سنڌي ادب جو فڪري پس منظر

ڪتاب جو نالو سنڌي ادب جو فڪري پس منظر
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-128-6
قيمت 600    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (1865) PDF  (1019) E-Pub
انگ اکر

12 October 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     167173   ڀيرا پڙهيو ويو

نثر افسانا


 

اياز قادري

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ شروعاتي دؤر ۾ اياز قادري افسانه نگاريءَ ۾ اعليٰ مقام رکي ٿو. سندس ڪهاڻين جو فڪري محور انسانيت آهي. اهو انسان جيڪو ڪٿي سرمائيداريءَ ۽ طبقاتي گهٽ وڌائيءَ ۾ پيڙهيل آهي، ڪٿي مذهب جي نالي ۾ ساڻس غير انساني سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ته ڪٿي غربت ۽ پريشانيءَ ۾ غير انساني فعل سان واسطو پوي ٿو.

سندس ڪهاڻي ”بلودادا“ جيڪا سندس سڀني ڪهاڻين ۾ جاندار چئي وڃي ٿي، هڪ اهڙي سماج جي حقيقي عڪاسيءَ تي ٻڌل آهي، جيڪو طبقاتي سماج جي اونچ نيچ جي ڪري مختلف مسئلن جو شڪار آهي. ڪهاڻيڪار جو ذهن طبقاتي گهٽ وڌائيءَ کي قبول نٿو ڪري، تنهنڪري سندس ڪهاڻيءَ جو ڪردار نٿو چاهي ته هڪ ماڻهوءَ وٽ لکين رپيا ٽجوڙين ۾ ڀريا پيا هجن ۽ ٻيا فٽ پاٿ تي سڏڪي سڏڪي مري رهيا هجن. هو عورت جي عظمت جو قائل آهي، نٿو چاهي ته ڪي اوباش غنڊا نياڻين کي ڪا تڪليف پهچائين. سندس ڪهاڻيءَ جو ڪردار بلو دادا سماج جي زيادتين خلاف بغاوت ڪندڙ ڪردار آهي، پر ڇاڪاڻ ته اهو انفرادي ۽ اڪيلو آهي، جنهن ڪري سندس اها انفرادي بغاوت ۽ عمل کيس سماج جي نظر ۾ غنڊو بنائي ڇڏي ٿي، اهو ڪردار حساس آهي ۽ انساني جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ مظلوم طبقي جي پيڙا نه سهندي سماج جي ٺهيل قدرن ۽ قانونن کي نظر انداز ڪري سڌو سنئون انصاف ڪرڻ لاءِ نڪري ٿو. ڪهاڻيڪار انهيءَ ڪردار کي اهڙيءَ طرح پيش ڪيو آهي، جو پڙهندڙ جي دل ۾ ڪردار جي لاءِ همدردي پيدا ٿئي ٿي. وڏيرڪي سماج جي غيرانساني سلوڪ واري رويي کي ڪهاڻي ”ڪتي جو موت“ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ وڏيري جي بي حسي ايتري آهي جو سندس نوڪر گلوءَ کي سي لڳڻ سبب بخار آهي، پر وڏيري کي سندس ڪتي جي بيماريءَ جو وڏو الڪو آهي، پر گلوءَ، هڪ انسان لاءِ ڪو احساس نه اٿس ۽ هو ڪتي جو خيال رکي ٿو ۽ ان لاءِ پريشان ٿئي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ هڪ جڳهه تي ڏسو:

”ڊرائيور هٻڪندي چيو، سائين گلوءَ کي سردي لڳي وئي آهي، لڱ ٿا ٻرنس، ڪرڙيءَ وانگر ٿو ڏڪي ۽ رکي رکي ٿو وڦلي.“ پر وڏيرو ڊرائيو رکي خار مان ڏسڻ لڳو، ”مان ڇا ڪيان؟ ڏسين نٿو ته مون کي ڪنهن ڳالهه جو هوش ڪونهي.“(3)

۽ ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ گلو تڙپندي تڙپندي مري ٿو وڃي ۽ ٻئي طرف وڏيرو ڪار ۾ ڪتي کي شهر جانورن جي ڊاڪٽر ڏانهن کڻي ٿو وڃي.

هيءَ ڪهاڻي جاگيرداري سماج جي هڪ برائيءَ جي نشاندهي ڪري ٿي، جنهن ۾ وڏيرو عام غريب، ڏتڙيل بي وس ماڻهن جي محنت ۽ انهن جي مجبوريءَ تي پنهنجي خدائي هلائي ٿو. ڪهاڻيڪار هن ڪهاڻيءَ ۾ موضوع کي اهڙيءَ طرح نڀايو آهي جو پڙهندڙ هڪ دفعو ضرور سوچڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو ۽ کيس وڏيري کان نفرت ٿئي ٿي. سندس ٻي ڪهاڻي ”مان انسان آهيان“ ۾ ڪهاڻيڪار سندس فڪري ارتقا کي عروج تي پهچائي ٿو. هيءَ ڪهاڻي ورهاڱي جي پس منظر ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ مذهبي جنون انساني قدرن کي پائمال ڪري ڇڏيو هو، انسان جي سڃاڻپ گم ٿي وئي هئي، ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اهڙو ڪردار ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو صوفي قسم جو فقير ماڻهو آهي. ظاهري طرح نه هندو نه مسلمان بلڪ هڪ مجذوب آهي. تنهن ڪري پنهنجي وهنوار ۾ بي ريا رهندي مذهب کي انسان جي روحاني دنيا سان ڳنڍيندي ڪڏهن مندر جي در تي سمهي رهي ٿو ته ڪڏهن مسجد جي دروازي وٽ کيس ننڊ وٺي وڃي ٿي. مطلب ته هڪ اهڙو ڪردار آهي جيڪو انسان ذات جو هڪ حصو آهي. فطرت جي ٻين نظارن ۽ ثقافت ۽ تهذيب جي ٻين وهنوارن سان جڙيل آهي، پر مذهبي جنون پسندن انهيءَ کي به نه بخشيو ۽ کيس ماريو ويو، ڪردار مرندي چوي ٿو ته:

”منهنجا زخم انسانيت جا زخم آهن، منهنجو موت انسانيت جو موت آهي.“(4)

ڪهاڻيڪار فڪري طور اها ڳالهه اڀارڻ ٿو چاهي ته مذهبي جنون ۾ انسان هوش حواس وڃائي ويهي ٿو، منجهس جانور اڀري اچي ٿو، جنهن ۾ ڪابه ساڃهه ۽ سڃاڻپ ناهي، تنهن ڪري مذهب جي نالي تي انسانيت جي ورهاست نه ٿيڻ کپي. ساڳيءَ طرح ورهاڱي کان پوءِ مذهبي مت ڀيد جو ڀيانڪ روپ انسان جي سامهون آيو جنهن ۾ انسانيت جلي ڀسم ٿي ويئي آهي، انهيءَ کان نفرت اڀري ٿي. هن ڪهاڻيءَ جو انداز ۽ موضوع ننڍي کنڊ جي ترقي پسند ليکڪ ڪرشن چندر جي ڪهاڻين وارو آهي. هن مجموعي جي ٻي ڪهاڻي ”فرشتو“ اهڙي ڪردار جي ڪهاڻي آهي، جيڪو خارجي حالتن جي پيڙا ۾ داخلي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي. اها هڪ اهڙي سماج جو پاسو ڏيکاري ٿي، جنهن ۾ انسان ته ڇا پر فرشتو به پاڻ کي توازن ۾ نه ٿو رکي سگهي. هن جي ڪهاڻي سرمائيداري سماج ۾ محنت ڪندڙ پورهيتن جي آهي، جنهن ۾ هڪ مزدور جي بي وسي ۽ ڏک جي ڪٿا سمايل آهي، کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو وڃي ٿو، سندس ماءُ بيمار آهي، هر وقت تڙپندي ۽ لڇندي رهي ٿي. بي روزگاري ۽ غربت سبب هو علاج نٿو ڪرائي سگهي، ۽ آخر ماڻس کي زهر ڏيئي حياتيءَ جي ڪشمڪش کان ڇوٽڪارو ڏياري ٿو. اهڙي غربت جو ماريل هڪ ٻيو ڪردار ”ڪفن چور“ ۾ ڏيکاريل آهي. جيڪو پنهنجي جوان ڌيءَ جي اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ ڪفن جي چوري ڪري ٿو، پر جهلجي پوي ٿو. اهڙيءَ طرح ڪهاڻي ”علوءَ جا عشق“ ۾ هڪ اوباش ڇوڪرو پنهنجي عشق جا قصا ٻڌائي پاڻ کي مرد ۽ سورمو سمجهي ٿو، پر وري ٻيو ڪردار انهيءَ جي اصليت کولي چوي ٿو ته اها تنهنجي مردانگي نه پر عورت جي مجبوري هئي. مطلب ته ڪهاڻيڪار سماج جي اوڻاين جو ذڪر ڪري ٿو. جنهن ۾ پيڙهيل طبقن جي فردن توڙي عورتن جي حالتن سبب سماجي ازدواجي ۽ اخلاقي زندگيءَ ۾ ڏار پئجي وڃن ٿا ۽ عورتون عدم توجهه جو شڪار ٿي اوباش ماڻهن جي جنسي هوس جو شڪار ٿين ٿيون. ڪهاڻي ”ٻهروپي“ به اهڙي موضوع تي لکيل آهي ۽ ڪهاڻي ”هاجران“ ۾ جاگيرداري دؤر جي هڪ اهڙي برائيءَ ڏانهن متوجه ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عورت جي جذبن ۽ احساسن کي نظرانداز ڪري زندگي ڀر عذاب ۾ اڇلايو وڃي ٿو.

ڪهاڻي ”ليڊر“ ۾ منافق روين جي يلغار جيڪا عام ماڻهوءَ کان وٺي خاص ماڻهن جي نفسيات بنجي چڪي آهي، ڪهاڻيءَ جو موضوع آهي. اهي ليڊر جن ۾ هزارين ماڻهن جون اميدون ۽ آسرا ڪيئن ٿا پنهنجي انا، شهرت ۽ مفادن خاطر ماڻهن کي جذباتي نعرا ڏين ۽ نام نهاد نظرين جي وهڪري ۾ عوام کي لوڙهي ڇڏين. عوام آڏو اهي ليڊر ڪيترا باعصمت ۽ آدرشي هوندا آهن ڪيئن نه پنهنجي غلاظت واري زندگيءَ کي بخمل ۾ ويڙهي پر تقدس بنائي پيش ڪندا آهن.

هن ڪهاڻيءَ ۾ اياز قادريءَ ٻه ڳالهيون نمايان اڀاريون آهن: هڪ سياستدانن جو منافقاڻو رويو ۽ ٻيو طوائفيت، عصمت فروشي هن سماج جي هڪ انتهائي غليظ شڪل آهي. پر هن خريد و فروخت واري سماج ۾ جتي هر شيءِ جنس (Commodity) آهي اتي عصمت فروشي لازمي ٿيندي.

هن ڪهاڻيءَ ۾ جتي ليڊر جي ماضيءَ جي رنگينن کي ظاهر ڪيو ويو آهي اتي اهو محسوس ڪرايو ويو آهي ته عورت کي هن سماج ۾ تحفظ ناهي هُو پنهنجي فطرتي ضرورت جي پورائيءَ لاءِ سماج جي قدرن جي محتاج آهي يا وري مرد جي.

نتيجو

مجموعي طور اياز قادري پنهنجي ڪهاڻي ۾ سماج جي غليظ شڪل جي نشاندهي ڪري ٿو، جنهن ۾ انسانيت جو قدر ڪونهي. فڪري طور ڏٺو وڃي ته اياز قادري پڙهندڙن جي ذهن ۾ سوال اڀاري ٿو، طبقاتي گهٽ وڌائي خلاف اجتماعي جدوجهد ڪرڻ لاءِ اڀاري ٿو. سندس ڪهاڻين جي روشن خيال فڪر جو پهلو اهو آهي ته هو موجوده سماج جي فرسوده فڪر کي قبول نٿو ڪري جتي انسانيت بي عزت ٿي رهي آهي.

حفيظ شيخ

حفيظ شيخ پنهنجي ڪهاڻين ۾ حقيقي مسئلن کي وائکو ڪيو آهي. بقول شمس الدين عرساڻيءَ جي ته ”هن جي هر تخليق ۾ ڪنهن نه ڪنهن درد سان ضرور آشنائي ٿئي ٿي.“(5)

اهو درد جيڪو جاگيرداري سماج ۾ عام ماڻهو ڀوڳي ٿو. سماج جي رواجن ۽ رسمن ۾ اخلاقي پستي ڪردارن سان ٿيندڙ هاڃا حفيظ شيخ پنهنجي ڪهاڻين ۾ نروار ڪيا آهن. سندس مشهور ڪهاڻي ”امان مان اسڪول نه ويندس“ ۾ تعليم جي پست سرشتي کي ظاهر ڪري ٿو. وڏيرڪي سماج ۾ غريب معاشي طور ڏتڙيل ماڻهو پنهنجي ٻار کي تعليم پرائڻ لاءِ سهولتون نٿا ڏيئي سگهن. اڪثر اسان جي سماج ۾ ٻار اسڪول مان اچڻ کان پوءِ پنهنجي والدين جي ٻاهرئين ڪم ڪار ۾ يا گهر جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائيندا آهن. جنهن ڪري سندن مڪمل ڌيان تعليم ڏانهن نٿو رهي. اهڙو ئي هڪ ٻار آهي، جيڪو ڪوهه پند تي پنهنجي پيءُ کي ماني پهچائڻ وڃي ٿو ۽ ٻئي طرف استاد جو رويو علمي نه پر جاهلاڻو آهي. هو سماج جي هڪ غريب گهر ۾ ان جي مجبورين کان ڪٽجي ٻار مان پڙهڻ جي اميد رکي ٿو ۽ وري سندس پنهنجي پست حالت ۽ نفسياتي الجهن جا خار ٻارن مان ڪڍي ٿو. ڪهاڻيڪار هن حساس مسئلي کي فنڪارانه انداز سان نڀايو آهي.

ڪهاڻي ”فقير رمندا رهن ٿا“ ۾ به اهڙي هڪ پست سماج جي تصور پيش ٿيل آهي، جنهن ۾ غريب جون اميدون آسرا ۽ خوشيون سڀ وقتي آهن. حالتن جي گهاڻي ۾ پيڙهجي ڇا ٿيڻ وارو آهي، انهيءَ کان بي خبر آهن. اسان جي سماج ۾ غريب ماڻهو اڪثر اولاد ٿيڻ تي خوشيون ملهائيندا آهن. خاص طور سان پٽ جي ڄمڻ تي ائين محسوس ڪندا آهن، ڄڻ ڪنهن دشمن تي فتح حاصل ڪئي هجين. ڪهاڻيءَ ۾ پٽ ڄمڻ تي اهڙيون خوشيون ملهائجي رهيون آهن.

”سندس اکيون خوشيءَ سان ٻوٽجي ويون، پٽ ڄائو هئس پٽ! ڪا معمولي ڳالهه ڪانه هئي، غريب هيو ته ڇا ٿيو پيريءَ لاءِ سهارو مليس ۽ پيڙهي وڌندس سا جدا اميد هئس.“ (6) پر اهو ٻار سماج جي حالتن جو شڪار ٿي وڃي ٿو. هونءَ به اسان جي ٻهراڙين ۾ عام غريب ماڻهن جي زندگي ٻٻر جي وڻ وانگر هوندي آهي، جيڪو بغير ڪنهن منصوبه بنديءَ جي جهنگ ۾ پيدا ٿي ويو هجي. مائٽ صرف آسن ۽ اميدن سهاري جيئندا آهن. ڪهاڻيءَ ۾ اهوئي ڪردار جنهن تي ايتريون خوشيون ملهايون ويون هيون، اهوئي زندگيءَ ۾ ڪو مثبت ڪردار ادا نه ڪري سگهيو ۽ زندگيءَ جي مختلف مرحلن مان گذري هڪ انڌڪار ۾ ڦاسي ٿو پوي ۽ سوچي ٿو ته:

”انهيءَ انڌڪار جو علاج ڇا آهي“، پر هو انهن سڀني بابت سوچيندو رهيو هو. ائين جيئن ڪو ننڍو ٻار پنهنجي نئين ڪتاب کي اٿلائيندو پٿلائيندو هجي ۽ ڪجهه نه سمجهي ور ور ڪري رکي ڇڏيندو هجي.“ (7)

ڪهاڻي ”ٻه لڙڪ“ هڪ احساساتي ڪهاڻي آهي اهو احساس جيڪو تخليقڪار جي داخلي حالت کي ظاهر ڪري ٿو. هڪ ڪردار پنهنجي اداسيءَ اڪيلائيءَ جي داخلي ڪيفيت کي معروضي طور محسوس ڪري ٿو. جنهن ۾ هن کي هڪ هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ ٻار تي رحم اچي ٿو ۽ محسوس ڪري ٿو ته:

”هو ڇوڪر کي ڀاڪر پائي چوي ٿو تون اداس ڇو آهين؟ تون ٿڌا ساهه ڇوٿو ڀرين؟ تنهنجي اداسائي ته پوري ڪائنات کي اداس ڪريو ڇڏي، معصوم ننڍڙا نينگر تون اداس نه ٿي، پر هو خاموش.“(8)

”مبارڪون“ ۽ ”ساگر جي لهرن تي“ ٻه ڪهاڻيون اهڙيون آهن جن ۾ عورت جي بغاوت کي ڏيکاريو آهي، پر اها بغاوت منفي آهي، سماجي پيڙا کان بچڻ جو فراريت وارو رستو آهي جيڪا اڪثر جاگيرداري دؤر ۾ عورتن جي بي جوڙ شاديءَ يا والدين جو غلط جڳهه تي سڱ ڪرائڻ جي نتيجي ۾ عورتون گهر کان نڪري فرار اختيار ڪنديون آهن. اهي ڪهاڻيون سماجي حالتن ۾ جبر جي عڪاسي ضرور ڪن ٿيون.

محترم رسول بخش پليجي هنن ڪهاڻين تي تنقيد ڪندي چيو هو ته، ”سندس نظريو ڪو صحت مند ڪونهي، انهيءَ جو مثال هن جا افسانا ”مبارڪون“ ۽ ”ساگر جو لهرن تي“ آهن، جيڪي رڳو غلط انداز فڪر سبب ناڪام آهن. معاشري جي برائين کي رڳو برائين خاطر چٽڻو ناهي، جيڪڏهن ڪي افسانه نگار ڪنهن حقيقت جو حسين رخ اجاگر ڪرڻ جو مقصد سامهون رکڻ بجاءِ قباحت کي پنهنجي زاويه نگاهه سان حسين بنائي ڏيکاري ته اهڙي حالت ۾ ان اديب جي حقيقت نگاريءَ کي غلط قسم جي پرچار ۽ ڪوڙ سمجهڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو چئي سگهجي. جيڪڏهن واقعي ادب عوام جي ذهن جي تربيت ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن اها مڃيل حقيقت آهي ته اديب ماحول کان متاثر ٿيڻ سان گڏ ماحول کي پڻ متاثر ڪري ٿو ته پوءِ اديب تي جيڪي فرض عائد ٿين ٿا، انهن کي ڌيان ۾ نه رکي پنهنجو غلط انداز فڪر ظاهر ڪندڙ اديب جي تخليقات کي تخريبي چئجي يا تعميري؟“(9)

هن مجموعي جي آخري ڪهاڻي ”ٽه واٽو“ هڪ علامتي ڪهاڻي آهي جيڪا وجودي فڪر جي پس منظر ۾ لکيل آهي. انسان جيڪو صدين جي تاريخ ۾ مختلف مرحلا طئي ڪري پاڻ کي هڪ ٽه واٽي تي بيهندي محسوس ڪري ٿو جتي وري به سڀ ڪجهه نئون آهي. انسان جيڪو شيطان کان وٺي فرشتي جي روپ ۾ اچي ٿو، اهو هر دؤر ۾ ابتا سبتا فيصلا ڪندي اڳتي وڌي ٿو پر ڪوبه مسئلو حقيقي طور سمجهائي نٿو سگهي. جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته هن ڪهاڻيءَ ۾ ويدن ۽ ٻڌمت جو اثر نمايان آهي يا وري سنڌ جي فڪر جو ڪو پهلو هن ڪهاڻيءَ ۾ موجود آهي.

نتيجو

حفيظ شيخ جي ڪهاڻين ۾ روشن خيال فڪر جو پس منظر موجود آهي جنهن ۾ هو موجوده وقت جي پيڙا، سماجي وهنوار جي پردي ۾ انسان سان ٿيندڙ هاڃا نروار ڪري ٿو. موجوده وقت جي حالتن سان سمجهوتو نه ڪري سگهڻ، ڪنهن نئين حالت جي تقاضا ضرور آهي جيڪا اڳتي هلي ترقي پسند فڪر جو بنياد بنجي ٿي.

جمال ابڙو

مائوزي تنگ چيو هو ته ادب ۽ فن کي انقلابي تحريڪ جو حصو بنجڻ گهرجي.(10)

جمال ابڙي اهوئي ڪم ڪيو، هن پنهنجي ڪهاڻين جا موضوع زياده تر ان طبقي مان کنيا جيڪي ڏتڙيل پرماريت جو شڪار آهن. سندس موضوع وڏيرڪي سماج ۾ ماڻهن سان حيواني سلوڪ، معاشي طور سخت اذيت ناڪ صورتحال، بک بيروزگاري، مفاد پرستي، نفسانفسي آهن. جمال ابڙي پنهنجي ڪهاڻين ۾ سنڌي سماج جا تقريباً سڀ تاريڪ پهلو ظاهر ڪيا آهن. جيڪي وڏيرڪي سماج جي جڙ ۾ سمايل آهن. سنڌي ادب ۾ حقيقت نگاريءَ جو رواج ته اڳ ۾ ئي پئجي چڪو هو، پر جمال ابڙي جهڙيءَ طرح حقيقت نگاريءَ پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪئي اها بلڪل ٺوس آهي، جيڪا نه صرف حقيقت جي آگاهي ڏئي ٿي پر ماڻهوءَ کي سوچڻ تي مجبور به ڪري ٿي، اها سندن جذبن کي ڀڙڪائي ٿي ۽ کيس سماج جي اهڙي شڪل کان نفرت ٿيڻ لڳي ٿي.

حقيقت نگاريءَ جو اهو عمل روس جي اديبن ۾ جڏهن شروع ٿيو هو ته اتي معروضي حالتن ۾ انقلابي تحريڪ غيرطبقاتي سماج جي تخليق کي ظاهر ڪندي، ماڻهن کي انقلابي جدوجهد لاءِ اڀاريو ٿي. انهن مان گهڻا اديب خود ڪميونسٽ هئا يا وري انقلابي تحريڪ کان متاثر هئا. پر سنڌ ۾ صورتحال ڪجهه مختلف هئي. هتي جيئن ئي ماڻهو جديد دؤر جي قدرن کان متعارف ٿيڻ لڳا ته انهن پنهنجي آس پاس جي حالتن جو جائزو ورتو ته انهن کي سنڌي سماج جهالت ۾ ورتل لڳو، ذات پرستي، پير پرستي، قبر پرستي، مذهبي تنگ نظريي، وڏيرڪي غلامي، هارين سان غيرانساني سلوڪ.... زندگي بس رُڪيل هئي ۽ بي مقصد لڳي رهي هئي. ٻئي طرف وڏيرن جون عياشيون ۽ انهن جا ظلم عام جام هئا. اها سڄي اهڙي صورت حال هئي جنهن ۾ سرمائيداريءَ واري لبرل سوچ رکندڙ به هن سماج کان باغي ٿي سگهيو ٿي.

هونئن به روشن خياليءَ جي تحريڪ کان پوءِ ادب جون نئون دؤر انقلابي حقيقت نگاريءَ جو هو، پر مارڪسي نظريي اديب کي رُخ ڏيکاريو. اهوئي رُخ هو جنهن سڄي دنيا جي اديبن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو. هنن جي حقيقت نگاري وڌي سماج جي اهڙن مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ لڳي جن کي بدلائڻ جي ضرورت هئي.

جمال ابڙي به هڪ اهڙو ڪردار ادا ڪيو، جيتوڻيڪ پاڻ ڪميونسٽ نه هو، نه وري پارٽيءَ جو ميمبر هو، بلڪ هو صرف انسانيت پرست هو، هو ڪنهن به انسان کي ڦٿڪندي ڏسي ٿو، پيڙا ۽ درد ۾ ورتل ڏسي ٿو ته قلم کڻي ٿو. نه صرف ايترو پر هو اهڙن مسئلن کي کڻي ٿو جيڪي وڏيرڪي سماج جا عام روزمره جا مسئلا آهن. مثلاً ”خميسي جو ڪوٽ“ ڪهاڻي ڏسو. اسان وٽ اهڙا ڪيترا غريب ڳوٺاڻا موجود آهن جن وٽ سر تي ڇپر ناهي يا انگ ڍڪڻ لاءِ ڪو اوڇڻ ناهي. گرميءَ سرديءَ ۾ تڙپي تڙپي مري ٿا وڃن. جمال ابڙي هڪ اهڙي ڪردار کي کڻي امر بڻائي ڇڏيو آهي. خميسو هڪ پورهيت ڪردار آهي. مال چاري ٿو، سندس حلئي کي هن طرح بيان ڪيو اٿس.

”ننڍڙو يارنهن سالن جو خميسو اڳئي مال وٺيو موڙن ۾ بيٺو هوندو هو. کيس قميص ڪانه هئي، پر هڪ تڳڙين نڪتل گرم ڪوٽ پيو هئس. ڪاري گوڏ ۽ مٿي تي ميرو ڪپهه جو ٽوپ، مٽ به ماڪ سان ڇانئيا پيا هوندا هئا. ٻئي هٿ ڪڇن ۾ وجهي پيرن اگهاڙو پاڻ کان ڊگهي لٺ کنيو سوڙهو ٿيو بيٺو هوندو هو، سندس کاڏي پئي کڙڪندي هئي.“(11)

اهو خميسو سرديءَ وگهي بيمار ٿي مري وڃي ٿو پر سندس علاج ٿي نه سگهيو، ڊاڪٽر ڇهه ميل پري هو ۽ خرچي به وٺندو هو. جيڪو غريب مائٽ نٿي ڀري سگهيا. اها هئي غربت جي انتها پر ڪهاڻي جي پڄاڻي وڌيڪ ڇرڪائيندڙ ۽ هڪ نئين سوچ کي جنم ڏئي ٿي ته:

”ٻئي ڏينهن خميسي جو ننڍو ڀاءُ مهر ڏاند وٺيو بيٺو هو، کيس اهوئي خميسي وارو ڪوٽ پيل هو.“(12)

فڪري طرح اها ڪهاڻي تمام اهم آهي، اڻ ڳڻيا سوال جنم وٺن ٿا ته ڇا زندگي اها آهي؟ اڪيلي بيوس غربت ۾ ماريل، منجهس ڪا به تبديلي ناهي! خميسو فطرت جو معصوم ڪردار آهي، چنچل، شرارتي، کيس ڪنهن به اچڻ واري آفت جي خبر ناهي، پر سندس دنيا نرالي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ملان چٿر جي قابل ڪردار آهي. ڄڻ ته خميسي جي دنيا ۾ ملان ڪو عجوبو آهي، جنهن کي ڇيڙڻ سان کيس خوشي ملي ٿي توهان هنن سٽن تي غور ڪريو:

”هو مون کي چيڙائيندو هو، مان تڪڙو تڪڙو وڌي ويندو هئس ۽ هو پٺيان چوندو رهندو هو، ”ملان ملان او ملان“ مان اوور ڪوٽ جي ڪالرن کي ٺاهيندو الله ڏي ويندو هئس، ۽ هو ڍورن ڏي، مان وڃي شڪر ادائي ڪندو هئس ۽ پنهنجي صحت ۽ خوشحاليءَ جي دعا گهرندو هوس، هو فصل جي سنڀال ڪندو هو.“(13)

بغير ڪنهن نعري بازيءَ جي ۽ فڪري ڳنڍيون سلجهائڻ جي جمال ابڙي اها ڳالهه چئي ڇڏي آهي، جيڪا مارڪسزم جو روح آهي. يعني طبقاتي شعور! هيٺيون طبقو جيڪو اناج اپائي ٿو، ڍور ڍڳا چاري ٿو ۽ انسان لاءِ سڄي سال لاءِ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري ٿو پر مٿئين طبقي جو ۽ مذهبي ماڻهوءَ جو ڪردار انفرادي ۽ ذاتي طور خود غرض آهي. ملان پاڻ لاءِ سوچي ٿو، پنهنجي خوشحاليءَ لاءِ ۽ صحت يابي لاءِ دعا گهري ٿو. خميسو ڪا به دعا نٿو گهري، هو صرف ڪم ڪري ٿو، ۽ اجتماعي انسان جي ڀلي جو ڪم ڪري ٿو پر پنهنجي ذات لاءِ نٿو سوچي پاڻ غربت ۾ فطرتي آفتن جو شڪار رهي ٿو.

اهڙي ئي غربت جو ذڪر سندس ڪهاڻي ”پيراڻي“ ۾ به آهي. هن ڪهاڻيءَ کي اهڙي فنڪاريءَ سان جمال ابڙي پيش ڪيو آهي جو پڙهڻ سان وار ڪانڊارجيو وڃن. وڏي ڳالهه اها آهي ته جمال هيٺئين طبقي جي ڪردار جي بيوسيءَ ۽ ڏک کي ڪهاڻيءَ جو موضوع بنائڻ وقت ڪٿي به قوم پرستيءَ جو شڪار نٿو ٿئي. هن وٽ پيڙا صرف پيڙا آهي، اها سنڌيءَ جي هجي يا بروهيءَ جي هجي، پر غربت سڃ ۽ بک ۾ اها حالت اٿن جو پنهنجو اولاد به وڪڻي ڇڏين ٿا. هتي ڪرشن چندر جي ڪهاڻي ”ان داتا“ ياد ٿي اچي. جنهن ۾ ڏڪار دوران هڪ زال پنهنجي مڙس کي چوندي آهي ته ماڻهو پنهنجو اولاد وڪڻن پيا ڇو نه اسان به پنهنجي ڌيءَ وڪڻي ڪجهه پئسا وٺون، پر سندس مڙس سختيءَ سان کيس منع ڪري ٿو ۽ سوچي ٿو. ته ڪيڏانهن وئي هن عورت جي ممتا، ڪيڏانهن ويا هن جا جذبا؟! ڇا بک اهڙي بڇڙي شيءِ آهي جو انسان کي انساني جذبن کان محروم ڪريو ڇڏي. پر جمال ابڙي جي ڪهاڻي ”پيراڻي“ ۾ پيراڻي هڪ معصوم ڌيءَ آهي جيڪا وڪجي وڃي ٿي. بک ۽ بيوسي ۾ سڀ جذبا زنده آهن، ماءُ جي ممتا به آهي پر معصوم ٻارڙي وڪجي وڃي ٿي. ماءُ ڦٿڪندي رهي، ۽ ڌيءَ سڏڪندي رهي، امان بابا پڪاريندي رهي. پيراڻيءَ جي پيءُ جي نڪ ۽ اکين جو پاڻي سندس ڏاڙهي مان ٿي ٽميو ۽ لڏ رواني ٿي ويئي. ڪهاڻيڪار جيڪو فڪر ڏيڻ چاهيو اهو سامهون اچي ٿو ته معاشي مسئلو دنيا جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي. شيخ اياز جي بقول ته:

سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا،

ڍؤ بنا ڍولا ناهي ساڃاهه سونهن جي.

اهڙو ڪردار دين محمد جي ڪهاڻي ”منهن ڪارو“ ۾ آهي، جنهن وٽ پنهنجي پٽ جي علاج لاءِ پئسا ڪونه آهن. ٻئي طرف وڏيرو مراد پوري ٿيڻ تي يعني سندس خيال ۾ پير جي دعا سان ڄاول پٽ تي پير سائين تي پڙ ٿو چاڙهي جنهن جي منظر ڪشي ڏسو:

”وڏيرو وڏي ٺاٺ ۽ اڊمبر سان ريل جو گاڏو ڀرائي ٻارين ٻچي اچي نڪتو. منڊل لڳي ويا، دهلن جي ذيپٽ، شرنائن جي ڌم، ڌمالون ۽ کڳيون، سهرا ۽ راڳ، وڏيرو وڏي چوڄ ۽ هيج مان پئي هليو. دل کولي خرچ ڪيائين، ٻڪريون ڪٺيون، ڪڃريون ٿي نچيون، گهور به گهور هئي.“(14)

ٻئي طرف دين محمد جي الله جي ڏنل پٽ کي خناق آهي وٽس علاج ڪرائڻ لاءِ پئسو ڪونهي، اهو ريشمي پڙ پير سائين تان لاهي ٿو پر پڪڙجي پئي ٿو. ۽ پوءِ کيس رتو رت ڪيو وڃي ٿو، سندس منهن ڪارو ڪري گڏهه تي چاڙهيو وڃي ٿو.

واضع طور هن ڪهاڻيءَ ۾ قبر پرستي ۽ پير پرستيءَ کانسواءِ طبقاتي ويڇا به ظاهر ٿيو پون ۽ ماڻهو اهڙي گندي فرسوده وڏيرڪي سماج کان ڪراهت محسوس ڪري ٿو.

ڪهاڻي ”بدتميز“ اسان جي سماج جي ٻيائيءَ کي ظاهر ڪري ٿي ته اسان انساني رشتن ۽ جذبن کي سڃاڻڻ بجاءِ ذاتي دوستيون نڀائيندا آهيون. پنهنجي معاشي حيثيت جي برابريءَ واري سڻڀي ماڻهوءَ کي اهميت ڏيندا آهيون، پر انساني قدرن جي پرواهه اسان کي ناهي جو مريض وٽ پئسا نه هجڻ ڪري ڊاڪٽر ان جو علاج نٿو ڪري، پر پنهنجي دوست جو علاج ڪري کانئس پئسا نٿو وٺي ۽ چوي ٿو ”مان بدتميز ٿورئي آهيان“. ساڳئي وقت هيءَ ڪهاڻي اسان جي سماج ۾ ڊاڪٽري پيشي کي وائکو ڪري ٿي ته بظاهر هي پيشو مسيحائيءَ جو آهي؛ انسانيت جي خدمت جو آهي، پر خريد و فروخت واري سماج ۾ ڪوبه پيشو انساني سماج جي لاءِ ناهي بلڪ خالص پئسا ڪمائڻ جي لاءِ آهن. تنهن ڪري ڊاڪٽر هڪ عجيب ميڪنيڪل ماڻهو آهي، جيڪو عام ماڻهوءَ جي ڏک کي نٿو سمجهي، غربت جو احساس کيس ناهي، مريض کي کير، ڪشمش، نارنگيءَ جو رس واپرائڻ لاءِ چوي ٿو پر کيس اها خبر ناهي ته هن کي هڪ وقت جي ماني به ملي ٿي يا نه، بلڪ ڊاڪٽر اهو سڀ ڪجهه ڄاڻڻ به نٿو چاهي. کيس جاهل غريب، ڏتڙيل ماڻهن کان بيزاريت آهي، انهن کان خفا پيو ٿئي. اهڙي ئي موضوع تي هڪ ڪهاڻي ”فرشتو“ آهي، جنهن ۾ هڪ فوجي ڊاڪٽر آهي، جيڪو مريض کي عزرائيل ٿو لڳي، هڪ خاص طبقي جي ذهنيت کي ظاهر ڪري ٿو.

ڪهاڻي ”شاهه جو ڦر“ ۾ ذات پات جي حوالي سان رائج جهالت جو ذڪر ٿيل آهي، جنهن ۾ سيد هئڻ انسان هئڻ کان وڏي ڳالهه آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ سيد ۽ امتيءَ واري تفريق تي ۽ مت ڀيد تي ڀرپور طنز ٿيل آهي ته پيرل شاهه ڪو شهر جو چڱو مڙس ڪونه هو، پر سڀ کيس سائين پيرل شاهه چوندا هئا. سيد جو سڏائيندو هو! ڳوٺ جو پرئو مڙس کنهڻ ۾ پورو هو. پيرل شاهه کي ڄڻ سرڪار دوجهان وٽان سرٽيفڪيٽ مليل هو ته تون افضل ۽ اعليٰ آهين، بوکڙو ملان به سندس هٿ چمندي ڏاڙهي پيا ڏڪائيندا هئا. عام رواجي ماڻهو ته سندس موچڙي سٽيا هئا، سڀني جو ڪم هو ”پيرن پوڻ“. (15)

سنڌي ماڻهو ويساهه جا وسوڙيل عقيدت ۽ احترام وچان سيد کي اعليٰ ڪردار ڪري ليکيندا آهن، ڇوته هونءَ به ڌارين کان هيسيل هيءَ قوم احساس ڪمتريءَ جو شڪار رهي آهي. جنهن جي ڪري ڌارين سڃاڻپ هن اڳيان برتري جتائي پنهنجا مفاد پورا ڪندي رهي آهي. مريم (ممڙي) هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن وٽ ذات پات جي تميز ناهي، هو معصوم ٻارڙي آهي، جيڪا ڳوٺ جي سڀني ماڻهن جو قرب حاصل ڪري ٿي، سڀني سان شرارت ڪري ٿي ۽ سڀني کي ماما چوي ٿي. پر جڏهن شاهه صاحب کي ماما چوي ٿي ته هو ڪاوڙ جي پوي ٿو ۽ کيس چماٽ هڻي ڪڍي ٿو. ممڙيءَ جو پيءُ کيس مار ملڻ تي سخت ڪاوڙ ۾ اچي ٿو ۽ سڄي نفرت ۽ باهه وچان چوي ٿو ته ”شاهه جو ڦر!“

اها آهي نفرت جيڪا اُچي ذات جي اهڙي اڍنگي رويي جي نتيجي ۾ پيدا ٿئي ٿي. سنڌي ماڻهوءَ پنهنجي تاريخي ارتقا ۾ پنهنجن سٺن لڇڻن کي ڪڏهن به نه وساريو آهي، هو ڪڏهن به وحشي جانور نه بڻيو آهي. هن انسانيت جي اعليٰ قدرن کي ظلم ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ واري ماحول ۾ به برقرار رکيو آهي، سنڌي ماڻهن کي جڏهن به موقعو ملي ٿو ته هو ظلم کان نفرت جو اظهار ڪن ٿا. سخت اذيت ناڪ جاگيرداري قدرن ۾ به ماڻهو ۽ ماڻهپو رهيو آهي. انهيءَ ڪردار جي اعليٰ شڪل اسان کي سنڌي ماءُ ۾ ملي ٿي. سنڌي ماءُ سنڌ جو هڪ انوکو ڪردار آهي. جنهن ۾ سنڌ جي فڪر جي جهلڪ موجود آهي، هوءَ چاهي ڪهڙي به روپ ۾ هجي، غربت ۾ يا ڏک ۾، جنگ يا امن ۾ پر منجهس زندگيءَ جو احترام ۽ انسانيت پرستي موجود هوندي آهي. اهڙوئي ڪردار جمال ابڙي جي ڪهاڻي ”ماءُ جي جهوليءَ“ ۾ آهي. هڪ عورت جيڪا سندس وچولي طبقي جي ثقافت ۾ رچيل اختلاف کي آسماني مذهبي درجو ڏيندي سخت پردو ڪندڙ آهي. جيڪا برقعي ۾ به ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ اتان لنگهي نٿي سگهي پر اهائي عورت هڪ معصوم ٻار کي فسادين کان بچائڻ خاطر مٿي اگهاڙي ماڻهن جي انبوهه ۾ ٻاهر نڪري اچي ٿي ۽ انهيءَ ٻار کي سيني ۾ لڪائي ڇڏي ٿي. ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ڏسو. ”ڏٺم ته ٻار کي سيني سان لڳائي ڇڏيو هئائين، چيم سرڪار ڀنگياڻيءَ جو ٻار!“ ”ڀنگياڻي هجي ڪ پنجابڻ يا پناهگير، ماءُ جي جهولي ته خالي ٿئي ها نه؟ مون ڏٺو ته سندس اکين ۾ لڙڪ هئا ۽ مائيءَ جا ڳوڙها ته اڻ ڳڻيا اڻ جهليا پئي وهيا. مون باغ جي مٽي کڻي چيو.“

”سنڌ جي مٽيءَ کي سلام، سنڌو جي مٽيالي پاڻيءَ کي سلام، گهوگهاري ۽ گهٽهڙ جي سڳداسين کي سلام.“(16)

اهوئي ڪردار همه گير آهي، منجهس آفاقيت آهي، انسانيت پرستي آهي، ۽ انساني جان وٽس سڀ کان قيمتي شيءِ آهي، جنهن کي بچائڻ خاطر هو قدرن کي رواج ۽ رسمن کي لتاڙي سگهي ٿي.

جمال ابڙي طبقاتي سماج جي اهڙي بڇڙي شڪل کي ڏيکاريندي صرف ادبي فوٽوگرافي نه ڪئي آهي پر هن واقعن جي پس منظر ۾ اهڙي فڪر کي اڀاريو آهي، جيڪو ازلي سونهن پسڻ کان پوءِ پيدا ٿيندو آهي. اها سونهن جيڪا زندگيءَ جي خوبصورت پهلوئن جي آهي، خود جمال ابڙي چيو هو ته ”هر اديب دانشور ناهي، اديب ته سونهن پسي وٺي ٿو ۽ ان جي جهلڪ ٻين کي پسائي ٿو.“(17)

جمال ابڙو نه صرف سونهن پسائي ٿو، بلڪ انهيءَ دائمي سونهن لاءِ جدوجهد جو ڪو دڳ به ٻڌائي ٿو. سندس ڪردار زماني جي پيڙا سهي اذيتون ڀوڳي جوان ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ سندس خوف ۾ جوش ۽ ولولو کين باغي بنائي ٿو، تڏهن ”پشو پاشا“ ڪهاڻي سرجي ٿي، پشوءَ جي بغاوت زندگيءَ سان جڙيل آهي پشو اهڙو ڪردار آهي، جيڪو سرڪش آهي ارڏو آهي، قدرت جي اڻ گهڙيل تخليق آهي، ڪنهن کي چڪ ڪنهن کي رهڙ، پيو اڇلون ڏئي ۽ ڇلڪي، سندس ڪردار جذباتي ۽ چلولو آهي، جيڪو جاگيرداري سماج ۾ ٺوڪر کائي ٿو. پنهنجي مردانگي ۽ رعب تاب جي ٻل تي وڏيري جي ڌيءَ سان عشق ڪري ۽ انهيءَ جو سڱ به گهري ٿو. وڏيري جي جلال کي ڏسندي شهر وڃي ٿو، اتي پورهيتن ۽ مزدورن کي گڏ ڪري پاڻ جهڙا ٻيا سنگتي گڏ ڪري انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

هي ڪردار اديب جي هڪ تخليق آهي، جنهن جو مطلب آهي هڪ اهڙو مثالي ڪردار پيش ڪرڻ جيڪو اسان جي رهبري ڪري، جيڪو هن سماج کي بدلائي، ذلت ۽ پستيءَ واري هن حيواني سماج کي انساني دڳ تي لائي. اسان مان گهڻن کي جوانيءَ ۾ اهڙا ڌچڪا لڳا هوندا، اهڙي ٺوڪر لڳي هوندي، جنهن اسان جي اندر ۾ باغيانا خيال پيدا ڪيا هوندا، پشو اسان مان هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن جي بغاوت جو سبب ڪهڙو به هجي پر سندس رُخ وڏيرڪي سماج خلاف آهي.

هن ڪهاڻيءَ تي گهڻن اديبن ۽ دانشورن پنهنجا تنقيدي رايا ڏنا هئا، محترم رسول بخش پليجي جو خيال آهي ته:

”هي ڪردار خيالي آهي، فلمي آهي، جيئن ممتاز دمساز، جان عالم ۽ حاتم طائيءَ جا ڪردار موجود آهن، هنن جي جدوجهد جو ڪو سبب علمي عقلي ناهي، بلڪ ارڏائي وارو آهي. وڏيري جي ڌيءَ سان عشق ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ ۾ پشو انقلابي بنجي وڃي ٿو. يعني وڏيرو پنهنجي ڌيءَ سان عشق ڪرڻ جي اجازت ڏئي ها ته انقلاب جي نوبت ئي نه اچي ها.“(18)

مس شمس صديقيءَ چيو هو ته ”پشو پاشا پلاٽ جي لحاظ کان ترقي پسند آهي.“(19)

دين محمد لاشاريءَ جو خيال هو ته ”پشو جي تحريڪ اڌوري آهي، سندس ڦاسيءَ کان پوءِ تحريڪ جو ڇا ٿيو؟ ڪجهه به نه رڳو مايوسي ۽ دل شڪستگي.“(20)

ڳالهه اها آهي ته ترقي پسند ادب ۾ مارڪسي فڪر جا لاڙا نمايان رهيا آهن. اڪثر روس ۾ يا يورپ ۾ اهڙا مثالي ڪردار پيش ڪيا ويا آهن، جيئن گورڪي جي ڪهاڻي ”ماءُ“ ۾ ماءُ پنهنجي غدار پٽ کي ماري ڇڏي ٿي. دوستووسڪيءَ جو مشهور ناول “How the Steel was Tempered” جنهن جو اردو ترجمو ”دارورسن کي آزمائش“ جي نالي سان ٿيو هو ۽ سنڌيءَ ۾ محمد عثمان ڏيپلائي ”سسي نيزي پاند“ جي نالي سان ڪيو. انهيءَ ۾ هڪ ڪردار ناسمجهيءَ ۾ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي انقلابي بنجي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح هتي به جمال ابڙي جو مقصد اهڙي ڪهاڻي لکڻ هو، جنهن جو هيرو مثالي هجي، جيڪو زماني جي مختلف مرحلن مان ۽ مسئلن مان گذرندي انقلابي بنجي وڃي ٿو.

ترقي پسند اثر هيٺ هي ڪهاڻي ضرور لکي ويئي، پر هن ڪهاڻيءَ جو ڪردار بقول رسول بخش پليجي جي ته اسان جو ڏيهي ڪردار ناهي بلڪ خيالي آهي.(21). جيڪو حالتن کي اقتصادي ۽ سياسي نظرين ۽ تحريڪن جي تناظر ۾ سمجهڻ بدران ذاتي رنجش جي باعث هليو آهي انقلاب آڻڻ.

نتيجو

مجموعي طور جمال ابڙو ترقي پسند اديب آهي، جنهن تي مارڪسي انقلابي تحريڪ جو اثر نمايان آهي، پر ساڳئي وقت بقول شيخ اياز جي ته: جمال ابڙو خدا دوست به آهي ته انسان دوست به آهي ۽ ادب دوست به آهي ۽ سندس ٽيئي خاصيتون سندس ڪهاڻين ۾ موجود آهن، اسان جمال ابڙي کي خالص مارڪسٽ ليکڪ نٿا چئي سگهون بلڪ جمال سنڌ ڌرتيءَ جو اهو ليکڪ آهي جنهن جي مٽيءَ ۾ انسانيت، امن، پيار، محبت ۽ اميد پرستي آهي. جنهن جو فڪر زندگي پروري آهي. اهو فڪر سنڌ جو فڪر آهي.... تسلسل آهي.

غلام رباني آگرو

غلام رباني اهو واحد ڪهاڻيڪار آهي جنهن سنڌيءَ ۾ پهريون ڀيرون ڪهاڻيءَ ۾ فلسفياڻين نڪتن تي بحث ڪيو ۽ پنهنجي ڪهاڻين ۾ فڪري بحث کي علامتي انداز ۾ پيش ڪيو. اڪثر ڪهاڻيڪارن مارڪسي فلسفي کان متاثر ٿي ڪهاڻيءَ ۾ سماجي حقيقت نگاري ڪئي، بک، غربت ۽ فرسوده قدرن کي پنهنجو موضوع بنايو، پر فلسفي جا ٻيا بيشمار سوال جيڪي وجود، ذهن، آزادي، جنس، فنا، بقا، موت حيات بابت آهن. غلام رباني انهن سوالن کي به ڏاڍي فنڪاريءَ سان ڪهاڻين ۾ کنيو. مثال طور ”آب حيات“ ”جي مان پل هجان“، ”اکڙيون اڃايون“ ”ڪرئڪ“ ڪهاڻين ۾ علامتي انداز سان گهڻا سوال اڀاريل آهن، جيڪي، فنٽئسي ۽ رومانويت واري اسلوب جي باوجود به سماجي حقيقت نگاريءَ جي قريب آهن. سندس ڪهاڻين جو ٻيو پهلو طبقاتي سماج ۾ ٿيندڙ هاڃن متعلق آهن. جنهن ۾ سندس مشهور ڪهاڻيءَ ”شيدو ڌاڙيل“ قابل ذڪر آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ وڏيرڪي سماج جو هڪ عڪس ڏيکاريل آهي جنهن جو مرڪز هڪ طاقتور وڏيرو آهي، سندس چؤطرف مختلف گهمندڙ ڪردار آهن، جن ۾ شيدو ڌاڙيل، تر جو وڏيرو، زيبي ۽ پوليس وغيره شامل آهن. هن ڪهاڻيءَ ۾ فڪري طور اها ڳالهه اڀاريل آهي ته جاگيرداري سماج ۾ هر برائيءَ جي جڙ وڏيرو هوندو آهي، جنهن جي اڳيان عام ڳوٺاڻن کان وٺي ڌاڙيلن تائين سڀ بي وس آهن ۽ پوليس به سندس ٻانهن ٻڌي آهي. ”پن پوڙين پاتال ۾“، ”بُري هن ڀنڀور ۾“ ۽ ”اخبار“ هڪ ئي موضوع جو تسلسل آهن، ته غريب بي پهچ آهي، مسڪين ماڻهوءَ سان وڏيرڪي سماج ۾ ڇا وهي واپري ٿو. غريب ماڻهو زندگيءَ جي هر لمحي ڪهڙن عذابن مان گذري ٿو. سندس جيئڻ جا سڀ وسيلا کسجي وڃن ٿا، پر کيس آواز ڪڍڻ جي به اجازت ناهي، سماج جا سڀ ادارا امير سان گڏ آهن، وڏيري جا ساٿي آهن، جيئن ”اخبار“ ڪهاڻيءَ ۾ هڪ غريب جمن جو ڪردار وڏيري جو ستايل آهي، هو جتي به دانهن کڻي وڃي ٿو، اتي کانئس رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي. اخبار ۾ به هن جي خلاف خبر هلي ٿي، ايڊيٽر کي ترديد لاءِ منٿون ميڙون ڪري ٿو، پٽڪو لاهي سندس پيرن تي رکي ٿو، پر ايڊيٽر به وڏيري جي ٻڌي ٿو. ”پن ٻوڙين پاتال“ ۾ ڪهاڻيءَ ۾ وڏيرو چونڊن ۾ بيهي ٿو ۽ زبردستي ووٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سدوري نالي هڪ ڪردار مزاحمت ڪري ٿو ۽ کيس سندس هلت ياد ڏياري ٿو. وڏيرو مڇرجي سندس گهر ٻار تباهه ڪري ڇڏي ٿو. اهڙيءَ طرح ”بري هن ڀنڀور ۾“ وڏيرڪي سماج جي ان زيادتيءَ ڏانهن نشاندهي ٿيل آهي، جنهن ۾ غريب ماڻهوءَ کان زبردستي مفت بيگار ۾ ڪم ورتو ويندو آهي ۽ هن ڪهاڻيءَ ۾ عيسيٰ جو ڪردار وڏيري جي ان ڇيڙ جو شڪار ٿئي ٿو. سندس گهر ٻار تباهه ٿي وڃي ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ هيٺئين ڪلاس کي ٻٽي ظلم جو شڪار ٿيل ڏيکاريو ويو آهي، هڪ فطرت جو ٻيو وڏيري جو. فطرتي آفتن کان بچڻ لاءِ غريب وٽ ڪو بچاءُ ناهي پر وڏيرو پنهنجي بچاءُ لاءِ عام ماڻهوءَ کي استعمال ڪري ٿو. غلام ربانيءَ سنڌ جي وڏيرڪي سماج کي چڱيءَ طرح پرکي ڏٺو آهي. صدين کان جيڪو ٿيندو آيو آهي ماڻهن برداشت ڪيو آهي، پنهنجي قسمت سمجهي يا بي وس بي پهچ هئڻ ڪري، پر ان ظلم کي ظلم ان وقت محسوس ڪيو وڃي ٿو، جڏهن دؤر بدلجي ٿو، تبديليون رونما ٿين ٿيون. انسان جي معاشي، سماجي، شخصي آزاديءَ جي ڳالهه ٿئي ٿي. دنيا ۾ روشن خيال، ترقي پسند، انسانيت پرست تحريڪون هلن ٿيون، تنهن ڪري اسان جو ڪهاڻيڪار دنيا جي جديد تحريڪن کان اثر انداز ٿئي ٿو. باشعور هئڻ ڪري هو پنهنجن ديس جي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم کي ظاهر ڪري ٿو، وڏيرڪي سماج ۾ ٿيندر ظلم کان نفرت محسوس ڪرائي ٿو ۽ ان خلاف بغاوت ڪرڻ لاءِ اڀاري ٿو. انهيءَ بغاوت ۽ جدوجهد جو درس اسان کي سندس ڪهاڻي ”هونداسي حيات“ ۾ ملي ٿي. جنهن ۾ ڪردار ظلم کي محسوس ڪن ٿا.

”ابا هر شيءِ جا حقيقي وارث اسين، ته به بک اسان جي گهرن ۾، بيماري اسان جي گهرن ۾! ۽ ان بعد موچڙي جو ڦهڪو پيو پوي! هي زمينون اسان جون، هي ساوا سلا اسان جا اڀاريل، هي رنگا رنگي محل اسان جا جوڙيل.....“ (22)

هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻين ڪهاڻين کان نرالي خصوصيت اها آهي ته هن جي ڪردار ۾ اهو شعور پيدا ٿي رهيو آهي پنهنجي طبقي جي، پنهنجي ديس جي وسيلن جي مالڪيءَ جو ۽ پنهنجي محنت جو ۽ اهو شعور پيدا ٿيڻ لڳي ته پوءِ ظلم سهڻ بدران ماڻهوءَ ۾ بغاوت پيدا ٿئي ٿي ۽ هو هڪ ڏينهن ظلم خلاف سندرو ٻڌي ٿو، اهوئي ڪجهه هن ڪهاڻيءَ ۾ به ٿئي ٿو.

”ابا اچو ته همت جو سندرو ٻڌون، وڃايل وٿ واريون، ظالمن جي نڙيءَ تي ننهن ڏئي،..... کين اصل نگهو سار ڪري ڇڏيون!“(23)

انهيءَ مان ظاهر آهي ته غلام رباني جديد ترقي پسنديءَ جي ۽ روشن خياليءَ جي تحريڪن کان چڱيءَ طرح واقف آهي ۽ متاثر آهي. تنهن ڪري پنهنجي ڪهاڻين ۾ اهو شعور اڀاري ٿو، ته طبقاتي نظام ۾ تيستائين ظلم قائم رهڻو آهي، جيستائين اٻوجهه ماڻهن ۾ شعور اچي ۽ هو متحد ٿي ظلم جي ڪوٽ کي ڊاهي وجهن.(24)

غلام رباني صرف سماج جي مسئلي ۽ انهيءَ متعلق فڪري اپٽار تي بس نٿو ڪري، هو فڪري ميدان ۾ اڳتي وڌي وڃي ٿو ۽ انساني جيون متعلق اڻکٽ سوال پنهنجي ڪهاڻين جا موضوع بنائي ٿو، جهڙوڪ سندس ڪهاڻي ”اکڙيون اڃايون“. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اهڙي موضوع کي کنيو ويو آهي، جنهن جو پس منظر سگمنڊ فرائيڊ جي نفسيات جو نظريو آهي. ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڪردار پنهنجو خواب ٻڌائي ٿو ته ”هن ڪنهن حسين جي اک ۾ چهنبياري نب وارو قلم اڇلي هنيو آهي ۽ سندس دوست انهيءَ خواب جو تجزيو ڪندي چوي ٿو ته ”اهو دٻيل جنسي جذبي جو لاشعوري اظهار آهي“.(25)

سندس دوست جو اهو تجزيو بلڪل فرائيڊ جي خوابن واري نظريي وارو آهي، جنهن ۾ فرائيڊ اڪثر اهڙي قسم جي خوابن کي جنسي خواهش جي دٻيل جذبن جو اظهار قرار ڏنو آهي. (ڏسو ڪتاب Interpretation of Dreams) هن ڪهاڻيءَ ۾ ظاهري طور ڪردار انهيءَ ڳالهه کي نٿو مڃي، پر (جيڪو هن ڪتاب ۾ لکيل آهي) سندس افعال اهي ئي آهن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪهاڻيڪار فرائيڊ جي نظريي کان متاثر آهي.

ڪهاڻيڪار جديد علمن ۾ نفسيات، منطق، جديد مغربي فلسفي جي لاڙن کان چڱيءَ طرح باخبر آهي ۽ هو زندگيءَ جي مختلف مسئلن کي انهيءَ عمل تي پرکي ٿو. جيئن سندس ڪهاڻي ”ڪرئڪ“ آهي، جنهن ۾ هڪ سوچيندڙ ماڻهوءَ جو الميو ڏيکاريل آهي. سندس فلسفياڻين سوچن جي ڪري، سندس دوست کيس ڇڏي وڃن ٿا، کيس سڀ ماڻهو خشڪ ماڻهو چون ٿا ۽ پرپٺ کيس ڪرئڪ چون ٿا. انهن ئي فلسفياڻين سوچن جي تسلسل ۾ ڪهاڻي ”جي مان ڀل هجان“ آهي. جنهن ۾ جديد مغربي فلسفي ڊيڪارٽ جو هڪ فلسفياڻو نڪتو آهي ته ”مان سوچيان ٿو انهيءَ ڪري زنده آهيان!“ ڪهاڻيءَ ۾ اڳتي هلي اٿاريل سوال ”منهنجي من ۾ ڪهڙا ويچار پيا اچن؟ جيڪر مون کي ڪوئي احساس نه هجي، نه ڏک جو نه سک جو، مان احساس ڇوٿو رکان؟ ان ڪري جو مان زنده آهيان، نه ته ائين ناهي ڪهڙي خبر مان زنده نه هجان، ڪهڙي خبر مان هڪ ڀٽڪندڙ روح آهيان ۽ ڪائنات ۾ رلندو وتان ٿو“.(26)

ڊيڪارٽ جي فلسفي مطابق هر شيءِ تي شڪ ڪري سگهجي ٿو ۽ ائين ڪردار هڪ پُل متعلق شڪ ڪندي سوچي ٿو ته ڇا پُل به سوچي سگهي ٿي ۽ آهستي آهستي اها ڪيفيت مٿس طاري ٿي وڃي ٿي ته مان پل آهيان ۽ سڄي ماضيءَ جي تاريخ ورجائي ٿو. جيڪا ڏاڍي جي هيڻي سان ٿيل ظلم جي تاريخ آهي ۽ سڄي فطرت هڪ زندهه جسم وانگي انهيءَ ظلم جي شاهد بڻجي ٿي. ڪهاڻي ”پيار جي پري“ ۾ وري زندگي جا مختلف رنگ پيش ٿيل آهن، جنهن ۾ نئين تهذيب تي چٿر ڪيل آهي ته خوبصورت عمارتن ۾، خوبصورت ڪپڙن ۾، اوچا کاڌا کائڻ وارن کان وٺي غربت ۾ ورتل عام ماڻهو ڪيترو ڏکي آهي! هر جڳهه ڏک موجود آهن، انهن جي ڪهڙي نوعيت آهي، اهو ڪهاڻيءَ جو موضوع آهي.

غلام ربانيءَ وٽ ڏک جي هر صورت، چاهي اها فطري هجي، وجودي هجي، سماجي هجي يا معاشي هجي، سندس ڪهاڻين ۾ موجود آهي.

ڪهاڻي ”آب حيات“ ۾ هڪ ڪردار آهي، جيڪو ڪنهن بادشاهت جو شهزادو آهي، انهيءَ کي موت جي وجودي واردات جو تجربو ٿئي ٿو. هڪ هرڻ کي ڪهڻ وقت سندس اکين ۾ موت جا پاڇا ۽ هراس خوف ڏسي دهلجي وڃي ٿو ۽ کيس موت جو داخلي وجدان ٿئي ٿو ته هڪ ڏينهن کيس مرڻو آهي. ڪهاڻيڪار جو اهو فڪري نڪتو هائيڊگر جي فلسفي ۾ هن ريت پيش ٿيل آهي. ”موت جو تصور انسان ۾ امڪاني شڪل ۾ موجود آهي، جيستائين انسان جيئي ٿو موت مسلسل ساڻس گڏ رهي ٿو“.

“Dasein (being) dies as long as it exits”(27)

موت جي دهشت ناقابل برداشت ۽ پيڙا واري آهي، انهيءَ ڪري ماڻهوءَ ۾ موت جو خوف پيدا ٿيڻ سان ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ تبديلي اچي ويندي آهي. اهائي تبديلي ڪهاڻي ”آب حيات“ جي ڪردار ۾ اچي ٿي. پهريائين هو موت جي خوف کان پريشان ٿي وڃي ٿو ۽ هميشه جيئڻ لاءِ آب حيات جي تلاش ۾ نڪري ٿو. آب حيات جي چشمي تي پهچڻ کان پوءِ کيس مڇي ٻڌائي ٿي ته مسلسل جيئڻ به هڪ عذاب آهي، تنهن ڪري موت ۾ پناهه وٺڻ ضروري آهي ۽ شهزادو مهراڻ ٻڏتر ۾ پئجي وڃي ٿو ۽ مڇي کيس ياد ڏياري ٿي ته:

”ڪنهن ملڪ جي حاڪم کي اهو حق ناهي ته هو پنهنجي جان جي مٿان چين جي سلڪ ۽ ريشم جي نمائش ڪندو وتي، جڏهن ته سندس ملڪ جي ماڻهن جي لڱن تي ليڙ به ڪانهي ۽ انهن جا لڱ سياري سيءَ ۾ ائين سڪي ۽ مروڙجي ويا هجن، جيئن اڪ جا پن سانوڻيءَ جي اُس ۾ ائين سڙي ڪارائجي ويا آهن، جيئن تئي جي پٺ! شهزادا مٿين ڳالهه کي خيال ۾ رک ۽ پوءِ چاهين ته ڀلي آب حيات پي“.(28)

شهزادو آب حيات پيئڻ جي بجاءِ واپس وڃي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪري ٿو، سڀني کي سمورا حق ڏئي ٿو ۽ انصاف قائم ڪري ٿو. مطلب ته هن ڪهاڻيءَ ۾ فڪري طور اها ڳالهه اُڀاريل آهي ته اصل ۾ سدا حيات رهڻ واري خواهش طبي طور نه پر روحاني طور پوري ٿي سگهي ٿي ۽ اها آهي نيڪي ڪرڻ سان، انساني رواداري ۽ اعليٰ آدرشن سان، هميشه لاءِ تاريخ ۾ پاڻ کي امر ڪرڻ سان!

نتيجو

غلام رباني سماجي حقن کي اهڙيءَ طرح پيش ڪيو آهي جو سڄو سماج ۽ زندگيءَ جو هر پاسو اسان جي سامهون هڪدم روشن ٿيو پوي، سندس ڪهاڻين ۾ طبقاتي سماج جي معاشي طور گهٽ وڌائيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ المين کان وٺي انسان جي مختلف وجودي فڪري پهلوئن تي روشني وڌل آهي. سندس ڪهاڻيون خاص طور سان فڪري طور پختيون آهن جن ۾ اها ڳالهه ظاهر آهي ته ڪهاڻيڪار فڪر و فلسفي جي ڄاڻ رکندڙ هو ۽ هي ڪهاڻيون انهيءَ ماڻهوءَ کي زياده وڻنديون ۽ انهن ۾ پيش ٿيندڙ گهرائيءَ کي به سمجهي سگهندو، جيڪو فلسفي سان دلچسپي رکندڙ هوندو. مجموعي طور غلام رباني جديد روشن خيالي ۽ ترقي پسند تحريڪ جي فڪر جي اپٽار ڪهاڻين ۾ ڪئي آهي.

سراج

سراج جي ڪهاڻين ۾ جديد دؤر جي ڪهاڻين جي عالمگير سوچ جو احساس سمايل آهي، جنهن ۾ اهڙي معاشري جي شديد خواهش آهي، جنهن ۾ استحصال نه هجي ناانصافي نه هجي، ضمير ۽ ذهن جي آزادي هجي. سراج جي ڪهاڻين ۾ مقامي رنگ سان گڏ جديد دؤر جي بدلجندڙ فڪر مطابق نوجوانن جو اهو شديد اظهار به موجود آهي، جيڪي ڪائنات تسخير ڪرڻ چاهين ٿا. ڪهاڻين ۾ نوان رنگ ۽ نوان ڍنگ موجود آهن، سندس ڪهاڻي ”اي درد هلي آ“ اهڙو احساس رکي ٿي، جنهن ۾ جديد تهذيب ۽ قدرن وچ ۾ جاگيرداريءَ وارا رويا زيربحث اچن ٿا. ڪهاڻيءَ ۾ هڪ طويل بحث پڙيل آهي ته وقت جي تقاضا ۽ مذهب جو رويو ڪيترو هڪ ٻئي سان ٺهڪي اچن ٿا. ڪهاڻيءَ جي شروعات هڪ پارٽيءَ سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ شفيق ۽ شمي ٻه مرڪزي ڪردار آهن جن جو پارٽيءَ ۾ عورت ۽ مرد بابت بحث ڇڙيل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ الميو ان وقت شروع ٿئي ٿو. جڏهن شمي محفل ۾ وڄندڙ موسيقيءَ تي بي اختيار ٿي پنهنجا ماضيءَ جا ورق اٿلائي ٿي، ان وقت شفيق جنهن جي پارٽيءَ ۾ انا جي تعمير ٿي رهي هئي، انهيءَ کي ڌڪ لڳي ٿو ۽ کيس خبر پوي ٿي ته سندس زال جو ڪو ٻيو چاهيندڙ هو، جنهن ان جي محبت ۾ جان قربان ڪري ڇڏي، ان وقت سندس ذهن، شعور ۽ جذبات جي ڪيفيت کي ڌڪ لڳي ٿو ۽ پوءِ هو آفاقي قدرن ۾ انسانيت ڏانهن موٽ کائي ٿو ۽ شميءَ کي پيار ڪري ٿو. مجموعي طور هن ڪهاڻيءَ ۾ مٿئين طبقي ۾ بدلجندڙ قدرن جي ٽوڙ ڦوڙ جو فڪر موجود آهي، جنهن تي روشن خياليءَ جو اثر آهي.

سندس ٻي ڪهاڻي ”فراڊ“ آهي. هن ۾ جنس جهڙي اهم موضوع کي ڇهيو ويو آهي. هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي فڪر اهو آهي ته عورت ۽ مرد جو بنيادي ۽ فطري تعلق جنسي آهي، جيڪو سماجي قدرن ۽ دٻاءُ ۾ دٻيل آهي، تنهن ڪري منافقت پيدا ٿئي ٿي. خاص طور سان انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته مرد جي نفسيات ۾ عورت جي جسم جي وڏي اهميت آهي. سندس ظاهري رک رکاءُ، شريفاڻو سلوڪ سڀ منافقت آهي، فراڊ آهي، هڪ حسين ۽ خوبصورت عورت جي اڪيلائي ۽ ويجهڙائپ ملندي ئي مرد پنهنجي اصليت تي اچي ويندو آهي. ڪهاڻيءَ جي پلاٽ ۾ هڪ نرس شهنيلا جيڪا پنهنجي نوڪريءَ دوران مريضن ۽ انهن جي ملاقاتين جا رويا ۽ سندن نظرن جي باري ۾ ٻڌائي ٿي، دراصل روايتي قدرن ۽ مذهبي ۽ سماجي اخلاق جي گُهٽ، مرد ۽ عورت جا ويڇا، اهڙن روين ۽ منافقتن کي جنم ڏين ٿا، فرق ايترو آهي ته عورت انهيءَ معاملي ۾ ايتري آزاد ناهي، مٿس لڳل سماجي اخلاقيات جا پهرا کيس دٻائي رکن ٿا، پر مرد انهيءَ جو اظهار ڪري ٿو ويهي، جنهن کي اسان فراڊ يا مرد جي فطرت نٿا چئي سگهون. ڪهاڻيءَ ۾ اهڙن روين ۽ احساسن جو ردعمل آهي. ڪهاڻي ”چنڊ گرهڻ“ به اهڙي موضوع تي لکيل آهي جنهن ۾ اها ڳالهه واضح آهي ته غير آسوده جنسي زندگيءَ جا سماجي زندگيءَ تي ڪهڙا اثر پون ٿا.

سنڌي ڪهاڻيءَ تي مغربي فن ۽ موضوعن جا تجربا ۽ ديومالائن کي علامت طور کڻي انساني الميي کي پيش ڪرڻ جو تجربو سراج شروع ڪيو، جنهن ۾ سندس ٻه ڪهاڻيون قابل ذڪر آهن. هڪ ”پاتال“ ۽ ٻي ”انسان ۽ ديوتا“. ڪهاڻي ”پاتال“ ۾ سراج طبقاتي سماج جي حقيقت کي علامتي انداز سان پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ محسوس ٿئي ٿو ته ديوتائن جو عذاب ۽ ڏک سندن اذيت ايتري ناهي، جيتري انساني طبقاتي سماج ۾ انسان پل پل ۾ ڀوڳي ٿو. تمثيلي انداز ۾ ديوتائن جي واتان غير طبقاتي سماج جي نظريي جو پرچار ڏاڍي خوبصورت انداز سان ٿيل آهي.

”ديوتائن جو سراپ ايترو چيچلائيندڙ نه هو جيترو منهنجي پنهنجي دنيا جي ماڻهن جو سراپ چيچلائيندڙ آهي. منهنجي پنهنجي ڪئي کان شرم لڪائڻ لاءِ آئون هي گلا جو گهانگو تيسين پيو گهليندس، جيسين هي ماڻهو پنهنجو پاڻ کان، پرمار کان آجا ٿي، وري ونڊي ورڇي نه کائيندا، پيار ۽ پورهئي جو امر مثال قائم نه ڪندا.“(29)

سراج هڪ ئي وقت جديد دؤر جي گهڻن پاسن کي کڻي ٿو، جنهن ۾ سرمائيداريءَ جي بدلجندڙ قدرن ۾ انساني رويا ۽ انهن جو نفسياتي اثر، روشن خياليءَ جي بنياد تي جديد علمي بحث ۽ انهن جا اثر ۽ ساڳئي وقت سرمائيداريءَ ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي گهوٽالو، پورهيت جي زندگيءَ جو الميو، ساڻس ٿيندڙ غيرانساني سلوڪ ۽ سماج کي تبديل ڪندڙ فڪر، پورهيتن جي جدوجهد سڀئي موضوع سراج ڏاڍي فنڪاريءَ سان ۽ فڪري گهرائيءَ سان کڻي ٿو. خاص طور سان سندس ڪهاڻيون ”زندگيءَ جي ڪنارن تائين“، ”ٻهڻي“، ”هڪ سج ۽ ٻه پاڇا“، ”اونده جو وڻ“، ”انسان ۽ ديوتا“، ”هڪ مرد ٽي لاشا“، طبقاتي سماج ۾ انسان سان ٿيندڙ هاڃا ڏيکارين ٿيون، جنهن ۾ پورهيت جي زندگي چيچلائيندڙ نظر اچي ٿي. سندس ڪهاڻي ”زندگيءَ جي ڪنارن تائين“ ۾ هڪ پورهيت ڪردار جيڪو جرم ۽ پورهئي جي ڪشمڪش ۾ الجهي ٿو، پهريائين ڏوهاري آهي، ڏوهه ڪري ٿو، پر هڪ موڙ تي کيس احساس ٿئي ٿو ته هو سندس بيمار ماءُ، ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڪجهه نه ڏئي سگهيو آهي، کين زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون به نه ملي سگهيون آهن. تنهن ڪري ڏوهه ڪرڻ ڇڏي هو سنجيده ٿي ڪارخاني ۾ مزدوري ڪرڻ شروع ڪري ٿو. پر رات ڏينهن سخت محنت ڪرڻ کان پوءِ پگهار ايترو نٿو ملي جو ضرورتن کي منهن ڏئي سگهي. سوچيندي چوي ٿو:

”ٻارنهن ڪلاڪ باهه مٿان بيهي ڪم ڪرڻ کان پوءِ به هنن کي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون نٿيون ملن.“(30)

۽ مزدورن جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪندي چوي ٿو ته:

”سڀني جي منهن تي اهڙي ويراني ڇانيل هوندي آهي، ڄڻ ته زنده لاش آهن، جي مرڻ کان پوءِ به بک جو تاثير ياد ڪري ڪفن ڦاڙي اچي مزدوري ڪرڻ لڳا آهن، ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ زندگي مزدورن لاءِ بدنصيبيءَ جو گهنج بنجي رهي ويئي آهي.“(31)

۽ اهي مزور جڏهن زهر جهڙي زندگيءَ مان ڇوٽڪاري جي لاءِ پنهنجي حقن جي جدوجهد ڪن ٿا ۽ ڪارخاني ۾ هڙتال ڪن ٿا ته ناڪام ٿي وڃن ٿا ۽ کين نوڪريءَ مان ڪڍيو وڃي ٿو، آخر هو موٽي ان دنيا ۾ وڃي ٿو. جتي انسان چور آهي، ڌاڙيل ۽ خوني آهي.

”هڪ مردو ٽي لاشا“ به اهڙن ڪردارن جي ڪهاڻي آهي، جيڪي مختلف مسئلن ۾ ڦاٿل آهن، پر سندن هڪ ئي ناسور آهي، اها آهي ”غربت“! غربت جي پيڙا ۾ سفر ڪندڙ پوڙهو مسافر هجي يا اسپتال ٻاهر تڙپي جان ڏيندڙ، پر سندن الميو هڪ آهي.

غربت ۾ پورهيت طبقي جي نوجوانن جي ڀٽڪي وڃڻ جي هڪ ڪهاڻي ”هڪ سج ۽ هزار پاڇا“ آهي، جنهن ۾ اهو الميو ڏيکاريل آهي ته غريب طبقي جا مائٽ ٻهراڙيءَ جي هڪ نوجوان کي ڪشالا ڪڍي پڙهائين ٿا. هو نوڪريءَ لاءِ شهر وڃي ٿو، پر اتي شهر جي رنگينن ۾ گم ٿي وڃي ٿو. پنهنجي والدين جي اميدن، ارمانن جو زنده لاش بنجي ڳوٺ موٽي ٿو. ”ٻهڻي“ به هڪ اهڙي غريب طبقي جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ گهٽ پگهار دار طبقي جي ڪشمڪش ڏيکاريل آهي ته محدود آمدنيءَ واري طبقي جو هن دور ۾ ايمانداريءَ سان زندگي گذارڻ ڪيڏي ڏکي ۽ ناممڪن ڳالهه آهي.

ڪهاڻي ”اونده جو وڻ“ ۽ ”رات ستارن هاڻي“ به اهڙي زندگيءَ جي الجهن جي ڪهاڻي آهي، جنهن جو اصل سبب غربت آهي. طبقاتي سماج جي اوڻاين کي ظاهر ڪندي، سراج جا ڪردار ۽ موضوع آهستي آهستي هڪ تسلسل ۾ ارتقائي مرحلن مان گذرن ٿا ۽ سماج جي جديد قدرن ۽ طبقاتي ڪشمڪش کان ٿيندا پنهنجي وجود ۾ قومي درد به سموهي ڇڏين ٿا. تڏهن ”ناچڻي“ ۽ ”ڪارونجهر جا مور“ جهڙيون ڪهاڻيون سرجن ٿيون. اهي ڪردار صرف چيچلائيندي مصيبتن ۾ ويچارگيءَ جي زندگي گذاري مري نٿا وڃن، پر جدوجهد به ڪن ٿا ۽ فاشي قوتن سان مهاڏو به اٽڪائين ٿا، رياست جو جبر ۽ اذيتون به سهن ٿا. جيئن ”اٺون ماڻهو“ سراج جي شاهڪار ڪهاڻي آهي، جيڪا انهيءَ پس منظر ۾ لکيل آهي.

نتيجو

مجموعي طور هنن ڪهاڻين جي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته سراج سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ روشن خيال فڪر ۽ ترقي پسنديءَ جي تقاضائن کي ڏاڍو فني ۽ پيرائتي ۽ جديد انداز سان پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪردار نه ته نعري بازي ڪن ٿا، نه نظرئي جو پرچار بلڪ سندن معاشرتي ۽ نفسياتي زندگيءَ جا پهلو اهڙيءَ طرح پيش ڪيل آهن جو پڙهندڙ خود بخود طبقاتي سماج جي روپ کان نفرت ڪرڻ لڳي ٿو. پراڻين روايتن، قدرن ۽ جديد دور جي تقاضائن کي سمجهڻ لڳي ٿو.

رشيد ڀٽي

رشيد ڀٽي ترقي پسند ڪهاڻيءَ جي لاڙي جو نمايان ڪهاڻيڪار آهي، سندس ٽي مجموعا ””گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ“، ”ديس وارا ستا دل وارا جاڳيا“ ۽ ”سياري جي رات“ ڇپجي اسان جي اڳيان اچي چڪا آهن. رشيد ڀٽيءَ جي ڪهاڻين ۾ ٻن قسمن جو اسلوب سامهون اچي ٿو، هڪ سادو سلوڻو سنجيده اسلوب ۽ ٻيو مزاحيه.

پهرئين قسم جي اسلوب ۾ رشيد ڀٽي مڪمل طور هيٺئين طبقي جي ڪردارن جي المئي کي ايترو ته سادگيءَ ۽ فني پيرائي ۾ کڻي ٿو جو ڪهاڻيءَ ۾ نه ته وڏا ادبي ڳرا لفظ آهن نه وري جديد گلئمير جو اثر آهي. هر هڪ ڪردار پنهنجي جڳهه تي کرو ۽ معاشي طور ٿيندڙ بي واجبيءَ جو شڪار آهي جنهن جو اظهار عام ۽ سماجي نوعيت جو آهي. مثال سندس ڪهاڻي ”ڍوُ بنا ڍوليا ڪانهي ساڃهه سونهن جي“ هڪ اهڙي تخليق ڪار جي ڪهاڻي آهي، جيڪو مسلسل بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي هڪ اهڙي نوڪري ڪرڻ لاءِ مجبور ٿئي ٿو، جنهن ۾ سندس تخليق جو استعمال ڪيو وڃي ٿو، ته هو پنهنجون لکڻيون ڪنهن ٻئي جي نالي سان ڇپرائيندو! اهڙي ڪشمڪش ۾ ڪردار جي ذات جي پيڙا حد کان وڌي وڃي ٿي. معاشي مجبوري کيس ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڳالهه واضح آهي ته تخليق ذهن جو اهو پورهيو آهي، جنهن جو تعلق جماليات جي دنيا سان آهي، پر جڏهن پيٽ خالي آهي ته بک ۾ سونهن جي به ساڃاهه نٿي رهي. غربت ۾ ورتل ڪردارن جي هڪ ٻي ڪهاڻي آهي ”هر تمنا زندگيءَ کان انتقام وٺي ٿي“، هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻه غريب ڇوڪرا اميرن جا ٺٺ ٺانگر ڏسي سڌون ڪرڻ لڳن ٿا، سندن بنيادي ضرورتون به پوريون نٿيون ٿين، هو وڏيون خواهشون ڪري خيالن ۾ اميراڻي دنيا سجائي وقت پاس ڪن ٿا. تخليق ڪار جو هڪ ٻيو الميو ڪهاڻي ”علامه ظهير“ افساني ۾ موجود آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ شاعر روايتي آهي، جنهن کي شاعري ٻڌائڻ جو جنون آهي، پر انهيءَ خصلت سبب کيس نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. هڪ ڏينهن مشاعري ۾ کيس شعر پڙهڻ جو موقعو نٿو ڏنو وڃي، نتيجي طور هو جنون ۾ اچي سڄي رات سيءَ ۾ اڪيلو شاعري ٻڌائيندو رهي ٿو ۽ مري وڃي ٿو.

انهيءَ مان ثابت ٿيو ته رشيد ڀٽي عام ماڻهن جي هر مسئلي کي اهميت ڏئي ٿو. چاهي اهو معاشي نفسياتي يا سماجي هجي. رشيد ڀٽي زندگيءَ جي هر پرت جو مشاهدو ڪري ٿو. جتي هو غريب ماڻهوءَ جي زندگيءَ جي مسئلن کي موضوع بنائي ٿو، اتي هو وڏيرڪي سماج جي روايتن ۽ وڏيري جي غيرانساني ڪردار کي واضع ڪري ٿو، جيئن سندس مشهور ڪهاڻي ”بڻ“ آهي. سنڌ ۾ وڏيرا پنهنجي شوق خاطر سوئر جو شڪار ڪندا آهن، جنهن ۾ هو عام ماڻهوءَ کي ساڻ کڻندا آهن، هن ڪهاڻيءَ ۾ به وڏيرو سوئر جو شڪار ڪري ٿو ۽ ”مينهون“ نالي ڪردار جيڪو وڏيري وٽ نوڪر آهي، جيڪو سوئر سان هٿين وڙهندو آهي، اهڙو جوکم جو ڪم ڪندي هو بيزار ٿئي ٿو ۽ سوچي ٿو ته هاڻ شادي ڪريان ۽ اهو ڪم ڇڏي ڏيان پر وڏيرو پنهنجي ڪتي کي بچائڻ لاءِ کيس سوئر سان وڙهڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو، جنهن ۾ سندس جان هلي وڃي ٿي. ۽ وڏيرو ڪتي جي بچي وڃڻ تي خوش ٿي چوي ٿو.

”سٺي نسل جو آهي، اهڙو نسل ناياب آهي ۽ مينهونءَ جي موت کي نظرانداز ڪري ڪتي کي کڻي هليو وڃي ٿو....“(32)

وڏيرڪي سماج جي هڪ اهڙي ئي ڇرڪائيندڙ ڪهاڻي ”ڀرم“ آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ وڏيري جي حويليءَ جي راز کي وائکو ڪيو ويو آهي ته بظاهر ته هي ماڻهو شرافت، اخلاق، عزت ۽ روايتن جا پاسدار هوندا آهن، پر ڪوڙي ڀرم خاطر هو عزت يا غيرت کي داءُ تي لڳائي ڇڏيندا آهن. هن ڪهاڻيءَ ۾ حويليءَ جي ڇوڪريءَ جي جنسي ڇڙواڳيءَ جو ته ڀرم رکيو وڃي ٿو، پر کيس پنهنجي پسند جي شادي ڪرڻ جي آزادي نٿي ملي، ڇوته سندس پسند سندس طبقي ۾ ناهي.

رشيد ڀٽي وقت سان گڏ پنهنجي ديس واسين جي جدوجهد ۽ انهن جي فڪر کي به اهڙي ڪهاڻيءَ جو موضوع بڻائي ٿو، جيئن سندس ڪهاڻي ”جيئي سنڌ“ مذهب ۽ قومي تضاد جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ڪردار پاڪستاني فڪر مطابق وهنوار ڪري ٿو، پر قوم پرست ڇوڪرا کيس سلام جو جواب ”جيئي سنڌ“ سان ڏين ٿا. دراصل رشيد ڀٽي موجوده سماجي تضاد ۽ فڪري تضاد ڏيکاري ٿو، جنهن ۾ هڪ طرف ملايت آهي ٻئي طرف ترقي پسند قوتون آهن، ملن جو خيال آهي ته ترقي پسندن تصوف جي آڙ ۾ اسلام جو حليو بگاڙي ڇڏيو آهي، ”نالو تصوف جو ۽ ڳالهيون ڪفر جون“.(33)

پر ترقي پسندن جو خيال آهي ته هنن سنڌ جي صدين جي پيڙا کي سنڌ واسين تائين پڄايو آهي، هو سنڌ جي سرهائيءَ لاءِ سنڌي ثقافت ۽ ٻوليءَ کي بچائڻ جي جدوجهد پيا ڪن. ڪهاڻيءَ جي پڄاڻيءَ ۾ ملان کي قائل ٿيندي ۽ سندس منهن تي پڇتاءَ واري مرڪ ڏيکاري ويئي آهي. اهڙيءَ طرح ڪهاڻي ”ديس وارا ستا دل وارا جاڳيا ”سنڌيت ۽ انسانيت جي جذبن جي مليل ڪهاڻي آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار مانجهيءَ جي ڀيڻ ۽ مڱ جنگ ۾ دشمنن جي حملي ۾ ماريون وڃن ٿيون. اها جنگ اشارتاً ڀارت ۽ پاڪستان جي آهي. مانجهي اندر ۾ بدلي جي ڀاونا رکي جيئي ٿو ۽ هڪ ڏينهن کيس دشمنن جي ڇوڪري جمنا هٿ اچي وڃي ٿي، سندس ڪروڌ وڌي وڃي ٿو، سوچيندي سوچيندي سندس انساني جذبا ۽ قومي روايتپڻو موٽي اچي ٿو ۽ انهيءَ ڇوڪريءَ کي پنهنجي ڀيڻ بنائي ٿو.

رشيد ڀٽي پنهنجي ڪهاڻين ۾ فڪري طور انهن بنيادي ترقي پسند ليکڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن انسانيت جي ڳالهه ڪئي ۽ انسان سان ٿيندڙ هاڃا نروار ڪيا. پر رشيد ڀٽيءَ جو هڪ ٻيو اسلوب جيڪو اسان جي سامهون آيو، اهو مزاحيه هو. سندس ڪتاب ”سياري جي رات“ مزاحيه ڪهاڻين تي مبني آهي. دنيا ۾ ڏکن ڏولاون، غمن پيڙائن ۽ پريشانين خلاف هميشه اهڙا ڪردار پيدا ٿيا آهن، جن عام ماڻهن کي مذاق ذريعي تفريح به مهيا ڪئي آهي، ساڳئي وقت دراصل مزاح، مسخري، کل، خوف ۽ ڏک جي ئي هڪ شڪل آهي. اندر ۾ موجود ڪرب ۽ پيڙا کي ڌڪڻ جو هيءُ به هڪ طريقو آهي. جيئن رشيد ڀٽي انگريزي ٽوٽڪو ورجائيندي لکي ٿو ته:

”هڪ شخص ڪنهن ڊاڪٽر وٽ ويو، کيس پنهنجو مرض ٻڌائيندي چوڻ لڳو ته هن کي دنيا جي ڏکن ڏولاون ۽ غمن ڏاڍو تنگ ڪيو آهي. هن لاءِ جيئڻ جنجال ٿي پيو آهي ڪيترا ڀيرا خودڪشيءَ لاءِ به سوچيو آهي کيس ڪا اهڙي دوا تجويز ڪئي وڃي جو ان عذاب مان آجو ٿي سگهي.“

”اڙي چريا! زندگي ڏاڍي پياري ۽ اَملهه شيءِ آهي ”ڊاڪٽر سندس مرض جي تفصيل ٻڌڻ بعد چيو“ زندگي اهڙي سستي ۽ نڪمي ناهي جو ان کي ائين هروڀرو ختم ڪيو وڃي، زندگيءَ سان پيار ڪرڻ سک، ان ۾ چاهه پيدا ڪر ته اها پاڻ هرتو توکي دلچسپ ۽ دلفريب نظر ايندي، باقي ڏک سور ۽ غم غلط ڪرڻ لاءِ مان تو کي هڪ ترڪيب ٿو ڏيان.“

”توهان جا قرب ٿيندا، ڊاڪٽرصاحب!“ هن ڪرسي ريڙهي ڊاڪٽر جي ويجهو ڪئي.

”اڄڪلهه شهر ۾ هڪ سرڪس آئي اٿئي“ ڊاڪٽر چيس، ”چون ٿا ته ان ۾ هڪ چرچائي ڀوڳائي مسخرو به آهي جو ماڻهن کي پنهنجي چرچن ۽ حرڪتن سان ايترو کلائي ٿو جو غم غلط ٿيو وڃن، وڃي ان کان فن جو مظاهرو ڏس سندس خوش مزاجي ۽ زنده دلي ڏسي تنهنجو به زندگيءَ ۾ چاهه ۽ ايمان موٽي ايندو!“

”پر..... !“ مريض ٿوري دير ساهي پٽي، ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ”ڊاڪٽر صاحب مان اهو سرڪس وارو مسخرو ئي ته آهيان“! رشيد ڀٽي به ائين ئي هن سماج جي ناسورن ڏکن، پيڙائن کي مسخريءَ ۾ پيش ڪري وڃي ٿو، جو ماڻهو ٽهڪ ڏئي کلي پوي ٿو، پر انهن اندر لڪل ڏاڍو ڪڙو سچ آهي.

نتيجو

رشيد ڀٽيءَ جو ڳاڻيٽو روشن خيال ۽ ترقي پسند اديبن ۾ ٿئي ٿو. سندس هنن ڪهاڻين ۾ فڪري طرح هو انسانيت پسند آهي. هو وڏيري يا هاريءَ ۾ ڪوبه انساني فرق نٿو ڀانئي بلڪ اهو تاثر ٿو ڏئي ته انسان عظيم آهي، سندس وجود کي دولت ۽ ذات پات جي پڙ ۾ نٿو توري سگهجي.

سنڌيءَ ۾ انسانيت پسندي ۽ خداترسيءَ جو مثال رشيد ڀٽي وٽ ملي ٿو.

نسيم کرل

نسيم کرل سماج جي هيٺئين پرت کان وٺي مٿئين طبقي تائين زندگيءَ جا انوکا رنگ روپ ڪڍي اسان جي سامهون آندا آهن. جاگيرداري سماج جي زوال پذير قدرن مٿئين طبقي جي نفسياتي پيچيدگين، وچين طبقي جي اخلاقي ڪمزورين، موقعي پرستن ۽ سنڌي سماج جا ٺيٺ ثقافتي نفسياتي پهلو اجاگر ڪيا آهن. عام طور سان چيو ويندو آهي ته نسيم کرل وڏيري طبقي مان هو جنهن ڪري هن پنهنجي طبقي تي لکيو.(34)

سندس ڪهاڻين ۾ طبقاتي ڪشمڪش ڪانهي، پر مان سمجهان ٿو ته نسيم زندگيءَ جي هر پل جو ڪهاڻيڪار هو، هن اڀرندڙ سرمائيداريءَ جا جديد قدر، معاشي زندگيءَ جي تضادن مان پيدا ٿيندڙ سماجي ۽ جنسي مسئلا، شهري تهذيب جا مثبت ۽ منفي روپ ۽ ساڳئي وقت مذهب جا کوکلا ۽ ٻهروپ پهلو ڏاڍي فنڪاريءَ سان ظاهر ڪيا، جنهن جي پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته موجوده سماج جي اصليت ڇا آهي. اسان نسيم کرل جي ڪهاڻين کي مختلف گروپن ۾ ورهائي سگهون ٿا. جهڙوڪ موجوده سماجي نظام جون برايون انهن مان پيدا ٿيندڙ مسئلا ۽ عام ماڻهن جا الميا، مثال ”چوٽيهون در“، ”مجاز“، ”مساوات“ ۽ ”ڳڻ“ وغيره وري وڏيريڪي سماج ۾ سنڌي ماڻهن جي نفسيات ۽ موجوده دؤر ۾ انهن جا مسئلا ”آٿت“، ”پهرين مراد“، ”زماني جي گردش“ وغيره. وچئين طبقي جي موقعي پرستيءَ جنسي آوارگي ۽ معاشي ڪشمڪش ۾ سندس ڪهاڻيون ”ڊمي“، ”گٽس“، ”منجهيل سٽ“، ”شبنم شبنم ڪنول ڪنول“ وغيره يا وري ”مڪسڊ گرل“، ”ڪرنٽ“، ”اٽالوپڊنگ“ ۾ جنسي نوعيت جا مسئلا کنيا ويا آهن. باقي ”ڪافر“، ”گذريل واردات“ ٻه الڳ نوعيت جون ڪهاڻيون آهن. گذريل واردات“ انسان جي شخصي زوال ۽ وقت سان پيدا ٿيندڙ مايوسيءَ جي انوکي ڪهاڻي آهي ۽ ”ڪافر“ نسيم کرل جي اها شاهڪار ڪهاڻي آهي، جيڪا اسان جي سماج جي مذهبي منافقي تان پردو کڻي ٿي.

شمس الدين عرساڻيءَ پنهنجي مقالي ۾ نسيم کرل لاءِ لکيو هو ته ”هن پنهنجي فن ۾ مٿئين طبقي جي کوکلي زندگيءَ وڏيرن جي زوال پذير ذهنيت ۽ ان جي ماحول ۾ پليل نوجوان تعليم يافته زميندار جي هلت جي بلڪل فطري بيساختگيءَ سان عڪاسي ڪئي آهي.“(35)

مٿئين طبقي جي کوکلي ذهنيت جو اظهار رياست جي موجوده ادارن مان ٿئي ٿو. جهڙوڪ ”چوٽيهون در“ ڪهاڻيءَ ۾ پوليس جي بي حسي، غير انساني سلوڪ ۽ غيرذميداريءَ وارو رويو نمايان آهي، جنهن مان انهيءَ فڪر جي نشاندهي ٿئي ٿي ته رياستي ادارا صرف جبر ۽ ڏاڍ جي زور تي قائم آهن، انهن جو مقصد عوام کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ بدران پنهنجو پيٽ ڀرڻ آهي ۽ رياستي شان دٻدٻو وڌائڻ آهي، ساڳئي وقت انهيءَ ڪهاڻيءَ مان سنڌي سماج ۾ موجود گندي رسم ڪارو ڪاريءَ کي ظاهر ڪيو ويو آهي، ته ايترا ڪيترا لاش انهيءَ رسم جو اهڃاڻ هوندا آهن، جن جو وارث نه هوندو آهي. ”پهرين مراد“ به سنڌي سماج جي جاگيرداري دور جي قدرن جي عڪاسي ڪري ٿي. جنهن ۾ چوري ڪرڻ هڪ سورمائپ آهي. ڍڳن جو جوڙو چوري ڪاهي ۽ گم ڪري ڇڏڻ مردانگي سمجهيو وڃي ٿو. اهڙي گندي رسم جي سنڌ ۾ ڪافي وقت کان مٿڀرائپ رهي آهي. جيئن سنڌيءَ ۾ پهاڪا به آهن ته ”مڙس ته ڦڏو نه ته آهي جڏو“، ”مڙس ته ڀاڳ نه ته آهي ڄانڀي جو ساڳ“. خاص طور سان سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڃان تائين مڙس انهيءَ کي سمجهيو ويندو آهي، جيڪو ڦڏي باز هجي، ٻئي کي ڦري سگهي، انهيءَ کي چالاڪي ۽ هوشياري سمجهيو ويندو آهي. ويڙهه ڪرڻ واري کي بهادر سمجهيو ويندو آهي. جيڪو مڇ/ شهپر وٽي داد گيري ڪري، ان کي مڙس ماڻهو سمجهيو ويندو آهي، ظاهر آهي. اهڙي هلت جهالت ۽ وڏيرڪي سماج جي فائدي جي ڳالهه آهي، نسيم کرل انهيءَ دقيانوسي قدر کي فني پيرائي ۾ پوئڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر فڪري طور اها ڪهاڻي ڪمزوريءَ جو شڪار آهي، ڇوته هن ڪهاڻيءَ ۾ انهيءَ رسم جي خلاف ڪا نفرت اڀارڻ يا ان کي رد ڪرڻ جي ڳالهه نٿي اڀري ۽ اهڙي ئي فڪري ڪچائيءَ جو شڪار ڪهاڻي ”آٿت“ آهي. جنهن ۾ وڏيرو هن رياست جي نظام کان ستايل آهي. ون يونٽ جي دؤر ۾ جيئن سڄي سنڌي قوم عتاب جو شڪار ٿيل هئي ته وڏيرا به مسئلن جو شڪار ٿين ٿا. هن ڪهاڻيءَ ۾ وڏيرو لاهور وڃي ٿو، فصل لاءِ منظوري وٺڻ پر پنجابي ڪامورا کيس بي عزتو ڪن ٿا ۽ وڏيرو ڌڪا کائيندي چڪر ڪاٽيندي آخر لاهور جي هڪ هوٽل ۾ هڪ پنجابڻ سان رات گذاري ٿو ۽ انهيءَ ۾ کيس آٿت ملي ٿي.

مطلب ته وڏيري پنهنجي سموري بي عزتي ۽ بي واجبيءَ جو بدلو انهيءَ فعل مان ورتو جيڪو وڏيري جي سمجهه، ذهنيت ۽ اخلاق کي ظاهر ڪري ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ اهو فڪر اڀري ٿو ته فرد پنهنجي ذاتي انا جي تسڪين لاءِ ڪو اهڙو ڪم ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ سندس قدرن مطابق فتح هجي ۽ ٻيو اها ڳالهه به اڀري ٿي ته انفرادي طور اهڙا عمل جا هلاڻا به ٿي سگهن ٿا، جن جو نقصان سڄي قوم کي ڀرڻو پوندو آهي ۽ اهڙي جاهلاڻي عمل ۽ رويي جي هڪ ٻي ڪهاڻي ”زماني جي گردش“ آهي، جنهن ۾ وڏيرن جي جاهل ذهنيت ۽ انا پرستيءَ جو مظاهرو آهي، هو هڪ ٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ لاءِ هڪ ٻئي کي تباهه ڪري ڇڏين ٿا. پنهنجي ڪوڙي شان کي برقرار رکڻ لاءِ عياشيون ڪن ٿا، آواره گردي ڪن ٿا، مطلب ته اهو محسوس ٿئي ٿو ته وڏيري جي ذهنيت ڪيتري زواليت ۽ جهالت جو شڪار آهي، سندس طبقي ۾ ڪيتري کوکلائپ آهي. جيڪڏهن اهڙن وڏيرن جي حوالي قوم جون واڳون هونديون ته انهيءَ قوم کي هو ڪٿي پهچائيندا. ”زور ۽ زر“، ”ڪچو رنگ“ ڪهاڻيون به وڏيري جي موقعي پرستي ۽ ملڪيت ڌن دولت جي هوس تي ٻڌل آهن. ”ڪچو رنگ“ خاص طور سان اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ وڏيري کي پنهنجي پٽ جي شهر مان شادي ڪرڻ تي غصو آهي، پر جيئن خبر پوي ٿي ته سندس ننهن ڪليڪٽر جي ڌيءَ آهي ته يڪدم رويو بدلجي وڃيس ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اهڙو پهلو نروار ٿيل آهي، جيڪو اڄ جي دؤر ۾ عام قدر بنجي چڪو آهي، اهو آهي عهدي جي طاقت ۽ دولت خاطر عزت، اخلاق، رواج رسمون انسانيت سڀ داءَ تي لڳائي ڇڏڻ.

هميشه اسان جي ڪهاڻيڪارن پنهنجي قوم ۽ هيٺئين طبقي جي ذلت ۽ زوال جا سبب معاشي نظام ۾ ڳوليا آهن، پر نسيم کرل پهريون ڪهاڻيڪار آهي، جنهن سنڌي قوم جي پستي ۽ زوال هيٺئين طبقي جي ذلت جا سبب مٿئين طبقي جي افعالن ۾ نروار ڪيا آهن. هي پاڻ وڏيري ڪلاس مان هئڻ جي باوجود اڪثر ڪهاڻين ۾ وڏيري جي پست ذهنيت ۽ بدافعالن کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن مان خبر پوي ٿي ته سنڌ ۾ وڏيرو ڪيترو جاهل، ضمير فروش ۽ خودغرض رهيو آهي ۽ ساڳئي وقت موجوده نوڪر شاهيءَ جو رويو ۽ انهيءَ ۾ هيٺئين طبقي جي پيڙا سندس ڪهاڻين ”ڳڻ“ ۽ ”مجاور“ ۾ ظاهر ٿئي ٿي. ”ڳڻ“ ۾ غريب ٽانگي واري جو ڪردار آهي، جن کي رئيس تنگ ڪري ٿو ۽ کانئس مفت بيگار ڪرائڻ چاهي ٿو، پر بگيءَ وارو همت ڪري رئيس کي جواب ڏئي ٿو. ”اسان بگين وارا پاڻ ۾ ڄاڻون، وڙهون يا پرچون تنهن ۾ هن جو ربيع يا خريف“.(36)

ڪهاڻي ”مجاور“ ۾ عملدار جي منافقي ۽ ٻٽي پاليسي ظاهر ٿئي ٿي، جنهن ۾ غريب ماڻهن جي جشن تي بندش وجهي ٿو ۽ جشن پاڻ وري انهيءَ ساڳئي جڳهه تي ڪن ٿا.

نسيم کرل جي ڪهاڻي ”ڪافر“ سڀني ڪهاڻين ۾ جاندار ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ انسان جي اجتماعي سماجي قدرن جي ڍنگ ۽ انهيءَ ۾ زندگيءَ جي وهنوار جي مجموعي تصوير پيش ڪيل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ اهو تاثر نمايان آهي ته ڪن سماجن ۾ مذهب کان وڌيڪ سگهارو رشتو طبقاتي ۽ ثقافتي آهي. هندو سماج جو هڪ الڳ ثقافتي ڍنگ آهي، مذهب جي نالي ۾ هندو پنهنجي الڳ سماجي قدرن جي وهنوار ۾ جڙيل آهن ۽ ٻئي طرف مسلمان مساوات، انسانيت ۽ اعمالن جي پرچار ڪن ٿا، پر جڏهن هڪ هندو مسلمان ٿئي ٿو ته کيس اها عزت ۽ حيثيت نٿي ملي. خود مسلمان به پنهنجي رشتن ناتن ۾ سماجي حيثيت ۾ ذات پات جا شڪار آهن، هن ڪهاڻيءَ جي باري ۾ محترم رسول بخش راءِ ڏيندي چيو هو ته:

”هڪڙي پاسي اسلام جي مساوات، برادري، ذات پات جي ڇوٽ کان آزاديءَ جا نعرا هڻندي هڻندي اسان جي وات ۾ گڦ ٿي اچيو نڪري ته ٻئي پاسي در حقيقت اسان سڀئي پهرئين درجي جا ڇوت ڇات رکندڙ ۽ ذات پات جي ويڇن جا رکوالا آهيون!“. (37)

          فڪري طور نسيم کرل جي هيءَ ڪهاڻي جاندار آهي، هن ۾ سڪيولر فڪر جي نمائندگي ٿيل آهي ۽ ساڳئي وقت ڪميونسٽن جي انهي ڳالهه کي به هٿي ملي ٿي ته اهڙي مساوات سوشلزم ۽ ڪميونزم  ۾ آهي، جنهن ۾ معاشي برابري هوندي آهي ۽ انهي نظام مان پيدا ٿيندڙ قدر ذات پات ڇوت ڇات سڀ ختم ڪري ڇڏيندا.

 

                        ولي رام ولڀ نسيم کرل لاءِ لکيو هو ته ”نسيم کرل معروضي (Objective)  ڪهاڻيڪار  آهي، هو ڪهاڻيون تخليق  نٿو ڪري پر زنده حقيقت تان پردو کڻي ٿو“. (38)

 مان سمجهان ٿو ته ”گذريل واردات“ سندس اهڙي ڪهاڻي آهي جيڪا معروضي سان گڏ موضوعي به آهي، هڪ شخص جي ڪٿا به آهي. هڪ فرد جو زوال ڪٿان شروع ٿئي ٿو، هو داخلي وارداتن ۾ ڪڏهن گهيرجي ٿو.  انهن سوالن کي هر مڪتب فڪر ۾ ڳوليو ويو آهي. ”گذريل واردات“ ۾ زوال سندس طاقت کسجڻ سان شروع ٿئي ٿو.

                        مشهور نفسيات دان ايڊلر (Adler) جو نظريو اهو هو ته فرد جي بنيادي خواهش طاقت حاصل ڪرڻ آهي.

          “Adler takes the attitude that fundamental drive in life is desire for power.” (39)

          “He pointed out that nearly everybody has some characteristic in which he feels inferior to others.” (40)

          جديد دؤر ۾ طاقت جون مختلف شڪليون آهن، جسماني طاقت، اقتدار جي طاقت، عهدن جي طاقت، وغيره. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ پوليس انسپيڪٽر جي رياستي عهدي واري طاقت آهي جنهن ۾ هو پنهنجي ذات جو اظهار ۽ دٻدٻو انهي عهدي کان حاصل ڪري ٿو پر رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پاڻ سماجي طور اهو دٻدٻو ۽ شخصيت جو رعب وڃائي ويهي ٿو، اڪيلو ٿي وڃي ٿو، جن ماڻهن جي وٽس گيهه هوندي هئي، تن کيس ٻه آڱريون نرڙ تي رکي سلام ڪرڻ جي ضرورت به نٿي سمجهي، فرد جي انهيءَ زوال  کي نسيم کرل ڏاڍو گهرائيءَ سان پيش ڪيو آهي. انسپيڪٽر پنهنجي گذريل شان شوڪت ۽ طاقت جي دٻدٻي کي ياد ڪندي ڏاڍو مايوس ٿئي ٿو ۽ سندس ساٿي ڪوڙي خان کي چوي ٿو ته ”مان گذريل واردات آهيان جنهن جو ڪنهن کي ڀؤ ڪونهي“. (41)

                        نسيم کرل شهرن ۾ وڏيرن جي اچڻ ۽ وچئين طبقي جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ جديد تهذيب جا اثر ڏيکاريا آهن. مثال ”ڪرنٽ“، ”مڪسڊ گرل“ اهڙِون ڪهاڻيون آهن جن تي جديد انڊسٽريل تهذيب جا اثر موجود آهن. هي ڪهاڻيون جنسي هوس کي ظاهر ڪن ٿيون. سرمائيداري دؤر  جي اچڻ کان پوءِ پراڻا قدر بدلجي ويا، رسمون، رواج ۽ اخلاقيات  سڀ نئين سري سان استور ٿيڻ لڳا.  يورپ ۾ اهڙو انقلاب  گهڻو وقت اڳ اچي چڪو هو پر هتي جديد سڌ سماءَ جي ذريعن ۽ شهري مارڪيٽي ماحول ۾ اهي اطوار ظاهر ٿيڻ لڳا. هن سماج ۾ هر شيءِ کي جنس (Comodity) بنايو ويو، جنهن جو مقصد مارڪيٽ ۾ وڪجڻ هو. اهڙي طرح عورت به سرمائيداري سماج ۾ جنسي علامت (Sex symbol) بنجي ويئي ته صرف جنس (Sex) کي بي ساختا ڪيو ويو بلڪه انهي کي نون ڍنگن ۽ نون طريقن سان تبديل پذير (Variable) بنايو ويو. نتيجو اهو نڪتو  جو جنس (Sex) ضرورت مان ڦري فيشن بنجي ويئي ۽ انهيءَ کي جديد دؤر جي تقاضا ۽ فطري ضرورت جو نالو ڏنو ويو. جنسي شعور  جي ڦهلاءَ جو مطلب هو ته زندگيءَ جي مڪينيڪل ۽ ڪاروباري وهنوار مان ٿڪجي، جڏهن زندگيءَ جو واهياتپڻو ظاهر ٿئي ته جنس ۾ منهن  لڪايو وڃي. ٻئي طرف جنس (Sex) جو مثبت پهلو به هو جيڪو جاگيرداري دؤر جي روايتن ۾ دٻجي ويو هو. نتيجو اهو نڪرندو هو ته نفسياتي مسئلا پيدا ٿيندا هئا.

                        خاص طور سان ”ڪرنٽ“، ”ڊمي“، ”گٽس“، ”منجهيل سٽ“، انهي حوالي سان لکيل ڪهاڻيون آهن ”شبنم شبنم ڪنول ڪنول“ به جنسي آوارگي ۽ موقعي پرست ڪردار جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ڊاڪٽرن، نرسن جو ڪردار ۽ اسپتال جو ماحول ڏيکاريو ويو آهي.

                        پر هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ نرس جو ڪردار آهي جيڪو خيالي آهي، ڪهاڻيڪار جو تخيل ۽ خواهش آهي ته نرس اهڙي آدرش واد هجي پر  اهڙي نرس هن سماج ۾ ملڻ ممڪن ڪونهي جيڪا مريض جي خاطر پنهنجي عزت لٽائي ڇڏي، انسانيت پرستي جو جذبو هن ڪهاڻي ۾ غير فطري ٿو لڳي.

نتيجو

                مجموعي طور نسيم کرل جي ڪهاڻين ۾  ٻه پهلو ملن ٿا هڪ سنڌي سماج ۾ وڏيري جي نفسيات ۽ ان جو ڪردار ٻيو جديد دؤر جا قدر ۽ انهن جو پراڻن قدرن سان ٽڪراءُ.

                        نسيم کرل وڏيري طبقي جو فرد هو. سندس ڪهڙيون ناآسودگيون هيون، جن هن کي تخليق ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو، اهي ئي ناآسودگيون هن سماج جون هيون جن جو شڪار وچيون  ۽ مٿيون طبقو هو. نسيم کرل وٽ به آدرش هئا، فرد لاءِ هن سماج لاءِ جن جي تڪميل هن تخليق جي ذريعي ڪئي هئي. جيئن فرائيڊ جو چوڻ هو ته.

                        ”خوابن ۽ انهن جي علامتن وانگر فنڪاريءَ واري تخليق به لاشعوري طور خواهشن جي تڪميل جو هڪ انداز آهي“. (42)

                        اهي آدرش ۽ خواهشون روشن خيال فڪر جون سچيون تصويرون هيون، نسيم کرل جو ڪردار پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪٿي مصلحت پسند بنجي ٿو، پر مجموعي طور سندس فڪر ترقي پسند ۽ روشن خيال تحريڪ سان جڙي ٿو.

نجم عباسي

                        نجم عباسي ادبي تاريخ ۾ پنهنجي ذات ۽ نظرئي جو چٽو اعلان ڪيو، هو سڄي عمر لکندو رهيو هڪ اسلوب سان، هڪ ئي نظرئي جي پوئيواري ڪندي. نجم عباسي واحد ڪهاڻيڪار آهي جنهن هميشه کريون ۽ سچيون ڳالهيون ڪيون. هو ڪٿي به سمجهوتي يا علامت نگاري جو سهارو نٿو وٺي، هن جو ذهن سائنسي انداز سان سوچڻ وارو هو، جنهن ڪري هو انسان کي سندس فطري ۽ جديد دؤر  مطابق تبديل ٿيندڙ تعميراتي انسان ڏسڻ ٿو چاهي. هن جي فڪر جا محور ٻه آهن، هڪ هو جديد سائنسي اصولن مطابق زندگي کي ڏسڻ چاهي ٿو، جنهن ۾ طبقاتي سماج جي گهٽ وڌائيءَ ۾ منجهس ٿيندڙ غير انساني هاڃن کي نندي ٿو، ٻيو سندس سوچ جو محور سنڌيت جو جذبو آهي، جيڪو پڻ قوم پرستيءَ جي فڪر سان منسلڪ آهي. هو سڄي دنيا جي مظلوم قومن جي حمايت ڪندي نظر اچي ٿو.

                        نجم عباسيءَ جون تمام گهڻيون ڪهاڻيون لکيل آهن، جنهن ڪري اسين موضوعن جي حوالي سان انهن کي مختلف حصن ۾ ورهائي بحث ڪنداسين. هڪڙيون اهي ڪهاڻيون اٿس جن ۾ سندس سوچ ويچار مڪمل سائنسي آهي، جنهن ڪري ڪهاڻين ۾ عقيدي جي هر شڪل جي مخالفت ڪيل آهي. جتي هو فيوڊل نظام جي مخالفت ڪري ٿو، اتي هو ٿيوڪريسيءَ جو به سخت مخالف آهي. مثال ”پير جو لوڻ“ ڪهاڻيءَ  ۾ هڪ اهڙو ماحول ڏيکاريل آهي. جنهن ۾ بيمار لاءِ دُعا، پيرن مرشدن جا سڳا، ڦيڻا ڪيا ويندا آهن. گهرجي هڪ فرد کي جڏهن نانگ کائي ٿو ته ان کي به اهو ئي لوڻ جيڪو مرشد طرفان پڙهيل آهي پيارين ٿا، پر ماڻهو مري وڃي ٿو. هڪ ٻي ڪهاڻي ”ڇوڏو“  پڻ انهيءَ قسم جي موضوع تي آهي. مطلب ته توهم پرستي، وهمن ۽ وسوسن ۽ انڌي عقيدي ۾ گهيريل ماڻهن کي نجم عباسي شعور ڏيڻ چاهي ٿو، ۽ جهالت  جون اهي سڀ ديوارون ڪيرائڻ چاهي  ٿو. جيئن سندس ڪهاڻي ”قلب اندر ڪعبو“ آهي جنهن ۾ انسانيت جو درس ڏيڻ چاهي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ماڻهوءَ چار حج ڪيا پر کيس سڪون صرف ان وقت ملي ٿو جڏهن ڪنهن انسان جي مدد ڪري ٿو.

                        ”سائين مون ان کان اڳ به چار حج ڪيا هئا پر انهن ۾ ايڏي خوشي ۽ روحاني راحت حاصل نه ٿي جيڏي هن عورت کي بچائڻ ۽ ٽهل ٽڪور ڪرڻ ۾ ٿي.“ (43)

                        هن افساني ۾ اهو فڪر سمايل آهي ته انسان ذات جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ ڪنهن جي مدد ڪرڻ ان ظاهري عبادت کان بهتر آهي، جيڪا ماڻهو حقوق العباد کي نظر انداز ڪري  ڪن ٿا.

                        عثمان ڏيپلائيءَ جو چوڻ هو ته:

                        ”منهنجي خيال ۾ دنيا ۾ اڄ تائين مڪار ۽ چالاڪ مرشد جهڙي خطرناڪ ڪا به ٻي مخلوق پيدا ڪا نه ٿي آهي، زهري جيتن ۽ خونخوار جانورن کان ته ماڻهو پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي جو هو انهن کي پڪ سان خطرناڪ سمجهي ٿو پر مرشدن طرفان اهڙو مڪاريءَ جو ڄار پکڙيل هوندو آهي جو دِل ۽ دماغ کي انهيءَ حد تائين مفلوج ڪري ٿو ڇڏي.“ (44)

                        پيري، مريدي، روحانيت، درگاهن، اوتارن، موالين جي خلاف نجم عباسي جون بي شمار ڪهاڻيون آهن. مثال ”قدم چمڻ لاءِ“ ڪهاڻيءَ ۾ مجاور  يا خليفو  اها دعويٰ ڪري ٿو ته هن شهر ۾ ٻوڏ ڪا نه ايندي پر جڏهن ٻوڏ اچي ٿي ته چوي ٿو ته: ”درياءُ شاهه مرشد جا قدم  چمڻ لاءِ آيو آهي.“ سندس ٻي ڪهاڻي ”ڇوٽڪاري جي واٽ“ ۾ هڪ ماڻهو بدڪاريءَ تي پريشان ٿي وري سوچي ٿو ته هن سال کڻي حج تي ويندس ۽ پاڪ ٿي ايندس. ڪهاڻي ”ڇوڏو“ ۽ ”هٿ ڪشڪول ناهن“ به اهڙي موضوع تي آهن جنهن ۾ ويساهه جا وسوڙيل ماڻهو وهمن ۾ گهيريل آهن. هڪ عورت پنهنجي بخار جو علاج وڻ جي ڇوڏي کي سمجهي ٿي ۽ ”هٿ ڪشڪول ناهن“ ڪهاڻيءَ ۾ فلسطين جي جدوجهد جا ٻه اهم پهلو ڏيکاريل آهن هڪ ته دعا جا هٿ کڻي مسئلي جو حل حاصل ڪجي ۽ ٻيو حل عملي طور وڙهڻ جو ڏيکاريل آهي، جنهن ۾ ڪهاڻيڪار اهو ٻڌائڻ ٿو چاهي ته آزادي عملي جدوجهد سان ملندي صرف دعا  سان نه ملندي.

                        اهڙي طرح سندس ڪهاڻي ”دعا ۽ تاڙيون“ بلڪل انوکي ۽ حساس موضوع کي ڇهي ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ مذهبي ماڻهوءَ جي من ۾ اها ڳالهه ويٺل آهي ته جنس، عورت، لذت، دنيا جا مزا سڀ گناهه آهن ۽ انهن سان ماڻهو ڀٽڪي ٿو، خدا کي وساري ٿو، تنهن ڪري هو سڀني ڳالهين کان پري رهڻ  ٿو چاهي ۽ صرف عبادت ۾ زندگي گذارڻ ٿو چاهي پر کيس جنسي خيال ڏاڍا ستائين ٿا. نيٺ شدت ۾ پنهنجو مرداڻو عضوو وڍي ڇڏي ٿو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اهو ماڻهو گم ٿي وڃي ٿو ۽ ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ کيس کدڙن سان گڏ ڏيکاريو ويو آهي، جتي انهن سان گڏ تاڙيون وڄائيندي وڃي رهيو آهي. 

                        نجم عباسي جي هي ڪهاڻيءَ انسان جي ان فطرت ۽ جبلت جي نشاندگي ڪري ٿي، جنهن کان انسان چاهي ڪهڙا به جتن ڪري پر بچي نٿو سگهي. جنس کي پاپ ۽ گناهه چئي ماڻهن کي پري رهڻ جي تلقين ڪئي ويندي آهي، جنهن جو نتيجو  ڏاڍو خراب نڪرندو آهي، هندستان جي فلسفي گرورجنيش چيو هو ته هندي سماج ۾ ڇوڪرين کي ننڍي هوندي کان اهو چيو ويندو آهي ته جنس پاپ آهي، انهيءَ تي سوچڻ سمجهڻ گناهه آهي، اهي ئي خيال برائيءَ جي جڙ آهن ۽ وري شادي ڪرائي مڙس لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو تنهنجو پتي پرميشور آهي، ڀڳوان آهي ۽ اهو پتي پرميشور ڀڳوان کيس انهي گناهه کان متعارف ڪرائيندو آهي.              

                        اخلاقيات جو اهو درس سڄي دنيا جو الميو آهي خاص طور سان اسان وٽ اخلاقيات جو بنياد ئي جنس تي رکيل آهي ۽ نجم عباسي انهي ٽڪساٽ کي ختم ڪرڻ ٿو چاهي ته فطري حدن اندر جنس ڪو  پاپ ناهي، بلڪه انساني ضرورت آهي، يقيناً اسان هتي نجم  عباسيءَ کي روشن خياليءَ جي پوئيواري ڪندي ڏسون ٿا.  يورپ ۾ به فيوڊل  قدرن، مذهبي هڪ هٽي کي ٽوڙڻ لاءِ پهريون پٿر ائين اڇلايو ويو هو پر نجم عباسي اڃان اڳتي وڌي وڃي ٿو. هو  سماجي براين کي طبقاتي سماج جي پيداوار قرار ڏئي ٿو ۽ کليو کلايو چوي ٿو.

                        ”جاگيرداريءَ جا پيدا ڪيل وهم وسوسا اسان جي جيون جي لذت حاصل ڪرڻ ۾ ڪيئن نه رڪاوٽ بنجن ٿا.“ (45)

                        وري هڪ جڳهه تي چوي ٿو:

                        ”توهان طبقاتي سماج ۾ پنهنجا دل گهريا ماپا ۽ ماڻ ٺاهيندا آهيو، عزت، عصمت، غيرت ۽ شرم حيا توهان جا اخلاقي قدر جڙيل آهن پر عملي طرح اهي مرد لاءِ نه پر توهان جي عورت ۽ مظلوم هارين ۽ ڳوٺاڻن لاءِ هوندا آهن. توهان وڏيرڪي طبقي جي مردن کي ته کليل آزادي آهي ته جنهن عورت کي وڻيو تنهن کي ورتايو“. (46)

          نجم عباسي پنهنجي ڪهاڻين ۾ طبقاتي شعور ڏئي ٿو. چوي ٿو ”هي نظام بدلجڻ کپي، وڏيرڪو نظام، پيراڻو نظام، سرمائيداراڻو نظام بدلجڻ کپي“. (47)

                        نجم عباسي پنهنجي فڪر ۾ ڪٿي انتها پرست به ٿي وڃي ٿو ۽   ڪهاڻيءَ ۾ نعري بازي ڪرڻ شروع ڪري ٿو. پاڻ جنهن شيءِ کي سچ سمجهي ٿو، ان ۾ ڪٿي به مصلحت پسند نٿو ٿئي. بلڪه سماج جي چير ڦاڙ ڪندي هو ڪنهن کي به بخش نٿو ڪري، وڏيرو هجي يا سيد، پير هجي يا ڪامريڊ، مثال ”ٽولي جو انگ“، ”رقابت جو انگ“، ”پهرين رات پهرين ملاقات“، ”سي ڇا ڄاڻن دل  جي دنيا“، ”پستيون“،  ”وڇوٽيون“ وغيره هنن ڪهاڻين ۾ وڏيرڪي سماج کي اگهاڙو ڪيو ويو آهي. نجم عباسيءَ جي اهم خاصيت اها آهي ته هو ڪٿي به علامت نگاري يا منافقي سان ڪم نٿو وٺي ۽ اهڙي انداز ۾ اڳتي وڌي ميڪنيڪل رويو به پنهنجو اٿس مثال: سندس ڪتاب ”تصوف جي چير ڦاڙ“ ۾ تصوف جي موجوده  مذهبي ۽ روحاني شڪل کي رد ڪري ٿو ۽ ساڳئي وقت ماڻهوءَ جي روحاني پهلوءَ کي به نظر انداز ڪري خالص زندگيءَ کي فارموليٽ نڪته نگاهه سان ڏسڻ شروع ڪري ٿو. (48)

                        نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين جو ٻيو پهلو قوم پرستي آهي جنهن تي اسان گذريل باب ۾ لکي آيا آهيون.

                        پر هتي مان اهو چوندس ته سندس قوم پرستي ان وقت احساس برتري (شائونزم) ۽ تعصب جو شڪار ٿي وڃي ٿي، جڏهن هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ غير سنڌيءَ کي مڪمل بدڪار، بدمعاش ۽ اوباش ظاهر ڪري ٿو. سندس هر غير سنڌي ڪردار دوکي باز ۽ لٻاڙي آهي. مثال” پاڙي جي خدمت“، ”ڪوڙڪي“، ”ڪليمي ڪامريڊ“، ”هوا ۽ پاڙون“،  ”نئون حجاج“، ”سنڌ ۾  طوفان“، ”ديسي سيڻ ڪجن“، ”پٿر تي ليڪو“ فڪري طور نجم عباسي صرف قوم پرستي جي ڪن ۾ غوطا  نٿو کائي، هو نظام جي خرابيءَ جي اصل جڙ کي به سمجهي ٿو ۽ ان جو حل مارڪسزم کي سمجهي ٿو. چوي ٿو ته:

                        ”اهو نه وسارڻ گهرجي  ته سوشلزم ۽ ڪميونزم جا نظريا نه ڏنا وڃن ها ته هن وقت دنيا ۾ سامراج  طرفان ايڏا ظلم هجن ها جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.“ (49)

نتيجو

                        ڏٺو وڃي ته اصولي طرح سان نيشنلزم ۽ مارڪسزم متضاد نظريا آهن. هڪ ۾ صرف پنهنجي قوم جي ڳالهه هجي ٿي ۽ ٻئي ۾ انسان ذات جي مجموعي برابريءَ جي، پر سنڌ جي اڪثر اديبن ۽ شاعرن وٽ اهي  ٻئي نظريا هڪ ئي وقت موجود آهن ڇاڪاڻ جو هو بنيادي طرح انسان ذات جي برابري ۾ يقين رکندي پنهنجي ڌرتيءَ سان وابستگيءَ کي به اهميت ڏين ٿا ۽ ٻنهي نظرين جون مثبت ڳالهيون کين پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿيون. شيخ اياز کان وٺي نجم عباسي تائين ائين آهي. نجم عباسي ترقي پسند، روشن خيال ۽ قوم پرست ليکڪ هو. فڪري طور سنڌيت جي جذبي جي شدت وٽس موجود هئي ۽ خاص طور سان سنڌ جي مثبت قدرن ۽ فڪر کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ کڻي ٿو. سندس اهو  چوڻ ته جيڪڏهن مارڪسزم جو فلسفو  عملي طور سوويت يونين جي شڪل ۾ موجود نه هجي ها ته سامراج اڃان به وڌيڪ ظلم ڪري ها. اها ڳالهه سؤ سيڪڙو  صحيح ثابت ٿي. سوويت يونين جي ٽٽڻ سان سامراجي ۽ سرمائيداري نظام جون بڇڙايون  اڃان به کلي ڪري سامهون آيون آهن ۽ مظلوم وڌيڪ مظلوم ٿي ويو آهي. نجم عباسي ٺوس سائنسي قدرن کي مڃي ٿو ۽ ان مطابق انساني قدرن کي تشڪيل ڏيڻ چاهي ٿو.

امر جليل

                        امر جليل اهو واحد ڪهاڻيڪار آهي جنهن وڌ ۾ وڌ مقبوليت حاصل ڪئي، تمام گهڻا پنهنجا پڙهندڙ پيدا ڪيا، ۽ عوام جي هر طبقي ۾ شهرت حاصل ڪئي، ڇو ته سندس اسلوب منفرد  ۽ اعليٰ قسم جو هو.  هن اهو ثابت ڪيو ته حقيقت جي دنيا ۾ ڪردارن جي الميي سان گڏ هڪ رومانوي ۽ طنز مزاح جو پهلو به لڪل آهي. هو مڪالمن جو بادشاهه آهي، پنهنجي ڪردارن کان اهڙيون ڳالهيون چورائيندو  جيڪي اسان جي تاريخ، سماج ۽ عام وهنوار ۾ عام آهن، پر اهي ڳالهيون وقت ۽ موقع جي نزاڪت سان اهڙيون ته ٺهڪي ٿيون اچن جو پڙهندڙ لطف اندوز  ٿئي ٿو. امر جليل جي هر ڪهاڻي تاريخي، سماجي، سياسي اقتصادي  ۽ واقعاتي  پس منظر ۾ لکيل آهي، سندس ڪهاڻين جي فڪري پهلوءَ کي اسان ڏسنداسين  ته ڪجهه ڪهاڻيون مڪمل طور روشن خيال ۽ ترقي پسند فڪر سان جڙن ٿيون ۽ ڪي ڪهاڻيون رومانوي آهن جن ۾ هو بي انتها رومانٽڪ ۽ جذباتي نظر اچي ٿو. مجموعي طور امر جليل زندگيءَ جي ترجماني ڪئي آهي. سندس چوڻ  هو ته ”منهنجو ادب درد ۽ تڪليف مان جنم وٺندو آهي، مان جيستائين ڪنهن نظام لاءِ بي انتها نفرت ۽ روح ۾ بيچيني محسوس نه ڪندو آهيان تيستائين لکي نه سگهندو آهيان“. (50)

          امر جليل جا موضوع به ٻين ڪهاڻيڪارن وانگر، بک، محرومي، هيڻائي، بيروزگاري ، پاڪستاني فڪر جي نالي ۾ رياستي جبريت، وڏيرڪي سماج جا هاڃا، وچئين طبقي جا الميا ۽ غير انساني اخلاقي قدر آهن. امر هڪ دؤر  جي تاريخ آهي، جنهن وقت سندس ڪهاڻين  مقبوليت جو عروج حاصل ڪيو ان وقت سنڌ هڪ مخصوص سياسي، سماجي، معاشي صورتحال ۾ گهيريل هئي. ادبي طور اهو شاهوڪار دؤر  هو. تبديليءَ جو هر فڪر اديبن، سياستدانن ۽ سماج جي هر پرت کي متاثر ڪري رهيو هو. ائين چئجي ته معروضي حالتون/خارجي حالتون تبديليءَ لاءِ بي چين هيون،  هڪ طرف ڪميونسٽ نقطه نظر جون تنظيمون، انسان جي بنيادي حقن معاشي آزادي ۽ طبقاتي ويڇن کي مٽائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيون هيون، ٻئي طرف مظلوم قومن جي حقن جي جدوجهد ۽ طبقاتي سماج جي خلاف جدوجهد گڏجي سنڌ جي هر طبقي کي متاثر ڪيو ۽ امر جليل ان وقت اڀريو. هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ سماج جا ٻرندڙ مسئلا کنيا. هڪ عام غريب ماڻهوءَ جي بک کان وٺي، حڪومت جي فاشي  پاليسين تائين لکيو. هن وقت سندس خاص ڪهاڻيون جيڪي روشن خيال ۽ ترقي پسند فڪر جي نمائندگي ڪن ٿيون انهن تي بحث ڪنداسين.

مهدي منهنجو پٽ: ٺيٺ معاشي مسئلي تي هيءَ ڪهاڻي لکيل آهي،  جنهن ۾ هيٺئين طبقي  جو هڪ ڪردار سماجي وهنوار ۾ حقيقت پسند آهي. هو موجوده سماج سان اڻ ٺهڪندڙ آهي. چالاڪي موقع پرستي، بدعنواني ۽ چاپلوسي نٿو ڄاڻي تنهن ڪري اڪيلو آهي. اخبارون وڪڻي پيٽ گذر ڪري ٿو پر پوليس کي رشوت نه ڏيڻ ڪري  کيس اخبارون وڪڻڻ به نٿا ڏين ۽ بيروزگار ٿي گهر ۾ ويهي رهي ٿو. ان وقت پنهنجي زال سان جيڪا مڪالمن جي ڏي وٺ ڪري ٿو اها سڄي سماج جي چير ڦاڙ آهي، جيئن چيو ويندو آهي ته رزق الله ڏيڻ وارو آهي داڻي داڻي تي مهر لڳل هوندي آهي سو انهي توڪل تي حميده هڪ غريب ڇوڪري سان شادي ڪري ٿي پوءِ اهو ڪردار انهي ڳالهه کي ورجائي ٿو ته ”مان ان داڻي جو انتظار ڪري رهيو آهيان، جنهن تي منهنجي تنهنجي ۽ مهديءَ جي نالي جو ٺپو لڳل هوندو“. (51)

                        ۽ ساڳئي وقت ڪهاڻيءَ ۾ وقت جي سياستدانن کي به وائکو ڪيو ويو آهي ته اڪثر اسمگلر، وياج خور، واپارڪي ذهنيت رکندڙ ماڻهو دنيا جهان جا ڏوهه ڪري پاڻ کي صاف ۽ پاڪ انسان دوست  ثابت ڪرڻ لاءِ غريبن سان ڪوڙيون همدرديون جتائيندا آهن ۽ خير خيراتون ڪندا آهن.ا هڙو ئي ڪردار هن ڪهاڻي ۾ الحاج سيٺ نيڪ محمد آهي، جيڪو مسجد جي افتتاح جي دعوت ڏيڻ اچي ٿو جنهن کان اهو اخبار وڪڻڻ وارو پڇي ٿو.

          ”اڄ ڪيئن تڪليف ڪئي اٿوَ سيٺ صاحب، اليڪشن ۾ بيٺا آهيو ڇا؟“ (52)

                        هن مڪالمي ۾ زبردست طنز آهي ته سيٺ ڪنهن غريب جي گهر تڏهن ئي وڃي سگهن ٿا جڏهن سندن مفاد هجي باقي غريب جي اوکي ويل ڪم نٿا اچن، اهي ماڻهو غريب طبقي جي وجود  سندن حقن جي جدوجهد کي فريب ۽ فضول سمجهن ٿا. جيئن هن ڪهاڻيءَ ۾ مولانا نبي احمد دهلوي چوي ٿو ”ڏي خبر ڇا ٿو چوي تنهنجو جديد معاشي ۽ اقتصادي نظام؟ مڃين ٿو ته تنهنجي محنت ڪش ماڻهوءَ جو وجود فريب آهي“. (53) کيس جواب ۾ ڪردار چوي ٿو.

          ”مولانا ڌرتيءَ مان پنهنجي ساءِ ڪرڙ، ڪانڊيرا، کٻڙ ۽ ٿوهر اسرندا آهن، پنهنجي ساءِ ڌرتيءَ  مان ان ڪڻو اڀرندي ڏٺو اٿئي! جيستائين محنت ڪش انسان جو هٿ ڌرتيءَ کي نٿو  ڇهي، تيستائين اناج جو ڪڻو نٿو اسري“. (54)

          هن مڪالمي ۾ پورهيت جي عظمت ۽ ان جي طرفداري موجود آهي. مجموعي طور هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ دؤر جيڪو 70 جي ڏهاڪي جو آهي، انهيءَ جي تاريخ سمايل آهي.

جڏهن مان نه هوندس: ون يونٽ جي دؤر ۾ ايوبي آمريت خلاف هلندڙ تحريڪ جي پس منظر ۾ هيءَ ڪهاڻي لکيل آهي، جنهن ۾ هڪ انقلابي  نوجوان پنهنجي قوم تي ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز اٿارڻ لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ چاهي ٿو پر ڪنهن حسينا سان کيس عشق ٿي وڃي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ عورت ۽ ڌرتيءَ جي فڪر سان منسوب هئڻ جو بي مثال نمونو موجود آهي، جنهن ۾ هڪ ڪردار باغي آهي، وقت جي حاڪمن کان بغاوت ڪري ٿو، پنهنجي ڌرتيءَ ۽ قوم جي حقن لاءِ وڙهي ٿو. پر هڪ غير سنڌي عورت جي عشق ۾ به  اوترو محو آهي جو جان جو جوکو کڻڻ لاءِ به تيار آهي. سندس هي مڪالمو ڏاڍو معنيٰ خيز آهي.

                        ”الاءِ ڇو دنيا جا سڀئي وطن پرست رومانٽڪ هوندا آهن. ڇو جو ڌرتي ۽ عورت ۾ بنيادي مشابهت آهي.“ (55)

                        ڌرتي ۽  عورت سان پيار جو  تسلسل سنڌي سماج جي هزارين سالن جي تاريخ ۾ سمايل آهي. هن مقالمي جو پڙاڏو موهن جي دڙي جي سماج سان ملي ٿو.

                        اڳتي انهي ڪهاڻيءَ ۾هڪ مڪالمو ڏسو.

                        ”اسين سنڌ ملڪ جا ماڻهو عورت ۽ ڌرتي جي عزت ڪندا آهيون“. (56)

          هن ڪهاڻيءَ ۾  سنڌي سماج، سنڌيءَ ماڻهوءَ جي نفسيات ۽ انهي جي فڪري تسلسل جو عڪس موجود آهي.

شڪست: هن ڪهاڻيءَ جو پلاٽ ته هڪ پروفيسر جي ڪٿا تي مبني آهي جنهن ۾ سندس عظمت سندس فڪر روايتي قدرن جي ور چڙهي وڃي ٿو. عام ماڻهن جي بي هسي ۽ قائم ڪيل قدر کيس پنهنجي وطن ۾ ٽڪڻ نٿا ڏين، پر اصل فڪر هن ڪهاڻيءَ جي مڪالمن ۾ آهي، جنهن ۾ انسانيت پرستي ۽ روشن خيالي جي فڪر جي تصوير چٽي ٿئي ٿي.

                        مثال: انسانيت جا محافظو! اچو ته اڄ هٿ هٿ سان ملائي عالمي امن ۽ پيار کي پنهنجي دائري ۾ پناهه ڏيون اچو ته اڄ اسين مظلوم ۽ ڏتڙيل حال انسان عهد ڪريون، اچو ته دنيا جا محنت ڪش ۽ مفلس انسان عهد ڪريون، ته اسان هن ڌرتيءَ لاءِ نئون آدرش ٿينداسين، اسين مذهبي جنون، نسلي برتريءَ جي احساس ۽ نظرياتي  ڪشمڪش جي آدم خور آڏو هماليه وانگر اٽل ٿي بيهنداسين ۽ ڏتڙيل انسانيت جي حفاظت ڪنداسين. (57)

سرد لاش جو سفر:  امر جليل جي هيءَ ڪهاڻي وڌ ۾ وڌ مشهور ٿي ۽ اختلافي بڻي. هيءَ ڪهاڻي دراصل مذهبي ڪٽرپڻي، نفرت ۽ تعصب خلاف لکيل آهي. هيءَ ڪهاڻي ڪنڌڪوٽ ۾ مذهبي بنياد تي ٿيل هڪ واقعي جي پس منظر ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ اهو ظاهر ڪيو ويو آهي ته مذهب جو نالو وٺي ڪي ماڻهو ڪيڏا انسانيت سوز واقعا ڪن ٿا. هن ڪهاڻيءَ تي مختلف ماڻهن راءِ ڏني هئي. سلطانه وقاصي چيو هو:

                        ”اڄ جي ماڻهن مذهب کي انسانن جي وجود مان ڪڍي مصلي تي اچي بيهاريو آهي ۽ امر جليل جي هن ڪهاڻيءَ ۾ معاشري، ماحول ۽ اهڙن انسانن لاءِ نفرت پيدا ٿئي ٿي جيڪي جانور آهن ۽ پاڻ کي انسان ڪوٺائين ٿا.“ (58)

                        ٽي آنند تولاڻي چيو هو ته ”امر جليل جي هيءَ ڪهاڻي هڪ همت ڀريو قدم آهي ظالمن جي ظلم جو پردو چاڪ ڪيو ويو آهي.“ (59)

                        ڪن ماڻهن هن ڪهاڻيءَ تي سخت تنقيد پڻ ڪئي هئي، ڪريم بخش صديقي راءِ ڏيندي هن ڪهاڻيءَ لاءِ چيو هو ته:

                        ”هيءَ ڪهاڻي ڪنڌڪوٽ ۾ ٿيل افسوسناڪ واقعي کان متاثر ٿي لکي وئي آهي، پر امر جليل هن ڪهاڻيءَ ۾ لادينيت جي پرچار ڪئي آهي ۽ مذهب کان متنفر ڪرڻ  جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪو مولانا ڪا  شرمناڪ حرڪت ڪري ته ان جو قصور وار مذهب ڇو؟ جيڪڏهن معاشري جا چند بڇڙا ۽ ڪڌا ڪرتوت ڪن ته ذميوار پورو معاشرو ٿيندو ڇا؟ دنيا ۾ ڪهڙو مذهب آهي جو انهن حرڪتن کي پسنديده قرار ٿو ڏئي؟“

                        ڏٺو وڃي ته هن ڪهاڻيءَ ۾ مذهب خلاف ڪا نعري بازي نه ڪئي وئي آهي، نه وري مذهب کي رد ڪيو ويو آهي. بلڪه مذهبي جنون ۾ جيڪو واقعو ٿيو انهيءَ کي سادگيءَ سان پيش ڪيو ويو آهي. پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته دنيا ۾ اهڙن ماڻهن طرفان وڏيون خونريزيون، وحشياڻيون ڪارروايون مذهب جي نالي ۾ ڪيون ويون آهن. سنڌ ڌرتي جيڪا امن پيار جي فڪر جي ڌرتي آهي انهي تي به اهڙيون وحشيانه ڪارروايون ٿيون آهن. تڏهن امر جليل انهيءَ کي نروار ڪرڻ لاءِ قلم کڻڻ جي جرئت ڪئي آهي، جنهن مان امر جو مذهب خلاف ڪو به فڪر نٿو اڀري، بلڪه انسانيت پرستي ۽ روشن خياليءَ جو پهلو اڀري ٿو.

عشق ۽ انٽرويو: امر جليل جي اها خاصيت رهي اهي ته هو الميي کي رومانوي انداز سان پيش ڪندو آهي، سندس اها فنڪاري آهي جو ڏک ۽ اذيت جي حالت ۾ ڪردار کان اهڙي ڳالهه چورائيندو، جنهن سان کل اچي ويندي آهي، پر ساڳئي وقت اهو سماج ۽ نظام تي زبردست طنز هوندو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ بيروزگار نوجوان روزگار جي تلاش ۾ مسلسل انٽرويو ڏيندو رهي ٿو پر کيس نوڪري نٿي ملي، ان نوجوان جي ڪٿا ۾ سماج جا گهڻا پهلو زير بحث آيل آهن جن ۾ پوڙهي زميندار سان نوجوان ڇوڪري جي شادي ٿيڻ، ذهانت بجاءِ سفارش تي نوڪري ڏيڻ، انٽرويو وٺڻ وارن جي هلڪڙائپ وغيره مثال طور ڪهاڻيءَ جو هي مڪالمو ڏسو.

                        ”زميندار سٺ سالن  جو آهي ۽ وارن مڇن ۽ ڏاڙهي کي جوڪر ڇاپ خضاب لڳائي، قدرت کي شهه ڏيندو آهي. سندس زال زرينه، سورنهن سالن جي آهي سانوري ۽ سهڻي آهي.“ (60)

                        طبقاتي سماج ۾ دولت جي دٻدٻي تي بي جوڙ شادين جو  مثال اسان وٽ سنڌ ۾ عام آهن، اهي خوبصورت ناريون جن جي اڃان خوابن ڏسڻ جي عمر هوندي آهي کين پئسن جي لالچ ۾ پوڙها مڙس ملي ويندا آهن ۽ پوءِ هو يا ته پنهنجي زندگي مايوسي ۽ محروميءَ جي ڪن ۾ اڇلائي ڇڏينديون آهن يا وري نوجوانن سان اکيون اڙائينديون آهن.

                        هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ واقعي ۽ هڪ  الميي جو سنگم ٻئي الميي ۽ ٻئي واقعي سان خوبصورتي سان جڙيل آهي.

ڌرتيءَ جي ڌوڙ آسمان جا تارا: سنڌ جي سيدن جي عزت ۽ احترام جو هڪ پنهنجو فڪر آهي، جنهن ۾ ماڻهو کين مرشد جو درجو ڏيندا آهن، کين رسول صلعم جي خاندان جو  تسلسل مڃيندا آهن ۽ پاڻ کي امتي چئي هيٺائون درجو ڏيندا آهن، بيشڪ سيدن جو احترام پنهنجي جڳهه تي آهي پر تاريخ ۾ اهڙا به سيد ٿيا آهن جن پنهنجي حيثيت جو ناجائز فائدو ورتو آهي. جديد روشن خيال ۽ ترقي پسند دؤر اچڻ کان پوءِ انهي فڪر کي عام ڪيو ويو ته ذات پات جي بنياد تي رنگ و نسل جي بنياد تي ڪير به ڪنهن کان مٿانهون ڪونهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اهڙي سيد جي ڪردار کي ظاهر ڪيو ويو آهي جيڪو هڪ ڀيلڻ سان ڪوڙا واعدا ڪري سندس عزت سان کيڏي ٿو ۽ جڏهن ان ڀيلڻ کي پيٽ ٿي وڃي ٿو ته کيس ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏي ٿو ۽ کيس چوي ٿو:

                        ”ڪميني ڪم ذات تون ٽڪي جي ڀيلياڻي آهين.“ شاه کيس چوٽي کان وٺي سٽ ڏيندي چيو ”۽ خبر اٿئي مان سيد آهيان سيد........“ (61)

سياڻن ۾ ڀوڪ: هيءَ ڪهاڻي مٿين طبقي جي ڪردارن جي آهي جيڪي دولت گڏ ڪرڻ جا پوڄاري آهن، محنت بجاءِ استحصال ڪن ٿا. اهڙي هڪ خاندان ۾ هڪ اهڙو ڪردار پيدا ٿئي ٿو، جنهن جي دل محنت ڪرڻ چاهي ٿي هو چاهي ٿو ته زمين جو ٽڪرو وٺي ۽ خود انهيءَ ۾ هر هلائي. سندس انهن خيالن تي سڀ ڪاوڙجي وڃن ٿا ۽ کيس لعنت ملامت ڪن ٿا. هي ڪهاڻي موجوده سماج جي اهڙي ناسور جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ محنت ڪرڻ واري محنت ڪش کان نفرت ڪئي وڃي ٿي. کيس گهٽ نظر سان ڏٺو وڃي ٿو، چالاڪ ۽ ذهين انهي کي سمجهيو وڃي ٿو جيڪو دولت ڪمائڻ جا حربا ڄاڻي، جيڪو استحصال ڪرڻ جو فن ڄاڻي، تنهن ڪري اهڙي سماج ۾ محنت ڪرڻ جي خواهش رکندڙ مٿئين طبقي جي ڪردار کي ڀوڪ سمجهيو وڃي ٿو. هيءَ ڪهاڻي ترقي پسند فڪر جي تسلسل ۾ لکيل آهي جنهن مطابق محنت ۾ عظمت آهي.

هن ڄار ۾: هيءَ ڪهاڻي هڪ اهڙي واقعي جي پس منظر ۾ لکيل آهي جنهن ۾ سنڌي ماڻهوءَ جو ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿو. هڪ انگريز خاتون جيڪا سنڌ جي تهذيب، فڪر، مهمان نوازي جو ٻڌي سنڌ جي تهذيب جا آثار ڏسڻ  سنڌ ۾ اچي ٿي، انهي کي سنڌي وڏيرا بهلائي چوريءَ ساڻس زوري ڪن ٿا.  هن ڪهاڻيءَ ۾ واقعي کي اهڙي طرح پيش ڪيو ويو آهي جو سنڌ جي وڏيري طبقي جي  نفسيات چڱي طرح ظاهر ٿئي ٿي ۽ اها ڳالهه اڀري ٿي ته سنڌي تهذيب، فڪر ۽ سڃاڻپ جا دشمن وڏيرا آهن، جن سنڌ کي ديس ۽ پرديس ۾ بدنام ڪرڻ  ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي.

                        جهڙي طرح ڪارل مارڪس جي نظرئي مطابق سماج جي مڙني براين ۽ جهڳڙن جو بنيادي ڪارڻ معاش آهي، اهڙي طرح امر جليل پنهنجي ڪهاڻين ۾ معاشي اڻ برابريءَ ڪري سماج ۾ ٿيندڙ مختلف مسئلن کي موضوع بنايو آهي، جيئن”آدم جي ماءُ“ ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڪلرڪ ۽ سندس ماءُ جو الميو آهي. معاشي تنگيءَ جا شڪار اهي ڪردار بيماريءَ ۽ بک ۾ مبتلا آهن. سندس ڪهاڻي ”زندگي ۽ زهر“  هيٺئين طبقي جي ڪردارن جي ڪهاڻي آهي. معاشي تنگيءَ سبب جذبا، قدر، پيار سڀ سوريءَ تي لٽڪندي نظر اچن ٿا. امر جليل جون ڪهاڻيون علامتي انداز ۾ لکيل آهن جن ۾ ”مٽيءَ جا ماڻهو“، ”دي موسٽ ڊينجرس مين ان پاڪستان“، ”صدين جو سوداءُ“، ”عاشق ۽ شهيد موٽي ايندا آهن“ وغيره آهن، جيڪي فڪري طور  سان سنڌ جي حالتن ۽ هيٺئين طبقي جي الميي ۽ انهن ڪردارن تي لکيل آهن جيڪي سماج ۾ مس فٽ (اڻ ٺهڪندڙ) آهن.

نتيجو

                        مجموعي  طور امر جليل پنهنجي موجوده وقت جي عام ماڻهن تي لکيو آهي، روزمره جا مسئلا، جن ۾ معاشي مسئلا، پيار، دين ڌرم جي نالي تي ٿيندڙ ويساهه گهاتيون، قومي زيادتي، امر جليل جا موضوع آهن، خود امر جو چوڻ آهي ته:

                        ”موجوده حالتن کان اکيون بند ڪري نٿيون سگهجن، سجاڳ ليکڪ ماحول کان منهن موڙي ڏند ڪٿائن، بلبلن، ساقي ۽ جام جي باري ۾ نٿو لکي سگهي.“ (62)

                        تنهن ڪري امر جليل جي ڪهاڻيءَ جو موضوع، سندس ڪردار سندس مڪالما هر ماڻهوءَ جي دل وٽان آهن. ائين چئجي ته امر هر نوجوان کي زندگيءَ جي مسئلن ۽ معاشي، سماجي، فرسوده، قدرن جي گهاڻي ۾ پيڙجندي هڪ زبان ڏئي ڇڏي. هڪ نعرو ڏئي ڇڏيو، سجاڳي ڏني پنهنجي حالتن کي سمجهڻ ۽ بدلائڻ لاءِ، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته امر جليل سنڌ جي روشن خيال تحريڪ، ترقي پسند فڪر جو اهم ٿنڀو آهي.

علي بابا

                        هر تخليق ڪار جا ٻه اهم دؤر  هوندا آهن. هڪ دؤر  جنهن ۾ تخليق ڪار پنهنجي وجود  کي مڃائيندو آهي. سماجي ۽ فطرتي زيادتين خلاف ڇوهه ڇنڊيندو آهي. اهو دؤر تلخيق ڪار جو آزاد دؤر هوندو آهي. جنهن ۾ هو جذباتي گهڻو هوندو آهي، ٻيو دؤر  سندس مڃيل حيثيت جو هوندو آهي جنهن ۾ هو جذباتي گهٽ ۽ سنجيده زياده هوندو آهي، پر ايترو آزاد نه هوندو آهي، منجهس مصلحت پسنديءَ جو رجحان پيدا ٿي چڪو هوندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ارنسٽ هيمنگ وي چيو هو ته: ”نوبل انعام تخليق ڪار جو دشمن آهي. اڄ ڏينهن تائين اهڙو ڪو به اديب پيدا ڪو نه ٿيو آهي جنهن نوبل انعام حاصل ڪرڻ کان پوءِ اهڙي نوبل تخليق ڪئي هجي.“ (63)

          پر اسان وٽ سنڌ ۾ گهڻا اهڙا به اديب پيدا ٿيا آهن جن جي سڄي زندگيءَ ۾ ڄڻ ته پهريون دؤر رهيو آهي، جن جي وجود ۾ اڻ تڻ ۽ محروميءَ جو احساس ايترو شديد آهي جو هنن جي هر تخليق پهرئين اتساهه وانگر رهي آهي. نئين نڪور ۽ شاهڪار! علي بابا به انهن ليکڪن مان هڪ آهي، جن کي پنهنجي طبقي جي محرومين جو شديد احساس آهي، هو نه کٽندڙ هڪ طويل جنگ جو سپاهي آهي، جنهن کي اهو احساس آهي ”ته مان غريب جو ٻار آهيان ۽ هن ادبي دنيا ۾ ٽپي پيو آهيان جنهن ۾ ويد وياس کان وٺي هومر گوئٽي ۽ ٽئگور تائين سڀ اميراڻا ٻار هئا“ (64) علي بابا کي اهو به احساس آهي ته ”هيءَ دنيا پل صراط جهڙي ترار آهي جنهن تي پاڻ سنڀالڻ ڏکيو ڪم آهي، مٿان باهه ۽ هيٺان لاوي جو ساگر پيو ڇلڪي، موت کان سواءِ ڪٿي نه ختم ٿيندڙ سفر آهي“. (65)

                        ايڏي عذاب ۾ علي بابا لکي ٿو جنهن جي پنهنجي داخلي دنيا آهي جنهن ۾ سپنا به آهن ته مقابلي بازي به! علي بابا جو پنهنجو چوڻ هو ته ”هو لاڳيتو هڪ فئنٽاسيءَ جي دنيا ۾ رهي ٿو“. (66)

                        پر پوءِ به اسان سندس ڪهاڻين ۾ ڏسنداسين ته هو رومانٽڪ نه پر هڪ سخت حقيقت پسند آهي. سندس هر ڪهاڻيءَ جو ڪردار غربت ۾ ورتل، پسجندڙ، هيسيل ۽ مظلوم آهي، جنهن جو شمار عام ۾ آهي، جنهن کي وڏيرا ڪت خلق چوندا آهن، علي بابا انهي دنيا ۾ رهي ڪري ان دنيا جي ڪردارن جي وجود کي محسوس ڪيو آهي.

                        علي بابا جي ڪهاڻين جا ٽي پاسا آهن جيڪي ٽن موضوعن ۾ ورهايل آهن، هڪڙا اهي ڪردار آهن جيڪي پنهنجا ديس واسي آهن جن جي پيرن هيٺان ڌرتي کسجي رهي آهي، جن سڄي تاريخ ديس لاءِ پنهنجي قوم لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، جن جو فڪري ٽڪراءُ انهن قوتن سان آهي جيڪي ڦورو آهن،  عقيدي جي نالي ۾ انسانيت جو خون ڪن ٿا، تاريخ جو ڦيٿو الٽو گهمائڻ چاهين ٿا، جن هميشه عوام کي لٽيو ڦريو ۽ انهن تي حڪمراني ڪئي. ڪهاڻين جو ٻيو پاسو معاشي آهي، جنهن ۾ اهي ڪردار آهن، جن وٽ مانيءَ جو اڌ به پنهنجي وجود جي بچاءُ لاءِ ڪائنات جيڏي اهميت رکي ٿو. جن وٽ هر وک تي اذيت آهي گهور انڌڪار ۾ ٿاٻڙجي رهيا آهن، سندن نيڻن ۾ نراسائيءَ جا پاڇا آهن.

                        ڪهاڻين جو ٽيون پاسو جمالياتي آهي، جيئن هند جي فڪر جو مرڪز سچ، سڪ ۽ سونهن (ستيم شيوم سندرم) رهيا آهن، تيئن سنڌ ۾ ادب جو مرڪز به اهي ٽئي پهلو رهيا آهن. پر حالتن تحت، ڪو به هڪ پهلو نمايان رهي ٿو. يا وري ٽئي پهلو گڏجي اچن ٿا، پر جتي حالتون جنسي گهٽ ۽ ٻوسٽ واريون هجن، جاگيرداري قدر سماج تي حاوي هجن ۽ معروضي طور وچيون طبقو شهري ۽ مغربي تهذيب جي اثر ۾ چٽا ڀيٽي ڪرڻ لاءِ آتو هجي، اتي جيڪي ٻهراڙين مان آيل نوجوان جنسي ڪجروي جو شڪار ٿين ٿا. علي بابا انهن پهلوئن کي به ڪهاڻين ۾ نمايان جڳهه ڏني آهي.

                        جهڙي طرح ترقي پسند اديبن معاشي مسئلي کي بنيادي اهميت ڏني ۽ انهن طبقاتي مسئلي جي بنياد تي مواد جي چونڊ ڪئي، اهڙيءَ طرح علي بابا به اهڙن موضوعن جي چونڊ ڪئي جن مان ڪردارن جي طبقاتي  صورتحال چغلي کائي ٿي، جيئن سندس ڪهاڻي ”ڀاڳان“ هن ڪهاڻيءَ ۾ هيٺئين طبقي جي هڪ ڪردار جو الميو آهي، جنهن وٽ ڪجهه به ناهي، ڀاڳان  ۽ سندس ماءُ ٻن فقيرياڻين جا ڪردار آهن، جن سان ڪهڙيون زيادتيون  ٿين ٿيون  انهن کي ڪهاڻيڪار نروار ڪيو آهي. ڪهاڻيڪار ظاهر ڪري ٿو ته معاشي بنياد تي انسان کي تحفظ، عزت ۽ مان ملي ٿو، جن وٽ ڪجهه به ناهي انهن جي عزت به محفوظ نٿي رهي ۽ نه وري هو ڪنهن مذهب کي پنهنجائين ٿا. هنن جو مذهب غريبي آهي، جيئن ڪردار چوي ٿو:

                        ”اي ساهه لطيڦ کير ڪجان... اي قلندر شاباج کير ڪجان.. اسين نه هندن ۾ نه مسلمانن ۾، ڏاڍا گريب هون ڏاڍا گريب....“ (67)

                        اهڙي ئي موضوع تي هڪ ٻي ڪهاڻي ”چنڊ ۽ ماني“ آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ غربت جي انتها ڏيکاريل آهي جنهن ۾ هڪ ماءُ ۽ پٽ بک جي جنگ وڙهي رهيا آهن، ماءُ سوين حيلا ۽ وسيلا ڪرڻ کان پوءِ به پنهنجي پٽ لاءِ کاڌو هٿ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ٿي ۽ ٻنهي پٽن کي دلاسو ڏيندي چوي ٿي ته:

                        ”پاڻ غريب آهيون پنهنجي ماني جو حساب چنڊ وانگي آهي ڪڏهن چوٿو، ڪڏهن اڌ، ڪڏهن سڄي ته ڪڏهن آهي ئي ڪانه“. (68)

                        علي بابا انهن ليکڪن مان آهي جيڪي موجوده سماجي ڍانچي ۾ زندگيءَ کي عذاب محسوس ڪن ٿا ۽ هڪ نئين سماجي نظام جي اڏاوت جي کوج ۾ رهن ٿا. موجوده سماج جي معاشي گهوٽالي ۾ جيون هڪ گهاڻي جي ڍڳي وانگر لڳندو آهي، جنهن ۾ ضايع ٿيڻ جو احساس پل پل ستائي ٿو، جيئن علي بابا چوي ٿو:

                        ”ڪڏهن ڪڏهن پنهنجون ڳالهيون پنهنجو جيون به پرايو لڳندو  آهي، جيون ۾ جو ڪجهه آهي، ڄڻ سڀ پرايو آهي. پنهنجو ڪوئي ڪونهي. ڀلا آئون پنهنجو ڪڏهن رهيو آهيان! الا... مون ته پاڻ کي ڪڏهن اڻ لکي اهميت ئي ڪا نه ڏني آهي؟ مان زال جو آهيان. ڌيئر ۽ پٽ جو آهيان، پوڙهي ماءُ ۽ پيءُ جو آهيان. ڳوٺ وارن جو سنگتين ساٿين، واين ماين ۽ شهر واسين جو آهيان. الا هي جيون ڪيڏو نه عذاب آهي ڪيڏو نه ڪلاپ، ماڻهو پاڻ سان ڪوڙو؟ پنهنجو پاڻ کان اڻواد!.... “ (69)

                        علي بابا جي ڪهاڻين ۾ فڪري طور بي شمار سوال اٿاريل  آهن جيڪي تاريخي تسلسل سان ڳنڍيل آهن سندس ڪهاڻين ۾ ڏک، ظلم، نفرت، مجبوري ۽ جنسي مسئلن کي موهن جي دڙي جي تاريخ جي پس منظر ۾ کنيل آهي ۽ ائين لڳندو آهي، ڄڻ ڪو ڀٽڪيل روح هر دؤر ، هر جنم کان صدين جو سفر ڪندو رهي ٿو. ڪٿي سرسبز شاداب واديون آهن، ڪٿي گگهه اونداهي آهي، ڪٿي ديويءَ جو روپ نروار ٿئي ٿو، ڪٿي ڌرتيءَ کان جلاوطن ڪيو وڃي ٿو. سندس ڪهاڻين ”زندگي“، ”ڪروڌ ۽ ماڻهو“، ”نئون سال پراڻو ڪال“، ”جيون ڪوئي جهوٽو  آهي“، ”دور آڪاس“ ۾ اهڙيون فڪري جهلڪيون موجود آهن.

                        علي بابا زندگيءَ جو ڪارج ۽ زندگيءَ جو جوهر پيار ۾ ڳولهي ٿو. سندس هر ڪهاڻيءَ ۾ الميو، امن ۽ پيار جي اڻ هوند کان شروع  ٿئي ٿو. سندس ڪهاڻي”هڪڙو سوال“ ۾ انهيءَ ڳالهه جو والهانه اظهار آهي، جتي فرد ۽ جيون سرمائيداري نظام جي ڀيانڪ روپ ۾ گم ٿي رهيو آهي.

                        ”مان زندگيءَ جي اٿاهه اونداهه ۾ گم ٿي ويس، جتي ملن ۽ مالگدامن جي ڀيانڪ، گڙگڙائيندڙ گوڙ  ۽ هر گهٽي جي موڙ کان هزارين بکيا ۽ اگهاڙا، اپاهج  بيمار چهرا بدروحن وانگر، منهنجو پيڇو ڪري رهيا هئا، جي ازل کان سوالي نشان بنجي منهنجي اڳيان اچي بيهندا رهندا آهن ۽ جن کي اڄ ڏينهن تائين مان ڪو به جواب نه ڏئي سگهيو آهيان“. (70)

                        سرمائيداري نظام جي انهي ڀيانڪ روڪ ۾ انسان روز به روز ويڳاڻو ۽ انارڪيءَ ڏانهن  ڌڪجي رهيو آهي، پيار جي جڳهه تي خريد و فروخت ۽ امن جي جڳهه تي وحشي پڻو پيدا ٿي چڪو آهي. ڪهاڻي ”هڪڙو سوال“ ۾ هڪ آسماني پريءَ کان سوال ڪري ٿو ته ”زندگي کي حسين تر بنائڻ لاءِ سڀ کان بهتر اپاءُ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟“ ۽ پري جواب ۾ چوي ٿي، ”پيار ۽ امن، پر اهي ٻئي شيون توهان وٽ ناياب آهن.“ (71)

نتيجو

                        علي بابا هڪ حساس ڪهاڻيڪار آهي. انهيءَ سنڌي ماڻهو جو تسلسل آهي جيڪو ڏاهپ، علم ۽ ساڃاهه جي منزلن کي ڇهندي پيار ۽ امن جو تلاشي بنجي پوندو آهي ۽ سنڌ جي  ان سرزمين جي خطري کي ڳولڻ لڳندو آهي جنهن تي پنج هزار سال اڳ انسانيت هئي، پيار ۽ امن هو، جتي نينهن اڇل هئي ۽ انهي فڪر جو پوئلڳ ٿي پوندو آهي، جنهن ۾ انسانيت پروري هجي، زندگيءَ لاءِ احترام هجي، جبلي ۽ فطري ضرورتن لاءِ جاگيرداريءَ جا سڙيل قدر آڏو نه ايندا هجن!

 

ٻيا ڪهاڻيڪار

                        مٿي انهن ڪهاڻي ڪارن کي زير بحث آندو ويو آهي جن جي ڪهاڻين ۾ روشن خيالي ۽ ترقي پسندي جا فڪري پهلو نمايان آهن. بلڪه انهن ڪهاڻيڪار جي سڃاڻپ به انهي فڪر سان ٿئي ٿي. پر انهي کان علاوه ٻيا به اهڙا ڪهاڻيڪار آهن جن جون ڪهاڻيون گهٽ آهن يا وري انهن جون ڪهاڻيون ڪجهه ترقي پسند لاڙي جي نمائندگي ڪن ٿيون،  انهن ۾  رسول بخش پليجو، طارق اشرف، ماهتاب محبوب، قمر شهباز، نورالهديٰ شاهه وغيره آهن.

          رسول بخش پليجو سنڌي نثر ۾ هڪ منفرد ۽ نمايان حيثيت رکي ٿو. خاص طور  سان تنقيد جي ميدان ۾ سندس ڪتاب ”انڌا اونڌا ويڄ“، ”سندي ذات هنجن“، ڏاڍا ڪارائتا ۽ فڪري طور ترقي پسند رخ ڏيکاريندڙ ڪتاب آهن. سندس ڪهاڻيون گهٽ آهن پر فني ۽ فڪري طور پختيون ۽ مشاهداتي آهن، سندس پهرين ڪهاڻي ”پسي ڳاڙها گل“ 1966ع ۾ ڇپي، منجهس جماليات جي آفاقي قدرن کي ڏاڍو مٿانهون ڪيو ويو آهي.

                        ”تون سونهن آهين، تون منزل آهين، تون انساني ڪمزورين، مجبورين، خوشين ۽ غمن کان بالاتر آهين“. (72)

                        ”تون ڳوٺ جي سمورين شين  ۽ ماڻهن جي مالڪ ۽ مختيار  آهين، فقط تنهنجي سونهن ۽ تنهنجي جواني اٽل آهن، لافاني آهن ٻيو سڀ ڪجهه هيچ آهي، بي معنيٰ آهي“. (73)

                        انهي لافاني حسن ۽ جماليات کي بي معنيٰ بنائڻ وارو هي سماج آهي جيڪو جاگيرداريءَ جهڙن دقيانوسي قدرن ۾ ڦاٿل  آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻه پيار ڪرڻ وارا راڄ جي تنگ نظريءَ  ۽ ذات پات جو شڪار ٿين ٿا، جڏهن ته انهن کي سندن گهرن وارا ۽ خاندان به نٿو روڪي پر سماج وچ ۾ ديوار آهي. ڪهاڻي جو فڪري نڪتو اهو آهي ته فردن جي رضامندي يا خواهش ڪافي ناهي جيستائين فرد جي آزاديءَ کي سماج قبول نٿو ڪري ۽ سماج بدلائڻ سان ئي فرد به خوش خرم رهي سگهن ٿا.

                        سندس ڪهاڻي ”اڄ اڳڙيا آيا“ ۾ هڪ خاص مقصد سمايل آهي ته ڪنهن اهڙي ڪردار کي جيڪو ڏوهاري هجي، ظلم جي سرشتي جو آله ڪار هجي، انهي ۾ سچائي جو فهم پيدا ڪري سگهجي ٿو، جو هو پنهنجي طبقي کي سڃاڻي ناانصافي خلاف آواز اٿاري سگهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ اهڙو ڪردار ”ساجن مهاڻو“ آهي جيڪو  وڏيرن جي خلاف بغاوت ڪري وطن پرست ۽ انقلابي بنجي وڃي ٿو. هيءَ ڪهاڻي سنڌي ماحول جي جاگيردارانه  پس منظر ۾ لکيل آهي. ڪهاڻي ”وڍيو هئين ته ويهه“ ون يونٽ دوران چوٿين مارچ کان پوءِ هلندڙ تحريڪ  تي لکيل آهي، قيدين سان رياست جو سلوڪ ۽ اخباري بيانن ۾ منافقي سامهون اچي ٿي.

                        ڪهاڻي ”سچ جو ڏينهن“ ڏاڍي دلچسپ ۽ طنز سان ڀرپور آهي جنهن ۾ سائنسدان سچ ڳالهائڻ جو پائوڊر ايجاد ڪن ٿا، جيڪو سنڌ ۾ به ڇٽڪاريو وڃي ٿو، پوءِ اخبارن کان وٺي صوبيدار ۽ هوٽل جي بيري تائين ماڻهو جڏهن سچ ڳالهائين ٿا ته ڏاڍي دلچسپ صورتحال پيدا ٿئي ٿي، ڪهاڻي جو مقصد آهي اهي سچايون  جيڪي اسان وٽ منافقي  جي لباس ۾ ڍڪيل آهن جيڪر اگهاڙجن ته صورتحال ڇا ٿئي!

          مجموعي طور رسول بخش پليجو عوام، محنت ڪش، هاري ناري سان فڪري طور سلهاڙيل آهي، هو سڀني جو جائزو  سندن سماجي حالتن ۾ وٺي ٿو ۽ ”ائين لکي ٿو جيئن گورڪي لکندو هجي جو هن جي اڳيان شاعراڻي دنيا جي جاءِ تي عملي جدوجهد ۽ ڇڪتاڻ جي دنيا موجود آهي.“ (74)

طارق اشرف

                        طارق اشرف جي ادبي دنيا ۾ گهڻي خدمت ڪيل آهي. هن سنڌي ادب ۾ شاهڪار رسالو ”سهڻي“ متعارف ڪرايو، جنهن گهڻن اديبن کي متعارف ڪرايو ۽ ساڳئي وقت سنڌ جي مزاحمتي ادب ۾  سندس وڏو ڪردار هو.  طارق اشرف 1962ع کان ڪهاڻيون به لکڻ شروع ڪيون. سندس ٻه مجموعا به شايع ٿيا جن مان هڪڙو ”سونهن  پٿر ۽ پيار“ ۽ ٻيو ”زندگيءَ جو  تنها سفر“  آهي. سندس ڪهاڻين ۾ مختلف موضوع شامل آهن جن ۾ غريب ماڻهن جا طبقاتي سماج ۾ مسئلا، پيار ۽ محبت، سماجي قدرن ۾ ڪشمڪش وغيره، سندس ڪهاڻين ۾ ”چهبڪ“، ”مارڪيٽ“، زندگي او زندگي“ ۽  ”درد جا ڏينهن درد جون راتيون“ مشهور آهن.

ماهتاب محبوب

                        سنڌي اديب عورتن ۾ ثميره زرين، رشيده حجاب کان پوءِ ماهتاب محبوب جو نالو اچي ٿو. هن جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو  ”چانديءَ جون تارون“ هو، ان کان پوءِ ”پرهه کان پهرين“،  ”مٺي مراد“ شايع ٿي چڪا آهن.  سندس ڪهاڻين ۾ بدلجندڙ معاشري ۾ زندگي جا طور طريقا ۽ انهي زوال پذير سماجي زندگيءَ ۾ رسمن ۽ رواجن  جي شڪار انسانن جا مسئلا موجود آهن. ماهتاب محبوب اڪثر گهريلو زندگيءَ ۾ اڻ وڻندڙ واقعن ۽ انهن مان ڏک ۽ سک جا پيدا ٿيندڙ جذبا زير موضوع آندا آهن. سندس ڪهاڻين ۾زوال پذير سماج کان نفرت ۽ نئين تعمير ٿيندڙ سماج جي جهلڪ موجود آهي. سندس مجموعي فڪر روشن خياليءَ جي نمائندگي ڪري ٿو.

نور الهديٰ شاهه

                        نئين نسل جي عورت ليکڪن مان نور الهديٰ شاهه جو نالو نمايان آهي. هن جو پهريون مجموعو ”جلاوطن“ 1980ع ۾ ڇپيو ۽  ٻيو مجموعو ”ڪربلا“ 1982ع ۾ پڌرو ٿيو. نور الهديٰ  شاهه جي تخليق جا ٻه دؤر آهن، پهريون دؤر جنهن ۾ هن پنهنجي انداز ۾ جذباتي ڇڪتاڻ جي اوٻر ڪڍي آهي ۽ سخت جنوني انداز ۾ جاگيرداريءَ جي اخلاقي قدرن تي وار ڪيو آهي، انهن قدرن کي ننديو آهي جن ۾ منافقي آهي، مرد جي بالادستي آهي، سندس خيال ۾ عورت سان عزت غيرت ۽ مذهب جي نالي  بيواجبي ٿئي ٿي. سندس چوڻ آهي ته.

                        ”مون ادب ۾ ڪا کيپ کٽڻ لاءِ ڪونهي لکيو، منهنجي اندر جو زهر جيڪي مون کي سنڌي سماج کان وراثت ۾ مليو آهي مون کان لکرائي ٿو.“ (75)

                        سندس ڪهاڻين جي پهرئين دؤر ۾ هوءَ داخليت پسند وڌيڪ آهي ۽ فڪري طور ”جديديت“ جي فڪر ۾ کيس شمار ڪري سگهجي ٿو جنهن جو ذڪر اسان اڳتي هلي ڪنداسين، پر سندس لکڻين ۾ روشن خيالي ۽ ترقي پسند پهلو اسان زير بحث آڻيون ٿا.

                        سندس لکڻين ۾ بغاوت آهي، وڏن خاندانن ۽ وڏيرن خلاف جن سماج کي اونداهي کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته ”مان اجهو اناالحق جو نعرو ٿي هڻان، اي ديس واسيو! آئون سرخ انقلاب جو پهريون پل آهيان“. (76)

                        سندس مشهور ڪهاڻي ”جلاوطن“ ۾ عورت جا اهي داخلي جذبا آهن جن ۾ هوءَ قدرن کان آزاد ٿي سوچي ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هوءَ سيدن جي حويليءَ تي پهريون وار ڪري ٿي. نور الهديٰ شاهه عورت جي انساني حيثيت، سندس جبلي فطري خواهشن سان بحال ڪرائڻ چاهي ٿي. هن جي فڪر جو محور وڏيرڪي سماج ۾ ٿيندڙ زيادتيون آهن جن ۾ هوءَ روشن خيال ٿي ڪري سوچي ٿي.

                        سندس تخليق جو ٻيو دؤر ”ڪربلا“ جي مجموعي کان شروع ٿئي ٿو جنهن ۾ هوءَ جذباتي هئڻ جي بجاءِ سنجيده (Mature)آهي ۽ سندس ڪهاڻيءَ جو موضوع عورت جي داخليت مان نڪري سماج جو رخ ڪري ٿو، اهو سماج جنهن جو هر فرد پنهنجي جڳهه تي بي وس آهي، غربت ناانصافي ۽ بک جي پيڙا ڀوڳي ٿو. اهڙي موضوع جي ڪهاڻي ”ڪربلا“ آهي جنهن ۾ هڪ ڪٽنب غربت جي اذيت ڀوڳي ٿو ۽ مٿان وري جنگ جو عذاب انهن فردن کي نيست و نابود ڪري ڇڏي ٿو، جنهن اڃا مس ساهه کڻڻ سکيو هو. ڪهاڻي ”گورڪن“ به اهڙي پيڙا جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ گورڪن ويٺو ماڻهو مرڻ جو انتظار ڪري ۽ آخر اڻ ڄاڻائي ۾ پنهنجي پٽ کي ماري ڇڏي ٿو، صرف پيٽ جي باهه وسائڻ خاطر، ڪهاڻي جي انجام ۾ ماڻهوءَ جا وار ڪانڊارجيو وڃن ۽ طبقاتي سماج کان شديد نفرت اڀري ٿي. مجموعي طور نور الهديٰ شاهه سچ جي تيز تلوار جهڙي تکي ڌارا تي سفر ڪيو آهي ۽ روشن خيال فڪر کي اجاگر ڪيو آهي ۽ پنهنجي قلم کي نشتر بنائي اهڙي سماج جي چير ڦاڙ شروع ڪري ڏني جنهن کي ڪئينسر لڳي چڪو آهي.