سنڌي ادب جو فڪري پس منظر

ڪتاب جو نالو سنڌي ادب جو فڪري پس منظر
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-128-6
قيمت 600    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (1816) PDF  (985) E-Pub
انگ اکر

12 October 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     165156   ڀيرا پڙهيو ويو

پاڪستان ٺهڻ جو سنڌي ادب تي فڪري اثر


ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ ٿوري وقت لاءِ سنڌي ادب جي ترقيءَ ۽ واڌاري ۾ ڪجهه روڪ پيدا ٿي، ڇوته اديبن جو هڪ وڏو جٿو جيڪو هندو هو اهو ڀارت لڏي ويو. ادبي جماعتون، ناٽڪ منڊليون درهم برهم ٿي ويون. سنڌي ادب تي اهو جمود ڪجهه وقت رهيو، پر اديب تخليقڪار، سماجي حالتن ۽ وجود جي ڄاڻ کان زياده دير پري نٿو رهي سگهي. جلد ئي سنڌ جا باشعور عالم ۽ اديب هڪ دفعو وري گڏ ٿي ادبي سرگرميون ڪرڻ لڳا ۽ سگهو ئي سنڌي ادبي سنگت جو بنياد 1952ع ۾ رکيو ويو. ٿوري وقت ۾ ادبي سنگت پنهنجي توفيق آهر سنڌي زبان ۽ ادب جي خاص خدمت ڪئي. (20)

جهڙيءَ طرح سنڌ ۾ مسلمانن پاڪستان ٺهڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جي قرارداد پيش ڪئي، بلڪل اهڙيءَ طرح انهن پاڪستاني فڪر يعني ٻه قومي نظرئي، پاڪستاني قوم ۽ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن کي پنهنجو هيرو به سمجهيو هو، اهو رجحان هر طبقي ۾ موجود هو. اديبن ۾ پڻ پاڪستانيت ۽ ان جي تعمير جو جوش ۽ ولولو شروع  ٿيو.

پر حالتن اهڙو ڦيرو کاڌو، جو سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن کي انهيءَ ڌارا کان ڪٽي ڌار ڪرڻ جي ابتدا ٿي ۽ ائين پاڪستان ۽ سنڌ جي اصلوڪي فڪر ۾ تضاد ظاهر ٿيا، جيڪي ڄڻ ته هٿ وٺي پيدا ڪيا ويا. سنڌ جي حوالي سان ٿيندڙ سڃاڻپ وقت جي حاڪم طبقن کي پاڪستان جي نفي محسوس ٿي ۽ فڪري طور اديب ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا. هڪ طرف اهي اديب هئا، جيڪي سنڌ ڌرتي، سنڌي قوم، سنڌي زبان، سنڌي ثقافت، سنڌي سورمن ۽ سنڌي فڪر جي نمائندگي ڪرڻ لڳا. ٻئي طرف اهي اديب هئا، جيڪي انهيءَ قسم جي اديبن کي نندي ڄڻ ته مسلمان قوم پاڪستاني قوم، پاڪستاني فڪر ۽ تحريڪ پاڪستان جو مخالف ثابت ڪرڻ لڳا. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ اهڙا به اديب هئا، جن تحريڪ پاڪستان جي سورمن کي ساراهيو جهڙوڪ هي شعر ڏسو:

قائداعظم حقيقي قوم جو اڳواڻ هو،

ملڪ و ملت جو گويا جسم هو ۽ جان هو،

شان مسلم جو وڌايو جنهن سڄي سنسار ۾،

تنهنجو پڻ سنسار ۾ مولا وڌايو شان هو،

پاڻ کي خادم بنائي پوءِ مخدوم هو،

قوم ٿي مٿس قربان هو قوم تان قربان هو.

۽ اهڙيءَ طرح قائد ملت لياقت علي خان جي موت تي سنڌي اديبن هيئن ڏک جو اظهار ڪيو.

ڏس پنهنجي جدائي ۾ اچي قوم جي حالت اي قائد ملت،

ٿو هرڪو روئي ياد ڪري تنهنجي لياقت اي قائد ملت،

حسين جي سنت ۾ محرم جي مهيني گولي جهلي سيني،

تو پيتو وڃي شوق منجهان جام شهادت اي قائد ملت (22)

پر جڏهن پاڪستان ۾ مسلمانن کي هڪ قوم جي بنياد تي گڏ ٿيڻ لاءِ سندن قومي، ذاتي ۽ علائقائي سڃاڻپ کان انڪار ڪرڻ جو فڪر ڏنو ويو، تڏهن مسئلا پيدا ٿيا. انهيءَ بنياد تي مسلمانن ۾ مسلمان هئڻ جو فخر ۽ پنهنجي مسلم قوم لاءِ قربانيءَ جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ ائين ڪرڻ هروڀرو ضروري ڪونه هو. سنڌيءَ ۾ هن قسم جي شاعري به ڪئي وئي.

تون سنڌي، سرائي يا افغان آهين،

اگر دهلوي يا مغل خان آهين،

اجاين خطابن ۾ غلطان آهين،

نسيم فقط تون مسلمان آهين.(23)

انهيءَ فڪر جو هڪ ٻيو شعر ڏسو:

خالق يڪتا آهي هڪ، احمد مختيار هڪ

ڪعبه هڪ، قرآن هڪ، قبله احرام هڪ

درس يڪرنگي جو سک تسبيح جي داڻن ڪنان

هڪ امام ۽ هڪ نظام ۽ هڪ خرام ۽ هڪ تار هڪ

سنڌي پنجابي جي نعري کي هڪ دم فنا

سڀ وساري ويڇا هڪ ٻئي جا ٿيو يڪبار هڪ

جڏهن اسان جو دين هڪ ايمان هڪ مهندار هڪ

گرد صاف ڪر، صوبائي تعصب کان تون دل جو آئينو. (24)

مسلمانن واري حڪمرانيءَ جي تصور ۽ ماضيءَ جي شاندار دور جي بنياد تي پاڪستان ۾ سنڌ اندر به مسلمانن کي همٿائڻ، ملڪ جي تعمير ۽ دشمن جي خلاف جهاد ڪرڻ وارو فڪر شاعريءَ ۾ ملي ٿو.

اي مسلمان پنهنجي ماضيءَ جو زمانو ياد ڪر،

باغ ملت کي وري شاداب ڪر آباد ڪر،

جو مٽائڻ ٿو گهري توکي، اٿي ان کي مٽاءِ،

دشمن اسلام کي نابود ڪر، برباد ڪر.(25)

ساڳئي وقت پاڪستان سان محبت ۽ پنهنجو ملڪ ۽ وطن هئڻ جو احساس به شاعريءَ ۾ ملي ٿو.

ڀري ڏي جام اي ساقي بنام پاڪستان

ته ڪيف ور ڪو لکان مان ڪلام پاڪستان(26)

جنهن وقت هندستان ۽ پاڪستان ۾ جنگ لڳي، ان وقت عام عوام ۾ ملڪ جي سالميت ۽ ان جي بچاءَ لاءِ مسلمانن ۾ جوش ۽ جذبو جاڳائڻ لاءِ هندستان خلاف نفرت ڦهلائي پئي ويئي. اهڙو اظهار پاڪستان جي ٻين ٻولين سان گڏ سنڌيءَ ۾ به ملي ٿو.

اٿو اٿو مجاهدو، وڌو وڌو مجاهدو،

اي سرفروش، جوانمردو، دلاورو مجاهدو،

اجايو هند پاڪ سان ڇيڙڇاڙ ٿو ڪري

ڪندو گدڙ ڇا شينهن سان مقابلو،

اوهان جو هڪ هنن جا ڏهه، پڄي اوهان سان ڇا سگهن

رکو بلند تر اوهان جو حوصلو مجاهدو،

هنن کي ڀروسو آهي اصلح وسپاهه تي،

خدائي دوجهان اوهان جو ڀرجهلو مجاهدو. (27)

مجموعي طور پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي شاعريءَ ۾ ملڪ سان محبت جي ترجماني ۽ پاڪستان جي سورمن سان محبت جو ذڪر ملي ٿو. بلڪه ائين چئي سگهجي ٿو ته شروع ۾ سنڌي اديبن پاڪستان جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ ڀرپور حصي وٺڻ لاءِ عام ماڻهن ۾ جذبو اڀاريو، پر انهيءَ شاعريءَ جو فڪر سنڌي ماڻهن کان آهستي آهستي پري ٿيندو ويو. ڇوته ان ۾ سنڌ جي عوام کي سندن هزارين سالن جي سڃاڻپ ڇڏڻ جو ٿي چيو ويو. سندن ٻولي، ثقافت، علم، ادب ۽ تاريخ کي مناسب نمائندگي ڏيڻ کان انڪار ٿي ڪيو ويو. وقت گذرڻ سان پاڪستان ۽ سنڌي ماڻهن جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ فڪري تضاد جي ڪري اهڙي شاعري ادب ۾ ڪو مقام نه حاصل ڪري سگهي.

ورهاڱي کان پوءِ لڏپلاڻ جوڪو فيصلو ڪونه ٿيل هو، پر حالتن اهڙو رخ ورتو، جو سنڌ جا قديم ماڻهو مذهب جي بنياد تي نفرتن جي ڪري پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي، پنهنجي ڌرتي ڇڏي ويا ۽ انهيءَ جڳهه تي هندستان کان آيل اهڙا ماڻهو سنڌ ۾ اچي آباد ٿين ٿا، جن جو سنڌي ثقافت، ٻوليءَ ۽ تاريخ سان ڪوبه رشتو نه هو. هندستان ۾ مغلن جي پنج سئو سالن جي حڪمرانيءَ سبب ٺهيل نفسيات سان هو حڪمرانن وارو ذهن کڻي سنڌ ۾ آيا ۽ ڏسندي ڏسندي مال ملڪيت، زمين، نوڪرين ۽ شهرن تي ڇانئجي ويا. اها قدرت جي ستم ظريفي هئي ۽ ماڻهو جهڙوڪ بي اعتماديءَ سان سڀ ڪجهه ڏسي رهيا هئا. انهيءَ ڳالهه کان سرحد جي ٻنهي پاسي رهندڙ سنڌي اديب متاثر ٿئي ٿو. ڀارت لڏي ويل سنڌي اديب ۽ شاعر سنڌ کي ياد ڪن ٿا، پنهنجي ٻوليءَ کي ياد ڪن ٿا.

سنڌي زبان سونهاري

پنهنجي وطن جي پياري، سهڻي ميٺاج واري،

سنڌي زبان سونهاري، سا ڪيئن ويهي وساريان؟

امڙ ڏنو اوراڻو، سيني ۾ سو سيباڻو،

نت نت مٺو ترانو، گد گد گلي گونجاريان،

سا ڪيئن ويهي وساريان.(28)

سنڌي هندو پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي ثقافت، پنهنجن ماڻهن، پنهنجي قوم کان وڇڙي وڃڻ کان پوءِ مسلسل سنڌ کي ياد ڪندي ڪڏهن قسمت کي ڏوهه ڏين ٿا ڪڏهن خدا کي. مثال:

ولر کان جو وڇڙيو اڪيلو پکيئڙو،

اچانڪ اڻانگو اچي پيد پيڙو،

نڪو ڏوهه ڪنهن جو، قسمت ڪميڻي،

جو قسمت جي واڳ آهه تنهنجي وهيڻي،

ڪچو ڪيئن ڪوٺيان، جو خود ڪانڌ ڪيڙو،

ڪنو ڪنهن کي ڪوٺيان، ڪرڻ وارو تون ئي،

قلم تنهنجي هٿ ۾ لکڻ وارو تون ئي.(29)

ورهاڱي وقت پنهنجو وطن ڇڏيندي موهن ڪلپنا جو مشهور نظم جهاز جي ڊيڪ تي، ورهاڱي ۽ وطن ڇڏڻ جي ڏک جو ڀرپور اظهار آهي.

مون کي پنهنجي ملڪ مان

اڄ آهه نيڪالي ملي

ڇوجو منهنجي آتما کي

ڪوڙهه جو ڪو روڳ ناهي

ڇوجو منهنجي ٻانهن کان

منهنجي ٽنگن، ساهه کان

آهه پيارو لوهه ٽڪر

جنهن تي ٿوري ڪٽ چڙهيل آ

جنهن ۾ ٿورو زهر آهي

هي برابر زهر يگ آ

زهر يگ آ

زهر يگ آ

ڀت ۽ ڀت ۾

سر ۽ سر ۾

ٽونگڙن ۾

چيرن ۾

ٻرن ۾،

نانگ،

نانگن جا اڏا،

کاهيون، قلعا

۽ ڇانوڻيون آهن

اڄ حياتي زهر ڍڪ تي

پنهنجو ست آهه وڪيو.

اڄ وچن جو فلسفو ئي

زندگيءَ جو فلسفو آ

موت ٿو اڄ زندگيءَ جا حج ڪري

اڄ آ ڇاتيءَ تي زيارت

چڪ ۽ چنبي

ڪپ ڇري جي

هي برابر زهر يگ آ

هيٺ پاڻي ۽ مٿي آڪاش آهي.

وچ ۾ منهنجو لاش آهي- لاش آهي. (30)

ساڳيءَ طرح ليکراج پنهنجي طويل نظم سنڌ جي سڪ ۾ سنڌ کي ياد ڪندي چوي ٿو.

پرديس ۾ وطن جي ستائي ٿي سڪ تمام،

لب دل جو جام ديد جي لاءِ آهي تشنه ڪام،

سڀ آب و خور ٿو ياد کان اُن جي لڳي حرام،

جي ڪجهه مٺو لڳي ته لڳي ديس جو ڪلام.(31)

ڀارت ۾ هندو اديبن ورهاڱي جي وڍن، دردناڪ حالتن ۽ وطن جي سڪ جو اڪثر ذڪر ڪيو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هتان لڏي ويل ماڻهن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۽ لڏپلاڻ کي قبول نه ڪيو ۽ نه وٽن لڏپلاڻ لاءِ مذهبي جواز قابل قبول هو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿوته اهي ماڻهو سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي فڪر سان سلهاڙيل هئا. ان وقت جي سياست هڪ جنون ۽ معاشي مصلحت هئي، جنهن کي پرسرام ضيا هن طرح پنهنجي شعر ۾ ظاهر ڪيو آهي:

مون چيو آهيون، سياست جا شڪار

سنڌ کان سنڌي ٿياسين ڌار ڌار

هڪڙا هُت ۽ ٻيا هتي پهچي ويا،

ڀوت مذهب جو ٿيو سر تي سوار(32)

ساڳئي وقت سنڌ ۾ مسلمان اديبن به لڏپلاڻ جي عمل مان سنڌ کي ٿيندڙ نقصان کي محسوس ڪيو ۽ آزاديءَ مان گهربل نتيجا نه ملندي ڏسي، آزاديءَ متعلق هن ريت ذڪر ڪيو آهي:

آزادي انگور ڪڍيا ڪهڙا ڏيهه ۾

ساعت هڪ نه سنبران، ماروئڙا مسرور(33)

لڏ پلاڻ کان پوءِ ڪراچيءَ جي صورتحال ڏسي، سراج پنهنجي شاعريءَ ۾ هن ريت اظهار ڪيو آهي:

اي ڪراچي، سنڌ جا سينگار، اي روح وطن

تنهنجي ماضيءَ کي سلام.

تنهنجي ماضيءَ، منهنجي ماضيءَ کي سلام

ها اهو ماضيءَ جو روشن و تابان هو

آرزوئن جا هزارين چنڊ اڀريا ۽ اميدن جا ستارا جاڳيا.

امن و آزاديءَ سندءِ آڪاش تي

اي ڪراچي جان سنڌ روح وطن

تنهنجو هي حال ڏس ڪيڏو نه آهي اجنبي.

تنهنجو ساگر ڪيڏو مايوس آهي

هر گهٽيءَ ۾ لٽجي پيو ٿو آدميت جو سهاڳ

سون چانديءَ جي سجايل جانڊهن ۾

اندران ئي اندران ڏس زندگي پسجي پئي

آبرو لٽجي پئي

امن و آزاديءَ سندي ظاهر ظهور.(34)

لڏپلاڻ کان پوءِ ڪراچيءَ سميت سنڌجي اڪثر شهرن ۾ آبادي ايترو وڌي وئي، جو اجنبيت جو احساس ٿيڻ لڳو. ماحول اوپرو ٿي ويو. آزاديءَ ۾ خوشيءِ بجاءِ ماڻهو پسجڻ لڳو. ڪوڙن ڪليمن جو ڪاروبار، دولت جي نمائش، اقتدار وارن جا ۽ نوڪرشاهيءَ جا ٺاٺ وڌڻ لڳا. عام ماڻهو محروميءَ ڏانهن ڌڪجڻ لڳو. اهڙي صورتحال ۾ آزاديءَ کان مطمئن نه هجڻ جو رجحان وڌڻ لڳو ۽ اهڙو گروهه جيڪو فڪري طور عام ماڻهن جي ڀلائيءَ جو تصور رکندڙ هو، غربت ختم ڪرڻ، هاريءَ جي حالت سڌارڻ، پورهيت جي زندگيءَ جو معيار سڌارڻ جو حامي هو. اهو گروهه هن آزاديءَ مان بلڪل نامطمئن هو. جهڙوڪ سنڌي ادب ۾جمهوري ۽ ترقي پسند رجحان جو ممتاز اڳواڻ حيدر بخش جتوئي، ”دريا شاهه“ نظم لکي اڳ ۾ ئي شهرت ماڻي چڪو هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سندس هن شعر ۾ موجوده وقت کي طنزيه انداز سان پيش ڪيو ويو آهي:

غلاميءَ ۾ به آ زنده ته آهه مذهب ڇا

ڪو مجيري سهي، علامه سهي پير سهي

اچي ويو هتي نيٺ انقلاب زندهه باد

عوام نيچ سهي ۽ سپاهه امير سهي

هي دور اوج خوشا، زندهه باد پاڪستان

زبانون بند سهي، زخميل ضمير سهي

سدا بهار رهين خالق آسمان اندر

زمين ۾ ظالم سهي، راڙ ڦاڙ چير سهي. (35)

گهڻو وقت پوءِ اردو شاعر فيض احمد فيض جو به هڪ اهڙو ئي نظم مشهور ٿيو هو. ”يه وه صبح تو نهين“.

جڏهن 1965ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ لڳي، ملڪ ۾ هندستان خلاف ماڻهن ۾ جوش ۽ جذبو اڀاريو پئي ويو، شاعري موسيقي، سڌ سماع ذريعي عام ماڻهن ۾ هندن خلاف نفرت اڀاري قومي جذبو ۽ ولولو ۽ مجاهدي پيدا ڪئي پئي ويئي. ان وقت سنڌي ادب ۾ هندستان خلاف ته جذبا ملن ٿا، پر هندن جي خلاف نه هئڻ برابر آهن. انهيءَ دور ۾ شيخ اياز هي شعر چيو هو:

هي سنگرام

سامهون آ

نارائڻ شيام

هن جا منهنجا

قول به ساڳيا

ٻول به ساڳيا

هو ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي پر

منهنجا رنگ رتول به ساڳيا

ڍٽ به ساڳيو

ڍول به ساڳيو

هانءُ به ساڳيو

هول به ساڳيو

هن تي ڪيئن بندوق کڻان مان

هن کي گولي ڪيئن هڻان مان

ڪيئن هڻان مان. (36)

هن نظم ۾ صرف ڪنهن هندو سنڌيءَ يا ڪنهن هم زبان تخليقڪار سان پنهنجي قومي ناطي جو جذباتي اظهار ناهي، پر هن نظم ۾ سنڌي قوم جي نفسيات ۽ فڪر جو به اظهار ٿيل آهي، ڇوته سنڌي قوم امن پسند رهي آهي ۽ تاريخي پس منظر ۾ ڏٺو وڃي ته اها ڪڏهن به جنگجو يا لڙائي پسند ناهي رهي ۽ نه وري مذهبي جنون پسند رهي آهي. تنهن کان علاوه ننڍي کنڊ جو ورهاڱو، سنڌي قوم لاءِ اوترو فائدي مند ڪونه ثابت ٿيو. جهڙي اميد ڪئي وئي هئي يا جنهن جا خواب ڏيکاريا ويا هئا. تنهن ڪري ڪنهن به سياسي جنگ دوران سنڌي ماڻهن ۾ ايتري شدت سان نفرت پيدا نه ٿي، بلڪه فڪري طور اهو فلسفو به سامهون آيو ته هڪ قوم جا مذهبي طور ٻه حصا ڪرڻ کان پوءِ به سنڌين وچ ۾ فڪري يڪسانيت ختم نه ٿي سگهي.

محترم رسول بخش پليجي چيو هو ته ”ماڻهو پنهنجن دشمنن، يعني حاڪم طبقن جي طبقاتي سوچ کان به متاثر ٿين ٿا ۽ عربيءَ ۾ چوندا آهن ”الناس على دين ملوڪهم“ ماڻهو پنهنجي بادشاهن جي دين تي هلندا آهن. (37)

تنهنڪري سنڌي ادب ۾به اهڙا فڪري رجحان ضرور رهيا آهن، پر اهو ادب قومي ۽ عوامي رنگ نه وٺي سگهيو ۽ اسان ڏسنداسين ته ملڪ جي حڪمرانن جي حمايت ۾ ڪيل ۽ پاڪستاني فڪر جي تعريفي شاعري ۽ شاعر عوامي رنگ نه وٺي سگهيا. پر ان جي مقابلي ۾ سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ فڪر سان جڙيل شاعر عوامي شاعر بنجي اڀريا ۽ انهن ضرورت وقت سنڌ جي قومي جدوجهد ۽ وطن دوستي ۽ سنڌي عوام جي مزاحمتي تحريڪ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.

نثر

ننڍي کنڊ ۾ ورهاڱي جا معاشي، سياسي، سماجي ۽ فڪري طور اثر ننڍي کنڊ جي سڀني ماڻهن تي پيا، خاص طور سان هندو مسلم نفاق ۽ لڏپلاڻ جا اثر ادب تي گهڻا پيا، جنهن جو اظهار هندي، اردو، بنگالي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻو ٿيو. اردوءَ ۾ ڪرشن چندر ”غدار“ (ناول)، سعادت حسين منٽو ”ٽوبه ٽيڪ سنگ“ ۽ ”کول دو“، خواجه احمد عباس وغيره پنهنجي ادبي ڪاوشن ۾ ورهاڱي جي هاڃيڪار اثرن تي ڪهاڻيون ۽ ناول لکيا. ورهاڱي کان اڳ سنڌي نثر ۾ انگريزن جي خلاف ڪيل جدوجهد ۽ تحريڪن جو مثال ملي ٿو. جيئن محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو ناول ”سانگهڙ“ شيخ اياز جو افسانو ”سفيد وحشي“ وغيره. ”سانگهڙ“ ناول ڏيپلائي صاحب حُر تحريڪ جي پس منظر ۾لکيو آهي، جنهن ۾ هڪ ڪردار پير صاحب پاڳارو مسلم ليگ جي مخالفت ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته:

”مسلم ليگ ۽ وطن آزاد ڪرائيندي؟“ جيڪا جماعت سڀ ڪجهه انگريزن جي مشوري سان ڪري، جنهن ۾ سمورا سر، خانبهادر، وڏيرا ۽ سيٺيون هجن، سا به ڪري آزاديءَ جي دعوى ته پوءِ ڍاڪئون ئي پڪو“. (38)

۽ آخر اهو ورهاڱو ٿيو ۽ جڏهن لڏپلاڻ ٿي ته ان جا اثر ڪهڙا پيا، انهيءَ جو اظهار هند ۽ سنڌ ۾ تخليق ٿيل سنڌي ادب ۾ موجود آهي.

هتان سنڌي هندن کي لڏپلاڻ کان پوءِ اتي پهچي جن تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو، ان جو اظهار موهن ڪلپنا جي ناول (”جلاوطني“، ”تاريخ مان موڪل“ واري ٻئي نالي سان ساڳيو ناول ڇپيو) ۾ واضح طور موجود آهي. جنهن ۾ هڪ ڪردار آهي، جنهن کان پنهنجا وڇڙي ويا آهن ۽ هو ڪئمپن ۾ بکيو، بي روزگار ڀٽڪندو رهي ٿو. چوي ٿو:

”ڪنهن مسلمان بهادر منهنجي پيءُ جو خون ڪيو، ڪنهن هندو بهادر ڪنهن مسلمان جو خون ڪيو، راڄنيتيءَ ۾ خون جي هولي ملهائي وئي آهي“. (39)

اهو ڪردار سنڌ مان لڏپلاڻ کي سنڌ جو هاڃو قرار ڏئي ٿو ۽ انهيءَ لڏپلاڻ کي تاريخ مان جلاوطني سمجهي ٿو ۽ چوي ٿو:

”چند شخصن ڪاغذن تي دستخط ڪئي ۽ ٺپي لڳڻ سان ڪپن ۾ حرڪت ۽ باهين ۾ تيزي آئي، پر جن دستخط ڪئي، انهن مان ڪوبه شخص جلاوطن ڪونه ٿيو“. (40)

آزاديءَ جي باري ۾ ته وڏا خواب ڏيکاريا ويا هئا، مصيبت زده ماڻهن کي چيو ويو هو ته تيسين ترسو، جيسين پاڪستان قائم ٿئي، پوءِ سندن لاءِ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهي هلنديون. ان وچ ۾ مسلمانن جي اتحاد ۽ اتفاق جي نالي کين سڀ ڪجهه سهڻو هو. (41)

”۽ آزادي آئي انگريزن بسترا گول ڪيا، پاڪستان ٿيو ۽ اسلامي راڄ آيو. عجيب تبديلي هئي. سڀني ٻڌو ٿي ۽ مڃيو ٿي، سمجهه گم هئي“. (42)

اها سمجهه ڪهڙي گم هئي، انهيءَ جو اظهار جمال ابڙي پنهنجي ڪهاڻي ”هو حر هو“ ۾ ڪيو آهي، جنهن ۾ هڪ ڪردار حر تحريڪ جو سچو سپاهي آهي. انگريزن خلاف جدوجهد ڪري ٿو. مٿس انگريز سرڪار ڪيس داخل ڪري ٿي، سندس خون جي پياسي آهي. هو ڌاڙا به هڻي ٿو. ڦرون به ڪري ٿو، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هڪ سماجي زندگي گذارڻ چاهي ٿو. تڏهن کيس پاڪستاني پوليس ماري ڇڏي ٿي. ورهاڱو ڇا هو؟ موهن ڪلپنا سندس ناول ”جلاوطني“ ۾ چوي ٿو.

”ورهاڱو هڪ راڄنيتي ڀل آهي، مان سمجهان ٿو هڪ پيڙهي ان غلطيءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ ٻي ان کي درست ڪندي“. (43)

ورهاڱي کي ڀل قرار ڏيڻ جو سبب ڪهڙو به هجي، ان سان متفق نه به ٿجي، پر مذهب جي نالي ۾ جيڪو ورهاڱو ٿيو، ان ننڍي کنڊ جي تاريخ کي بدلائي ڇڏيو.

ڪرشن کٽواڻي پنهنجي ناول ”منهنجي مٺڙي سنڌ“ ۾ ورهاڱي بابت لکي ٿو” ”ديس کي ڌرمي خيال کان ٻن حصن ۾ ورهائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، پر ڌرم ته ڪن ڌرمين جي هٿ ۾ ماڻهن ڀنڀلائڻ لاءِ وسيلو آهي. ڌارين سرڪار ۽ هتي جا سرمائيدار ملي هڪ ٿي ويا آهن“. (44)

ڪرشن کٽواڻي سنڌ مان اهڙيون وڻندڙ يادون کڻي ويو، جن کي هو وساري نه سگهيو. وطن جي سڪ کيس مسلسل سنڌ جا ماڳ مڪان ياد ڏياري ٿي. سنڌ ڇڏڻ وقت جنهن پيڙا مان هو گذريو، انهيءَ جو اظهار هن ناول ۾ ڪيو اٿس. هن ناول ۾ ورهاڱي کان اڳ آزاديءَ واري تحريڪ انهيءَ وقت ماڻهن جي سوچ ماڻهن جا مسئلا، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ سوچ جو فرق، سڀني تي روشني وڌي اٿس، هو چوي ٿو:

”هي هاري سچا پر سادا سودا آهن. اڻپڙهيل ۽ راڄنيتي ليڊرن جي چال بازيءَ کي سمجهڻ هنن لاءِ ڏکيو آهي. هو به مذهب جي سڏ تي ڀنڀلجي ويندا آهن. مون کي ائين لڳي رهيو آهي ته هي چڻنگون آهن شايد ڀنڀٽ بڻجي پون“. (45)

ڪرشن ورهاڱي کان اڳ هلندڙ تحريڪ، مذهبي جنون جي بنياد تي سياست کي پنهنجي ناول ۾ اظهاري ٿو ۽ هيٺئين طبقي جي جهالت ۽ سادگي ڏسندي هو خدشا ظاهر ڪري ٿو ته سياسي ليڊر ضرور پنهنجي چالبازين ۾ ڪامياب ٿي ويندا ۽ ماڻهو مارائي وجهندا ۽ ائين ٿيو به،

شروع ۾ اخبارن ۾ پڙهيو هو ته ڪٿي ڪٿي فساد ٿيا آهن پر سنڌ اڃان بچيل هئي پر خاص طور سان ورهاڱي کان پوءِ جون 1948ع ۾ ڪراچي ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ مهاجرن جي اچڻ سان مسلم ليگي غنڊن ذريعي فساد ڪرائي هندن کان سنڌ ڇڏائي ويئي. ان صورتحال سنڌ جي ثقافتي ۽ ادبي واڌ کي وڏو ڪاپاري ڌڪ هنيو. (46)

پاڪستاني فڪر، مذهبي، جوش، آزاديءَ جو نعرو تمام خوبصورت هئا پر لڏ پلاڻ ۽ فسادن ان کي بدصورت بنائي ڇڏيو. ڪرشن کٽواڻي چيو هو ته هڪ سچ آهي جو انسان ڪتابن مان پائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ٻيو سچ آهي جو انسان مٽيءَ جي خوشبو مان پائي ٿو. (47)

مٽيءَ جي خوشبوءَ مان پاتل سچ سنڌي اديبن کي نئين رياستي فڪر سان تضاد ۾ آڻي بيهاريو. ورهاڱي جي پس منظر ۾ هندو مسلم نفرت کي اياز قادريءَ پنهنجي ڪهاڻي ”مان انسان آهيان“ ۾ ظاهر ڪندي انهن ماڻهن جي نشاندهي ڪئي آهي. جيڪي دين جي نالي تي ڦرلٽ، خون خرابو ڪن ٿا، ٻئي طرف هندو مسلمانن ۾ نفرت جو زهر ڦهلائين ٿا. هڪ طرف مسلمان ڪردار چوي ٿو:

”هنن دين جي دشمنن کي سبق سيکارڻو آهي، سڄي عمر پئي اسان کي لٽيو اٿن، قرضن ۾ اسان جون جايون جڳهيون، مال متاع سڀ ڪجهه ڦري ويا. اڄ اسان جو وارو آهي. هي اسان جي حق جي لڙائي آهي، اسان جي پاڪستان جي جنگ آهي، اسان جي اسلام جو جهاد آهي، اڄ هنن ڪافرن کي ڏيکارڻو آهي ته مسلمان شير ڇا ٿيندا آهن.“

ٻئي طرف هندو ڪردار نوجوان هندن کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو.

”ديش مترو ڇا اوهان کي ملڪ جو ورهاڱو قبول آهي.“ سيٺ درمداس نوجوان هندن کي، جي مختلف هنڌان اچي ڪٺا ٿيا هئا، مخاطب ٿيندي چيو، ڇا اوهان ڀارت ماتا جي سرير کي ٽڪر ٽڪر ٿيڻ ڏيندا؟ اڄ رات هنن نيچ مسلمانن کي، جن هميشه اسان کي پئي تنگ ڪيو آهي، جن جي ڦرن، چورين ۽ ڌاڙن کان اسان ڪڏهن به شانتي ۾ نه رهيا آهين. هنن کي ضرور مزو چکائڻ گهرجي.“ (48)

انهن ٻنهي نفرتن جي وچ ۾ پيڙهجندڙ عام ماڻهو هو، جنهن جو واسطو انهن نفرتن سان نه هو. عام ماڻهوءَ کي اهڙي سياست سان ڪا به دلچسپي نه هئي، هو پنهنجي ڌرتي پنهنجي ثقافت، پنهنجي سماجي خانداني لڳ لاڳاپن سان جڙيل هئا. هتان جا ماڻهو صدين کان ڌرتيءَ جي نفسياتي ۽ فڪري ساخت مطابق جنوني ڪو نه هئا، بلڪه هو امن پسند ۽ انسانيت پسند صوفياڻي فڪر جا پوئلڳ هئا، پر جڏهن ورهاڱي جا هاڃيڪار اثر انهن تي پون ٿا ته مفت ۾ پيڙا ڀوڳين ٿا. اهڙو ئي ڪردار اياز قادري جي ڪهاڻيءَ ”مان انسان آهيان“ ۾ موجود آهي، جيڪو زخمي ٿي جڏهن اسپتال پهچي ٿو ته سوچي ٿو ته مان ڪير آهيان؟

”تون ڪير آهين؟ تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ ۽ ڊاڪٽر جي جواب ۾ زخمي صرف مشڪي ڏنو. ”تنهنجو مذهب ڪهڙو آهي؟“ زخميل مشڪي ڏنو. تنهنجو مذهب ڪهڙو آهي؟ زخميل ٽهڪ ڏنو. ڊاڪٽر ۽ نرس ٻئي ڏڪي ويا ”شايد ديوانو آهي“ نرس چيو، ”ڊاڪٽر صاحب مان هندو...... نه نه ....... مسلم ......... نه نه ڊاڪٽر صاحب. .... مان انسان آهيان، منهنجو مذهب انسانيت آهي.“ (49)

سنڌي ادب ۾ ورهاڱي کان پوءِ اهڙي ڪا به ڪهاڻي يا ناول نه لکيو ويو، جنهن ۾ ورهاڱي جي حوالي سان، پاڪستان ازم يا هندو مسلم نفرت جو فڪر سمايل هجي، البته سرڪاري رسالن ۾ ڇپيل ڪجهه سنڌي شاعريءَ ۾ شروع ۾ اهڙا رجحان ضرور مليا آهن. پر نثري طور ڪهاڻيءَ ۽ ناول ۾ هندستان ۽ پاڪستان ۾ تخليق ٿيندڙ ادب ۾ مذهبي نفرت جي بجاءِ انسانيت پرستيءَ واري عقيدي جي مذهب جي ڳالهه ڪيل آهي، انساني اتحاد ۽ ايڪي جي ڳالهه ڪيل آهي.

نجم عباسي جي ڪهاڻي ”دوستي نه ڏسي دين ڌرم“ ۾ هڪ ڪردار چوي ٿو.

”هندو به انسان آهي، مسلمان به انسان آهي، هو به انسانن جهڙو انسان آهي، هو به انسان وانگر خدا جو خلقيل آهي، جهڙيون خدا جون نعمتون اسان تي، تهڙيون انهن تي، وڏي ڳالهه ته اسين ٻئي سنڌي آهيون، هڪ ديس، هڪ وطن، هڪ زبان، گڏ رهون، گڏ راند روند ڪريون، اهڙو ٻيو ڪو ناتو ٿي سگهي ٿو.“ (50)

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هندستان ۾ پيدا ٿيندڙ سنڌين جو نئون نسل پنهنجي والدين کان سنڌ جي باري ۾ ڳالهيون ٻڌي ٿو، سنڌ جي ماڳن مڪانن، شهرن، ڳوٺن جون ڳالهيون ٻڌي ٿو. والدين جي وطن لاءِ سڪ محسوس ڪري ٿو. انهي پس منظر کي علي بابا سندس ڪهاڻي ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ ۾ ڏاڍو تفصيل ۽ گهرائي سان پيش ڪيو آهي.

هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڪردار سندس ماءُ کان سنڌ جون ڳالهيون ٻڌي ٿو. سنڌ جي ڌرتي، جڳهين، سمنڊ، درياءَ، مڇين، ميربحرن، کيرٿر، ڪارونجهر ۽ هالار بابت ڳالهائيندي ماءُ وطن کي ساري ٿي. انهيءَ کي محسوس ڪندي پٽ کي سنڌ ڏسڻ جو شوق جاڳي ٿو. پر جڏهن سنڌ ۾ ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچي ٿو ته اتي کيس سنڌي ماحول نظر نه ٿو اچي، هڪ دڪان تان شاهه جو رسالو گهري ٿو ته کيس نه  ٿو ملي ۽ ٻولي به سنڌي نٿي ڳالهائي وڃي. تڏهن مايوسي ٿئيس ٿي. ڪردار هڪ جڳهه تي پنهنجي ماءُ کي سمجهائيندي چوي ٿو. ”سنڌ تي هينئر اهڙن مسلمانن جو قبضو آهي، جيڪي سڀ پاڻ کي عربن جو اولاد سڏيندا آهن. پاڪستان ۾ اڄڪلهه ون يونٽ آهي، هاڻي ڌرتيءَ جي نقشي تي سنڌ نالي ڪو به ملڪ ڪونهي، تون اجايو سنڌ سنڌ ڪري دل کي ڪوڙا دلبا ڏيندي آهين، سنڌ ڪٿي به ڪانهي.“(51)

ساڳيو ڪردار ماءُ جي واتان وطن جي تعريف ٻڌي ٿو، سندس سڪ ۽ جذباتي وابستگي ڏسي ٿو:

”وطن جو جذبو زندگيءَ جي سمورن جذبن کان مهان آهي، وطن اڳيان زندگيءَ جا سمورا رستا وڍجي ويندا اهن، ڪجي ويندا آهن، ٽٽي ويندا آهن، چرخي تي ڊوڙندي، ڪچي تند جيان.“ (52) تڏهن اهو نوجوان محسوس ڪري ٿو.

”آئون نٿو ڄاڻان ته وطن ڇا ٿيندو آهي، آئون انهيءَ جذبي کان ڪورو آهيان، انهيءَ مٽ جيان جو ڪنڀر جي نهائينءَ ۾ ٽڪرجي پيو هجي، منهنجو به اندر ائين ٽٽل ڪورو ٻٽ اونداهي آهي.“ (53)

ورهاڱي جي پس منظر ۾ جيڪو ڏک، پيڙا ۽ سنڌ سان ويساهه گهاتيون ٿيون انهيءَ جو اثر اديب تمام گهڻو قبول ڪيو، نه صرف سنڌ ۾ پر هتان لڏي ويندڙ شرنارٿين سان هندستان ۾ ڪهڙيون زيادتيون ٿيون، هو ڪيئن ڪئمپن ۾ رهن ٿا، ڪيئن موت ۽ زندگيءَ کي منهن ڏين ٿا. سڀني ڳالهين جو اظهار ڪهاڻيڪار ڏاڍو ڀرپور ڪيو آهي. انهيءَ ڏس ۾ موتي پرڪاش جي ڪهاڻي ”گهر گهر جي ڪهاڻي“ تارا چند مير چنداڻي جي ”جوش ۽ هوش“ ڪلا پرڪاش جي ”خانواهڻ“ موهن ڪلپنا جو ناول ”جلاوطني“ امر جليل جي ڪهاڻي ”هولي“ شيخ ابراهيم خليل جي ڪهاڻي ”ڀيڻ جو حق“ غلام نبي مغل جو ناول ”اوڙاهه“ مشهور آهن. پر سنڌ جي فڪري تسلسل ۾ موهن جي دڙي کان وٺي ورهاڱي تائين، مختلف دورن جي تهذيبن، ڌارين جو اچڻ ۽ انهن جا فڪري اثر، آغا سليم پنهنجي ناول ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ ۾ ڏيکاريا آهن. هن ناول جو ڪئنواس موهن جي دڙي کان وٺي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تائين هر زماني ۾ پنهنجي مخصوص طرز فڪر ۽ مخصوص رجحان جا حامل نظر اچن ٿا. هن ناول ۾ زمان ۽ مڪان جي فاصلن کي مختلف ڪڙين سان ڳنڍي تسلسل ۾ آڻي بيهاريو آهي. هن ناول ۾ هڪ مجموعي فڪر ۽ تهذيب جيڪا قوم جي سڃاڻپ آهي، انهيءَ جي احساس کي پيدا ڪيو آهي، هن ناول جو ڪردار سارنگ هر دور جو اهم ڪردار آهي، جيڪو پيار، سونهن، فن ۽ سچائيءَ جي علامت آهي. ڪڏهن هن کي مها پوڄاري انهيءَ سچائيءَ سبب سزا ڏين ٿا ته ڪڏهن ڪوڙا منافقي وارا قدر هن جي راهه ۾ رڪاوٽ بنجن ٿا. پر هو هميشھ سونهن ۽ سچ جي لاءِ جدوجهد ڪري ٿو. سندس محبوبه (سنڌو) هر دور ۾ هن جي آدرش رهي آهي. هو کيس فن ۽ تخليق جي طاقت عطا ڪري ٿي. سندس سُرندي جي تار ۾ سُر ڀري ڇڏي ٿي. هر دور ۾ هن کي مختلف روپن ۾ ملي ٿي پر سارنگ ذات پات، دين ڌرم جا سڀ ويڇا وساري هن وٽ اچي ٿو. سنڌو سندس ڏات هئي، سندس ڌرتيءَ جي سونهن ۽ سوڀيا هئي، سندس پريم جو آلاپ هئي. پوءِ هڪ ڏينهن پاڪستان ٺهي ٿو، ورهاڱو ٿئي ٿو، سنڌو وطن جا وڻ ڇڏي هندستان هلي وڃي ٿي، سارنگ جو وجود اڌورو ٿي وڃي ٿو. هو حسن حق ۽ پيار جا آدرش کڻي مظلومن جي حمايت لاءِ ميدان ۾ لهي ٿو پر کيس مايوسي پلئه پوي ٿي. آزادي جي نالي تي هڪ نئين استحصالي دور جي شروعات ٿئي ٿي، روحاني استحصال، فڪري ۽ نفسياتي استحصال، تهذيب ۽ ٻوليءَ جو استحصال، معاشي استحصال جيڪي ماڻهو هندستان کان سنڌ ۾ آيا اهي مال ميڙڻ ۾ لڳي ويا. هو ڌرتيءَ کان ڪٽجي آيا پر سنڌ ڌرتيءَ سان پنهنجو رشتو ڳنڍي نه سگهيا، ٻهراڙين جي غريب مسلمانن جي محنت ۽ جدوجهد ۽ شهرن ۾ رنگين مغربي ثقافت ۾ گم ٿيندڙ شهري ماڻهو وڏي تضاد جو شڪار ٿي ويا. سارنگ جي ڪردار ۾ انهيءَ سموري الميي جو درد سمائجي وڃي ٿو.

نتيجو

مجموعي طور ڏٺو وڃي ته سنڌ جو پاڪستان ٺهڻ ۾ هڪ اهم ڪردار رهيو آهي. خاص طور سنڌي وڏيرن ۽ هندو واپارين جا تضاد به نمايان آهن، پاڪستان جي تحريڪ اڀرڻ وقت انهن تضادن کي سياسي ۽ مذهبي اختلافن جو رنگ ڏنو ويو، تنهن کان علاوه سنڌ جي ماڻهن کي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اچڻ واري خوشگوار تبديليءَ جا خوبصورت خواب ڏيکاريا ويا، غريب ۽ ڏتڙيل ماڻهن کي دلاسا ۽ آسرا ڏنا ويا پر ورهاڱي کان پوءِ صورتحال ڪجهه ٻي سامهون آئي، هڪ ته ڌرتيءَ سان سلهاڙيل ماڻهن کي لڏايو ويو. ٻئي طرف ڌارين جي يلغار سنڌ طرف ٿي، جنهن ڪري سنڌ جو قومي ۽ ثقافتي نقصان ٿيو، ان کان علاوه سنڌ مٿان هڪ اوپرو ۽ هٿرادو فڪر مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ هزارين سالن جي سنڌي ماڻهن جي سڃاڻپ کان انڪار ڪيو ويو.

شروع شروع ۾ بيشڪ ماڻهن ۾ پاڪستان لاءِ جوش ۽ ولولو هو، جنهن جو سنڌي ادب ۾ به اثر موجود آهي پر جلد ئي انهي نئين ۽ اوپري ۽ هٿرادو گهڙيل فڪر ۽ سنڌ فڪر ۾ تضاد نمايان ٿيا. جنهن ڪري اهو ادب جٽاءَ ڪري نه سگهيو ۽ پوءِ سنڌي ادب ۾ نثر توڙي نظم ۾ سنڌ جي فڪر جو تسلسل شروع ٿي ويو، جنهن ۾ امن پسندي، انسانيت پروري، ڀائيچارو، صوفي مت، وطن پرستيءَ وطن کان وڇڙڻ جو ڏک ۽ وطن جي سڪ ۽ سار ادب ۾ ظاهر ٿي.

سنڌ جي فڪر سان وابستگي، سنڌي ماڻهو جي نفسياتي ساخت ۽ تهذيبي عمل جو روح بنجي چڪو آهي. جنهن ڪري پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جيڪي فڪري تضاد ٿيا، انهن جو سنڌي ادب ۾ نمايان اظهار ملي ٿو.