سنڌي ادب جو فڪري پس منظر

ڪتاب جو نالو سنڌي ادب جو فڪري پس منظر
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-128-6
قيمت 600    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (1865) PDF  (1019) E-Pub
انگ اکر

12 October 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     167171   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ادب ۾ مزاحمتي فڪر


شاعري

 ورهاڱي کان پوءِ آهستي آهستي سنڌ ۾ سنڌي سڃاڻپ، سنڌي ثقافت ۽ ٻوليءَ جا ڪيئي مسئلا پيدا ٿيا، ڇو ته پاڪستان جي تحريڪ جو بنياد مذهب تي رکيل هو. انهيءَ ڪري بنياد پرستن خاص طور سان انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان کي هڪ ئي اسلامي سڃاڻپ هئڻ گهرجي. اهي سڀ ڳالهيون جمهوريت جي بنيادي اصول جي خلاف هيون. ڇو ته جمهوريت ۾ اقتدار اعليٰ جو مالڪ عوام هوندو آهي ۽ قانون اسيمبلي ۾ عوام جا نمائندا ٺاهيندا ۽ بدلائيندا آهن پر هن ملڪ ۾ جمهوريت کي مسلمان بنائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. اهي سڀ منطقي ۽ فڪري محرڪ هئا، پاڪستان ۾ مارشل لا ۽ ون يونٽ لڳائڻ جا، جنهن جي خلاف مزاحمت ڪرڻ تي ترقي پسندن خلاف آپريشن ڪيو ويو. ون يونٽ لڳايو ويو ۽ انهن سڀني ڳالهين کي هٿي ڏيڻ لاءِ مارشل لا لڳائي وئي. انهيءَ سڄي عمل ۾ فڪري طور سنڌ جا تضاد نمايان ٿيڻ لڳا ۽ سنڌ جي دانشورن، عالمن، اديبن ۽ شاگردن پنهنجي قومي تشخص برقرار رکڻ جي جدوجهد شروع ڪري ڏني ۽ سنڌي ادب ۾ مزاحمتي ۽ بغاوت جو عنصر نمايان ٿيڻ لڳو. اديب، شاعري ۽ نثر ذريعي قوم ۾ محبت، وطن، ڌرتيءَ، پنهنجي تهذيب ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان پيار جا جذبا اڀارڻ لڳا ۽ لازمي طور هي مزاحمتي سلسلو قوم پرستيءَ واري فڪر ڏانهن وڌڻ لڳو. ساڳئي وقت 1956ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو پهريون ڪنوينشن اصل ۾ انهيءَ تاريخي ذميدارين جي شروعات هئي، جنهن سنگت کي وڏي ۾ وڏي ترقي پسند ادبي تنظيم جي مرتبي تي رسايو.

هن موقعي تي سنگت کي رجسٽرڊ ڪرايو ويو ۽ ان جون شاخون قائم ڪيون ويون.(37)

اديبن جي انهي اتساهه ۽ جدوجهد کي ڏسندي تنوير عباسي چيو ته:

اهو زمانو ويو جو شاعر ڏسندا هئا ڪي خالي خواب،

اڄ جا شاعر خواب ڏسن ٿا ۽ ڪن ٿا تعبيرون ڀي،

اي تنوير هي تنهنجا شعر به سنڌ جو ڀاڳ مٽائيندا،

ڪي اهڙيون تقريرون آهن، جي آهن تقديرون ڀي.“

ابراهيم جويي چيو هو ته ”ماڻهو غلاميءَ کي غلامي سمجهي، ڏک ۽ ڏاڍ کي ڏک ۽ ڏاڍ سمجهي“.(38)

اهو غلاميءَ جو احساس ڏک ۽ ڏاڍ جو احساس شاعريءَ ۾ نمايان ملي ٿو، جهڙوڪ هي شعر ڏسو:

اڄ به هاماني حڪومت اڄ به فرعوني فضا،

اڄ به پيا پسجن هزارين زار پارا سنڌ ۾،

ڏيل ڏوٿين جو ڏڪائي ۽ ڏکن تي ڏيئي ڏک،

ڏاڍ سان ڏاڍيون پسايا ڏينهن جو تارا سنڌ ۾.(39)

يا وري هي شعر ڏسو:

چور ڇٽي ويو ڀاڳيو قابو

زور ظلم ۽ سيني زوري

رشوت خوري کير کٽوري

ڪامورن ڪردار اڃان ڀي ساڳيا ڙي.(40)

انهيءَ احساس کي شيخ اياز هن ريت پيش ڪيو:

اهڙو ڪو انڌير، سرتيون، جهڙو سنڌ ۾،

پِر نه پائي پيرُ، پَرڪيائين پنهنجو.(41)

انهيءَ وقت جي جبر ۽ ڏاڍ کي شاعرن نه صرف محسوس ڪيو پر پنهنجي قوم جي اڪيلائي ۽ بيوسيءَ کي به محسوس ڪيو. اهڙي صورتحال ۾ قوم جي سڄاڻ ماڻهن ۽ اديبن جي وڏي ذميداري هئي ته هو ماڻهن ۾ قومي جزبو اڀارين ۽ ان جي بچاءَ لاءِ جدوجهد ڪن، ظلم خلاف مهاڏو اٽڪائين، اهو ئي ڪم ان وقت جي اديبن ڪيو. انهي ڪري ڊاڪٽر مبارڪ علي چيو هو ته:

”قومي ثقافت جي تشڪيل ۾ اديب ۽ شاعر سڀ کان زياده اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.“ (42) ۽ ان وقت شاعريءَ ۾ قومي فڪر نمايان نظر اچي ٿو.

مثال:

سنڌو ديس مهان

او ساٿي سنڌو ديس مهان

ڌرتي ماتا، ڌرتي پتا آ

متان ڪرين اپمان

او ساٿي سنڌو ديس مهان

هيڏو سارو جر ٿر

ڪيڏو ڪوهستان

سـنـڌو ديـس مـهـان(43)

ساڳيءَ طرح سنڌي شاعريءَ ۾ ڌرتي ماتا جو تصور ڏنو آهي:

سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نمايان

ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين تو کي چشمن چايان

گيت به مون وٽ تنهنجا ماتا، بيت به تنهنجا ڀايان.

مٽي ماٿي لايان....(44)

گدائيءَ جو هي شعر ڏسو:

تنهنجا ويڙها ۽ وستيون سدا پيا وسن

منهنجي سک جا چمن، سنڌ پيارا وطن(45)

يا شمشير الحيدري جو هي شعر ڏسو:

سنڌ سهاڻي ساهه سيباڻي، تنهنجا ڳوٺ وسن

جهول ۾ تنهنجي سوين هزارين سالن جا سرمايا

ساري دنيا تنهنجي در تان ڪئين فيض پرايا

موج ڀرئي مهراڻ جون مستيون تنهنجا اوج ڏسن

الا شل ڳوٺ وسن(46)

هنن شعرن ۾ نه صرف سنڌ سان محبت آهي پر سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ، ثقافت، ماڳ مڪان ۽ سنڌ جو اهو فڪر جيڪو هزارين سالن کان هن ڌرتيءَ جو سرمايو آهي، جنهن کان دنيا فيض پرايو آهي. انهن جو اظهار آهي.

سوت (Suttie) نالي نفسياتدان جو چوڻ آهي ته محبت جو بنياد وڃائڻ جي ڊپ تي هوندو آهي.

“Suttie, an English writer, in his “Origins of Love and Hate”, bases his theory on the “fear of loss of love” and instead of insisting on the importance of sex on its physical side, he claims that love in its more tender and protective form is of primary importance. Hate and aggression are not as in Freud, basic instincts, but are the result of deprivation of love.”(47)

۽ جڏهن سنڌين کي اهو احساس ٿيو ته اسان جو تشخص ۽ صدين جي سڃاڻپ مٽجي رهي آهي، اسان کان سڀ ڪجهه کسجي رهيو آهي ته فطري طور هنن ۾ وطن جي محبت جاڳي جنهن جو اظهار نه صرف سنڌ جي اديبن بلڪه ڀارت جي سنڌي اديبن به ڪيو. جهڙوڪ نارائڻ شيام جو هي شعر ڏسو:

سنڌ کي ڪو نه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان

سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هِتي سنڌ هُتي

ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ مان نه مگر ماڻهن سان

سنڌ کي ڪو نه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان

ڄاڻ ماڻهن جي پوي صاف سندن ٻوليءَ مان

شيام ڳالهائجي سنڌي ٿي جتي سنڌ اتي.(48)

وطن جي محبت ۽ ان جي وڃائڻ جي ان احساس دوران سنڌ ۾ قوم پرستيءَ جي هڪ زبردست لهر پيدا ٿي، جيڪا لازمي هئي، پر اهو فڪر مظلوم قوم جي مزاحمت ۽ پنهنجي وجود جي بچاءَ جو فڪر هو. جنهن ۾ نه احساس برتري هئي نه ٻين کي رد ڪرڻ جهڙي ڳالهه، نه وري هٽلر جي قوم پرستيءَ جهڙو شائونزم ۽ نه نيٽشي جي سپرمين جهڙو خدا بڻجڻ وارو تصور هو. جيئن روشن خيالي، قوم پرستي ۽ ترقي پسنديءَ وارن لاڙن جي مخالف هڪ ليکڪ قربان علي ڀگٽي لکيو هو ته:

”هڪ قوم پرست شاعر ڪڏهن به انسان دوست ٿي نه ٿو سگهي، قوم پرستيءَ جي فلسفي پيش ڪرڻ وارو پهريون شخص سياسي مفڪر ميڪاولي آهي. نسل پرستي، رنگ پرستي ۽ قوم پرستي جي انتهائي شڪل آهي.“(49)

اسان جي ادب ۾ قوم پرستيءَ وارو فڪر پنهنجي وجود جي بچاءُ جي ويڙهه وارو فڪر آهي، ظلم جون پاڙون پٽڻ واري ڳالهه آهي، جنهن ۾ ترقي پسنديءَ ۽ روشن خياليءَ جو بنيادي فڪر موجود آهي ۽ منجهس ظلم خلاف آواز اٿاريل آهي، چاهي پوءِ ظالم پنهنجي قوم جو ڇو نه هجي. جهڙوڪ سرويچ سجاولي جو هي شعر ڏسو.

ڌارين کي ڇا ڌڪاريون، آهي پنهنجن پڻ ڪٺو،

تن وزيرن کي اي سرويچ ساري سنڌڙي!!

جن ڏٺي ڪرسي مٿي آهي، قطاري سنڌڙي!!(50)

يا

هو روس ۽ آمريڪا جا ڪتا ويا چنڊ تي پهچي،

پر سنڌي اٽي ان کي نٿا پهچن اڃا تائين!(51)

هيءَ قوم پرستي سنڌ جي مظلوم طبقي جي قوم پرستي آهي، جيئن هر قوم ۾ ٻه قومون هونديون آهن (هڪ مظلوم قوم ٻي ظالم قوم) سو سنڌ جو درد رکندڙ شاعر عوامي شاعر هو. مظلومن مان ظلم جي شڪار طبقي مان هو، هو محلن ماڙين، عيش عشرت جي ڳالهه نٿو ڪري هو چوي ٿو ته:

ڌارين جي ست رڇين کان سچ ته مون کي ٿا وڻن،

پل به پل ڏئونرا پُسي لوڻڪ ۽ لاڻي سنڌڙي.

ڌارين جي خاندان کان ته خوبين ۾ وڌي،

تو سندي سادي سٻاجهي هيءَ ”مهاڻي“ سنڌڙي.(52)

ڪيڏي ته بي لوث محبت آهي، پنهنجي ڌرتيءَ سان جنهن ۾ پنهنجي هر شيءَ سٺي ٿي لڳي، صبر ۽ شڪر آهي پنهنجي سادگيءَ تي. هن شعر ۾ امن پيار ۽ محبت جو فڪر آهي، جنهن ۾ ڪنهن جي سٺي شيءِ کسڻ جي ڳالهه ناهي، ڪنهن ڌارئين جي محل ڦرڻ جي ڳالهه ناهي، اهڙي طرح شاعر پنهنجي قوم جي مظلوميت پنهنجي معاشي پستي جي ڳالهه ٿو ڪري چوي ٿو:

بي اجها انسان ٿيا ۽ هو مرن لئي ڪوٽ ڏس!

هو ڪتن جي ڪنڌ ۾ تون، ساوا ڳاڙها نوٽ ڏس!(53)

قومپرستيءَ وارو اهو فڪر ڪڏهن انسانيت دشمني وارو نٿو ٿي سگهي، بلڪه سنڌ جي هن قوم پرستيءَ واري فڪر ۾ سنڌ جي صدين جي فڪر جو تسلسل موجود آهي، جنهن ۾ انسانيت پرستي، امن پيار جيئڻ جو ڀرپور انداز آهي، نه آڪڙ نه دٻدٻو، نه برتر نه حقن ڦٻائڻ، نه ڪنهن جي مال تي اک رکڻ، بلڪ پنهنجي وجود بچائڻ ۽ انساني مستقبل جي ڳالهه آهي. سنڌ جي صوفي شاعرن به اها ڳالهه  ڪئي آهي.

تجربو ڏيکاري ٿو ته سنڌي عوام کي اڄ به اهڙا شاعر گهرجن جي يا ته خود پورهيت هجن، عوام مان هجن يا ٻين طبقن جا اهڙا ماڻهو هجن جي ڀٽائي، وانگر سڀ لڳ لاڳاپا لاهي پنهنجي طبقي جي سماجي گهيري مان مڪمل طرح نڪري پاڻ کي مڪمل طور عوام سان ملائي هڪ ڪري سگهيا هجن. (54)

جيڪي شاعر عوام سان سلهاڙيل ناهن، اهي قوم جي ڏک ۽ ديس جي نجات کان واقف ناهن، انهن کي شيخ اياز ننديندي چوي ٿو.

هو ڪري ٿو ڏينهن رات

فلائلاتن فائلاتن

۽ اڏامي ٿي حيات

عمر کي ڪهڙي ثبات!

ناهه هن کي تانگهه تات

ديس جي ڇا ۾ نجات

ديس جو واڳوءَ وات

جا اسان وٽ آهه ڏات

تون جي ڪانڊارَ لات

ٿو گهري تنهن لاءِ گهات

ڇو ته ڪانئر ڪائنات

فائلاتن فائلات

فائلاتن فائلات.(55)

اهو ئي جذبو هو جو جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کي ختم ڪرڻ جون تياريون ڪيون ويون، ون يونٽ لڳائي مارشل لا مڙهي ويئي ته سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويئي، اخبارون، رسالا، اديب، شاعر، دانشور ۽ شاگرد سڀ هڪ ئي رنگ ۾ رنڱجي ويا ۽ هر طرف کان آواز اچڻ لڳا.

جنگ جنگ جنگ آ، منهنجي توسان جنگ آ،

پليت پير ڪر پري، هي ڌرتي منهنجو ننگ آ. (56)

سنڌي ماڻهن جي فڪري روايت اها آهي ته ڌرتي ۽ عورت هنن جو ننگ آهي، جيڪي ٻئي پوڄا جي لائق رهيا آهن، جڏهن به ڌرتيءَ تي ڏکيو وقت اچي ٿو ته ماڻهن ۾ قرباني جو جذبو اڀري ٿو. اهو جذبو انفرادي طرح ته ماڻهوءَ کي موت ڏانهن ڌڪي ٿو، پر اجتماعي طرح اهو ئي موت زندگيءَ ڏئي ٿو. اڄ سنڌي ماڻهن جي قومي جاڳرتا پنهنجي ثقافتي ۽ تهذيب ۽ ڌرتيءَ سان پيار انهيءَ ڳالهه جو اهڃاڻ آهي ته ان وقت جي قرباني رائيگان نه ويئي، خاص طور سان ان وقت ان ون يونٽ جي خلاف هرشاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهار ڪيو. جيئن سرويچ سجاولي جو شعر ”چوڙيلين جا چاڳ وڪيا“ شيخ اياز جو ”سر ڪيڏارو“ يا وري ”جل جل مشعل جل“ 4 مارچ وارو واقعو سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ون يونٽ ۽ ايوبي آمريت کي للڪارڻ هو. گلشن لغاري پنهنجي مضمون ”شاگرد جدوجهد تي هڪ نظر“ ۾ لکيو هو ته:

”سنڌي قوم پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو پنهنجي الڳ قومي تشخص جو ثبوت ڏنو، اهو چار مارچ جي جدوجهد سان گڏ ڦٽي نڪتل شعور جو ئي نتيجو آهي، جو اڄ پاڪستان جي ڍانچي ۾ رهندڙ سڀني قومن کان سنڌي قوم وڌيڪ باشعور سجاڳ آهي.“(57)

شيخ اياز چوٿين مارچ کي سنڌ جو مئي ڊي (May day) قرار ڏنو ۽ هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن حيدرآباد ۾ سنڌ جي شاگردن انهي ظلم خلاف پنهنجو رت ۽ ريٽو جهنڊو اڀو ڪيو هو، جنهن سنڌ جي صوبي، ان جي قوميت، زبان، ثقافت ۽ سياسي آزاديءَ ۽ اقتصادي برابريءَ کي ختم ڪرڻ جي سازش رٿي هئي.(58)

انهيءَ واقعي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ مزاحمتي عنصر اڃان وڌي ويو. شاعر انهن جدوجهد ڪندڙ اڳواڻن، شاگردن، اديبن، هارين، نارين کي ساراهيندا هئا، انهن جو شاعري ذريعي جوش جذبو وڌيڪ جاڳائيندا هئا ۽ اجتماعن، جلسن، جلوسن ۾ خود وڃي شاعري ٻڌائي عوام ۾ قومي جوش اڀاريندا هئا.

شيخ اياز جو هيٺيون گيت انهيءَ وقت جو انتهائي جوش ڏياريندڙ گيت آهي، جيڪو ان وقت وڏي مقبوليت حاصل ڪري چڪو هو. عوام جي هر پرت، ٻار ٻچي جي زبان تي هي شعر هوندو هو.

سهندو ڪير ميار او يار!

سنڌڙي کي سر ڪير نه ڏيندو!(59)

وقت جي حڪومت انهيءَ مزاحمت کان خوفزده ٿي ويئي ۽ سختي ڪرڻ لڳي، شيخ اياز سميت ڪيترن ئي اديبن ، شاعرن ۽ ٻين ماڻهن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو، جن ۾ شاگرد، شاگردياڻيون، وڪيل ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن سان لاڳاپيل فرد شامل هئا. ڪيترن ئي گهرن تي ڇاپا هڻي عورتن ۽ ٻارن کي خوفزده ڪيو ويو، پر انهيءَ جي باوجود سنڌي ماڻهن جي آواز کي حڪومت دٻائي نه سگهي:

”تون چئه نه ڪڇان،

تون چئه نه لڇان،

پر تو کان هڪڙي ڳالهه پڇان؟

تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين،

اعلان هزارين مان نه رڳو.“(60)

ان وقت سنڌي سماج ۾ روايتي طور عورتن جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ وڏو مسئلو هو، پر هن مزاحمتي تحريڪ ۾ عورتن ۽ شاگردياڻين نه صرف حصو ورتو پر جيلن ۾ به ويون، خاص طور سان زبان جي مسئلي تي احتجاج ڪندي اختر بلوچ ۽ رياض ميمڻ گرفتار ٿيون ته شاعر انهيءَ جو هن ريت اظهار ڪيو:

گرفتار ٿي آهي، اختر بلوچ

ڏسو هن نياڻيءَ سندي سمجهه سوچ،

زبان لاءِ ڪيڏي اٿس لوچ پوچ،

ڪڍيئن ڪين ڪا ڪاڻ زنان جي!!(61)

سنڌي سماج جي فيوڊل روايت جي پيش نظر عورتن کي احتجاج ڪندي ۽ گرفتار ڪندي ۽ گرفتار ٿيندي ڏسي مردن ۾ اڃان به همت وڌي:

”ڀيڻ اختر جي عظمت جو قسم آهي،

ته ساڻيهه هاڻي نه سهندو ستم،

نه جهڪندو جيئي سنڌ جو هي علم،

ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي.“(62)

ان وقت جي سڀني اديبن وٽ هڪ ئي جذبو هو، هڪ ئي نعرو هو، جيڪو پنهنجي قومي تشخص جي بچاءَ جو هو، سنڌي ادب جي انهيءَ مزاحمتي ڪردار مان پيدا ٿيندڙ قوم پرستيءَ وارو فڪر اڳتي هلي ٻن لاڙن جو شڪار ٿيو. هڪ ته سنڌي ماڻهن ۾ قومي شعور اڀريو، پنهنجي تاريخ، پنهنجي ٻولي، پنهنجي ادب ۽ پنهنجي ڪلچر سان شديد محبت جا جذبا اڀريا، ساڳئي وقت ظلم خلاف هيءَ جدوجهد سنڌي قوم ۾ هر قسم جي ظلم خلاف (چاهي پوءِ اهو وڏيرن جو هجي يا رياست جو هجي يا ڪنهن ٻئي طبقي جو هجي) شعور جاڳايو ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ جدوجهد کي عالمي جدوجهد (جيڪا مظلومن جي هئي سامراج خلاف) سان ڳنڍي ڇڏيو ۽ ٻيو منفي هو ڇو ته اها جدوجهد باقاعده فڪري طور اصولن ۽ تنظيمي ضابطي ۾ نه اچي سگهي، جنهن ڪري هن مزاحمت جو بنياد فڪر، فلسفي ۽ سنجيده اصولن بدران جذباتي نعري بازي جو شڪار ٿي ويو.

ڇال ڏيئي اڄ جاڳيا ڇورا!

ڪوٽ ڪنداسين ڀورا ڀورا!(63)

اهي شاگردن جا ڇال جذباتي ۽ ڪاوڙ سان ڀريل هئڻ ڪري ديرپا ۽ عقلي بنيادن تي سنجيدگي ڏانهن وڃڻ بجاءِ انتشار جو شڪار ٿيا، جنهن جو تجزيو ڪندي اعجاز منگي پنهنجي مضمون ”نئون نسل ۽ چوٿين مارچ“ ۾ چيو هو ته:

”جذباتي غير سنجيده عمل ڪڏهن به مستقل رفتار ۾ جاري نه ٿو رهي سگهي، چار مارچ اتفاق ئي سهي پر سنڌ جي قومي جمهوري ۽ طبقاتي طاقت جو متحده محاذ ٿي آڏو آيو پر اسان ان اتفاقي تحفي کي سنڀالي نه سگهياسين.“(64)

اڳتي هلي سنڌ جي قومي سياسي تنظيمن ۾ اهڙو جذباتي عنصر شاگردن ۾ انڪار ۽ ڇڙواڳيءَ جو سبب بنيو جنهن ڪري شاگرد پنهنجي ذميواريءَ کان هٽي ويو، هن جي ڪتاب پڙهڻ کان دِل کٽي ٿي وئي. هو سنڌ جي قومي سياست کي عوام سان ۽ سنڌ جي اصلي فڪر ۽ فلسفي سان ڳنڍي نه سگهيو، جنهن ڪري اها سياست سنڌي ماڻهن، سنڌي سماج کان الڳ ٿلڳ ٿي بيهي رهي، نتيجي طور ان تحريڪ جو مثبت اثر ۽ تحريڪ جو تسلسل ذوالفقار علي ڀٽي جي دؤر ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ائين کڻي چئجي ته ان دؤر ۾ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ اڀرندڙ مزاحمتي تحريڪ کي نه صرف پنهنجي مفاد لاءِ استعمال ڪيو، بلڪه سنڌ جي قوم پرستي واري فڪر کي به ٿڌو ڪري ڇڏيو. بعد ۾ رياست جي اهڙي قسم جي پاليسيءَ سبب اوڀر پاڪستان عليحده ٿي ويو، جڏهن ته سنڌ اڄ به پاڪستاني رياست جو حصو آهي.

نثر

ڪهاڻي

ون يونٽ ٺهڻ کان وٺي 1973ع تائين سنڌ ۾ مزاحمتي عنصر مان پيدا ٿيندڙ قوم پرستيءَ جو فڪر عروج تي هو. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي شاعريءَ ۾ مختلف لاڙن جي شروعات ٿي، جنهن ۾ سماجي حقيقت نگاري، ترقي پسندي ۽ جديديت وغيره شامل آهن. مزاحمتي تحريڪ دوران پيدا ٿيندڙ سنڌي ڪهاڻي نه صرف قوم پرستيءَ واري فڪر جي عڪاسي آهي پر انهيءَ دؤر ۾ حڪومت جي سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ کان اڻ ڄاڻائي ۽ هٿ چراند جي تاريخ به ڪهاڻيءَ ۾ موجود آهي. خاص طور سان پاڪستاني فڪر تحت پيش ٿيندڙ تاريخ ۾ ڌارين ڦرلٽ ڪندڙ ظالمن، جنگجو وحشين کي هيرو ڪري پيش ڪيو ويندو آهي. سنڌ جي تاريخ سان هٿ چراند ۽ سنڌ جي اصلي باشندن کان نفرت ۽ ڌارين لاءِ محبت پيدا ڪرڻ جو درس تاريخ ۾ موجود آهي.(65)

جهڙوڪ آريا، ايراني، يوناني (سڪندر اعظم) مغل (همايون، اورنگ زيب وغيره) عرب (حجاج بن يوسف، محمد بن قاسم) وغيره جن لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته اهي انسانيت دوست، سورما، بهادر ۽ سڌريل تهذيب يافته ماڻهو هئا، جن جي دلين ۾ انسانن جي لاءِ، مظلومن لاءِ درد هو ۽ ٻئي طرف اهو تاثر ڏنل آهي ته هتان جا اصلي باشندا، اڻ سڌريل، جاهل، غير مهذب، ڪافر، بت پرست ۽ غلامي ڪندڙ هئا. بلڪل اهڙي طرح موجوده صورت حالت ۾ به اڪثر سنڌ ۽ سنڌين بابت تصور پيش ڪيو ويندو آهي ته هتان جا ماڻهو جاهل، هندن جي غلامي ڪندڙ ۽ ڪافر هئا، جن کي ڌارين اچي جيئڻ سيکاريو ۽ شهري تهذيب ڏني ۽ هنن تي احسان ڪيو، اهڙي فڪر جي پس منظر ۾ علي بابا جي ڪهاڻي ”نوان پيغمبر“ لکيل آهي، جنهن ۾ هڪ نوجوان کي اهڙي قسم جي تاريخ واري ڪهاڻي پڙهائي وڃي ٿي ۽ هو پنهنجي ماءُ کي موهن جي دڙي، دلوراءِ جي نگري، ديبل بندر ۽ راجا ڏاهر جي باري ۾ موجود ڏند ڪٿائون ٻڌائي ٿو. نوجوان ڪردار ۽ ماءُ جي وچ ۾ جيڪا مڪالمي بازي ٿئي ٿي دراصل اها ئي فڪري تضادن جي ڪهاڻي آهي ۽ آخر ۾ نوجوان پٽ چوي ٿو ته:

”هاڻي آءٌ جوان ٿي ويو آهيان ۽ دراوڙن کان عبدالرزاق شهيد تائين تاريخ لکي رهيو آهيان.“(66)

سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت کان اڻ ڄاڻائي ۽ انهن کي نظر انداز ڪرڻ جي حد اها آهي ته ايوب خان جي دؤر ۾ جڏهن سنڌ ۾ ترقي پسند، قوم پرست ۽ مزاحمت ڪرڻ وارن اديبن خلاف وٺ پڪڙ ٿي رهي هئي، ان وقت شاهه عبداللطيف ۽ سچل سرمست خلاف به گرفتاريءَ جا وارنٽ نڪتا هئا ته اهي ملحدانه، باغيانه، انقلابي ۽ ڪميونسٽ فڪر جو پرچار ڪري رهيا آهن، انهن کي هڪدم گرفتار ڪيو وڃي. سنڌي اديبن انهيءَ واقعي کان متاثر ٿي ڪهاڻيون لکيون، جنهن ۾ منير احمد جي ڪهاڻي ”شاهه لطيف، هٿ ڪڙيون ۽ رسو“ ۽ امر جليل جي ڪهاڻي ”سچل سرمست ٽربل ۾“ انهيءَ موضوع تي لکيل آهي ۽ منير احمد پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ ڌارين ماڻهن جي ڪردار کي وائکو ڪري ٿو ته ڪيئن اهي سنڌي ماڻهن جي جاسوسي ڪن ٿا ۽ ساڳيءَ طرح حڪومت طرفان شاهه لطيف خلاف وارنٽ پوليس کڻي اچي ٿي. جيڪو هن ريت آهي:

”مسٽر شاهه عبداللطيف اوهان کي باغيانه ۽ مذهب خلاف شعر چوڻ ڪري ۽ ملڪ جي امن امان ۾ خطرو پيدا ٿيڻ جي پيش نظر، گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڪجي ٿو.“(67)

ساڳئي سلسلي جي ٻي ڪهاڻي امر جليل جي ”سچل سرمست ٽربل ۾“ مشهور آهي. جيڪا انهي واقعي جي پس منظر ۾ لکيل آهي. هن ڪهاڻي ۾ حڪومت جا ڪارندا سچل جي ڳولا ۾ هڪ سچل نالي پڪوڙائي کي جهلي ٿا وٺن هو پڇي ٿو ته:

”ڇو؟“

”ڇو جو تون سچل آهين“

”مان سچل آهيان ان ۾ منهنجو ڪو ڏوهه ڪونهي، ڏوهه منهنجي پيءُ جو آهي، جنهن منهنجو نالو سچل رکيو آهي، جواب ڏنم پر مان پنهنجي پٽ جو نالو ڪوڙل رکندس جهڙو ديس تهڙو ويس.“(68)

اهڙي قسم جي ويساهه گهاتي ون يونٽ ٺهڻ سان اڃان به وڌي وئي، جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کي ختم ڪرڻ جا قانون ٺاهيا ويا ۽ مارشل لا لڳائي وئي. ماڻهن تي مصيبتن جا پهاڙ ڪيرايا ويا. ان وقت اهو نظريو عام ٿيو ته سنڌي ادب کي قومي تحريڪ جو آئينه دار هئڻ گهرجي، انهن خيالن جو سنڌي ڪهاڻيءَ تي گهرو اثر پيو ۽ سنڌي ادب قومي رنگ ۾ رڱجي ويو. خاص طور سان چار مارچ واري واقعي کان پوءِ سنڌيت جي لهر افسانوي ادب تي پڻ ڇائنجي ويئي. ان وقت حميد سنڌيءَ جو رسالو ”روح رهاڻ“ ، طارق اشرف جو رسالو ”سهڻي“ ۽ رسول بخش پليجي جو رسالو ”تحريڪ“ قوم پرست ادب جا آئينه دار بڻجي ويا. مزاحمتي ادب پيش ڪرڻ ۾ هنن رسالن جو وڏو ڪردار هو. مطلب ته سنڌي قوم جي روحاني تهذيبي تجربن ۽ قومي امنگن ڌرتي ۽ ٻولي سان اٽل پيار واري خواهش اديبن جي دل ۾ هڪ طوفان برپا ڪري ڇڏيو. هر واقعي کان وٺي قومي جوش قوم سان پيار جو اظهار اسان کي نثر ۾ ملي ٿو.

4 مارچ جي پس منظر ۾ رسول بخش پليجي جي ڪهاڻيءَ ”وڍيو هئين ته ويهه“ ان وقت جي حالت جي عڪاسي ڪري ٿي. جنهن ۾ ان واقعي جي منظر ڪشي هيئن ڪيل آهي:

”منهنجي اڳيان 207 قيدي، سوين چچريل ۽ سڄل مٿا، منهن ٽنگون، ڄاڙيون، ٻانهون ۽ پٺا ڦري ويا هئا. پر اخبار ۾ لکيل هو ته ڪو به خاص زخمي نه ٿيو آهي، حالتون ٺيڪ ٺاڪ آهن، ڪجهه گرفتاريون ٿيون آهن.“(69)

انهيءَ قسم جو اظهار نجم عباسي پنهنجي ڪهاڻيءَ ”گهر جو نه گهاٽ جو“ ۾ ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ثقافت ۽ سڃاڻپ تي ڌارين پاران ٿيندڙ حملن بابت لکيو ويو آهي.

سنڌي ماڻهن جي مزاحمت ۽ قوم پرستيءَ واري فڪر جو ڀرپور اظهار نه هٿياربند جدوجهد ۾ هو، نه وري سياسي پارٽين ۾ هو، بلڪه سنڌيت جو ۽ مزاحمت جو اظهار ادب ۾ وڌيڪ نمايان هو. بلڪه ائين کڻي چئجي ته سنڌي ماڻهن کي جنهن قومي شعور حاصل ڪرڻ ۾ اڃان گهڻا سال سفر ڪرڻو هو، اهو ان مزاحمتي ادب ڏيئي ڇڏيو. حڪومت به انهيءَ صورتحال کان ڊنل هئي جو شاعرن جون گرفتاريون، پريس تي پابنديون، ڪتابن کي ضبط ڪرڻ وغيره جهڙا عمل ڪندي رهي. نجم عباسيءَ جي ڪهاڻي ”ايڏو سور سهي“ ۾ هڪ قيديءَ تي هٿيارن سميت پڪڙجڻ جو الزام هجي ٿو، جڏهن کانئس ٻيو قيدي پڇا ڪري ٿو ته اهي ڪهڙا هٿيار هئا ته جواب ڏئي ٿو. ”سائين جي ايم سيد جا ڪتاب، سهڻي ۽ تحريڪ رسالن جون ڪاپيون.“(70)

هن مزاحمتي دؤر ۾ قومپرست فڪر جا افسانوي ادب ۾ ٻه ڪهاڻيڪار نمائندا ملن ٿا. هڪ نجم عباسي ٻيو امر جليل. نجم عباسيءَ جي افسانن جو محور قوم پرستيءَ وارو فڪر آهي. سندس زياده تر موضوع سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتين بابت آهن. هن جي ڪهاڻي ۾ نه صرف سنڌي قوم جي ڳالهه ٿيل آهي، بلڪه هو هر مظلوم قوم سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ ظلم جي ڳالهه ٿو ڪري. جهڙوڪ سندس ڪهاڻيون (”ڪوڙڪي“، ”ايڏو سور سهي“، ”نه گهر جو نه گهاٽ جو“) ۾ بنگالي قوم جي جدوجهد، ساڻس ٿيندڙ زيادتين جو ذڪر ڪري ٿو. سندس ڪهاڻي ”نئون حجاج“ ۾ تاريخ جي پراڻي ورق کي نئين انداز سان دهرايو ويو آهي. هن ڪهاڻي ۾ شاگردن جي مسئلي تي حجاج (جيڪو ڪهاڻي ۾ هڪ بدمعاش غنڊو آهي) جون زيادتيون ڏيکاريون ويون آهن. سندس ڪهاڻي ”پرديسي ڪهڙا پرين“ ۾ بلڪل هڪ نئون موضوع آهي، هڪ سنڌي ماڻهو ڪنهن غير سنڌي ڇوڪريءَ سان محبت ڪري ٿو، پر کيس پنهنجي جذبن اظهارڻ ۾ گهٽ محسوس ٿئي ٿي، هو پنهنجي محبوبه کي شاهه لطيف جا شعر ٻڌائڻ چاهي ٿو. پر سندس محبوبه کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي ۽ آخر اهو سوچي ٿو ته پرين به ديسي هئڻ گهرجي. نجم عباسيءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ سماجي طور غير سنڌي ماڻهن جي روين ۽ وهنوار کي گهري مشاهدي سان ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن سان سنڌي ماڻهن جا غير سنڌي ماڻهن سان نفسياتي، فڪري، سياسي سماجي تضاد وائکا ٿين ٿا. نجم عباسيءَ جي افسانن ۾ قوم پرستيءَ وارو فڪر جارحانه ۽ فاشزم وارو ناهي، بلڪه هو پنهنجي قوم لاءِ سائنسي انداز سان سوچي ٿو. هو هاري مزدور ۽ غريب ماڻهن جي ڳالهه ڪري ٿو. هو پنهنجي قوم جي وڏيرن، جاگيردارن، پيرن مرشدن کي نندي ٿو، جيڪي قوم جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ آهن.

مزاحمتي ادب جو ٻيو اهم ڪهاڻيڪار امر جليل آهي، سندس ڪهاڻي ۾ قوم پرست فڪر موجود آهي، امر جليل جي خاص خاصيت اها هئي ته هو گهڻيون ڪهاڻيون ملڪ ۾ ٿيندڙ مختلف واقعن کان فوراً متاثر ٿي لکندو هو. جهڙوڪ مهدي منهنجو پٽ“، ”جڏهن مان نه هوندس“، ”سچل سرمست ٽربل ۾“، ”هن ڄار ۾“، ”ڪپيل ٻانهن جو وارث“، ”سرد لاش جو سفر“، ”هڪ خطرناڪ سنڌ پرست جي ڳولا“.

امر جليل طنز و مزاح وسيلي ٽرئجڊي، المئي کي به رومانوي انداز ۾ پيش ڪيو آهي، هو حقيقت کي طنز و مزاح وارن مڪالمن ذريعي اهڙي طرح پيش ڪري ٿو جو پڙهندڙ تي دير تائين گهرو اثر رهي ٿو. سنڌ جي قومي مسئلن کي هن عام انساني مسئلن ۽ سنڌي ماڻهن جي نفسياتي ساخت مطابق کنيو. مثال هي مڪالمو ڏسو:

”هو ڪرسي تي ويهڻ لڳو، هڪدم چيم خيال سان ويهجو سيٺ صاحب، ان ڪرسي جي هڪ ٽنگ ون يونٽ ٿي ويئي آهي.“(71)

امر جليل جو چوڻ هو ته منهنجو ادب درد ۽ تڪليف مان جنم وٺندو آهي، مان جيستائين ڪنهن نظام لاءِ بي انتها نفرت ۽ روح ۾ بي چيني محسوس نه ڪندو آهيان، تيستائين لکي نه سگهندو آهيان....، مان پلاٽ کان متاثر نه ٿيندو آهيان، مون کي موضوع متاثر ڪندو آهي... مون کي اعتراف آهي ته منهنجو دين ڌرم سنڌ آهي. سنڌ مون لاءِ عبادت گاهه آهي، سنڌ جي مٽي مون لاءِ طورسينا جي سرمي کان وڌيڪ مقدس آهي ۽ اهو ئي منهنجي ڪهاڻين جو موضوع آهي.......!(72)

ايوب خان جي مارشل لا خلاف هلندڙ تحريڪن جي پس منظر ۾ هن ”جڏهن مان نه هوندس“ ڪهاڻي لکي، هن ڪهاڻيءَ جي خاصيت اها آهي ته هن ۾ مزاحمت ۽ رومانس جو هڪ دلڪش ميل ڏيکاري، سنڌي ماڻهوءَ جي نفسياتي ساخت کي ظاهر ڪيو آهي، جنهن پٺيان هزارين سالن جو فڪر ۽ فلسفو موجود آهي.

هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار هڪ انقلابي نوجوان آهي، جيڪو سنڌ جي حدن کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو ۽ چوي ٿو:

”جيستائين اسين دنيا جو ڌيان سنڌين سان ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافين ڏانهن نه ڇڪائينداسين تيستائين انڌير جي گهاڻي ۾ پيڙجندا رهنداسين.“(73)

سنڌ کان ٻاهر چند ڏينهن قيام دوران کيس هڪ ڇوڪريءَ سان پيار ٿي وڃي ٿو، ان وقت چوي ٿو.

”الاءِ ڇو دنيا جا سڀئي وطن پرست رومانٽڪ هوندا آهن، ڇو جو ڌرتي ۽ عورت ۾ بنيادي مشابهت آهي.“(74)

اڳتي وري چوي ٿو:

”اسين سنڌ ملڪ جا ماڻهو عورت ۽ سنڌ جي عزت ڪندا آهيون.“(75)

عورت ۽ ڌرتي جي مشابهت ۽ سنڌي ماڻهن جي ٻنهي لاءِ عزت واري ڳالهه ۾ موهن جي دڙي واري فڪري پس منظر جو تسلسل نظر اچي ٿو. جنهن وقت مادري نظام هو، عورت کي ديوي جي حيثيت حاصل هئي، تخليق جا ٻه سرچشما هئا، زمين ۽ عورت ٻنهي جي پوڄا ڪئي ويندي هئي.

امر جليل جي ڪهاڻيءَ جا ڪردار عام ماڻهن جا ڪردار آهن، جيڪي هيٺئين طبقي ۽ وچين طبقي ۾ موجود آهن. امر جليل جي ڪهاڻي ۾ ٽرئجڊي عام ماڻهوءَ جي ٽرئجڊي آهي. سندس هر ڪردار سماج جي پيچيده تضادن، جاگيرداراڻين رسمن رواجن، سياسي ڏاڍ، مذهبي ڪٽر پڻي خلاف مزاحمت ڪندي نظر اچي ٿو:

”سائين منهنجي پيءُ کي انگريز مائي باپ ان ڪري نوڪري ۾ نه کنيو هو، جو منهنجو پيءَ انگريزي نه ڄاڻندو هو. توهان مون کي نوڪريءَ ۾ ان لاءِ نٿا کڻو، جو مان اردو نٿو ڄاڻان ڪٿي ائين ته ناهي، انگريز سوٽ لاهي، شيرواني پائي موٽي آيا آهن.“(عشق ۽ انٽرويو)(76)

ٻيو مڪالمو ڏسو:

”هر ڪو انسان دنيا ۾ ڪنهن مقصد لاءِ موڪليو ويو آهي، ان رات خيالن جي باهه ۾ ڀسم ٿيندي سوچيم ته مان حميدان ۽ اسان جو پٽ مهدي ڪامورڪي آمريت جي ڀوت آڏو ٻليدان ٿيڻ لاءِ موڪليا ويا آهيون، اسين پوليس اسٽيٽ جا پادر جهلڻ لاءِ دنيا ۾ آيا آهيون.“(77)

هنن مڪالمن ۾ زبردست طنز ڪيل آهي، موجوده رياستي نظام ۽ هيٺين طبقي جي لاچاري کي ظاهر ڪيو ويو آهي. مجموعي طور امر جليل زبردست مزاحمتي ليکڪ آهي، جنهن قومي مسئلن جي اپٽار ڪندي ظلم جي قوتن جو مذاق اڏايو آهي ۽ انهن کي وائکو ڪيو آهي.

ناول

ايرڪ فراهم چيو هو ته”قوم جي محبت انسانيت جي محبت جو جز نه هجي ته اها محبت نه بلڪه بت پرستي آهي.“(78)

ايرڪ فراهم جي هن ڳالهه مان ظاهر آهي ته بت پرستي ويڳاڻپ جي ابتدائي شڪل آهي، پر سنڌي قوم ۾ قوم پرستيءَ جو فڪر ظلم جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل آهي، انهيءَ ظلم جي پس منظر ۾ سنڌيت جي جذبي کي اڀارڻ وارو ناول جنهن زبردست شهرت ماڻي، اهو هو ”پڙاڏو سو ئي سڏ“، سراج جو 1970ع جو لکيل هي ناول سنڌي ماڻهن جي مزاحمت جو کليو داستان آهي.

هن ناول ۾ ترخانن جي دؤر جون حالتون، سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم جو داستان ناول جي صورت ۾ قلمبند ڪيو ويو آهي. هن ناول جي خاص خاصيت اها آهي ته سراج ان وقت جي حقيقت کي اڄ جي حالتن جي تمثيل بڻائي پيش ڪيو آهي، ڇو ته ون يونٽ، مارشل لا، ٻوليءَ جو مسئلو، ڌارين جي آباد ڪاري، پاڪستاني فڪر جي جبريت انهن سڀني حالتن ۽ ترخانن جي دؤر جي حالتن ۾ ڪافي مشابهت آهي. ترخانن به پنهنجي حڪومت کي جواز ڏيڻ لاءِ اهو نعرو هنيو ته مسلمان سڀ ڀائر آهن ۽ هنن قوم بجاءِ ملت جو تصور ڏنو. ترخانن سنڌي ٻوليءَ جي جاءِ تي فارسي رائج ڪئي، سنڌ جي سماجي زندگيءَ ۾ ڏڦيڙ وجهي ماڻهن کي بيگناهه قتل ڪيو. ان وقت به سنڌي ماڻهن مزاحمت ڪئي. دولهه دريا خان، مخدوم بلاول جهڙا سورما پيدا ٿيا، جن سنڌ ۾ سنڌي فڪر سان محبت جي سزا ۾ موت جي سزا پاتي. سراج انهيءَ سڄي تاريخ کي ناول ۾ قلمبند ڪيو آهي، جنهن جو فڪري پس منظر اهو آهي ته سنڌي ماڻهن جي ثقافت، جذبن، امنگن، سورمائپ جا مثبت پهلو اڀارجن ماڻهن تي هزارين سالن جي تاريخ ۾ ٿيندڙ ظلم جو سلسلو ۽ انهيءَ خلاف ٿيندڙ مزاحمت جي تاريخ کي اڄ سان ڳنڍجي. سنڌ جي تاريخ ۾ اهم مسئلو ڌارين جي يلغار ۽ انهن جي ڦرلٽ جو رهيو آهي، هن ناول ۾ به انهي سوال کي اڀاريو ويو آهي.

مثال هي مڪالمو ڏسو:

”جيجل سنڌ گهڙيءَ لاءِ ڳاٽ اوچو ٿي ڪيو ته آسمان جي هن پار وسندڙن کيس غيرن جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو، ائين ڇو ٿي ٿيو؟ سنڌ ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو؟ انهيءَ ڪري جو منجهس هر انسان کي پيار ۽ پاٻوهه ڏيڻ جي عجيب عادت موجود هئي...... اي خدا ڇو”(79)

اهو ئي پيار جو فلسفو اهو ئي انسانيت پرستيءَ جو درس جنهن جو ڌارين ناجائز فائدو هر دور ۾ ورتو ۽ سنڌ جي حالت ڇا ٿي؟ پڙاڏو سوئي سڏ جو هيرو سوڍل رڙ ڪري چوي ٿو:

”سنڌ.....! سنڌ؟ سنڌ؟! سوڍل تقريبا روئندي چيو، ڪٿي آهي سنڌ؟ هيءَ چچريل چچريل، وڍيل ڪپيل سنڌ، جنهن تي ڳجهون لامارا ڏيئي رهيون آهن، اها آهي سنڌ؟ اها آهي دودي جي سنڌ؟ اها آهي تماچيءَ جي سنڌ؟ اها آهي دولهه دريا خان جي سنڌ؟ هو ڏسو! سنڌ جو لاش سڙي رهيو آهي، هو ڏسو ٺٽو جلي رهيو آهي!“(80)

ڌارين جو سنڌي ٻوليءَ سان ڪهڙو سلوڪ رهيو آهي، انهيءَ کي ظاهر ڪندي ناول ۾ ون يونٽ جي دؤر جون حالتون ۽ ٻوليءَ تان ٿيندڙ جهيڙا، ترخانن جي دور ۾ ٻوليءَ بابت رويو هڪ ئي پس منظر رکن ٿا.

”جيڪو آخوند پنهنجي مدرسن ۾ فارسي نه پڙهائيندو ان جو حشر آخوند صالح جهڙو ٿيندو،جيڪو شاگرد فارسي پڙهڻ کان انڪار ڪندو، ان جي زبان ڪپي ويندي ۽ جيڪو مائٽ فارسي پڙهائڻ ڪري ٻار کي مدرسن مان اٿاريندو، ان جو سمورو مال متاع ضبط ڪيو ويندو.“(81)

ناول ۾ فڪري طور قومي جذبو موجود آهي، جنهن جذبي جي مزاحمتي تحريڪن دوران ضرورت هئي. جنهن وقت رياستي جبر سنڌي ماڻهن کي پنهنجي تشخص کان هٽائي رهيو هو، سنڌي وڏيرا اقتدار خاطر غداري ڪري سنڌي قوم کي مٽائڻ جي سازش ۾ شريڪ هئا، عام ماڻهو احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿي پنهنجيءَ ٻوليءَ ۽ ثقافت تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ٿي رهيا هئا، ان وقت ضرورت هئي ته ماڻهن کي سندن نفسيات، تاريخ، فڪر جا مثبت پهلو اڀاري ڏيکاريا وڃن ته جيئن هو احساس ڪمتريءَ مان نڪري پنهنجي قوم تي فخر ڪري سگهن، تنهنڪري سراج جو ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ انهيءَ وقت جي اهم ضرورت هو.

انهيءَ سلسلي جي ڪڙيءَ ۾ آغا سليم جو ناول ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ عبدالرزاق راز جو ناول ”مسافر“، نئون آدمي“ ۽ غلام نبي مغل جو ”اوڙاهه“ لکيل آهن.

هنن ٽنهي ناولن ۾ سنڌ جي تاريخ بيان ڪيل آهي ته ڪيئن ڌاريا سنڌ تي حملا آور ٿيندا هئا، اهو سلسلو سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ تي ڦهليل آهي. ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ ناول ۾ سارنگ اهڙو ڪردار آهي، جيڪو سنڌي ماڻهن جي علامت آهي، هر دور ۾ نئين رنگ نئين روپ ۾ سامهون اچي ٿو، پر ساڻس ظلم جو سلسلو اهو ئي آهي. هڪ جڳهه تي چوي ٿو:

”ساري ڌرتي منهنجو ديس آهي پر سنڌ سان ته منهنجي جند آهي، سنڌ سان وڏا ويل وهيا پر سنڌ هميشھ گل ڏنا آهن ۽ موٽ ۾ گاريون ۽ گوليون کاڌيون اٿس.“(82)

سڄي ناول ۾ سنڌيت جو جذبو موجود آهي ناول ۾ ليکڪ هندو ۽ ڌارين جو واضع فرق ڏيکاري ٿو ۽ هڪ ڪردار چوي ٿو:

”هندو شاهه لطيف ۽ سچل جي رسالن جو گيتا وانگر پاٺ ڪندا هئا، پر غير سنڌي مسلمانن شاهه ۽ سچل جي رسالن کي باهيون ڏنيون.“(83)

ساڳيءَ ريت 1976ع ڌاري عبدالرزاق راز جو ”نئون آدمي“ (مسافر نالي سان به شايع ٿيل) به سنڌيت جي جذبي سان ڀرپور آهي، هن ناول ۾ سنڌ تي هر دور ۾ ٿيندڙ ڪاهن ۽ ڌارين جي ڏاڍ جو ذڪر آهي. جهڙوڪ آريا، عرب، نادر شاهه، مغل لشڪر، انگريز وغيره ۽ وري انهن خلاف مزاحمت ڪندڙ سورمن جو به ذڪر آهي، جيڪي سنڌ جي فڪر، تهذيب، انساني قدرن سان لاڳاپيل هئا، جهڙوڪ شاهه عنايت شهيد، هوش محمد شيدي وغيره. هن ناول ۾ هڪ ڪردار ساجن هڪ علامتي ڪردار آهي، جيڪو هر دور ۾ موجود رهي ٿو، هي ڪردار انسانيت ۽ محبت جو مجسمو نظر اچي ٿو، ناول نگار سنڌ جي تهذيب جا مختلف رنگ پيش ڪندي سنڌ جي سونهن، ساوڪ، سرسبزي، خوشحالي، مهمان نوازي، ماڻهپي، سک ۽ سلامتي جي ساراهه ڪري ٿو. مجموعي طور هن ناول جو فڪري مقصد اهو آهي ته ناول نگار سنڌ جي سر زمين کي امن، سلامتي ۽ محبت جي سر زمين ڏسڻ گهري ٿو.

ٽيون ناول غلام نبي مغل جو ”اوڙاهه“ آهي. هي ناول به ساڳي طرز تي لکيل آهي، سنڌ ڌرتيءَ تي مسلسل ڌارين جون ڪاهون ۽ انهن جي دهشتگردي، قتل و غارت جو احوال آهي. هن ناول ۾ اڄ جي حالتن کي ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر جي حالتن سان مشابهت ڏني وئي آهي. ناول نگار خاص طور سان سنڌ جي وچولي طبقي سان هر دؤر ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ ان جي وجود جي تباهي کي وائکو ڪيو آهي. ناول نگار انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته هر حمله آور جي دؤر ۾ سنڌي شهري وچولو طبقو تباهه ڪيو ويو، جنهن ڪري باقي ماڻهو جهنگ ڏانهن منهن ڪري ڀڄي ويندا هئا. نتيجي طور سنڌ جا شهري تباهه ٿيندا ويا ۽ شهر تي ڌارين جو قبضو ٿيندو رهيو. ورهاڱي کان پوءِ به اهڙي صورتحال ٿي ويئي جو وچيون طبقو جيڪو هندو شهري طبقو هو اهو لڏي ويو، جڏهن ون يونٽ قائم ٿيو ۽ مارشل لا لڳي ته سنڌيءَ ٻوليءَ جو مسئلو پيدا ٿيو، ان وقت ماڻهن ۾ ڪيئي شڪ شبها ۽ سوال پيدا ٿيا، جيئن هن ناول جو هڪ ڪردار چوي ٿو:

”گهڙي گهڙي چوي پيو سابق سنڌ سابق سنڌ! يار سابق سنڌ ڪيئن ٿي؟ اها ته مسخري آهي، آءٌ سنڌي آهيان، اوچتو پاڪستاني ٿي پيس ٺيڪ آ سنڌي پاڪستاني ٿيڻ لاءِ خوش هئا ۽ پاڪستاني به ٿي پيا ته مڙيئي خير آهي پر سنڌ ٿي سابق سنڌ ۽ آءٌ ٿيس سابق سنڌي! رب کان خير گهرو اڳتي جي ڳڻتي ڪريو.“(84)

مزاحمتي ادب ۾ هڪ ٻيو ناول ”سنڌ جي زينت“ نرنجڻ دوداڻيءَ جو آهي. هن ناول ۾ به سنڌ جي صورتحال تي سنڌي ماڻهن جو ناراضپو ۽ مزاحمتي تحريڪ جو ذڪر آهي. جيئن هڪ ڪردار چوي ٿو:

”انگريز سرڪار وٽ قاعدا هئا، قانونن جي بجا آوري هئي، ڪورٽن کي حق عطا ڪيل هئا، ملٽڙي حڪومت ۾ نه پاڪستان جي اندر پوئيواري پئي هلي نه روايت جي، نه جمهوريت جي اصولن تي ملڪ هلي رهيو آهي.“(85)

هن ناول جي فڪر بابت نور احمد ميمڻ مهاڳ ۾ لکيو آهي ته:

”هن ناول جو مرڪزي خيال سنڌيت آهي، سنڌيت ازلي رشتن، ثقافتي قدرن، اعليٰ تاريخي روايتن ۽ موهن جي دڙي مان اسريل شاندار تهذيب جو نالو آهي، ان سنڌيت جو مظهر آهي سنڌي سماج ۽ زندگيءَ جون پاڙون انسانيت جي اعليٰ آدرشن ۾ کتل آهن. هن ناول ۾ انهيءَ فلسفي جي اپٽار ڪيل آهي ۽ عام سنڌي جيوت مان ڪردار کڻي هن تمثيلي نموني سمجهايو آهي، جيئن ئي اسان ان فلسفي کان دور ٿيندا ٿا وڃون تيئن ڌرم جا ڌڪا اسان جو نصيب بنجندا پيا وڃن.“(86)

سنڌيت جي جذبي سان سرشار مزاحمتي ڪردار اسان کي موهن ڪلپنا جي ناوليٽ ”جلاوطني“ ۾ به ملي ٿو.موهن 1974ع ۾ هي ناول سنڌ جي محبت جي اظهار ۾ لکيو.

نتيجو

  • سنڌي سماج جو سڀ کان وڏو هاڃو وقت به وقت ڌارين جو حملا آور ٿيڻ آهي. مسلسل سنڌ تي ڪاهون ۽ ڦرلٽ، سنڌي ماڻهن جي نفسيات ۽ فڪر تي اثرانداز ٿينديون رهيون. عربن جي حملي کان پوءِ سنڌي قوم مذهبي طور ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. سنڌي قوم جي هڪ حصي مسلمانن جي ثقافت ۽ اسلامي رهڻي ڪهڻيءَ ۽ اسلامي اصولن مطابق پنهنجي زندگيءَ جو وهنوار شروع ڪيو، ٻيو ته سندن نفسياتي ساخت مسلمانن جي حڪومت ڪري برتر رهي، نتيجو اهو نڪتو جو انگريزن جي اچڻ کان پوءِ مسلمان يورپ جي جديد ترقيءَ کان اڻ واقف رهيا، سائنسي تعليم پرائڻ بدران هو مدرسي جي تعليم حاصل ڪندا هئا. پر انهيءَ جڳهه تي هندو اڳتي اچي ويا ۽ مسلمان صرف زمينداري ۽ هارپي جهڙن پيداواري ذريعن ۽ رشتن ۾ رهيا. اڳتي هلي شهري ۽ ٻهراڙي جي تقسيم به مذهبي بنياد تي ٿي ويئي.
  • جنهن وقت ننڍي کنڊ ۾ مسلمان پنهنجي تشخص ۽ مذهبي فرق جي بنياد تي الڳ مملڪت جو مطالبو ڪرڻ لڳا، ان وقت سنڌ ۾ به اهو فڪرمسلمان زميندار وڏيري خوشيءَ سان قبول ڪيو. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ اهڙا به ڪردار هئا، جيڪي مذهبي بنياد تي تقسيم جي خلاف هئا، هنن وٽ جديد ترقي ۽ انساني رشتن جو تصور هو. جهڙوڪ حيدر بخش جتوئي، پير صبغت الله شاهه، سوڀو گيانچنداڻي ۽ محمد ابراهيم جويو وغيره.
  • سياسي تحريڪن ۽ معاشي مفادن جي پس منظر ۾ سنڌ ۾ به مذهبي ڇڪتاڻ وڌڻ لڳي، وڏيرن سياسي ويڙهه ۽ مذهبي نفرتن جي بنياد تي مذهبي فساد ڪرايا، جنهن ۾ مسجد منزل گاهه وارو واقعو پيش آيو.
  • سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جي قرارداد پيش ڪئي وئي، جنهن کي اڪثريت سان پاس ڪيو ويو. ننڍي کنڊ جو ورهاڱو خوني تصادم ۽ مذهب جي نالي ۾ قتل وغارت سان شروع ٿيو، جنهن کان سنڌ به متاثر ٿي. سنڌ جو هندو جيڪو شهري هو، وچولو، واپاري، پڙهيل طبقو هو سو لڏي وڃڻ تي مجبور ٿي پيو.
  • پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ۾ لڏي آيلن جي يلغار شروع ٿي، ڏسندي ڏسندي لکين ماڻهو سنڌ جي شهرن تي ڇانئجي ٿي ويا. هندن جي ڇڏيل ملڪيت انهن ۾ ورهائي ويئي، ٿوري وقت کان پوءِ پاڪستاني فڪر (جنهن جو مطلب هو ته پاڪستاني قوم جي تشڪيل) ظاهر ٿيو، جنهن مطابق ملڪ جي سڀني قومن جي ثقافت، زبان، تمدن ۽ تاريخ کان انڪار هو.
  • ساڳئي وقت سنڌ ۾ غير سنڌي رياست کان رعايتون حاصل ڪري ٺهيل ٺڪيل ڪاروبار ۽ ملڪيتون هٿ ڪري خوشحال بنجي ويا پر سنڌي ماڻهو وڌيڪ غريب ٿيا ۽ پسماندگيءَ ڏانهن ڌڪجي ويا.
  • سنڌ ۾ ترقي پسند تحريڪ جو اثر به پيدا ٿي چڪو هو، جنهن ڪري سماجي اصلاح پسندي، انساني قدرن جي ڳالهه، پورهيت جي غربت خلاف آواز اٿارڻ جهڙا فڪر به ادبي طور پيدا ٿي چڪا هئا.
  • پاڪستان ٺهڻ وقت سنڌي ماڻهن جي اڪثريت پاڪستان سان سچي هئي ۽ نيڪ نيتي سان ان جو اظهار ادب ۾ به ملي ٿو، جنهن ۾ گهڻا اديب اهڙا به ملن ٿا جن قائداعظم، لياقت علي خان جهڙن ليڊرن جي ساراهه ۾ شاعري ڪئي ۽ انهن جا گڻ ڳايا ۽ ايندڙ مهاجرن جي آجيان پڻ ڪئي. انهن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون پر اڳتي هلي رياست جون پاليسيون سنڌي ماڻهن جي مفادن سان ٺهڪي نه آيون، ون يونٽ، ٻوليءَ جو مسئلو ۽ مارشل لا اهڙا رياستي جبر هئا، جن رياستي ۽ سنڌي ماڻهن ۾ تضاد واضح ڪيا ۽ ان وقت سنڌي ماڻهن ۾ پنهنجي تشخص ۽ قومي ورثي ضايع ٿيڻ جو احساس پيدا ٿيو ۽ سنڌي ماڻهن جو مزاحمتي عنصر سامهون آيو. اهو مزاحمتي عنصر قومي جذبي سان ڀرپور هو، جنهن ڪري سنڌي ادب ۾ بي شمار اهڙا شاعر ۽ نثر نويس پيدا ٿيا، جن سنڌ جي قومي سڃاڻپ، ٻوليءَ، ثقافت تي زور ڏنو ۽ سنڌ خلاف ٿيندڙ ظلم خلاف هو آواز اٿارڻ لڳا. خاص طور سان 4 مارچ جي واقعي کان پوءِ سنڌي ماڻهو عملي طور وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان رياست جي ڏاڍ خلاف آواز اٿارڻ لڳا. انهيءَ پس منظر ۾ سنڌي رسالن ۾ ”روح رهاڻ“ ”سهڻي“ قومي ۽ مزاحمتي ادب کي متعارف ڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 1973ع ۾ سرڪار طرفان ”سهڻي“ رسالي تي پابندي لڳائي وئي. سهڻي پريس کي سيل ڪيو ويو. رسالي ۽ پريس جي مالڪ ايڊيٽر طارق اشرف کي گرفتار ڪيو ويو.
  • ان وقت جن مزاحمتي ادب ۾ حصو ورتو، انهن ۾ نمايان نالا شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، حيدر بخش جتوئي، رشيد ڀٽي، خاڪي جويو، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، نجم عباسي، امر جليل، شيخ حفيظ وغيره جن جا آهن. هنن جي ادبي تخليق ۾ مزاحمت، سنڌيت جو جذبو ۽ ترقي پسنديءَ جو عنصر نمايان هو.
  • اڳتي هلي سنڌي قوم فڪري طور هڪ جدا سياسي وحدت ۾ جڙي نه سگهي ۽ مزاحمتي ۽ قومي وهڪرو زياده دير جٽاءَ نه ڪري سگهيو، بلڪه بي شمار پارٽيون ٺهي ويون، جن ۾ معمولي معمولي اختلاف ۽ ويڇا پيدا ڪندا ويا ۽ ماڻهن ۾ انفراديت پسندي، ويڳاڻپ، موقعي پرستي ۽ اڻسهپ جا رويا پيدا ٿيڻ لڳا. جيئن ون يونٽ ختم ٿيو، پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آئي، قومي تحريڪ جا گهڻا ليڊر، اديب، شاگرد حڪومتي رعائتون وٺي ٿڌا ٿي ويا. پر انهيءَ کان پوءِ قومي مزاحمتي تحريڪ هڪ ٻيو به رخ اختيار ڪيو، اهو ترقي پسند تحريڪ جو هو ۽ سنڌ ۾ ترقي پسندي نظرئي جي بنياد تي پارٽيون ته گهڻيون ٺهيون پر سڀني ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ هئي ته اهي سڀ ترقي پسند هئڻ سان گڏوگڏ پاڪستاني رياستي فڪر سان تضاد ۾ هيون.

 

 

حوالا

  1. سبط حسن٬ موسیٰ سے مارکس تک٬ مکتبہ دانیال کراچی٬ ص 298
  2. مغل سڪندر ڊاڪٽر، ارتقا جي ڪهاڻي سنڌي ادبي پبليڪيشن ڪراچي 1996ع، ص 25.
  3. اعظمی انجم٬ ادب اور حقیقت٬ کراچی اشاعت گہر٬ 1979ع اول٬ ص 76۔
  4. جوڻيجو منصور قادر، سچ وڏو ڏوهاري آهي، مارئي فائونڊيشن ڪراچي، 1987ع، ص 50.
  5. جي ايم سيد، چونڊ ادبي مضمون ۽ ولايت جا خط٬ نئين سنڌي پبليڪيشن ڪراچي، 1984ع، ص 102.
  6. ماڻڪ، ٽي ناوليٽ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1992ع ص 54.
  7. Camus Albert, The Myth of Susyphus, Hamish Hamilton London first edition p-97.
  8. شاهين يوسف، يوناني ڏند ڪٿائون، سنگم پبليڪيشن حيدرآباد، جولاءِ 1989ع، ص 97.
  9. سبط حسن٬ موسیٰ سے مارکس تک٬ ص 238۔
  10. ماڻڪ، ٽي ناوليٽ، پاتال ۾ بغاوت“، ص 61.
  11. Camus Albert, the Myth of Sysyphus. P7
  12. مولائي شيدائي، رحيم داد، تاريخ تمدن سنڌ، ص 31.
  13. سبط حسن٬ پاکستان میں تہذیب کا ارتقا٬ ص 83۔
  14. مزاحمتی ادب٬ اکادمی ادبیات پاکستان 1995ع٬ جلد ۲ ٬ شمارہ ۲ ٬ ص 190۔
  15. قدوسی اعجاز الحق٬ تذکرہ صوفیائے سندھ٬ اردو مرکز لاہور بار دوم 1985ع٬ ص 147۔
  16. جويو محمد ابراهيم، مٺ مٺ موتين جي، نيو فيلڊس پبليڪيشن ڪراچي 1974ع، ص 9.
  17. رضی عابد٬ ترجمہ مبارک علی شہر نیراد پٹیل اچھوت لوگون ؛ان ادب٬ فکشن ہائوس لاہور٬ 1994ع٬ ص 120۔
  18. Jean Paul Sartre “What is literature” Methum Co.L.T.D 1996 p-13
  19. ايضاً، ص 13.
  20. جوڻيجو منصور قادر، سچ وڏو ڏوهاري آهي، ص 27.
  21. جويو محمد ابراهيم، مٺ مٺ موتين جي، ص 370.
  22. عرساڻي شمس الدين، آزادي کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، 1983ع، ص 187.
  23. ايضاً، ص 189.
  24. وی ایف آ گئیسف٬ سندھ تاریخ کے آئینے میں٬ ص 24۔
  25. گيانچنداڻي سوڀو، تاريخ جا وساريل ورق، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 1992ع، ص 93.
  26. وی ایف آ گئیسف٬ سندھ تاریخ کے آئینے میں٬ ص 182۔
  27. جي ايم سيد، سنڌو جي ساڃاهه، واليم ٻيو، ص 182.
  28. جي ايم سيد، سنڌ ڳالهائي ٿي، ص 180.
  29. The Sindh Report (A Province is Turmoil Sohail Mehmood)
  30. مبارک علی ڈ اکٹر٬ سندھ کے نسلی مسائل٬ ص 93۔
  31. جي ايم سيد، سنڌ ڳالهائي ٿي، ص 217.
  32. ايضاً، ص 214.
  33. سهيڙيندڙ حميد سبزوئي، چار مارچ ۽ اڄ جي شاگرد سياست، ڄاڻ پبليڪيشن ڪراچي، ص 116.
  34. ايضاً، ص 25.
  35. ايضاً، ص 11.
  36. ايضاً، ص 49.
  37. لاشاري فقير محمد، سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، مئگزين ”سنڌو“ ادب اڪيڊمي ڪراچي، سيپٽمبر 1986ع، ص 102.
  38. جويو خاڪي، آزاد گهر جي وطن، پرفيڪٽ پرنٽرس حيدرآباد، دفعو پهريون 1973ع، ص 8.
  39. سجاولي سرويچ، آليون اکيون اڻڀا وار، لاڙ پبليڪيشن سجاول جون 1972ع دفعو پهريون، ص 8.
  40. گدائي عبدالڪريم، پکڙا ۽ پنهوار، ضلع ترقياتي ايسوسيئيشن جيڪب آباد، دفعو پهريون 1975ع.
  41. شيخ اياز، وڄون وسڻ آيون، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، دفعو ٻيو 1989ع، ص 73.
  42. مبارک علی ڈ اکٹر٬ تاریخ اور آج کی دنیا٬ ص 179۔
  43. ملڪ فتاح، ڪنول پاڙون پاتال ۾، سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي حيدرآباد، پهريون ڇاپو 1976ع، ص 37.
  44. شيخ اياز، وڄون وسڻ آيون، ص 115.
  45. گدائي عبدالڪريما، پکڙا ۽ پنهوار، ص 80.
  46. مهراڻ مئگزين، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، جلد 3 سال 1971ع، ص 14.
  47. Brown J.A.C, The Distressed Mind, An outline of psychiatry. London Walts & Co. Second edition. P-71
  48. ”سنگت“ سنڌي شاعري نمبر سنگت پبليڪيشن جو اٺون ڪتاب 1994ع، ص 55.
  49. بگٽي قربان علي، شيخ اياز ۽ سندس شاعري، سنڌي ادبي سوسائٽي حيدرآباد، دفعو پهريون، 1976ع، ص 88.
  50. سرويچ سجاولي، آليون اکيون اڻڀا وار، ص 55.
  51. ايضاً، ص 84.
  52. ايضاً، ص11
  53. ايضاً، ص31
  54. ايضاً، ص 12.
  55. شيخ اياز، وڄون وسڻ آيون، ص 149.
  56. منشي ابراهيم، گوندر گذري ويندا، روشني پبليڪيشن ڪراچي. دفعو پهريون 1991ع، ص 96.
  57. سهيڙيندڙ حميد سبزوئي، ”4 مارچ ۽ اڄ جي شاگرد سياست“، ص 44.
  58. چار مارچ ۽ سنڌي جوڌا، ص 9.
  59. شيخ اياز، وڄون وسڻ آيون، ص.
  60. ايضاً، ص 55.
  61. سجاولي سرويچ، آليون اکيون اڻڀا وار، ص 86.
  62. ايضاً، ص 86.
  63. گدائي عبدالڪريما، پکڙا ۽ پنهوار، ص 61.
  64. سهيڙيندڙ حميد سبزوئي، ”4 مارچ ۽ اڄ جي شاگرد سياست“، ص 49.
  65. احمد فيروز، موتي مهراڻ جا، نيو فيلڊس پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1994ع پهريون دفعو، ص 234.
  66. علي بابا، منهنجون ڪهاڻيون، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، پهريون دفعو، ص234.
  67. ادب٬ ادکادمی ادبیات پاکستان 1995ع٬ جلد ۲ ٬ شمارو ۲ ٬ ص 67 ۔
  68. ايضاً، ص 45.
  69. ايضاً، ص 33.
  70. عباسي نجم، ايڏو سورسهي، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، سنڌ، دفعو پهريون، 1971ع، ص 132.
  71. امر جليل، ٽيون وجود، سڳنڌ، پبليڪيشن لاڙڪاڻو، ڇاپو پهريون ص 140.
  72. امر جليل نمبر، ماهوار سهڻي، سيپٽمبر 1973ع.
  73. ايضاً، ص 240.
  74. ايضاً، ص 246.
  75. ايضاً، ص.
  76. امر جليل، ٽيون وجود، ص 144.
  77. ايرڪ فراهم ترجمو قاضي جاويد، صحتمند معاشره، وين گارڊ بڪس لميٽيڊ پهريون ايڊيشن پبليڪيشن حيدرآباد، ص 37.
  78. سراج، پڙاڏو سوئي سڏ، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، ص 37.
  79. ايضاً، ص 203.
  80. ايضاً، ص 113.
  81. آغا سليم، اونداهي ڌرتي روشن هٿ، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، ص 294.
  82. ايضاً، ص296.
  83. مغل غلام نبي، اواڙاهه، نيو فيلڊ پبليڪيشن حيدرآباد، ص 300.
  84. دودائي نرنجن، سنڌ جي زينت، سنڌيڪا اڪيڊمي 1991ع، ص 119.
  85. ايضاً، ص 119.
  86. ايضاً، ص 3.