلو پيڊيا آف سوشل سائنس ۾ روشن خياليءَ جي وصف هن طرح آهي ته:

“Liberalism is the belief in and commitment to a set of methods and policies that have as their common aim, greater freedom for individual men. (12)

ترجمو: روشن خيالي اهڙن طريقن ۽ پاليسين سان ڪمٽمينٽ ۾ يقين رکڻ کي چئجي ٿو، جنهن جو مقصد انفرادي ماڻهن کي آزادي ڏيڻ هجي.

اسان ائين چونداسين ته روشن خيالي يورپ جو اهو بنيادي فلسفو هو، جنهن جي بنياد تي اڳتي هلي سڪيولرازم، جمهوريت، رومانويت، ترقي پسندي، وجوديت ۽ نتائجيت (Pragmatism) جهڙا فڪر رکيا ويا. ترقيءَ جا نوان گس نيون راهون کليون. سائنسي نظريا ۽ نيون ايجادون ٿيون ۽ معاشي طور سرمائيداري نظام کي وڌيڪ هٿي ملي.

هندستاني اپکنڊ ۾ روشن خيالي

عام طور سان ائين چيو ويندوآهي ته هندستاني اپکنڊ ۾ روشن خياليءَ جي شروعات انگريزن جي اچڻ کان پوءِ ٿي. سرمائيداري مفادن تحت انگريزي زبان جي تعليم کان پوءِ روشن خيالي ۽ سيڪيولر خيالن جي شروعات ٿي پر حقيقت ۾ هتي روشن خيالي ۽ سڪيولر خيال پهريان کان موجود هئا، البته انهن جي نوعيت مختلف هئي،ڇو ته معاشرتي ۽ معاشي حالتون ۽ فڪري ضرورت ڪجهه مختلف هئي.(13)

چوڏهين صديءَ ۾ هندستان ۾ به اقتصادي طور ڪجهه تبديليون ٿيڻ شروع ٿيون. اڪبر بادشاهه جي دؤر ۾ مغل شهنشاهه ۽ ان جا ويجها مائٽ تجارت جا حصي دار بنجڻ لڳا، جنهن ڪري سماج لاءِ زراعتي دؤر کان اڳيان نڪري صنعت ۽ حرفت جي دؤر ۾ قدم رکڻ لاءِ راهه هموار ٿي. انهيءَ قدم جو لازمي نتيجو اهو هو ته شهرن جو عروج ٿئي. شهرن جي وچ ۾ مرڪزيت پيدا ٿئي، مارڪيٽون وجود ۾ آيون، ساڳئي وقت قومي يڪجهتي ۽ سماجي مساوات جي ضرورت پيش آئي، جنهن لاءِ هڪ اهڙي فڪر جي ضرورت هئي جيڪو ماڻهن کي مذهب جي ظاهر پرستي ۽ ذات پات جهڙن دقيانوسي خيالن مان ڪڍي، جنهن ڪري صوفيانو فڪر ۽ سڪيولر فضا پيدا ٿي.(14)

اهي معروضي حالتون هيون جن جي نتيجي ۾ ڀڳتي تحريڪ پيدا ٿي، جنهن ۾ مذهبي جنونيت، ذات پات جي خلاف شديد رد عمل هو. ان کان علاوه اڪبر جو دين الاهي به هندن ۽ مسلمانن جي يڪجهتيءَ لاءِ جنون کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش هئي. 18 صدي عيسويءَ تائين دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ عوام جي تعليم جي ذميداري رياست جي نه هئي. هندن جي راڄ ۾ مهاراجا ۽ ڌن دولت وارا مندرن ۽ پاٺ شالائن کي خيرات ڏيندا هئا، جن سان اهي پاٺ شالائون هلنديون هيون. پنڊت، ساڌو پنهنجي طور تي چيلن کي ويدن، پران، ڀڳوت گيتا ۽ ڌرم شاستر جي تعليم ڏيندا هئا. مسلمان بادشاهن جي پراڻي روايت به اها هئي ته علمي مدرسن کي معاشي مدد ۽ زمينون ڏيندا هئا.

”خود اڪبر تمام گهڻا سرڪاري اسڪول کوليا جن ۾ هندن ۽ مسلمان ڇوڪرن کي گڏ فارسيءَ ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. مضمون خالص سڪيولر هوندا هئا. مثال طور منطق، اخلاقيات، جاميٽري، طبعيات، طب، سياست، تاريخ، فارسي، ادب وغيره.“(15) هندستان جو فلسفو، مذهب، تهذيب ايترو ته پاڻ ۾ ڳنڍيل رچيل هئا، جو تعليم، فڪر، مذهب جي ڌار ڌار ڪا حيثيت نه هئي.

31 ڊسمبر 1600ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني قائم ٿي ۽ 1600ع جي شروعات ۾ هندستان ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جو بنياد رکڻ لاءِ جهانگير جي دؤر ۾ ڪوششون ڪيون ويون ۽ 1613ع ۾ سورت ۾ تجارتي ڪوٺي کولڻ جي اجازت ملي.(16)

هندستان ۾ سرمائيداري ۽ تجارت جو دؤر اتان شروع ٿئي ٿو، مغل سلطنت جي زوال ٿيڻ جو سبب اهو آهي ته عالمي طور وڌندڙ سرمائيداريءَ ۽ انهيءَ جي معروضي حالتن ۾ روشن خيال فڪر کي قبول ڪرڻ بجاءِ جاگيرداريءَ ۽ جاگيرداريءَ جي قدرن کي روڪي رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. انگريزن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ رجعت پسندي ۽ ملائيت جو سهارو ورتو ويو. نتيجي طور هندستان ۾ ڀڳتي تحريڪ، دين الاهي، وحدت الوجود جهڙن فڪرن بجاءِ وحدت الشهود ۽ هندو مت جي فڪر جي رجعتي پهلوءَ کي پروان چاڙهيو ويو، جيڪو جديد فڪر ۽ جديد معروضي حالتن سان ٺهڪي نه آيو، نتيجي طور انگريز پوري هندستان تي حاوي ٿي ويا.

تنهن کان پوءِ هندستاني اپکنڊ ۾ روشن خياليءَ جي شروعات وري انگريزن جي دؤر کان ٿي، جڏهن دنيا جو ادب، فلسفو، انگريزي، هندي ۽ اردوءَ ۾ ترجمو ٿيو. تعليم مدرسي ۽ پاٺ شالا کان ٻاهر نڪتي، اسڪول ۽ ڪاليج کليا. ان وقت هندو پنڊتن ۽ مسلمانن انهيءَ تعليم جي مخالفت ڪئي. هنن جو خيال هو ته اها تعليم مذهب جي خلاف ۽ عيسائيت جو پرچار آهي پر آهستي آهستي اهڙو گروهه پيدا ٿي ويو، جنهن انگريزي تعليم جي اهميت کي محسوس ڪيو، جنهن ۾ سر سيد احمد خان به شامل هو. ”هن جو چوڻ هو ته اسان جا مولوي لڪير جا فقير آهن، گهاڻي جي ڏاند وانگر هڪ ئي حلقي ۾ چڪر ٿا ڪاٽين، اسان کي کپي ته جديد تعليم پرايون، مغربي علم ۽ فلسفو اسان لاءِ فائدي مند ثابت ٿيندو.“(17)

ان کان پوءِ هندستان ۾ ادبي طور روشن خياليءَ جو دؤر شروع ٿيو. 1935ع ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين ٺهي، جنهن پنهنجي ڪوشش سان وڏي تبديلي آندي 1935ع ۾ انگريزي حڪومت ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي قانوني حيثيت کي تسليم ڪري ورتو، جنهن کان پوءِ ادب ۾ سماج، هيٺيون طبقو، عام ماڻهو ۽ انهيءَ جا معاشي، سماجي مسئلا زير بحث آيا. ادب ۾ نياز فتح پوريءَ ”نگار“ رسالي ذريعي تحريڪ هلائي، جيڪا ادب ۾ روشن خياليءَ جو بنياد هئي. ڊاڪٽر انور سديد انهيءَ رجحان بابت لکيو ته:

”اها ڳالهه اهم آهي ته فلسفي، سائنس، مذهب هميشھ سڀ کان زياده ادب کي متاثر ڪيو، تنهن ڪري تنگ خيال عقيدن تي ادب ۽ فلسفي جي آزاد خيالي فوقيت حاصل ڪري ورتي، اجتماعي سطح تي قوميت ۽ شخصي سطح تي انفراديت جو رجحان پيدا ٿيو.“(18)