سنڌي ادب جو فڪري پس منظر

ڪتاب جو نالو سنڌي ادب جو فڪري پس منظر
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-128-6
قيمت 600    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (1864) PDF  (1019) E-Pub
انگ اکر

12 October 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     167152   ڀيرا پڙهيو ويو

انگريزن جو دؤر 1947- 1843ع


سنڌ تي جيڪي به ڪاهون ٿيون، انهن ۾ فاتح حڪمرانن هميشه پنهنجي مذهبي، سماجي، ثقافتي حيثيت به سنڌين تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌين جو زياده تر مذهب سان واسطو فاتح قومن جي ذريعي ٿيو. ان کان علاوه سدائين حملا آور ڦورو سنڌ تي ڪاهون ڪندا هئا، لٽي ڦري تباهي ۽ بربادي ڪري سنڌ تي پنهنجن ماڻهن جي حڪومت قائم ڪري هليا ويندا هئا. مجموعي طور حڪمران شخصي حڪومت هلائيندا هئا، پيداواري طور زرعي جاگيرداڻو نظام هوندو هو. ان وقت تائين ملڪ، وطن، قوم جو موجوده تصور ۽ مفهوم نه هو ۽ هندستان جي رياستن جي ڪابه سرحد مقرر ٿيل نه هئي. جنگين ۽ پاڻ ۾ لڙائين جي ڪري سرحدون تبديل ٿينديون رهنديون هيون.(1) سماجي طور ترقي جي رفتار سست هئي، گهڻين جڳهن تي سالن کان جمود طاري هوندو هو، زندگي هڪ ئي ڦيري ۾ گهمندي رهندي هئي. ڪو معمولي واقعو به سالن تائين ياد ڪيو ويندو هو ۽ ماڻهو اهڙن واقعن ۾ پنهنجي مزاج مطابق تبديليون ڪري ان کي لوڪ ادبي حيثيت ڏيئي ڇڏيندا هئا. منجهس فڪري اخلاقي، نصيحت آموز يا زندگيءَ جي مختلف ور وڪڙن جا نڪتا ڀري ڇڏيندا هئا.

نتيجي طور سنڌ ۾ فڪري تبديلي نه اچي سگهي، مختلف مذهب ايندا رهيا، جيڪي سنڌ ۾ ماڻهن قبول به ڪيا، پر سنڌ ۾ وجودي فڪر نمايان رهيو يا وري انهن مذهبن اندر وجودي فڪر جي روح کي سنڌي ماڻهن نمايان ڪيو، جيئن ويدن، ٻڌمت، جين مت ۽ اسلام مان سنڌي ماڻهن تصوف جي روح کي قبول ڪيو.

سنڌ ۾ جاگيراڻي نظام جي جمود مادي طور سماج کي تنزلي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو، هر وقت حملا آورن جي خوف ڪري ماڻهو ذهني طور آزاد نه رهيا نه وري ڪا تبديلي آڻي سگهيا، جنهن ڪري ماڻهوءَ جي زندگيءَ جا ٻه اهم پهلو مادي ۽ ٻيو روحاني، پريشان/ بيچين/ وکريل ٿي پيا. ٻنهي جي هم آهنگي نه رهي.

ذهني طور ماڻهن ۾ روحانيت ڏانهن لاڙو پيدا ٿيو، جنهن ڪري منجهن ڪمزور عقيدا، وهم، وسوسا، جنن ڀوتن جا تصور، بدروحن، پرين ۽ پراسرار دنيا جا تصور پيدا ٿيڻ لڳا ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ پيري مريديءَ جو اثر وڌڻ لڳو. ٽوڻا ڦيڻا، جادو منتر، ولين، پيرن جي پوڄا عام ٿي ويئي، عدم تحفظ جي احساس ڪري پير پرستي حد کان وڌيل هئي. جنهن جو مثال اڄ به چيو ويندو آهي ته مڪلي، ٺٽو، سيوهڻ، ملتان، روهڙي، ولين جو ڳڙهه هو ۽ عام خيال آهي ته سوا سوا لک ولي اتي دفن ٿيل آهن.

پر انگريزن پنهنجي فاتح حيثيت سان مذهب کي هٿيار طور استعمال نه ڪيو.(2) ڇوته ان وقت معاشي طور وٽن تبديلي اچي چڪي هئي، يورپ ۾ 17 صديءَ دوران سائنسي ايجادن، فڪري بحثن ۽ نظرين ڪليسا ۾ ڏار وجهي ڇڏيا هئا. گليلو جون ايجادون، ڪوپرنيڪس (1543- 1473) جو نظام شمسيءَ بابت نظريو، ڊارون جو ارتقا وارو نظريو ماڻهن جي پراڻن عقيدن کي ڌڪ رسائي چڪو هو.

روز به روز نوان نظريا نيون ايجادون ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. فڪري طور ڊيڪارٽ (1650- 1596) (جنهن کي جديد فلسفي جو باني چيو ويندو آهي) جبلت ۽ ذهانت ۾ جدا تميز ڪندي انهن کي الڳ ڪيو، انسان جي حيثيت کي ذهن جي امتيازي دنيا کان جدا ڪيو. هن چيو ته:

مان سوچيان ٿو انهيءَ ڪري آهيان.(3)

Cogito urgo sum. I think therefore I am.

سوچڻ جي انهيءَ رُخ اڳتي هلي انسان ۾ آزادي ۽ جمهوريت جهڙا تصور پيدا ڪيا، جنهن ۾ روسو، هابس، مئڪڊوگل پنهنجا انقلابي خيال پيش ڪرڻ لڳا. روز به روز نيون ايجادون ٿيڻ لڳيون، جنهن ڪري پيداوار جا اوزار بدلجڻ لڳا. جاگيرداريءَ جي اندر نيون پيداواري قوتون پروان چڙهڻ لڳيون. ننڍي پيماني تي صنعتون ٺهڻ لڳيون، پهريائين مشينون وجود ۾ آيون پوءِ ڪارخانا ۽ فيڪٽريون ٺهڻ لڳيون.(4)

۽ اهڙيءَ طرح سرمائيداري نظام وجود ۾ اچي ويو. هر نظام جا ٻه پهلو هوندا هئا، هڪ سندس شروعاتي دؤر جيڪو ترقي پسند هوندو آهي ۽ ٻيو آخري دؤر جيڪو رجعت پسند ۽ مدي خارج هوندو آهي. سرمائيداريءَ جو شروعاتي دؤر ترقي پسند هو. مدي خارج جاگيرداري دؤر سان سندس ٽڪر ٿي رهيو هو. سرمائيداري نظام جي ضرورت جديد سائنسي ايجادون، علم، عقل، ڪارخانا، روڊ رستا، پليون ۽ ٻيا مواصلات جا ذريعا هئا، جنهن ڪري جڏهن انگريز سنڌ ۾ آيا ته سندن تجارتي مقصد هئا. هتان ڪچو مال ۽ سستي مزدوري حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ هنن کي مارڪيٽ جي ضرورت هئي جتي هو پنهنجي پيداوار کپائي نفعو ڪمائي سگهن، انهن مفادن جي پيش نظر هنن هتي ڪارخانا لڳايا، روڊ رستا، پليون ٺهرايون، علم، هنر ۽ ادب جا ذريعا عام ڪيا. ان کان اڳ سنڌ ۾ تعليم جو نظام مدرسو هو. خود فلسفي، فڪر و دانش، تصوف جون ڳالهيون مذهبي ۽ روحاني حيثيت سان ڪيون وينديون هيون. انگريزن سنڌ ۾ جديد تعليم جو نظام رائج ڪيو. جنهن ڪري عالمي طور فڪري تبديلين کان ماڻهو واقف ٿيڻ لڳا.

انگريزن سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت کي تسليم ڪندي هتان جي عوام جي ثقافتي تشخص جي مقامي قدرن ۽ تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو.(5)

انهيءَ ڪري زياده تر ادب، فلسفو ۽ تاريخ، سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيڻ لڳو.

انگريز دؤر جي مادي حالتن تاريخي واقعن ۽ معاشي ضرورتن سنڌي ادب جي جديد تاريخ کي جنم ڏنو، جنهن ۾ جاگيرداري دؤر جي قدرن ۽ سرمائيداري نظام جي جديد قدرن جي هڪ ٻئي ۾ مٽاسٽا ٿي.(6)

سرمائيداريءَ جي نظام ۾ پيداواري تعلقاتن ۾ سرمائيدار ۽ مزدور، محنت ۽ استحصال کي جنم ڏنو، جنهن ڪري اڳتي هلي هن نظام جا اندروني تضاد پيدا ٿيا. سرمائيداريءَ جي انهيءَ بحران هڪ نئين فڪر کي جنم ڏنو، جيڪو سوشلزم جو هو. جنهن جو بنياد فڪري طور ڪارل مارڪس (1883- 1818) ۽ اينگلس (1895- 1820) رکيو. اڳتي هلي اهڙي ترقي سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ جي ترقي عالمي سطح تي ٻن نظامن کي جنم ڏنو، جنهن جا اثر سنڌ تي پيا. سنڌ ۾ انگريزن جي خلاف تحريڪ شروع ٿي. انگريزن جي خلاف تحريڪ سنڌ ۾ اڳ ۾ عالمن شروع ڪئي هئي، جيڪا ٽالپرن جي دؤر ۾ امير امجد شهيد بريلويءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ٿي. انهيءَ تحريڪ جو سرچشمو حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي هو. ان وقت هندستان ۾ مرڪز ڪمزور ٿي رهيو هو.

اها تحريڪ انسانن جي بنيادي حقن، بين الاقوامي تحفظ، سياست ۽ نظام حڪومت جي بنيادي اصولن ۽ عام مسلمانن جي ديني زندگي ۽ جهاد جي جذبي تي مشتمل هئي.(7)

ان کان پوءِ سنڌ ۾ حرن جي تحريڪ شروع ٿي، جيڪا پهريائين پير صبغت الله اول پنهنجي مريدن مان جانباز ۽ سرفروش مجاهدن جي چونڊ جماعت تيار ڪري شروع ڪئي. تنهن کان پوءِ سيد صبغت الله ثانيءَ انهيءَ تحريڪ کي اڳتي وڌايو، جنهن جو نظريو هو ته:

”خدا تعاليٰ سڀني کي آزاديءَ ۽ عزت سان نوازيو آهي، هر قوم جيڪا ٻين جي آزاديءَ جي حق تي ڌاڙو هڻي ٿي ۽ انهن جي آزادي کسي ٿي، اها غاصب ۽ ظالم آهي، قابل نفرت آهي.“(8)

انگريزن انهيءَ تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ پيرصاحب کي گرفتار ڪري ڦاسي ڏئي ڇڏي. تنهن کان پوءِ سنڌ ۾ ريشمي رومال جي تحريڪ کي مولانا عبيدالله سنڌيءَ متعارف ڪرايو. انهيءَ تحريڪ جو مقصد عالم اسلام جو اتحاد قائم ڪرڻ هو ۽ برصغير مان انگريزن کي ڪڍڻ لاءِ مجاهدانه جدوجهد جي ضرورت تي زور ڏيڻو هو. سنڌ جي سياست ۽ تاريخ تي انهيءَ تحريڪ جا ڪافي گهرا اثر پيا ۽ ڪيترا اڳواڻ ۽ اهم ترين شخصيتون انهيءَ تحريڪ ۾ شامل ٿيون، جن ۾ شيخ عبدالرحيم، عبدالقيوم، عبدالله، مولوي محمد صادق کڏي وارو ۽ عبدالحق وغيره هئا.

اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ هڪ نئين سياسي ۽ فڪري عهد جي شروعات ٿي، جنهن ۾ روشن خيالي ۽ حب الوطني هئي، جنهن جي بنياد تي سنڌ ۾ ڪانگريس جي تحريڪ شروع ٿي. جنهن جا شروعاتي اڳواڻ اچاريه ڪرڀ لاڻي، جيرامداس، دولت رام، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سر عبدالله هارون، پير الاهي بخش هئا.(9)

ڪانگريس شروع ۾ امن پسند فرمانبردار تحريڪ هئي، جنهن کي زور وٺائڻ لاءِ انگريزن رٽائرڊ سول سرونٽ مسٽر هيوم کي مقرر ڪيو. پر اڳتي هلي، جڏهن ڏٺائون ته ان تحريڪ ۾ جوشيلن ۽ انتها پسندن جو زور وڌندو پيو وڃي ته هنن سر سيد احمد خان ذريعي عليڳڙهه ڪاليج کولرائي مسلمانن ۾ تعليم رائج ڪري پنهنجي وفادار مسلمانن جو گروهه پيدا ڪيو.(10)

انهيءَ گروهه مان اڳتي هلي 1906ع ۾ مسلم ليگ قائم ٿي. مسلم ليگ قائم ٿيڻ بابت اعجاز الحق قدوسي تاريخ سنڌ جلد سوئم ۾ لکي ٿو ته:

”ڪانگريس تحريڪ سڀ کان زياده هندن قبول ڪئي، انهيءَ ۾ شڪ ناهي ته شروع ۾ سنڌ جا مسلمان رهنما به انهيءَ تحريڪ ۾ شامل هئا، پر آهستي آهستي ڪانگريس سنڌ ۾ ڪٽر فرقي پسند هندن جي قبضي ۾ اچي ويئي ۽ سنڌ جا مسلم اڳواڻ پري ٿيندا ويا. فرقي پرست هندن جي رويي مسلمانن کي مجبور ڪيو ته هو پنهنجي علحيده تحريڪ شروع ڪن.“(11)

ساڳئي وقت سوشلسٽ نظام جو اثر به سنڌ ۾ پيو، جنهن ڪري هاري جي ڏتڙيل حالت جي سڌاري لاءِ سنڌ ۾ هاري حقدار تحريڪ وجود ۾ آئي.

هن جو شروع ۾ روح روان ڪامريڊ عبدالقادر نظاماڻي هو. بعد ۾ حيدربخش جتوئي ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان استعفيٰ ڏيئي هن تحريڪ ۾ شامل ٿيو، هن تحريڪ کي وڏي تقويت پهچائي.(12)

1939ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي دنيا ۾ شديد بحران پيدا ڪيو، فاشسٽ قتون شڪست کائي ويون، نتيجي طور يورپ جا گهڻا ملڪ سوشلسٽ نظام جا حامي ٿي ويا. ۽ اتي انقلاب اچي ويا، اهڙيءَ طرح سڄي دنيا ۾ سوشلسٽ تحريڪون وجود ۾ آيون، جنهن ڪري برصغير ۾ آزاديءَ جي تحريڪ کي اڃان به هٿي ملي ۽ هندستان انگريزن کي خالي ڪرڻو پيو. 1947ع ۾ مسلمانن جو نئون ملڪ پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ سنڌ صوبو پاڪستان جو حصو بڻيو.

انهيءَ سڄي صورتحال ۾ سنڌي ادب ۾ نون لاڙن جي شروعات ٿي، آهستي آهستي سنڌ ۾ سڪيولرزم، جمهوريت، سوشلزم، نتيجي پرستي (Pragmatism) وجوديت، معاشي ۽ سماجي مسئلن جهڙا فڪر اچڻ لڳا، جن جو ادب تي اثر ٿيڻ لڳو.

انگريزن جي دؤر جي ادب جو مختصر نموني فڪري جائزو وٺڻ لاءِ اسان ادب کي ٻن دؤرن ۾ ورهائي پرکينداسين، هڪ اهو دؤر جنهن ۾ ادب صوفياڻي فڪر جو تسلسل رکي ٿو ۽ ٻيو دؤر جنهن ۾ ادب فڪري مابعدالطبعاتي مسئلن کان نڪري سماج، معاش ۽ انسان جي داخلي مسئلن جو رُخ ڪري ٿو.