سنڌي ادب جو فڪري پس منظر

ڪتاب جو نالو سنڌي ادب جو فڪري پس منظر
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-128-6
قيمت 600    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (1864) PDF  (1019) E-Pub
انگ اکر

12 October 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     167154   ڀيرا پڙهيو ويو

جديديت جا نمائندا اديب _ نثر


 

ماڻڪ (1943-1982ع)

                        سنڌي ادب ۾ جديديت واري لاڙي جو اهم ليکڪ جنهن هن لاڙي کي مثبت رخ سان پيش ڪيو سو ماڻڪ هو. اڪثر اهو ٻڌو ويندو آهي ته ادب سماج جو آئينو آهي، پر ماڻڪ ادب ۾ صرف عڪس نه ڏيکاريا پر زندگيءَ جي معروضي حيثيت ۽ داخلي ڪائنات جو آئينو پڻ ڏيکاريو، ماڻڪ جي ادبي ڪاوش جا ٻه رخ آهن هڪ ته ادب ۾ مزاحمتي فڪر کي اڀاري ٿو جيڪو وجوديت جي اهم نڪتن مان هڪ آهي، ٻيو ته هن ادب ۾ مسئلن کي انساني حيثيت سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انساني حيثيت جو اهو رخ قدرن ۽نظرين کان بالاتر آهي، ڇو ته ماڻڪ جو اهو چوڻ هو ته:

                        ”انساني زندگيءَ کي ڪنهن ٺپي هيٺ نظرياتي يا عقيدن، اصولن پٽاندڙ قيد ڪرڻ خلاف لڳاتار سرگرمي جسماني توڙي ذهني جاکوڙ منهنجي پسند جو اميجري اسڪيچ آهي.(1)

          ماڻڪ انهي دؤر  جي پيدائش آهي جڏهن سنڌي ادب ۾ نئين هلچل متل هئي، ادب ۾ جوش جذبو، نعري بازي، قومي مزاحمت شامل هئي، پر ماڻڪ بلڪل هڪ نئين انداز ۽ اسلوب سان نروار ٿيو هو. هو نه اجايو اميد پرست (Optimist) ٿيو نه وري هن جوش ۽ جذبي کان ڪم ورتو، نه وري ڏکن کي رومانوي انداز سان پيش ڪيو اٿس. هو ڪٿي به رومانٽڪ انقلابي ڪردار تخليق نٿو ڪري، نه وري منافقي يا ٻهروپي سان ادب کي اخلاقي قدرن جي بخمل ۾ ويڙهي پيش ٿو ڪري، پر هن زندگي جيئن آهي، سماج ۾ ماڻهو جيئن محسوس ڪري ٿو، جهڙن ڏکن ۽ اذيتن سان هن جو واسطو پوي ٿو، انهي کي جيئن جو تيئن پيش ڪيو. خاص طور سان وچئين طبقي جو مشاهدو وٽس تيز آهي. هو هڪ دؤر  جي پيداوار هو، پر زندگيءَ جي باري ۾ سندس اٿاريل سوال  ان سان لاڳاپيل اخلاقي قدرن وارا مونجهارا ۽ ڪردارن جي مزاحمت هميشه پرڪشش رهندي.

                        سندس پهرئين مجموعي ”حويليءَ جا راز“ (منير احمد جي نالي سان) ۾ ”حويليءَ جا راز“ نالي سان هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جيڪا جاگيرداري سماج جي فرسوده رسمن تي هڪ ڪاري ضرب آهي، جنهن لاءِ ممتاز مهر چيو هو ته: ”حويليءَ جا راز“ هڪ اهڙي ڪهاڻي  آهي جيڪا هاڻي ڇا پر هر دؤر  ۾ ڪشش رکندي  رهندي“. (2)

                        هن ڪهاڻيءَ ۾ خاص ڳالهه اها آهي ته حويليءَ ۾ موجود ڪلچر ۽ رسمن رواجن جي ڳالهه ته ڪري ٿو، جهن ۾ نياڻيءَ جو  قرآن تي حق بخشايو وڃي ٿو، پر هو ڪردارن کي سخت مزاحمتي ڏيکاري ٿو. حويليءَ جي  ڪوٽ ۾ موجود ڇوڪريون ڪيئن  مروج قدرن کان باغي ٿي وڃن ٿيون جو هو سماج جي ڪنهن به اخلاق کي پنهنجي جبلي ضرورتن آڏو تڇ سمجهن ٿيون. اهڙي ئي جبلي ضرورت جي ڪهاڻي ”ٻاهر ٻاڦ نه نڪري“ آهي، هڪ عورت جوانيءَ ۾ بيواهه ٿي وڃڻ کان پوءِ مسلسل جنسي خيالن ۾ گم رهي ٿي. نماز پڙهندي، گهر جو ڪم ڪار ڪندي، سندس ڌيان سندس اندر ۾ اٿندڙ جوش ڏانهن وڃي ٿو، ساڳئي وقت ان عورت جي نفسيات کي ڪهاڻيءَ ۾ چڱيءَ طرح بيان ڪيو ويو آهي. جديديت  جي لاڙي ۾ هيءَ ڪهاڻي هڪ اهم جاءِ والاري ٿي جو صرف فرد جي ڀڃ ڊاهه ۽ اندر جي بي چينيءَ جو اظهار  نه اٿس پر فرد جو عام روايتن کان باغي ٿيڻ پڻ آهي ۽ڪردار وجود کي معنيٰ ڏيڻ ۾ روايتن کي ٽوڙين ٿا. موضوع جي حوالي سان هيءَ ڪهاڻي نئين آهي، ماڻڪ جي اها خوبي بي مثال آهي ته هو ماڻهن جي نفسيات کي ايتري ويجهڙائي کان ڄاڻي ٿو ڄڻ ته انهيءَ ڪردار جو ڏک پاڻ ڀوڳيو اٿس. اهڙي قسم جي ڪهاڻي ”حقيقت  ۽ دوکو“ آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڊاڪٽر پنهنجي فيصلي کي انساني ۽ سائنسي قدرن مطابق ثابت ڪري ٿو ته هن صحيح ڪيو. هو جاگيرداري نظام جي شڪار هڪ ناريءَ سان جنسي رابطو ڪري ٿو، جيڪا سندس مريضه آهي ۽ هيسٽريا جي شڪار  آهي، ڊاڪٽر سندس ضرورت کي محسوس ڪري ٿو ۽ پنهنجي فعل لاءِ پاڻ کي ڏوهي نٿو سمجهي، هڪ  جڳهه تي ڪردار چوي ٿو:

                        ”هنن مخصوص حالتن ۾... ها سائين، هنن مخصوص حالتن ۾، منهنجو اهو فعل قانوني ڏوهه نه آهي، نه بداخلاقي، نه ويساهه گهاتي، هڪ انساني زندگيءَ جي اهميت کي آڏو رکي مون هڪ فرض سمجهي ئي هن جي هڪ اهم فطري ضرورت کي سمجهي ئي .....“ (3)

                        ماڻڪ جي هر  ڪهاڻيءَ ۾ انساني وجودي ضرورت اهم آهي. پوءِ اها جنسي هجي، بک يا بدحاليءَ جي ڳالهه  هجي پر ماڻڪ انسان کي آزاد ڏسڻ چاهي ٿو، اها آزادي جيڪا وجوديت جي اهم نڪتن منجهان آهي ته انسان آزاد آهي، هن جي مٿان ڪو به اصول نظريو نٿو مڙهي سگهجي، انهي صورت ۾ سماج يا ٻئي ماڻهوءَ جو وجود آزاديءَ جي راهه ۾  رڪاوٽ آهي، پر هتي سماج جون رسمون جاگيرداريءَ جا قدر  ئي ماڻهوءَ جي جيئڻ ۾ رڪاوٽ آهن، ماڻڪ پابنديءَ واري هر عمل کي رجعت پسندي چوي ٿو، پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چوي ٿو:

                        ”جيڪي انساني زندگيءَ کي، انساني ناتن کي، وهنوار کي انساني آزاديءَ کي ۽ ان جي مثبت چرپر کي، سوچ کي، ڪن به اصولن، نظرين عقيدن پٽاندڙ پابند ۽ قيد ڪرڻ چاهين ٿا، سي منهنجي آڏو رجعتي آهن.“ (4)

                        هن ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿو ته ماڻڪ تي وجوديت جو گهرو اثر هو، ڇو ته وجوديت ۾ ڪو به نظريو، عقيدو، اصول انساني زندگيءَ جي متحمل ٿي نٿو سگهي، انسان پنهنجي چونڊ ۽ اختيار ۾ آزاد آهي. وجوديت مطابق انسان پنهنجي آزاديءَ جو بوجهه نٿو سهي سگهي، هو خود فريبيءَ جو شڪار ٿي مسلسل سهارن جي تلاش ڪري ٿو، پر ڪو به سندس سهارو ناهي.  تنهن ڪري مسلسل اذيت، ڏک ۽ ڪرب سان وابسته آهي، پر ماڻڪ هتي فريب جو شڪار نٿو ٿئي، هو انسان جي بنيادي ضرورتن کي حاصل ڪرڻ جي آزادي چاهي ٿو، جنهن تي ڪي به پابنديون نه هجن، ساڳئي وقت انسان مٿان مڙهيل پابندين خلاف مزاحمت ئي انسان کي معنيٰ ڏئي ٿي. ماڻڪ به اهڙي چونڊ خود پنهنجي وجود لاءِ ڪئي هئي، هن چيو ته:

                        ”ٻه واٽي تي بيٺل يا باغي ٿي اڀران يا ته جڏهن صبح جو سج اڀري ٿو، منهنجو مئل اڻ ساهو وجود کٽ تي پيل هجي/ڪنهن ايڪسيڊنٽ ۾ ختم ٿي وڃان“ (5)

                        ماڻڪ پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪردارن کان بغاوت ڪرائي پر  پاڻ باغي ٿي نه سگهيو ۽ خودڪشي ڪري موت قبوليائين.

                        ماڻڪ جون ٻيون ڪهاڻيون جهڙوڪ، ”هڪ ڪهاڻي سواءِ سري جي“، ”پلاند“، ”ڪاري“، ”ڇهه انام ڪهاڻيون“، انهيءَ سلسلي جون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ڪردار مڪمل طور باغي آهن، هو سماجي قدرن، ريتن رسمن، ۽ وجود تي مڙهيل سڀني پابندين کان باغي ٿي مزاحمت ڪن ٿا. ماڻڪ جو انهن ڪهاڻين ۾ فڪري پهلو ڏاڍو سگهارو آهي، هڪ ته هو انسانيت پسندي کي اوليت ڏئي ٿو، ٻيو سائنسي انداز سان مسئلن جو حل چاهي ٿو، وجوديت جو اهو پاسو ڏاڍو مثبت آهي.

                        ماڻڪ جو ٻيو رخ  اسان جي سامهون سندس ناوليٽ ”رڃ ۽ پڙاڏا“، ”لڙهندڙ نسل“ ۽ ناول ”ساهه مٺ ۾“ اچي ٿو. هن تخليق ۾ ماڻڪ وجوديت جون سموريون داخلي وارداتون کڻي اسان جي سامهون اچي ٿو، خاص طور سان جيئن اڳ ۾ بيان ٿي چڪو آهي ته سنڌي نوجوان جاگيرداري ماحول مان نڪري شهر ۾ اچي ٿو، سوين سپنا کڻي هو جيئي ٿو، پر شهر جو اجنبي ماحول، ملڪ جو سياسي وايو منڊل سندس حق ۾ نه هئڻ ڪري هو سخت مايوسيءَ ۽ ويڳاڻپ جو شڪار ٿئي ٿو، ”رڃ ۽ پڙاڏا“  اهڙو ئي ناوليٽ آهي جنهن ۾ ماڻڪ سماج جي کوکلن قدرن، ويڳاڻن رشتن ناتن ۽ ڪمزور لاڳاپن کي ايترو ته داخلي انداز سان پيش ڪيو آهي جو بار بار وٽس زندگيءَ جي بي معنويت ۽ بي مقصديت جو سوال ڪري موڙي اٿي ٿو ۽ بار بار  اهو ورجائي ٿو ته:

”زندگيءَ جو هي سفر به ڪيڏو ڀوائتو آهي“. (6)

”زندگي جو سفر اڪيلو، اڪيلو، ڪيڏو اڻانگو خاموش“. (7)

”زندگي جو احساس ڪيڏو نه پيڙا ڀريو، اذيت ناڪ آهي“. (8)

                        هن ناول جو اسلوب شعوري وهڪري وارو آهي جنهن ۾ ڪهاڻي خود ڪلاميءَ (Monologue) واري انداز ۾ بيان ڪيل آهي. هن ناوليٽ جو اهم ڪردار  هڪ عام زندگي گذاريندڙ ماڻهو آهي، هو ڀڳل ٽٽل وجود کي کڻي ڀٽڪي رهيو آهي، داخلي پيڙا ۽ ڏک ۾ ايترو ته ورتل آهي جو سندس رويو سماج ڏانهن، مسئلن ڏانهن بي حسيءَ جو شڪار آهي، هو پنهنجو پاڻ کي سماج کان ڪٽيل ۽ ڌاريو ويڳاڻو محسوس ڪري ٿو، پنهنجي جوان ڀيڻ جي ڀڄي وڃڻ واري عمل تي ڪو به اخلاقي يا سماجي عمل نٿو ظاهر ڪري، وجودي داخليت ۾ ايترو ورتل آهي جو کيس هر وقت ڀئو، ڊپ، خوف آهي، موت سندس مٿان هر وقت پاڇي وانگر بيٺو آهي.

                        ”اوچتو موت جو ڊپ سڄي وجود کي وڪوڙي ويندڙ، جڏهن موت اٽل آهي ته پوءِ ڊپ.....“ (9)

                        ”جيڪڏهن مان هينئر مري وڃان؟“ (10)

                        ڪردار مڪمل طور وجودي  وارداتن ۾ وڪوڙيل آهي.

                        مثال ”هڪ مرد لاءِ زال جو هجڻ لازمي ضرورت؟ زال مڙس لاڳاپا، امان به بابا جي زالَ اڻ سهندڙ، عجيب عجيب لڳندڙ!“ (11)

                        داخلي طور وجود ۾ ڪراهت ڀرجي ويل آهي جو هر شيءِ جو منفي انداز ۽ گندگيءَ وارو پاسو ذهن ۾ اچي ٿو. مثال ”ڪاڪوس ۾ گندي پاڻي جو دٻو، دٻي ۾ رهندڙ ڪنئان“ (12)

                        هن ناول ۾ ماڻڪ جي وڏي خوبي اها آهي ته هن هڪ اهڙي انساني نفسيات کي ظاهر  ڪيو آهي جيڪا موجوده سماج ۾ اڻ ٺهڪندڙ آهي ۽ مسلسل ذهني دٻاءَ جو شڪار آهي. اهو ڪردار ڇا ٿو محسوس ڪري ۽ ڪيئن سوچي ٿو اهو جيئن جو تيئن ماڻڪ پيش ڪيو آهي. اهو زندگيءَ جو هڪ رخ آهي، هو اهڙي ڪردار  جي وارتا کي اسان جي سامهون رومانٽڪ انداز سان نٿو آڻي، نه وري سماج سڌارڪ بنجي تبليغ ڪري ٿو ۽ نه وري ڪٿي نظرياتي بنياد تي زندگيءَ کي بدلائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، بلڪه هو ته زندگي جيئن آهي تيئن پيش ڪري ٿو ۽ اها زندگي اسان جي سماج جي جيئري جاڳندي حقيقت آهي. هڪ استحصالي، ڏاڍ ظلم، اڻ برابري جي بنياد تي قائم ٿيندڙ سماج ۾ اهڙا ڪردار عام آهن، جيڪي واڳاڻا، اڪيلا، بک ۾ ورتل، بي معنيٰ بي مقصد وجود جو لاش کڻي ڀٽڪن ٿا، هنن کي ڪي به خوبصورت نظارا  فطرت جا حسين رنگ نٿا وڻن. هو بي حس آهن يا وري داخلي طور پيڙا ۾ ورتل آهن، جبلي ضرورتن کان جوش ۾ ورتل، هر نظارو سندن داخلي ضرورتن جو هڪ فرياد بنجي وڃي ٿو. اهڙو ئي اظهار اردو جي جديد شاعر زاهد ڊار هن ريت ڪيو آهي.

سنہری کھیت میں جب دھوپ کی لھریں بکھرتی ہیں

تو یوں احساس ہوتا ہے مرے دل میں

کہ جیسے خوبصورت لڑکیاں مل کر

نہاتی ہوں کسی تالاب کے شفاف پانی میں

ہوا میں اڑتے پنچھی کو دیکھوں یا سمندر میں

کسی مچھلی کو بل کھاتے

مری آنکھوں میں ننگی لڑکیان تیر جاتی ہیں(13)

            ماڻڪ وٽ به هن ناوليٽ ۾ اهو الميو آهي ته هڪ طرف زندگي ڏهاڙيءَ جو عام وهنوار آهي، سست ڦرڻي وانگر ڦرندڙ هڪ ئي محدود دائري ۾ پر ٻئي طرف زندگيءَ جي جبلي خواهش عذاب بڻيل آهي.

                        سندس هڪ ناول ”لڙهندڙ نسل“ ۾ عام سنڌي نوجوان جي ڪٿا موجود آهي، جيڪو پنهنجي زندگيءَ کي معنيٰ ڏيڻ چاهي ٿو، پنهنجي وجود جو اظهار ڪرڻ چاهي ٿو. هي اهو دؤر  آهي جڏهن يحيٰ  خان مارشل لا لڳائي هئي، هڪ طرف سنڌي ون يونٽ خلاف جدوجهد هلائي رهيا هئا، ٻئي طرف بنگالي پنهنجي  وجود کي  مڃرائي رهيا هئا، سنڌ جي غريب طبقي جو فرد پهريون دفعو  يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ سانگي شهرن ۾ اچي ٿو، اهو شهر جي ماحول کي ڪيئن محسوس ڪري ٿو ۽ پنهنجي جوانيءَ کي ان وقت اکين سان ضايع ٿيندي ڏسي ٿو ۽ ساڳئي وقت سياسي طور جدوجهد به ڪري ٿو. هن جي ذهن ۾ بيشمار سوال اچن ٿا. هنن وٽ مايوسي به آهي، ٿَڪ به آهي، ساڳئي وقت بي مقصديت جو به احساس آهي.

                        ”بيچيني ڀيانڪ انجام جي، ڀيانڪ انديشي ۾ بي مقصد زندگيءَ جي وڍيندڙ احساس هيٺ ڀوڳيندڙ پنهنجو وجود“. (14)

                        انهن حالتن ۾ ٽي رستا سندس سامهون اچن ٿا، هڪ جنهن حالتن ۾ ڦٽو ڪيو ويو آهي انهن سان سمجهوتو ڪري پاڻ هيرائي  ڇڏي، يا ته هيروئن جي نشي جي حالت ۾ ڀوڳيندو رهي ۽ موت جو انتظار ڪري، ٻيو ته خودڪشي ڪري ٽيون ته بغاوت ڪري ڪنهن به شڪل ۾.

                        ڇو ته ماڻڪ وٽ بنيادي سوال ئي آهي ته ”مان آهيان“ منهنجو هئڻ ٺوس حقيقت آهي، انهيءَ کان فراريت ناممڪن آهي، پر هن ناوليٽ جو هيرو ڪا به وقتي چونڊ ڪري نه سگهيو آهي، ڪنهن به رومانس جو سهارو نه وٺي سگهيو آهي، ڇو ته وجود جو بي پناهه احساس ۽ آزاديءَ جو وجدان ڪنهن مقصد،  ڪنهن چونڊ (پوءِ اها فريب ئي سهي) ۾ ختم ڪري سگهجي ٿو. اها هڪ قسم جي فراريت  به آهي ته پناهه به آهي، پر ڪردار ايترو ٿڪل آهي ۽ بي مقصديت محسوس ڪري ٿو جو هو صرف زندگيءَ جا لمحا کپائڻ چاهي ٿو.

                        ”تلڪ چاڙهي وڃي رهيو آهي هيٺ آهستي آهستي، ذهن خالي احساس نپوڙيل، امنگ مئل، چاهت مروٽيل، مليل زندگيءَ جي گهڙين کي کپائڻ Consume) ڪرڻ)  لاءِ“. (15)

                        هڪ طرف انهي دؤر جي تصوير اسان کي ترقي پسند ۽ مزاحمتي ادب ۾ ملي ٿي، ٻيو رخ هن ناوليٽ ۾ ملي ٿو جنهن ۾ اسان ڏٺو ته ڪردار زياده خوش فهميءَ جو شڪار ناهي، هو صرف داخلي طور پنهنجي وجود ۾ اٿندڙ بي شمار بي معنيٰ سوال کڻي انهن کي معنيٰ ڏيڻ چاهي ٿو.

                        ماڻڪ جو ٻيو اهم ناوليٽ ”پاتال ۾ بغاوت“ آهي. هن ناوليٽ ۾ انساني زندگيءَ جي اهم مسئلن کي ماڻڪ فلسفياڻي سطح تي کنيو آهي. هن ناوليٽ ۾ جيڪا اهم  ڳالهه آهي اها هيءَ ته ”مزاحمت“ هن ناول ۾  موجود آهي بلڪه ائين کڻي چئجي ته ماڻڪ جي هر ادبي تخليق ۾ مزاحمت بنيادي جوهر آهي. هن ناوليٽ ۾ يوناني ڏند ڪٿا جو سهارو ورتو ويو آهي. خاص طور سان يونان جا ٻه ڪردار جيڪي انسان دوست مشهور آهن. 1. پروميٿس 2. سسيفس، ٻئي زيوس، ديوتا جي عذاب هيٺ آهن. سسيفس جو ڪردار يونان جي ڏند ڪٿا مان ڳولڻ وارو شخص البرٽ ڪاميو آهي. هن پنهنجي مشهور ڪتاب (Myth of Sysiphus)  ۾ انهي ڪردار کي پيش ڪيو ۽ پنهنجي فلسفي جي تصديق لاءِ جيئن اسان وٽ شاهه لطيف لوڪ داستانن  جا ڪردار کنيا بلڪل اهڙي طرح ڪاميو به پنهنجي فڪر کي ڪردار ۽ ڪهاڻي ڏيڻ لاءِ سسيفس جو ڪردار کنيو، هن ڪردار جي خصوصيت هيءَ آهي ته هي نه ختم ٿيندڙ  ڀوڳنا ۽ عذاب ۾ ڏيکاريو ويوآهي.

                        زيوس طرفان کيس پاتال (جهنم) ۾ اڇلايو ويو آهي. سندس ڏوهه اهو آهي ته هن انسان جي ڀلائي  چاهي، انسانيت پسندي زيوس وٽ هڪ جرم آهي ۽ کيس  سزا ڏني ويئي ته هڪ ڳرو پٿر پاتال ۾ کڻي ڌڪي مٿي اچي ۽ ٻيهر انهي پٿر کي ڌڪو ڏنو وڃي ٿو، اهو عمل صدين کان ورجايو وڃي ٿو.

                        هن ناوليٽ ۾ سسيفس خود اهو سوال اٿاري ٿو ته ”مان هيڻو آهيان ۽ انڪاري  آهيان، منهنجي ناڪار جي ابتدا سان منهنجي درگهٽنا شروع ٿئي ٿي.“ (16)

                        هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڪمزوري ۽ هيڻائپ ئي وجود جو بنيادي مسئلو آهي،  جو انهي ڪمزوريءَ  جو جواب ناڪار ۾ ڏئي پاڻ کي ماڻهو معنيٰ ڏئي ٿو، اهميت جتائي ٿو،  هي سوال ممتاز مهر به پنهنجي ڪتاب ”ويچار“ ۾ اٿاريو هو ته ”ڇا هيڻائپ ڏوهه آهي؟“ (17)

                        جديد نفسيات دان ايڊلر به پنهنجي نفسياتي جائزي ۾ انهي ڳالهه تي زور ڏنو هو ته انسان جو بنيادي مسئلو طاقت حاصل ڪرڻ آهي.

                        “ Adler takes the attitude that the fundamental  drive in life is the desire for power.” (18)

                        ۽ جيڪڏهن بنيادي مسئلو طاقت ۽ ڪمزور وچ ۾ جهيڙو  آهي ته پوءِ ماڻڪ جي هن ناوليٽ وانگر هيءَ دنيا پاتال آهي ۽ ڪمزور انسان بيگار ٿو وهي، شڪار ٿئي ٿو ۽ ڪو سسيفس بنجي اڀري ٿو ۽ جنم جنم جي سزا ڀوڳي ٿو، پر پنهنجيو جود کي انڪار ذريعي مڃرائي ٿو، اتي هڪ مايوسي پيدا ٿئي ٿي ته انساني اعليٰ قدر سري کان غائب آهن ۽ اهڙي ڪنهن نظام جي اميد اجائي آهي جيڪا مهذب انسان کي جنم ڏئي.

                        البرٽ ڪاميو وٽ انهي جو جواب هو ته ”انسان جي خواهش  دنيا پوري نٿي ڪري سگهي، انهي ڪري دنيا ۽ انسان وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ مان لايعنيت /نامعقوليت جو احساس پيدا ٿئي ٿو“. (19)

                        ۽ ڪاميو وٽ انهي جو جواب خودڪشي هو يا وري بغاوت ۽ ياد رهي ته ماڻڪ خودڪشي ڪئي هئي. هن انهن سڀني ڪردارن جي داخلي وارتا پنهنجي  اندر سموئي ڇڏي.

                        ماڻڪ جو ناول ”ساهه مٺ ۾“ قابل ذڪر ناول آهي. هي ناول ملڪ ۾ آمريت، غداري، وڏيرا شاهي، ڏهڪاءُ، رياستي جبر جي پس منظر ۾لکيل آهي. ماڻڪ جي هن ناول ۾ فڪري ائپروچ به وجوديت واري آهي پر هي ناول اهڙي ٽيڪنڪ سان لکيو ويوآهي جو هن ۾ ڪٿي به ماڻڪ جي فڪر ٿاڦيل نٿو لڳي، خودبخود  ڪردارن جي مجبوري، بي وسي، خوف ۽ ڪمزوري اڀري ٿي اچي، هن ناول جو پس منظر بنيادي طور سنڌي فڪر ۽ پاڪستاني فڪر جي تضاد وارو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي سوال اڀرن ٿا، مثال طور ناول ۾ چوي  ٿو:

                        هندستان جي مسلمان جون بنيادي وفاداريون، ڌرتيءَ کان ٻاهرين حملي ڪندڙ فاتح حاڪمن سان وڌيڪ رهيون آهن، منهنجو مطلب آهي، افغانن، ترڪن، مغلن، ايرانين يا عربن سان، نه رڳو اهو پر هو انهيءَ کي پاڻ پڏائين ٿا.“ (20)

                        هڪ طرف اهي ڪردار آهن جن جون وفاداريون رياست سان آهن، رياستي پاليسيءَ سان آهن ۽ فڪري طور هو ڌرتيءَ بجاءِ ڌارين سان لاڳاپيل آهن. ٻيا اهي ڪردار جيڪي رياست طرفان مڙهيل مصنوعي وطني جذبي کان باغي آهن، هنن جو فڪر پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ سان جڙيل آهي، اهڙي صورت حال ۾ هڪ ڪردار پاڻ کي اوپرو محسوس ڪري ٿو ۽ هر وقت پاڻ کي چوڪسيءَ ۽ ٻين جي نظرداريءَ ۾ محسوس ڪري ٿو، کيس قدم قدم تي ڊپ وڪوڙي وڃي ٿو، هر وقت هو خوف واري حالت ۾ رهي ٿو، ته ڪڏهن به ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ۽ چوي ٿو:

                        ”هن ملڪ ۾ ڪا به ڳالهه ناممڪن نه  آهي، جڏهن ته ملڪ ٺهڻ کان وٺي هن مهل تائين هنگامي انجيڪشن جي آڌار تي هليو هجي اتي ڪجهه به ناممڪن ناهي“. (21)

هن ناول کي هڪ شاهڪار ناول چئي سگهون ٿا جو هن ۾ فڪري تضادن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ سماجي، نفسياتي، داخلي مسئلا اهڙي طرح سان بيان ڪيا ويا آهن جو ڪٿي به ڪا به ڳالهه ڍڪيل لڪيل نٿي رهي، سماجي پس منظر هجي يا داخلي پيڙا پر ڪٿي به ڪا به منافقي ناهي، هڪ فرد جي غداريءَ کان وٺي سَنڍ ٿي وڃڻ تائين مڪمل طور حقيقت جيئن آهي تيئن ماڻڪ پيش ڪئي آهي.

                        هڪ طرف تخليق ڪيٿارسزم  جو عمل ڪندي آهي ٻئي طرف جڏهن داخليت  جي سمنڊ ۾ ٻڏي پيڙا ۽ اذيت کي تخليقي رنگ ڏبو آهي ته خود تخليقڪار  تي اها ڪيفيت طاري ٿي ويندي، ماڻڪ  جي زندگي به هوريان هوريان تخليقي طور مڪمل وجودي وارداتن کي ظاهر ڪندي وڃي. حويليءَ جا راز“ کان وٺي ”ساهه مٺ ۾“ تائين هڪ ڊگهو سفر نه صرف ماڻڪ جو ادبي سفر آهي بلڪه پيڙا ۽ ڀوڳنا جو سفر آهي، اهو ئي سبب آهي جو ماڻڪ پنهنجي تخليق ۾ وجوديت ٽنبي نٿو پر خود بخود ماحول مان اڀري پوي ٿي. فڪري طور ماڻڪ البرٽ ڪاميو کان وڌيڪ متاثر لڳي ٿو. هو مزاحمتي ڪردار تخليق ڪري ٿو، جيڪي فرسوده قدرن خلاف بغاوت ڪن ٿا، ڪٿي به مايوسي ۽ واهيات پڻو فيشن طور استعمال نٿو ڪري ۽ نه وري پنهنجا آدرش مڙهي ٿو، بلڪه ڪهاڻيءَ جي حاصل نتيجي مان انسانيت پسنديءَ جي جهلڪ نظر اچي ٿي. هو انسان مٿان مڙهيل هر پابنديءَ کان انڪار ڪري ٿو، جيڪا طبقاتي سماج جي صورت ۾ هجي، عقيدي يا نظرئي جي صورت ۾ هجي، هو صرف انسان جي مادي توڙي روحاني آزاديءَ جو قائل آهي.

                        ماڻڪ جو جديديت جي لاڙي ۾هڪ اعليٰ مقام آهي، ماڻڪ فيشن طور وجودي ناهي نه وري وجوديت جي منفي لاڙي کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، بلڪه سندس لکڻين ۾ سنڌ جو وجودي فڪر به اڀري اچي ٿو، جنهن ۾ امن پسندي، پيار ۽ محبت لاءِ واجهائيندڙ دل ڌرتيءَ سان محبت، انسانيت پرستي شامل آهي، خاص طور سان ”ساهه مٺ ۾“ انهيءَ فڪر جي عڪاسي ڪري ٿو.

نور گهلو

                        ويهين صدي جو ماڻهو واپاري دنيا ۾ خوديءَ کان محروم ٿي کوکلو ٿي چڪو آهي، جڏهن به شعوري طور پاڻ کي ڳولهي ٿو بصر وانگر کلن مٿان کل لاهيندو خالي پٽي تي وڃي بيهي ٿو. واپاري دنيا ۾ ماڻهو شيءِ بنجي چڪو آهي، هاڻ هن کي پاڻ کي مارڪيٽ ۾ پيش ڪرڻو آهي ۽ اهڙي  سانچي ۾ پاڻ کي فٽ ڪرڻو آهي جنهن جي گهرج مارڪيٽ کي هجي، نور گهلو اهڙي دؤر جي پيداوار آهي جنهن ۾ انسان سري کان غائب آهي. احساس، جذبا، محبت، رشتا خالي لفظ وڃي رهيا آهن هر ماڻهوءَ جو جنم معاشي سماجي ڪردار طور ٿئي ٿو، ڪو ڊاڪٽر آهي، ڪو انجنيئر، ڪو ڪلرڪ، ڪو ماستر بلڪل ائين جيئن ڪا فورڊ موٽر آهي، ڪا  پجارو، هر ماڻهوءَ جي سڃاڻپ معاشي قدر ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ جو اندر ويڳاڻو ٿي چڪو آهي. اهڙي دور ۾ هڪ تخليق ڪار هڪ شعور رکندڙ حساس ماڻهو جيڪو پنهنجو پاڻ سان به ملي (ملاقات ڪري) ٿو، اهو ڇا ٿو محسوس ڪري انهي سان ڪهڙي ويڌن ٿئي ٿي، اها ڪٿا نور گهلو بيان ڪئي آهي پنهنجي ڪهاڻين ۾ سندس ڪهاڻين جي مجموعي ”ٽٽل شيشا ۽ آڱريون“ ۾ تقريباً هر ڪهاڻي شعوري وهڪري واري انداز ۾ لکيل آهي، فڪري طور هر ڪردار پيڙا ۾ ورتل ۽ ڏاهپ جو ڏک ڀوڳي رهيو آهي. سندس ڪهاڻي ”آخري پٿر“ ڪهڙي به طرح نارمل ذهن جي ناهي، هڪ ڀٽڪيل ڪردار پنهنجي سڃاڻپ وڃائي  چڪو آهي. هو سخت بي چين ۽ پيڙا ۾ ورتل آهي، کيس سڪون جي ڳولا آهي، بار بار سڪون حاصل ڪرڻ جي طلب ڪري ٿو ۽ آسپاس وايو منڊل ۾هر شيءِ ساڪن لڳي ٿي، انهي وقت ساڙ  (Jealousy)  محسوس ڪري ٿو ۽ اذيت پرستيءَ جو  رجحان اندر اڀري ٿو، پٿر کڻي ڪتي کي ، بلب کي، پول کي هڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، گهپ انڌيري ۾ رات جي خاموشي ٽوڙڻ جي سندس خواهش بظاهر هڪ  علامت به لڳي ٿي پر ڪهاڻيءَ ۾ اوندهه جي اها علامت وجودي انداز به اختيار ڪري وڃي ٿي، جيئن سندس ٻي ڪهاڻي ”اٺون رنگ“ ۾ چوي ٿو:

                        تنهنجو ته جنم ئي هن ڊگهي اونداهي سرنگ ۾ ٿيو آهي جنهن جو ٻيو ڇيڙو الاءِ ڪٿي آهي.“ (22)

                        هي اشارو انهن وجودي جملن ڏانهن ٿئي ٿو ته شروعات جو ڪو به انت ناهي، يا ماڻهوءَ کي نه کٽڻ واري عذاب واري دنيا ۾ موڪليو ويو آهي، زندگي  جک ۽ اذيت جو ٻيو نالو آهي وجودي فڪر جو اهو فڪري پهلو آهي پر  وجودي جوهر ناهي انهي ڳالهه کي خود  نور گهلو به محسوس ڪندي لکيو آهي ته:

                        ”هن مشيني دنيا ۾ هر ڪو ٿڙيل آ....... اسان سڀ ٿڙيل ڪلون آهيون. “ (23)  مطلب ته نور داخلي پيڙا جو سبب وري به موجوده سماج ڄاڻائي ٿو، ۽ سماج کي خوني بابن جو اتهاس قرار ڏئي انسان کي جنم جنم ڀوڳڻ واري ڳالهه ڪري ٿو پر هن جي ڪهاڻي ”اٺون رنگ“  ۾ ڪردار ۾ جيئڻ جو ساهه آهي ۽ بار بار چوي ٿو ته ”مان مرڻ نٿو چاهيان“ ۽ پنهنجي سڃاڻپ تي زور ڏيندي چوي ٿو ”مان انسان آهيان مان انسان آهيان“ ۽ وجوديت جي انهي نڪتي تي اچي ٿو ته هي سرنگ الاءِ ڪڏهن ختم ٿيندي پر هلندو رهه، مسلسل زندگي جي معنيٰ هئڻ، پنهنجو پاڻ کي ڳولڻ، وجود ۽ جوهر جو مسئلو، موت جهڙا مسئلا نور گهلوءَ وٽ عام طور ڪهاڻين ۾ موجود آهن. مثال: ”رستن جو ڪو نالو نه ٿيندو آ، رستا رڳو رستا هوندا آهن. بي نانءُ بي معنيٰ ۽ زندگي جي ڪا به وضاحت ڪانهي.“ (24)

                        ”اف! زندگي ڪيڏي نه بي معنيٰ آهي“ (25) هڪ ٻي ڪهاڻيءَ ۾:

                        ”اندر ۾ خالي پڻي جو احساس خال... خال..... ٽٽل“ (ص 96)

                        ”موت!

                        اوهه ............ موت!!

                        هون............ موت!!!

                        ........ موت به عجيب شيءِ آهي

                        اهو موت جو خوف ئي ته آهي، جيڪو جيئڻ تي مجبور ٿو ڪري زندگي/موت........ موت/زندگي . (26)

                        پر انهن سڀني وجودي وارداتن مان هڪ طرح جا سوال جيون ۾ اڀرن ٿا، جيڪي دانشوراڻا سوال آهن، ته زندگيءَ جي اهميت ڇا آهي؟ اخلاقيات ڇا آهي؟ انسانيت  جو هن پيڙا مان ڇوٽڪارو ڪيئن ممڪن آهي؟ اهو ئي سوال گوتم ٻڌ اڳيان هو.

                        نور گهلوءَ کي طبقاتي غلاميءَ جو به احساس آهي، جنهن ۾ انسان پنهنجي خوبصورت جذبن کان ويڳاڻو ٿي ويو آهي، پر هو زندگيءَ جو با معنيٰ جذبو پيار کي سمجهي ٿو ۽ اڪثر پنهنجي ڪهاڻين ۾ جنس (Sex) کان سواءِ پيار کي نامڪمل ۽ اڌورو ڄاڻائي ٿو،  پنهنجي ڪهاڻي ”اڇا گل ڪنول جا“ ۽ ٽٽل شيشا ۽ آڱريون“ ۾ انهي موضوع کي کنيو اٿس، هڪ جڳهه تي چوي ٿو:

                        ”پيار کان سواءِ به ماڻهو ڄڻ يتيم آهي، Crash Landing ۾ تباهه ٿيل جهاز جي ان مسافر وانگر جيڪو حادثي ۾ اڪيلو بچي ويو هجي.“ (27)

                        وڌيڪ پيار جي اهميت کي جتائي سڄي ڪائنات جي سندرتا جنس (Sex)  ۾ پائي ٿو. چوي ٿو ته:

                        ”هي سڀ رنگ، پيار، سندر سپنا سڀ Sex جا محتاج آهن، زندگيءَ مان جيڪڏهن Sex Factor ڪڍي ڇڏجي ته پوءِ زندگيءَ ۾ مزو (Charm) ئي ڪهڙو رهندو پوءِ جيئڻ جي ڪهڙي آس؟.....!!؟؟ (28)

                        اسان ڏسنداسين ته نور گهلوءَ جي جنس بابت اهميت صرف جنسي گهٽن جي پيداوار ناهي بلڪه هو وڏي واڪي جنس کي زندگيءَ جو بنيادي جوهر قرار ڏئي ٿو جنهن کان سواءِ زندگي ۾ ڪو به چارم (Charm) محسوس نٿو ڪري، ۽ اها ئي ڳالهه جديد نفسيات  دانن ۾ فرائيڊ جتائي، جنهن دنيا جي مڙني وهنوارن  جو بنياد ئي جنس کي قرار ڏنو هو يا وري هندستان جو جديد فلسفي رجنيش جنس /ڪام (Sex) کي آخري سچائي، ديوتا قرار ڏنو هو ۽ ساڳئي وقت اسان پهرئين باب ۾ ڏٺو ته قديم سنڌ ۾ موهن جي دڙي جي تهذيب ۾ جنس جي اهميت تمام گهڻي هئي، ناچ، مڌ، جنسي پوڄا، ڌرتي ماتا، ديوي ماتا جا سڀ تصور جنس سان جڙيل هئا. ان کان پوءِ اسان جي صوفين به عشق کي پاڻ سڃاڻڻ جو بنيادي عنصر قرار ڏنو، پيار جي انهي تصور کي نور گهلو به محسوس ڪري ٿو ۽ چوي ٿو.

                        ”موهن جي دڙي مان  لڌل ناچڻي (Dancing Girl) جي اکين  ۾ جهاتي پائي ڏٺي اٿئي” جيڪڏهن تون انهن تحريرن کي پڙهي سگهين ته جيڪر هن قسم جي زندگي گذارڻ جو ويساهه ٽٽي پويئي“. (29)

                        ان مان ثابت ٿيو ته نور گهلو زندگيءَ جي انهن سڀني مثبت قدرن کي اڀاري ٿو جيڪي جيون جي بي معنويت کي مٽائي سگهن ٿا. پر بظاهر پيڙا، مايوسي، زندگيءَ جي هڪ داخلي ۽ معروضي حقيقت به آهي جيڪا هن جي ڪهاڻيءَ جا ڪردار ڀوڳين ٿا.

                        نور گهلو صرف مغربي وجوديت جي پرچار نٿو ڪري پر هو هن سماج  ۾ موجود پيڙا ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو ۽ جديديت ۾ هڪ اهم جاءِ والاري ٿو.

مشتاق احمد شورو

                        هي سنڌي ادب ۾ پهريون ليکڪ آهي جنهن باقاعده پاڻ کي پنهنجي وجود کي سماج کي ۽ مسئلن کي وجوديت جي نظرن سان ڏٺو ۽انهي جي منفي پهلو کي تسليم ڪري ادب ۾ انهن رجحانن کي اڀاريو، پر سندس ڪهاڻين ۾ ڪردار وجوديت جي فلسفياڻين سوالن کي اڀارڻ بدران، خود ليکڪ جي گرفت جو شڪار رهن ٿا. سندس ڪهاڻين جو هر ڪردار ٿڪل، مايوس، ڏکارو، جنسي جوش (Excitement) ۾ ورتل  سماج ۾ منفي رجحان کڻي ڀٽڪي ٿو، چيچلائي ٿو، سندس من ۾ مونجهه ٻوساٽ ۽ خوف آهي.

                        سندس ڪتاب ”ٿڪل جذبن جو موت“ ۾ سندس لکيل مهاڳ انهي ڳالهه جي نشاندهي ٿو ڪري ته پاڻ باقاعده مغربي جديديت جي ليکڪن ۽ وجوديت جي فلسفن کان متاثر آهي، خاص طور سان انهن ليکڪن جي منفي پهلوئن، مايوس نتيجن ۽ مڪالمن کان وڌيڪ متاثر آهي. هن لاءِ هر شيءِ بي معنيٰ، بي مقصد ۽ منافقي آهي، ڪو به آدرش يا نظريو صرف منافقي آهي.

                        ”هر شيءِ بي معنيٰ ۽ بي مقصد آهي، ڪنهن به شيءِ کي ڪا به اهميت ناهي.“ (30)

                        ”آدرش منافقي جو سولائيزڊ نالو آهي ۽ ٻيو ڪجهه به نه، ان ڪري آءٌ نظرين ۽ آدرشن جي دٻاءُ هيٺ لکيل پنهنجي ڪهاڻين کي ڊس اون ڪريان ٿو. “ (31)

                        مشتاق احمد شوري جي ڪهاڻيءَ تي اسان غور ڪنداسين ته سندس ڪو به ڪردار وجودي نڪته نگاهه کان مايوس ناهي بلڪه اها مايوسي سماجي، طبقاتي ۽ قومي آهي. مثال سندس ڪهاڻي ”ٿڪل جذبن جو موت“ ۾ هڪ ڪردار معاشي ڪنگال آهي، شهر ۾ اچڻ وارو اوپرو شخص آهي، جاگيرداريءَ جي سخت قدرن مان نڪري شهر جي ماحول  ۾ هڪ دم اچي بيهي رهي ٿو، وري کيس شعوري طور مختلف عملن ۽ فڪرن جي پروڙ ٿئي ٿي، نتيجي طور پنهنجي معاشي ڪمزوري ۽ اڪيلائي واري حالت ۾ هو سخت داخليت ۾ وٺجي وڃي ٿو ۽ صرف پنهنجي داخلي ڪٿا سوچيندو هلندو رهي ٿو، سندس هن ڪهاڻيءَ جي ڪردار کي اسان ان وقت ۽ ماحول ۾ رکي ڏسنداسين، جڏهن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ڳوٺن کان پهريون ڀيرو نوجوانن اچڻ شروع ڪيو، تعليم ۽ نوڪري لاءِ  اهي نوجوان، ڪيئن محسوس ڪن ٿا، اها وارتا اسان کي زياده تر مشتاق وٽ ملي ٿي، سندس ڪهاڻي ”ٿڪل جذبن جو موت“  ۾ هڪ اهڙي ئي نوجوان جي ڪهاڻي آهي، جيڪو ان وقت جي سياسي وايو منڊل کي محسوس ڪري ٿو پر پاڻ ايترو داخليت ۾ ورتل آهي جو سڀني ڳالهين کي واهيات ۽ پاڻ کي انهي ماحول کان ڪٽيل محسوس ڪندو رهي ٿو، جڏهن سندس جنسي گهٽ کيس داخليت مان ڪڍي معروضيت سان جوڙي ٿي ته موچڙا کائي ٿو.

                        ڪهاڻي ”من جي مونجهه ۽ ٻوساٽ“ ۾ هڪ اهڙو ڪردار پيش ڪيل آهي جيڪو هيٺئين ڪلاس جو رولو ڇوڪرو آهي، ڪنهن جو ٻٽون کيسي مان ڪڍي ٿو، ڪڏهن دلالي ڪري ٿو پر مسلسل پريشان ۽ منجهيل رهي ٿو، سندس داخليت جي هڪ الڳ دنيا آهي جنهن ۾ ڪو به اتساهه ناهي ڪا به اميد يا امنگ ناهي بس حالتن ۾ لڙهندڙ هڪ ڪردار آهي، ننڍپڻ جو واقعو جنهن ۾ استاد جمن ساڻس زوري ڪري ٿو  اهو ياد ڪندي داخلي طور ڪراهت جو شڪار ٿئي ٿو ۽ کيس هر شيءِ گندگي جو ڍير لڳي ٿي، ايتري قدر جو پنهنجو پاڻ کي به گندو سمجهي ٿو.

                        ”پر منجهس به ته گند آهي،  ڪنو گند، جيڪو رنڊين ۾ آهي. اهو استاد جمن جو هو، هو اٻڙڪا ڪري ٿو ويهي ۽ ائين ڪري  هو استاد جمن جو گند  پاڻ مان ڪڍڻ ٿو چاهي“. (32)

                        مطلب ته اهڙي طرح سندس ٻين ڪهاڻين مثال ”هڪ بور ڏينهن“، ”ميرا ڳل ڳاڙها لڙڪ“،  ”جيون جا روئيندڙ ٽهڪ“   ۾ سماجي ۽ معاشي مسئلا کنيا ويا آهن پر سڀ ڪردار پيڙا  ۾ ورتل ۽ حالتن ۾ لڙهندڙ آهن ۽ پنهنجي داخليت  ۾ سڀني قدرن ۽ رشتن کان عاري آهن. هي اهي ڪردار آهن، جيڪي پنهنجي جبلي ۽ فطري ضرورتن کان ڪٽيل ۽ سماج ۾ کين ڪو به ڪردار ناهي، سندن هئڻ نه هئڻ برابرآهي، پر سندن هئڻ پنهنجي وجود لاءِ وڏو مسئلو آهي ڇو ته اڪثر اسان جي سماج ۾ وچين طبقي جي نوجوانن کي جديد دؤر، جديد قدرن ۽ دنيا جي ترقيءَ جي خبر هوندي آهي. هو جديد سڌ سماءُ جي ذريعي انساني قدرن ۽انساني ضرورتن کان نه صرف واقف هوندو آهي بلڪه جوش ۾ ورتل (Excited) هوندا آهن ۽ ٻئي طرف گهٽيل پراڻن قدرن ۽ معاشي ڪنگالپڻي ۾ ورتل هوندا اهن، جنهن ڪري کين زندگي ضايع ٿيندي نظر ايندي آهي. مايوس ۽ بي وس هنن جو وجود حالتن ۾ لڙهندو رهندو آهي. مشتاق شوري وٽ جديد دور جو انسان انسانيت کان خالي آهي، هن رڳو شين ۽ مشينن ۾ ترقي ڪئي آهي، باقي سندس اندر جو وحشي پڻو وڌيڪ اڀريو آهي، سندس ڪهاڻي ”مئل ماڻهوءَ جي ڀومي“ ۾ هن اهڙو ئي اظهار ڪيو آهي.

          ”بم ڦاٽڻ کان نٿو جهلي سگهجي، ماڻهوءَ جي ويچار، سمجهه ۾ ڏاڍو واڌارو ٿيو آهي، هن جڳهه ٿي ماڻهوءَ جي جاءِ مشين وٺي رهي آهي، ماڻهو ٽٽي رهيو آهي، ڪٽجي الڳ ٿي رهيو آهي، پنهنجو پاڻ مان هن جڳ کان، اڳتي هلي ماڻهو نه رهندو مشينون رهنديون، ائٽم بم رهندو، هئڊروجن  بم رهندو. (33)

                        هن ڪهاڻيءَ ۾ موجود دؤر کي انسانيت لاءِ هاڃو قرار ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ رشتا، جذبا، سڀ مٽجي واپار بنجي ويا آهن. هن دؤر جي باري ۾ تازو شيخ اياز به اهڙا ئي لفظ چيا هئا:

                        ”انسان ۾ اڃان چيتو ۽ بگهڙ آهي، جيڪو نٿو ڄاڻي ته هو ڪنهن کي ڳڙڪائي رهيو آهي، رهزن جي دشمني نابين ٿيندي آهي.“ هن ۾ چير ڦاڙ جو جذبو اجهل آهي، اڳتي ساڳئي ڪتاب ۾ ٻئي هنڌ چوي ٿو ته:

          ”ٻڌ ۽ مهاوير جي زماني کان هزار ڀيرا وڌيڪ لوڀ ۽ لالچ هاڻي آهي فقط اليڪٽرانڪس وغيره ۾ ترقي بي معنيٰ آهي، جيستائين انسان پنهنجي پاڻ کي نٿو بدلائي.“ (34)

                        مشتاق شورو به پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ انسان جي وحشي پڻي جو ذڪر ڪندي، فراريت جي راهه اختيار ڪندڙ ڪردارن کي پيش ڪري ٿو، جيڪي هپي ازم جو شڪار آهن، هپي ازم ڇو ۽ ڇا لاءِ جا سوال اڀري جديد وجوديت جي انهي نڪتي تي اچي ٿو ته هي سماج ۽ سماج جون رسمون، رواج، قدر، اخلاق، اصول سڀ انسان جي پيڙا ۽ ڏک جو سبب آهن تنهن ڪري سڀني کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي تياڳيو وڃي ٿو. مجموعي طور مشتاق شوري جون ڪهاڻيون شعوري وهڪ واري اسلوب ۾ لکيل آهن جن ۾ سماج ۾ جيئن ۽ جيڪي ڪجهه ماڻهو ڀوڳي ٿو انهي جي داخلي ڪيفيت کي اظهاريو اٿس. ڏک ۽ اذيت کي هر ڪردار داخلي طور محسوس ڪري ٿو، ان وٽ ڪو به رومانس ناهي نه نعرو آهي بس هڪ پيڙا آهي، بي وسي آهي، جنهن ۾ ماڻهو ڪيڙن مڪوڙن وانگر سري رهيا آهن ۽ ليکڪ جي فڪر ۾ ڪو به اتساهه، ڪو به جوش ۽  جذبو ناهي، هو منفي رجحان رکي ٿو ۽ وجوديت جي فڪر جو هر منفي پهلو کيس ٺهڪندڙ لڳي ٿو، ڪو به نظريو ڪو به آدرش يا مذهب وٽس قابل قبول ناهي، وجوديت جي حامي ٿيڻ جو اقرار ڪندي پنهنجي ماضيءَ ۾ نظرياتي هئڻ کي ختم ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته نظرين جو بوجهه ڍوئيندڙ انسان ڪنهن به سسٽم ۾ پاڻ کي ٺهڪائي نه سگهيو آهي، آءٌ جو ڪجهه وقت سخت نظرياتي  رهيو آهيان سو هاڻي سارتر جي انهي ڳالهه سان مڪمل Agree ٿو ڪريان ته:

                        “Marxisim has a way of explaining man as a product of his economic system. Which does not correspond to what I believe.” (35)

          مشتاق ڪيترو به مايوسي ۽ فڪري طور منفيت ڏانهن ويو آهي پر پنهنجي ڪهاڻين ۾ هڪ اهڙي ڪڙي حقيقت کي پيش ڪيو اٿس جنهن ۾ انسان سڀني ڀرمن کان، سڀني منافقين کان آزاد آهي ايتري قدر جو هو اندر ۽ ٻاهر ۾ اگهاڙو  آهي، ڪو به لحاظ نٿو ڪري، ڪو به آسرو ۽ قدر جو خيال نٿو ڪري، ايترو اگهاڙو سچ جيڪو ڪنهن کان به هضم ٿيڻ مشڪل آهي.

خير النساءَ جعفري (1947-1999ع)

                        خير النساءَ جعفري پنهنجي هڪ ڪهاڻي ۾ چيو هو ته ”انسان جو وجود ٻالڪ  کان وٺي وڏي تائين ان جي ذات جو اظهار (Self expression)  آهي“ ٻالڪ جو پري کان ماءُ جي پٺيان ئي هاءِ گهوڙا ڪندو اچي ته اهو به سندس وجود جي اظهار جو ثبوت آهي. هي قوم سان محبتون، ادب جون الفتون ۽ چنڊ سان هٿ چرانديون، سڀ ”ذاتي اظهار“ جا ذريعا آهن گويا هر ڪرت جو بنيادي محرڪ اهو ئي (Self Expression) آهي.“ (36)

                        مطلب ته خير النساءَ جعفري وٽ تخليق جو محرڪ پنهنجي ذات آهي، معروضيت جو تعلق ذات تي اثر انداز ٿيڻ آهي، جيڪڏهن معروضيت اهڙي آهي جو ذات مڪمل ۽ مطمئن رهي ته ڏک ختم ٿئي ٿو ۽ ذات ۾ خوشي پيدا ٿئي ٿي، پر هن ليکڪا وٽ اهو ممڪن ڪونهي، هوءَ سماج ۽ روايتن، ريتن،ر سمن، پابندين کي ڏک جو سبب قرار ڏئي ٿي، جنهن مان نجات ممڪن ڪونهي سندس خيال آهي ته ”ڪي ڏک منهنجي رت جي ڳاڙهن جزن ۾ شامل آهن.“ (37)

                        ۽ سندس اهو به چوڻ هو ته ”مايوسي مان نجات جو ٻيو ڪو به رستو ڪونهي، سواءِ خودڪشيءَ جي.“ (38)

                        پر سندس ڪهاڻين ۾ ڏک ۽ مايوسي بي سببي ناهي يا ته ڪردار سماجي المئي جا شڪار آهن، يا وري غير روايتي آهن.

                        سندس اهم ڪهاڻي ”حويليءَ کان هاسٽل تائين“ ۾ اهڙي ڪيفيت موجود آهي، جاگيرداري سماج جي قدرن ۾ گهٽيل عورت حويليءَ ۾ بند هوندي آهي، کيس سماج کان اتم قرار ڏنو ويندو آهي، اهو ئي ڪردار رد عمل طور باغي ٿي قدرن کي ٺڪرائي عام ماڻهوءَ کي پاڻ تائين رسائڻ جا جتن ڪندو آهي، پر هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار انهي گهٽ ٻوسٽ مان نڪرندي هم جنس پرستي جو شڪار ٿي وڃي ٿو.

                        خير النساءَ جعفري اڳ ۾ چئي چڪي  آهي ته ذات جو اظهار ۽ جيئڻ جو جواز ضروري آهي، اهو ئي وجوديت جو نڪتو آهي ته وجود جو اظهار ئي وجود کي معنيٰ ڏئي ٿو ڇو ته جيئڻ جو ڪو به جواز ناهي، يعني طئي ٿيل جوهر ناهي انهي ڪري جواز پيدا  ڪرڻ لازمي آهي، پوءِ جيڪڏهن سماج فطرتي  ۽ جبلي ضرورتن جي پورائي ۾ رڪاوٽ آهي ته انهن قدرن خلاف ئي صحيح پر جواز ٺاهڻو آهي. تنهن ڪري هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار  هم جنس پرستي کي جواز (Justify) ڪري ٿو، پر احساس جرم جو به شڪار رهي ٿو ڇو ته ڪردار چاهت نه ملڻ جي پيڙا ۾ ورتل آهي،  ليکڪا وٽ وجود جو اصل جواز ۽ معنيٰ صرف پيار پائڻ ۾ آهي پر اهو مخالف جنس جو پيار آهي. پيار خالي کوکلي وجود کي معنيٰ ڏئي ٿو ۽ جيئڻ کان جواز ڏئي ٿو، ساڳئي وقت بي پناهه آزادي ۽ اڪيلائيءَ جي احساس کان ڇوٽڪارو ڏياري ٿو، ماڻهو پاڻ کي ڪنهن جي سپرد ڪري پناهه جو احساس ماڻي ٿو پر هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار فڪري طور ايڏو مضبوط هئڻ کان پوءِ به حالتن جي وهڪري ۾ لڙهي وڃي ٿو ۽ محروميءَ کي پنهنجو ڀاڳ سمجهي ٿو.

                        خيرالنساءَ  جعفريءَ جي ٻي سگهاري ڪهاڻي ”تخليق جو موت“ آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ اهو احساس پيدا ڪيل آهي ته جن ڳالهين کي اسان عام سطحي ۽ روايتي ڪري ليکيندا آهيون ۽ وقتي طور نفرتن ۽ محبتن جو بنياد ٺاهي ويهي رهندا آهيون، انهن ننڍڙين ڳالهين جي ڪيڏي اهميت آهي، پر زمان حال ۾ جيڪو نٿو سمجهي، وقت ماضي بنجي انهيءَ کي سمجهائي ڇڏي ٿو. اڪثر زندگيءَ جا عام رشتا ناتا، وهنوار جن کي اسان ڪا اهميت نه ڏيندا آهيون پر اهي معمولي ڳالهيون دراصل اسان جي زندگيءَ ۾ هڪ ڪردار ادا ڪري رهيون هونديون آهن پر احساس اسان کي تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن انهن شين کان محروم ٿي ويندا آهيون يا موت ويساهه گهاتي ڪندو  آهي.

                        ”ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون، هلڪيون سلڪيون يادون، مٺڙيون موسمون، پيارا دستور ۽ سٺيون رسمون، ڪڏهن نه ويساهه جوڳيون آهن، اهي شيون ... باقي ويساهه آهي ته ساهه جي تند جا ٽٽندي ويرم ئي نٿي لائي.“ (39)

                        هن ڪهاڻيءَ ۾ زندگي سان جڙي رهڻ جا مختلف جتن آهن  جن ۾ عزيز جو ڪردار ڪافي اهم آهي، ڪٿي هو پنهنجي من کي بهلائڻ لاءِ مختلف حيلا ۽ بهانا ڪري ٿو، ڪٿي لفظن ۾ پناهه وٺي ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ انسان جي ظاهري ٺاهه ٺوهه، انا (Ego) کي وائکو ڪيو ويو آهي جنهن ڪري ماڻهو اڪثر نقلي پڻي جو شڪار ٿئي ٿو ۽ ڪوشش ۾ رڌل هوندو آهي ته ٻئي کان مات نه کائجي، پاڻ کي سوا سير سمجهڻ ۾ ٻئي جي اهميت کي محسوس نه ڪندو آهي، ڪهاڻيءَ ۾عزيز جي موت کان پوءِ اهو احساس حاوي ٿي وڃي ٿو ته زندگيءَ جو هر لمحو وڏي اهميت رکي ٿو، منجهس گذرندڙ هر ننڍڙي ڳالهه غير اهم ناهي هوندي.

                        ڪهاڻي ”1947ع، 1948ع ۽ 1949ع“ مونو لاگ (پاڻمرادو ڳالهائڻ/ خود ڪلامي) ۾ لکيل آهي جنهن جو بنيادي فڪر مڪالمن ذريعي اڀاريو ويو آهي  ڪهاڻيءَ ۾ اهم نڪتو اهو آهي ته رشتي جي اهميت ڪهڙي آهي، عام طور سان رت جي رشتن کان وڌيڪ من جي رشتي کي اهم سمجهيو ويندو آهي، پر هن ڪهاڻيءَ ۾ من جي رشتي کي اهم ته سمجهيو ويو آهي پر جٽاءُ هن رشتي ۾ به ناهي، هن رشتي جي اهميت کي هي مڪالمو اجاگر ڪري ٿو:

                        زندگيءَ ۾ ڪو سٺو ”ساٿي“ پائي من کي نفسياتي سهارو ملي ويندو آ جيئڻ لاءِ، جنهن جي آڌار تي زندگيءَ جا ننڍڙا وڏا ڪم سليقي سان نڀائي سگهبا آهن، جنهن جي مڃڻ سان شڪستن جا بار آساني سان کڻي سگهبا آهن، جنهن جي زندگيءَ جا ٿورن لفظن ۾ گهڻا مطلب سمجهائي سگهبا آهن“. (40)

                        پر اڳتي هلي انهيءَ رشتي ۾ به ڏار پئجي وڃن ٿا، جنهن جي باري ۾ ڪيترائي سوال ڪهاڻي ۾ اڀاريا وڃن ٿا.

                        ”ڇا شميءَ جي جواني دوستيءَ جي وچ ۾ ديوار بنجي ويئي.“ (41)

                        اهو سوال آهي ته رشتي جو بنياد صرف جنس تي آهي؟ ۽ جنس تبديليءَ واري عمل ۾ پڪي رشتي کي نٿي ٺاهي سگهي، ماڻهو مسلسل چونڊ واري عمل مان گذري ٿو.

                        ٻيو سوال آهي ته ڇا اسان مان ڪنهن هڪ جي غلط اپروچ (Approach) غلط فهمين کي فروغ ڏنو هو؟ (42)

                        انهيءَ سوال ۾ خود اها ڳالهه  لڪل آهي ته دوستي هڪ جهڙن ذهنن جي صحيح ايپروچ (Approach) جو نالو آهي، يا اهو ته انسان فردي طور اڪيلو آهي، هن جون معروضي حالتون مشترڪ هئڻ کان پوءِ به موضوعي حالتون مشترڪ نه هئڻ ڪري انسان ٻئي انسان کي (Approach) نٿو ڪري سگهي ۽ ٽيون سوال به انهي نوعيت جو آهي ته ڇا اسان کي هڪ ئي وقت پنهنجا تعلقات نڀائڻ جو طريقو نه آيو؟  چوٿون سوال اهو پيدا ٿيو ته ”مزيد ڪنهن سهاري جي گنجائش باقي نه رهي هئي؟ ۽ اسان خود ڪفيل ٿيڻ سکي ورتو هو.“ (43)

                        هنن سوالن جون ڪڙيون هڪ ٻئي سان ملن ٿيون پر چوٿين سوال جي ڪيفيت ڪهاڻيءَ ۾ موجود ناهي، بلڪه ڪهاڻي جو بنياد اهڙي ٻڏتر واري ڪيفيت تي رکيل آهي، ته انسان کي هميشه سهاري جي  ضرورت هوندي آهي، اهي اهڙا سوال آهن جن جي گهرائيءَ ۾ ڪردار وڃي پنهنجي موضوعي نفسيات کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ساڳي طرح سندس ڪهاڻي ”ڪهڙو برانڊ ۽ ڪهڙي سگريٽ“ ۾ هڪ اهڙي مرد جو ڪردار موجود آهي جيڪو عورت کي سگريٽ وانگر سمجهي ٿو. هڪ عورت کان ٻي عورت ڏانهن ڀٽڪندو رهي ٿو ۽ سندس خيال هو ته عورت پنهنجي ذات جي اظهار ڪارڻ ڦاسي ٿي ۽ خودفريبيءَ جي شڪار رهي ٿي. انهي ڪردار ۽ عورت ۾ رشتي جي نوعيت صرف فلرٽ واري آهي. هو شادي ڪري خوش نٿو رهي سندس خيال هو ته:

                        ”مرد هڪ ذهين ۽ هوشيار عورت کي دوست بڻائي ته فخر ڪري سگهي ٿو... پر زال بڻائي ڪڏهن به چين نه پائيندو.“ (44)

                        بنيادي طرح هيءَ انهي مرد لاءِ فڪري ڳالهه  ٺهڪيل آهي جيڪو عورت کي صرف سگريٽ سمجهي انهيءَ کي ڇڪي ڦٽو ٿو ڪري. اهو مرد ذهين هوشيار عورت وٽ پنهنجون چالاڪيون ڪتب نه آڻي سگهندو. خير النساءَ جعفري انهن رشتن جي باري ۾ مختلف ويچار زير غور آندا آهن ته ڪهڙو رشتو ڪڏهن من کي سڪون ڏئي ٿو انهي جي نوعيت ڇا آهي؟ پر هر ڪهاڻي ۾ هن جي پيڙا وري به رهي ٿي ۽ اڪثر ڪردار حالتن جي وهڪري ۾ لڙهندا وڃن ٿا، جيئن ”پريت ۽ فاصلا“  ڪهاڻيءَ ۾ هڪ پڙهيل لکيل ذهين ڇوڪري سمجهوتو ڪري ٿي ۽ پاڻ کي روايتن آڏو مهاڏو اٽڪائڻ جي سگهه نٿي ساري. اهڙي طرح ”پيڙا جو پڙلاءُ“ ۾ به اهڙي رشتي جي تلاش ۾ ڪردار اڀري ٿو، جنهن جو خيال هو ته ”نٻل ۽ نستي جي کي نور جي ٽيڪن جي ضرورت هئي“. (45)  ۽ اهو نور پيار جي رشتي ۾ هن کي ملي ٿو.

                        خير النساءَ جعفري اڪثر وجود جي انهي خال کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪو من جو خال آهي، مسلسل ڪردارن کي ڀٽڪندي پناهه وٺڻ جي ڪوشش  ۾ ورتل ڏيکاريو ويو آهي ۽ اهو به صحيح آهي ته وٽس ڪردار مايوس ۽ هارايل (Passive) آهن، پر جهڙي طرح ڪردار پنهنجي نفسيات کي پيش ڪن ٿا ۽ جن مڪالمن کي ڳالهائڻ ٿا انهي مان اهو فڪر ظاهر ٿئي ٿو ته انسان جي زندگيءَ جي پهرين ضرورت سندس ذات جو اظهار آهي ۽ اظهار کيس پيار پائڻ مان ملي ٿو، جديديت جو اهو اسلوب منفرد ۽ تجزياتي (Analytical) آهي.

ممتاز مهر (1942ع)

                        ممتاز مهر جي ڪهاڻين جا ٻه مجموعا هڪ ”هڪ زندگيءَ جو وهڪرو“  ۽ ٻيو ”منزل“ شايع ٿي چڪا آهن. پهرئين مجموعي ۾  ٻن چئن ڪهاڻين کان سواءِ باقي سڀ ڪهاڻيون عام ساديون سوليون ۽ زندگيءَ جي عام چر پر سان ڀريل آهن، جن ۾ زندگي جيئن آهي تيئن پيش ڪيل آهي ۽ ڪجهه ڪهاڻيون علامتي آهن ۽ گهرائيءَ ۾ سوچڻ لاءِ مجبور ڪن ٿيون، جن ۾فڪري طرح خاص اشارا ملن ٿا. سندس  ٻئي مجموعي ”منزل“ ۾ ڪهاڻي جي پيشڪش ته سادي آهي پر فڪري طرح زياده واضح آهي، پهرئين مجموعي ۾ ”مٽيءَ جو طوفان“، ”معصوم ٻارڙا“،  ”انڌو ڪوئو“، ”زندگيءَ جو وهڪرو“، ”يادن کان انتقام“، اهم ڪهاڻيون آهن جن لاءِ خود ليکڪ پاڻ چيو هو ته ”ٽيڪنڪ ۽ تجربن ۽ اظهار خيال جي ڏس ۾ مان پڙهندڙن کي اهو ضرور چوندس ته خاص طرح سان منهنجين ڪهاڻين جي نفسياتي علامتن ۽ تمثيلي  پهلوئن کي ڌيان ۾ رکن ڇو ته انهن ڪهاڻين جي مذڪوره پهلوئن کي پرکڻ کان پوءِ ئي انهن جو صحيح قدر سڃاتو ويندو.“ (46)

                        سندس پهرين ڪهاڻي ”يادن کان انتقام“ ۾ ٽيڪسي ڊرائيور جو هڪ اهڙو ڪردار آهي جيڪو پنهنجي وجود کي هڪ ياد سان اظهاري ٿو سندس زندگي جي طرز هڪ انوکي ڪردار جيان آهي. هڪ عام ڊرائيور ڪلچر ۾ رهندڙ ماڻهو عزت شرافت ۽ حيثيت ۾ ويساهه رکي، هڪ ڇوڪريءَ سان مهذب سلوڪ ڪري ٿو، پر انهي ڇوڪريءَ کي واپس پنهنجي مائٽن ۾ ڇڏي اچڻ کان پوءِ کيس هڪ ئي احساس ستائي ٿو ته هن جي زندگيءَ ۾ پيار جا سنيها ڪا ڇوڪري کڻي آئي هئي پر هن سماج خلاف مهاڏو اٽڪائي انهي کي نه پنهنجايو. انهي احساس ۾ هو فراريت اختيار ڪري ٿو ۽ مايوس رهي ٿو. ڪهاڻي ”مٽيءَ جو طوفان“ ۾ داخليت ۾ ٻڏل ڪردار معروضيت جي منظر ڪشي ڪندي پنهنجي اندر جي اوٻر ٻاهر ڪڍي ٿو ۽ هڪ دٻيل ساڙيلي دل سان شين کي ڏسي ٿو، ڪهاڻي ”معصوم ٻارڙا“ فڪري طور مضبوط ڪهاڻي آهي ۽ هڪ انوکو موضوع آهي.  چوندا آهن فطرت نه ظالم آهي نه رحم دل، فطرت نه معصوم آهي نه وحشي بلڪه فطرت جي مدمقابل انسان جا جذبا ۽ معصوميت صرف انساني گڻ آهن. فطرت ۾ جيڪي ڪجهه آهي اهو سڀني تي لاڳو آهي. اهڙي طرح هن ڪهاڻيءَ ۾ معصوم ٻارڙا آهن جيڪي پنهنجي چلولائي ۾ ننڍڙين ننڍڙين خوشين کي جهٽين ٿا پر ڳالهين جي سلسلن ۾ اوچتو کين موت جو ڊپ ٿيڻ لڳي ٿو ۽ سندن ننڍڙن ذهن ۾ بيشمار سوال اڀرن ٿا، جن جو هنن وٽ ڪو به جواز ناهي. ٻارڙن کي قدم قدم تي موت جو معروضي واقعاتي تجربو ذهن تي بوجهه وانگر محسوس ٿئي ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڳالهه واضح محسوس ٿئي ٿي ته وجودي واردات فطري آهي جنهن ڪري دهشت زده ٿيڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، ڪهاڻيڪار اهو فڪر ڏيڻ چاهي ٿو ته انسان ڪهڙي به عمر ۾ هجي معصوم ٻار ڇو نه هجي پر هو موت جي دهشت اڳيان بي وس آهي ۽ هن جي مٿان  اهو هڪ وڏو بار آهي، جيڪو کيس اداس ۽ مايوس ڪندو رهي ٿو، ساڳئي خيال جي ڪهاڻي سندس ٻئي مجموعي منزل ۾ به اسان کي ملي ٿي، اها ڪهاڻي آهي ”انت“! هي هڪ خطرناڪ وجودي واردات سان ڀريل ڪهاڻي آهي جنهن ۾ موت ڪردار جي داخليت ۽ معروضيت تي حاوي ٿي چڪوآهي، بلڪه ڪردار موت کي منهن ڏيندي ڪيئن محسوس ڪري ٿو. انهي جي هوبهو منظر ڪشي ڪئي آهي، جيڪا هڪ حقيقت به آهي ته دهشت زده وجودي واردات به آهي، ڪهاڻيڪار انهي احساس کي پيدا ڪيو آهي ته انسان صرف مجبور ۽ بي وس آهي، ساڳئي طرح ڪهاڻي ”انڌو ڪوئو“ هڪ پڙهيل لکيل ماڻهو ءَ جي بي وسي جي ڪهاڻي آهي جيڪو مسلسل انهن قوتن خلاف وڙهي ٿو پر انهن قوتن کي ختم نٿو ڪري سگهي. جيڪي علم دشمن آهن انهن هن سماج کي بدبودار بنايو آهي. ”انڌو ڪوئو“ هڪ علامتي ڪهاڻي آهي، جيڪا فڪري طور گهرائي رکي ٿي.

                        ”زندگيءَ جو وهڪرو“ ڪهاڻي زندگيءَ ۽ سماج جي مختلف  رخن تي مشتمل آهي اها هڪ ڪهاڻي آهي جنهن اندر ڪئين ڪهاڻيون سمايل آهن. هن ڪهاڻي ۾ انسان جا مختلف روپ آهن، پراڻي ۽ نئين ٽهيءَ جو ويڇو ۽ رويي کان وٺي مختلف سماجي ڌنڌي بازي ٻهروپي، انسان مٿان هڪ خول وانگر ڄميل ڏيکاريو ويو آهي، جنهن ۾ انسان اڪيلو رهجي وڃي ٿو.

ممتاز مهر فڪري طور ”منزل“ ڪهاڻي ۾ واضح طور وجوديت کي (Own) ڪري ٿو، جنهن ۾ ريل جو دٻو هڪ علامت آهي هن دنيا، هن سماج جي، جنهن ۾ هڪ فرد جڏهن شعوري طور پاڻ محسوس ڪري ٿو ۽ کيس مونجهه ٿئي ٿي ۽ هو ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته کيس ٻاهر نڪرڻ جو ڪوبه رستو نٿو ملي، پر بدقسمتيءَ سان فرد جي ڪابه منزل ڪانهي. بس زندگي هڪ ريل گاڏي وانگر هلندي رهي ٿي.هن ڪهاڻيءَ مان جان پال سارتر جي ڪهاڻي “NO exist” جي بوءِ اچي ٿي. فڪري طور ٻئي ڪهاڻيون ساڳيون آهن، جنهن ۾ انسان جي ڪابه نجات ناهي، ڪوبه رستو ناهي، بس هن کي هن دنيا ۾ اڇلايو ويو آهي. مٿس سفر مڙهيو ويو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ سڀئي جديد وجودي نڪتا ظاهر ٿين ٿا. مثال ”ڇا مان غلط ٽرين ۾ چڙهي ويو آهيان؟“ (47)

اهو سوال منفرد ۽ خودفريبيءَ جي نشاندهي ٿو ڪري ۽ ساڳئي وقت هڪ باشعور ماڻهوءَ جو موجود سماج ۾ الميو به ظاهر ڪري ٿو، جنهن ۾ هڪ ڄاڻو آدرش واد ماڻهو سماج جي موجوده شڪل ۾ ٺهڪي نه اچي ۽ ڏاهپ کيس ڏنگي، سندس انفراديت تان ماڻهو کلن مسخريون ڪن. ممتاز مهر اهڙي ڪردار کي هن ڪهاڻيءَ ۾ اڀاريو آهي. ممتاز مهر صرف داخليت جي ڪائنات جو سفر نٿو ڪري، بلڪ هو سماج سان به جڙيل آهي. معروضي طور انهن حالتن جي به عڪاسي ڪندي فرد جي داخلي پيڙا کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪا پيڙا فطرتي ناهي، بلڪ سماجي ۽ معاشي نظام جي پيدا ڪندڙ آهي. ليکڪ اهڙي سماج کان چڱيءَ طرح واقف آهي، جنهن جو بنياد استحصال تي رکيل آهي، جنهن ۾ فرد پنهنجي سچائيءَ سان جي نٿو سگهي. سندس اصليت تي ٻهروپي ويس ڍڪجي چڪو آهي. بس هو صرف جي رهيو آهي. مٿس هڪ اڻ کٽ بوجهه رکيو ويو آهي، جيڪو کڻي هن کي هلڻو آهي. اهڙي واپاري ڌنڌي باز سماج ۾ ڪي فرد صرف مشين بنجي چڪا آهن، جن جي ڪابه انساني حيثيت ناهي. مشين جي پرزي وانگر چرن ٿا. اهڙي سماج ۾ فرد داخليت ۾ ٻڏڻ لڳي ٿو ۽ کيس پنهنجو وجود به هڪ بوجهه محسوس ٿيڻ لڳي ٿو. عام طور تي فرد اهڙي صورتحال سان وابسته ٿي اڪيلائيءَ ۾ پيڙا ۾ ۽ هڪ اڻ کٽ مايوسيءَ ۾ وٺجي وڃي ٿو. جنهن لاءِ رسول بخش پليجي چيو هو ته: ڏک پيڙا، مايوسيون۽ موت زندگيءَ جون ازلي ۽ ابدي حقيقتون آهن، اهي اڄوڪي انسان جي زندگيءَ ۾ به موجود آهن. (48)

پر پليجو صاحب انهن ڏکن ۾ فرد کي ڪي سک، ڪي ڪاميابيون ۽ ڪي زنده رهڻ جون آسون به ڏياري ٿو، پر وجودين جو خيال آهي ته خوشيون عارضي ۽ فرد جي خودفريبي کان سواءِ ڪجهه به ناهن. اصل ۾ آهي ڏک! فرد فقط بي خبريءَ ۾، فريب ۾، موت کي وساري خوشيون ماڻي ٿو، پر جيئن کيس وجود جو احساس ٿئي ٿو ته مٿس هڪ اداسي طاري ٿي وڃي ٿي. بنيادي طرح طبقاتي سماج انسان کي هڪ اهڙي ذلت ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ماڻهو روبوٽ بنجي همدردي، ڀائپي، ڏک، سک ونڊيندڙ کان محروم ٿي ويو آهي. ممتاز مهر جون ڪهاڻيون ”روبوٽ“، ”نئون نالو“، ”ريڙهيون پائيندڙ انسان“، ”ٻئي جي آفيس“، ”زخمي وجود“، اهڙي سماج جي عڪاسي ڪن ٿيون، جن ۾ فرد هن سماج جي معاشي نظام جو شڪار آهي. هاڻي مسئلو صرف هتي اهو آهي ته ڇا فرد اهڙي صورتحال ۾ حالتن جو شڪار ٿيندي وجودي وارداتن ۽ داخليت ۾ ٻڏڻ کان بچي سگهي ٿو. ترقي پسندن جو چوڻ آهي ته ها فرد انهن حالتن خلاف ويڙهه ڪري سياسي جماعت بندي ڪري آدرش واد ٿئي ۽ هڪ اهڙو نظام قائم ڪري، جيڪو انساني ضرورتن، انساني خوشين جي ويجهو هجي. پر جديد وجوديت پسندن جو چوڻ آهي ته اها به هڪ خودفريبي آهي. فرد سياسي جماعت ۾ پناهه وٺي ئي انهيءَ ڪري ٿو ته هو پنهنجي بي پناهه آزادي ۽ چونڊ ڪرڻ جي اختيار کي سامهون نٿو ٿي سگهي. پر اها پارٽي يا ڪو آدرش سندس وجود جو مدمقابل ناهي، ڇوته جوهر وجود کان پوءِ آهي. تنهنڪري زندگي مسلسل هڪ ڪوشش جدوجهد ته آهي، پر نتيجي کان بغير، ڇوته فرد پاڻ هڪ ڪائنات آهي. بي پناهه آزاديءَ سان گڏ سندس انفرادي ذميدارين جي به انتها ناهي. (49)

هتي وجوديت جا ٻه پهلو ظاهر ٿين ٿا. هڪ ته اهو ته مايوسي ازل کان انسان جومقدر آهي. جدوجهد يا سماج بدلائڻ هر دؤر جي ضرورت رهي آهي، پر فرد جيئن آهي تيئن ڏک ۽ سک جي چڪرن ۾ جڪڙيل رهي ٿو. ٻيو پهلو اهوآهي ته خود فريبي ئي سهي پر زندگي جيڪڏهن فريب آهي، هڪ رومانس آهي ۽ هڪ مسلسل جدوجهد ۽ ڪوشش جو نالو آهي ته انهيءَ کان اکيون به چورائڻ نه کپن، ڇوته سک زندگيءَ جو نالو آهي ۽ ڏک موت جونالو آهي ۽ اهي ٻئي ڪيفيتون گڏ کڻي هلڻ ئي انسان جو مقدر آهي ته پوءِ زندگيءَ لاءِ جدوجهد بهرحال سڀاويڪ آهي. انهيءَ سلسلي ۾ممتاز مهر جي ڪهاڻي ”جزا ۽ سزا“ آهي، جنهن ۾ جوپيٽر ديوتا اڳيان انسان جزا زندگيءَ کي ٿو سمجهي ۽سزا موت کي. هو چوي ٿو ته:

”مان پنهنجي جزا ۽ سزا جو فيصلو ڪريان؟ منهنجو ته فيصلو انهيءَ ئي وقت ٿي ويو هو، جڏهن موت مون کي پنهنجي دنيا کان، پنهنجي ماڻهن کان جدا ڪري ڇڏيو... منهنجو فيصلو ته انهيءَ وقت ئي ٿي چڪو هو، باقي ڇا وڃي بچيو آهي جزا ۽ سزا لاءِ.... ها جيڪڏهن مون کي پنهنجي ساڳي دنيا ملي وڃي، پنهنجا ساڳيا ماڻهو ملي وڃن ته پوءِ مان سمجهندس ته منهنجو فيصلو ٿي ويو. انصاف ٿي ويو جزا ۽ سزا جو“. (50)

ممتاز مهر جديديت ۾ هڪ اهم مقام رکي ٿو. هن جو فڪر صرف عام جديديت جي پرچار ناهي، بلڪ سماجي فطرت ۽ انساني حقيقت کي سامهون رکي هن انتهائي سادي اسلوب سان ڪهاڻيون لکيون آهن. ممتاز پنهنجي پاران نظرياتي طور ڪنهن به ازم جو شڪار ناهي، بلڪ حالتن ۾ جيئن انسان جيئي ٿو، انهن حالتن، واقعن ۽ فطري رجحانن جي عڪاسي ڪري ٿو. جنهن لاءِ خود ممتاز مهر جو چوڻ آهي ته سچو تخليقڪار پنهنجي مشاهدي ۽ احساس جي آڌار تي موضوع جي چونڊ ڪندو آهي. هن جو چوڻ آهي ته تخليق جي عمل لاءِ ڪي قطعي ضابطا ٺاهي نه ٿا سگهجن، تخليق پنهنجا ضابطا پاڻ ٺاهيندي آهي.

رسول ميمڻ (1956ع)

رسول بخش ميمڻ جو پهريون مجموعو ”امن جي نالي“ 1977ع ۾ ڇپيو هو. ان کان پوءِ ٻيو مجموعو ”ڪافر ديوتا“ 1979ع ۾ آيو. سندس ٽيون مجموعو ”چچريل زندگي“ پوءِ 1991ع ۾ ”ابابيل جي آخري اڏام“ اچي چڪا آهن.

رسول ميمڻ فڪري طور ڪهاڻين ۾ ترقي پسنديءَ کان وجوديت ڏانهن ويندڙ ليکڪ آهي. سندس پهرئين مجموعي جي ڪهاڻين ”امن جي نالي“، ”انسانيت دونهون“ ۽”لاش“ ۾ واضح طور جنگ کان نفرت ۽ بيزاري ڏيکاري ويئي آهي. هر طرف زخمي ماڻهو، فوجي ڪيمپون، باهه جا الا ۽ مسلسل ڏاڍ ڏهڪاء آهن ۽ آخرڪار اهي حالتون هڪ پٿر دل فوجيءَ کي به نرم دل بنائي ڇڏين ٿيون ۽ کيس دشمن لاءِ به انساني جذبو جاڳي ٿو. اهڙي طرح ٻي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڪردار مسلسل سوال اڀاري ٿو ته انسانيت ڇا آهي؟ هو انسان جي مختلف سرگرمين ۽ روپن ۾ انسانيت ڳولي ٿو، پر ڪابه مستند وصف هن کي نظر نٿي اچي. آخرڪار هر روپ ۾ هر ماڻهوءَ جي پيشي ۾ پنهنجي انسانيت کيس نظر اچي ٿي. ڪهاڻيون ”سڪون ڪٿي آهي“، ”شينهن جو ٻچو“ ۾ انسان جي بنيادي ضرورتن ۽ مظلوم ماڻهن جي مسلسل فتح تي يقين رکندڙ فڪر اڀريل آهي. سندس ڪهاڻي ”بستيون ۽ پستيون“ ۾ به بک، بيروزگاري مفلسي ۽ مجبوريءَ کي چٽيو ويو آهي، جتي رڳو گندگي آهي، بڇڙايون آهن. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڀرپور مشاهدو آهي ۽ ڪهاڻيڪار جي حساس دل جي باري ۾ رشيد ڀٽي لکي ٿو ته ”ائين ٿو لڳي ته نه رڳو فنڪار ان بستيءَ ۾ رهي ٿو، پر اتان جي واسين جي دلين مان گهٽين گهيڙن مان به گهمي آيو آهي“. (51)

”امن جي نالي“ سندس پهرئين مجموعي ۾ زياده تر سماج ۽ اقتصادي اڻ برابريءَ سبب بک، مجبوري، بي وسيءَ کي چٽيو ويو آهي، پر سندس ڪهاڻي ”پارس هٿ“ پهرين ڪهاڻي آهي، جيڪا ترقي پسند ۽ وجوديت جي فڪر جو ميلاپ آهي.

هن ڪهاڻيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪردار فطرت سان مدمقابل آهي. هو پاڻ کي فطرت آڏو بيوس ۽ مجبور لاچار ڏسڻ نٿو چاهي. هو سوچي ٿو:

”ڇا هيءَ ئي آهي زندگي، جنهن لاءِ انسان کي خلقيو ويو؟ ڇا هيءَ ئي آهي دنيا؟ قدرت جي محتاج دنيا، جوهن کي پاڻي چڪو به خدا کان گهرڻو ٿو پوي. آخرڪار انسان جي ٻانهن ۾ ايتري طاقت ڇو نه آهي؟ جنهن سان هو فطرت جي منهن تي لپاٽ هڻي پنهنجا حق ڦري وٺي“. (52)

هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار جي اها سوچ اڳتي هلي کيس قدرت کان باغي بنائي ٿي ۽ ساڳئي وقت سندس وجود ۾ لڪل سگهه ان وقت ظاهر ٿئي ٿي، جڏهن هو قدرت جي محتاجي ڇڏي پنهنجي ٻانهن ۽ هٿن جي طاقت تي يقين ڪري ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ انساني عظمت کي تسليم ڪرڻ وارو فلسفو موجود آهي، پر ساڳئي وقت اسان کي نيٽشي واري سپرمئن جو پڙاڏو به ملي ٿو، جنهن ۾ انسان اعلان ٿو ڪري ته ڀڳوان مري چڪو آهي هاڻ خود ڀڳوان بڻجڻو پوندو ۽ پاڻ تي ڀروسو ڪرڻو پوندو.

رسول ميمڻ جو ٻيو ڪتاب ”ڪافر ديوتا“ فڪري طور ڪافي مختلف آهي ۽ گهرائي رکي ٿو، بلڪ ائين چئجي ته هن ڪتاب ۾ مسئلن کي، زندگيءَ کي وجودي نڪتي نظر سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.

رسول ميمڻ هن ڪتاب جي باري ۾ مهاڳ ۾ لکي ٿو ته ”(Table Talking) ذريعي اديب ٿيڻ جي بجاءِ ڪتابن جا وراق اٿلائي ڏسڻ گهرجن يا وري مشاهدو ڪري سچ پرکڻ گهرجي“. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ”نوجوان اڪثر هڪ مخصوص نظرئي تحت هر شيءِ کي پرکين ٿا اهو غلط ۽ سطحي طريقو آهي“. (53)

هن ڳالهه ۾ رسول ميمڻ جو اشارو انهن ڪميونسٽن ڏانهن آهي، جيڪي ترقي پسنديءَ جي آڙ ۾ مخصوص نعري بازيءَ وارو يا واقعاتي معروضي ادب تخليق ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ساڳئي وقت سندس اشارو جديديت ڏانهن آهي، جنهن ۾ ان وقت زندگيءَ کي ۽ سماجي مسئلن کي وجوديت واري نڪتي نظر سان جانچڻ جي ڪوشس ڪئي پئي ويئي. ”ڪافر ديوتا“ ڇهن ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جيڪي منفرد نوعيت جون ۽ فڪري طور پڪيون پختيون ڪهاڻيون آهن. ”ورکا“، ”ڪارو پهاڙ“، ”پل جي پريان“ ڪهاڻين ۾ مايوسين جو وجود لازمي قرار ڏنو ويو آهي ۽ زندگيءَ متعلق هڪ سوچ اڀاري ويئي آهي. ڪهاڻي ”ورکا“ ۾ هيءَ سوچ ڏسو:

”آخر اهڙي ڊوڙ مان فائدو ئي ڇا؟ جنهن جو ڪوئي انجام نه هجي. انسان کي هڪ ڏينهن ٿڌو ٿي ڪِرڻو آهي ۽ ان کان پوءِ ڪجهه به ناهي شايد خاموشي ۽ اوندهه به نه“ (54)

انساني زندگيءَ جي مقصد جو سوال اڀاريو ويو آهي ته ڇا انسان مرڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي. مسلسل موت جو پڙاڏو زندگيءَ کي بي معنى بنائي ٿو ڇڏي. ڇا اهڙي صورتحال ۾ انسان شڪست تسليم ڪري ڇڏي يا ڪا ٻي واٽ آهي؟ انهيءَ سلسلي ۾ رسول ميمڻ جو چوڻ آهي ته:

آءٌ پهريون دفعو مايوسيءَ کي قبول ڪندي ۽ انهيءَ جي معرفت اميدن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري هڪ نظرئي قنوطي اميد پستي (Pessimistic Optimism) کي پنهنجي لکڻين ۾ متعارف ڪرايو آهي. (55)

ڪهاڻي ”ورکا“ ۾ به هڪ ڪردار محبوب جي قبر تي گل نڇاور ڪري ٿو ۽ قبر سان عقيدت ۽ پيار جتائي ٿو پر آخر مايوسيءَ جي انتها تي پهچي منجهس اميد پرستي جاڳي پوي ٿي ۽ زندگيءَ ڏانهن واپس اچي ٿو.

ڪهاڻي ”پل جي پريان“ ۾ وري زندگيءَ جي هڪ اهم موڙ جي نشاندهي ڪيل آهي ته جڏهن مايوسي هر وقت گهيري وٺي ۽ ڪا راهه نه ملي ته اهڙي صورتحال ۾ صرف پيار ئي آهي، جيڪو وري مايوس زندگيءَ جي آس بنجي وڃي ٿو ۽ ڪهاڻيءَ ۾ هڪڙو منڊڙو بي وس انسان مصيبت ۾ رهندي به ان ڪري جيئرو رهي ٿو، جو هڪ انڌي عورت سان پيار ڪري ٿو.

”ڪافر ديوتا“ ۾ هڪ طويل بحث آهي، جيڪو سنگتراش ۽ هڪ عورت وچ ۾ اها ڳالهه ثابت ڪرڻ ٿو چاهي ته انسان عظيم آهي ۽ انسان ئي تخليق ڪار آهي. انسان ئي پنهنجي محنت سان هن دنيا کي ٺاهيو آهي. ڪهاڻي ”مهديءَ جو جنم“ به ساڳئي فڪر تي جوڙيل آهي ته انسان ئي عظيم آهي. دنيا جو عظيم فڪر انسانيت آهي. ڌرم، قوميت، ذات ۽ ٻين نقابن جي آڙ ۾ هميشه انسان جو خون وهايو ويو آهي. انسان انهن سڀني شين مان هٿ ڪجهه به نه ڪيو آهي، بلڪ اهڙن نظرين پٺيان ڪروڙين رپيا خرچ ٿين ٿا ۽ انسان کي ملي ٿي بک، بربادي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اهڙي مهديءَ جو ڪردار تخليق ڪيو ويو آهي، جيڪو امن جو پيغام کڻي اچي ٿو. ماڻهن کي انسانيت جي ڌاڳي ۾ پوئي ايڪتا جي تسبيح جو روپ ڏئي ٿو. مجموعي طور رسول بخش ميمڻ وجودي فڪر ذريعي زندگيءَ کي ڏسي ٿو پر سندس خاص ڳالهه اها آهي ته هو وجوديت جي ٻن پاسن مان مثبت رخ ڏانهن وڃي ٿو. هو حقيقت نگاري صرف اميد پرستي ۽خوشفهمين کي نٿو سمجهي، بلڪ وٽس زندگي سڀني مايوسين ۽ ڏکن ۽ خوشين سميت آهي. هو پڙهندڙن کي سڀني رخن کان واقف ڪري ٿو ۽ اهو به تاثر اڀاري ٿو ته زندگي مسلسل هڪ جدوجهد جو نالو آهي. سندس ڪهاڻيءَ ۾ وجودي علامتن مان وجودي وارداتون معروضي طور واقعن ۽ حالتن جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿيون، جنهن ڪري انسان تي پنهنجي ذلت ۽ مايوسين جو احساس طاري ٿئي ٿو پر سندس چوڻ هو ته سچ ته اهو آهي ته جڏهن اسين پنهنجي لکتن تي سوچيون ٿا ته هڪ نئين انقلاب جي راهه هموار ڪريون ٿا. اسين ائين ڪڏهن به چئي نٿا سگهون ته ڪريڪي گارڊ، سارتر يا ڪاميو اسان کي نظرياتي طرح مايوس ڪيو، پر اهي ته سڀ زندگيءَ جون حقيقتون آهن، جن کان ڪنهن به صورت ۾ اسان منهن موڙي نٿا سگهون. (56)

فطري طور سنڌي سماج ۾ وجوديت جو اهو روپ عام طور تي ملي ٿو، بلڪ سنڌي فڪر جو پڙاڏو نئين روپ ۾ جديد مغربي وجوديت مان به رسول بخش ميمڻ پنهنجي ادبي ڪاوشن ۾ ظاهر ڪيو آهي.

نورالهدى شاهه

اسان ڏٺو ته ڪجهه ليکڪ ترقي پسنديءَ کان جديديت ڏانهن ويا آهن. هنن مارڪسزم جي پوئيواري ۾ هڪ ٻئي لاڙي يعني وجوديت کي به پنهنجو فڪر بنايو ۽ ڪجهه ليکڪ خالص جديديت جي پيداوار آهن. هو سڌو سنئون وجوديت پسند آهن، پر نورالهدى شاهه اها ليکڪا آهي، جيڪا جديديت کان ترقي پسنديءَ ڏانهن ويئي. سندس لکڻ جي شروعات داخليت موضوعيت (Subjectivism) جي ڦاٽ کائڻ سان ٿئي ٿي. سندس شروعاتي ڪهاڻين ۾ هوءَ سماج کان، ريتن رسمن کان ۽ اخلاقي قدرن کان مڪمل باغي نظر اچي ٿي. خاص طور سان جاگيرداري سماج ۾ عورت جي وجود ۽ سندس جذبن سان هٿ چراند، اخلاق، مذهب، روايتن جي نالي ۾ عورتن تي پابنديون سندس موضوع رهيا آهن. نورالهدى شاهه انسان کي سندس سڀني ڀرمن ۽ لباس مان ڪڍي سندس فطري انداز ۾ پيش ڪيو آهي. وجود جي جيڪا به ڪوڙاڻ آهي، ان کي چونڊي سماج جي منهن تي ئي ٿوڪرايو آهي. نتيجي طور نورالهدى شاهه هڪ منفرد ڪهاڻيڪار ٿي اڀري. فڪري طور نورالهدى شاهه وٽ وجودي وارداتن ۾ گهيريل عورت جا سڀ روپ ملن ٿا، جن ۾ جنسي گهٽ ۽ ٻوساٽ سبب پيدا ٿيندڙ اڪيلائي، سماجي پابندين منجهان جنم وٺندڙ مايوسي، موت جا ڇاپا ۽ بغاوت سڀ ڪجهه موجود آهي. عبدالرحمان نقاش چيو هو ته:

”نورالهدى شاهه حياتيءَ جي ڪوڙاڻ کي چونڊي، انهن مان ڪهاڻيون تخليق ڪري، جيون جي موهه کي، جيون ڏانهن هاڪاري رويي کي پڌرو ڪندڙ ۽ جيون تان موت جا پاڇا هٽائڻ واري جاکوڙ کي مصالحو مهيا ڪيو آهي. (57)

نورالهدى شاهه جو چوڻ آهي ته:

”منهنجي اندر جو زهر، جيڪو مون کي سنڌي سماج کان وراثت ۾ مليو آهي، مون کان لکرائي ٿو“. (58)

اهو اندر جو زهر ڪهڙو آهي، ڇا وجود جي داخلي ڪيفيت جو معروضيت سان نه ٺهڪندڙ مسئلو يا جبلي ضرورتن تي پهرا ويهاري، انسان کي جانور بنائڻ وارو مسئلو يا وري اهي سوال جيڪي وجداني طور ڏاهي انسان کي گهيري وٺندا آهن ۽ زندگي بي جواز، بي مقصد، زوال پذير محسوس ٿيڻ لڳندي آهي. ڏٺو وڃي ته نورالهدى شاهه وٽ ٽيئي مسئلا موجود آهن. مثال طور سندس ”جلاوطن“ مجموعي جي پهرين ڪهاڻي ”من درپن“ عورت ۽ مرد جي لطيف ۽ خوبصورت جذبن جي ڪهاڻي آهي. منجهس پيار صرف جنس ۽ جبلي ضرورت ناهي، بلڪ پيار وجود جي خالي پڻي جي ڀرائي لاءِ لازمي آهي. پر ساڳئي وقت هن ڪهاڻيءَ ۾ مرد جي اندر اٿندڙ بي شمار سوال آهن، جيڪي کيس سڪون سان رهڻ نٿا ڏين. چوي ٿو:

”اڪيلائي جي ڏائڻ مون کي ڳڙڪائي ويندي Oh! God دنيا ۾ ايترا سارا ماڻهو آهن پوءِ به ڇو آهي ايڏي اڪيلائپ؟؟؟“ (59)

”جيئن تون اڪيلائپ جي گهيرٽ ۾گهيريل آهين، تيئن آءٌ به بلڪل اڪيلي آهيان. ڇا سڀ ماڻهو اندران اڪيلا هوندا آهن. سڀ اندران قبرستان وانگر سنسان هوندا آهن. اسان هڪ ٻئي جون اڪيلايون ورهائي ڇو نٿا وٺون“. (60)

”جنم پل کان اسان سڀ اڪيلا آهيون“ (61)

”اچ ته هڪ وار وري وڇڙڻ لاءِ پيار ڪريون“ (62)

”اسان جيڪي هڪٻئي جي جسم جا رازدار آهيون، اڪيلائپ جي گهيرٽ ۾ گهيريل آهيون، جڳن کان... ڇا آهي جو هڪ ٻئي لاءِ پناهه گاهون بنجي پئون“. (ص 51 جلاوطن)

هن ڪهاڻيءَ ۾ اڪيلائپ وارو سوال صرف جاگيرداريءَ يا سنڌي سماج جي روايتن ۾ ڦاٿل عورت وارو ناهي. هي سوال آهي وجودي واردات جو! اها اڪيلائي جيڪا وجداني طور انسان کي محسوس ٿيندي آهي ته هو محض هڪ پل آهي يا نه؟ هو پنهنجي وجود جي ڏکن يا خوشين ۽ ڀوڳنائن ۾ ڀوڳيندڙ اڪيلو وجود آهي، جنهن ۾ ڪير چاهي به ته شيئر نٿو ڪري سگهي، ڇو ته انسان اندر موضوعي طور به هڪ الڳ ڪائنات آهي، جنهن جا پنهنجا روپ آهن. پنهنجا رنگ آهن، انهن ۾ پيدا ٿيندڙ جذبن جي اٿل پٿل کي ڪير ٿو جانچي ڏسي. انسان جڏهن ”پاڻ“ سان ملي ٿو، جنهن کي هو ”مان“ چوي ٿو، اهو ڏاڍو اڪيلو آهي. نورالهدى شاهه انهيءَ سوال کي محسوس ڪيو آهي ۽ ڇهيو آهي ۽ اهڙي ڪشمڪش ”جلاوطن“ ڪهاڻيءَ ۾ موجود آهي، جنهن ۾ (عورت) ڪردار مڪمل باغي آهي، هوءَ جاگيرداريءَ جي مرد خلاف، سندس حاڪميت خلاف بغاوت ڪري چڪي آهي. سندس بغاوت جنسي طور اهو فعل ڪرڻ ۾ آهي جنهن کان کيس مذهب ۽ مرد جي غيرت روڪي ٿي. ڪردار گناهه ۽ ثواب جي ڪشمڪش ۾ آهي، ڇو ته ننڍي هوندي کان گناهه ۽ ثواب جي ڪٿا ذهن ۾ ويهاريل آهي، پر انهيءَ ڪشمڪش ۾ هوءَ اڪيلائي محسوس ڪري ٿي ۽ چوي ٿي ته:

”قيامت جي ڏينهن ملائڪ ڏنڀ ڏيندم، سوچيندي آهيان ته جيڪر تون به اتي هجين ڪم از ڪم اها سزا مون سان گڏ ڀوڳين، جو هن جڳ ۾ ته مون کي هر گناهه جي اوڙاهه ۾ هيڪلو اڇلايو اٿئي“. (ص 169 جلاوطن) ۽ پنهنجي ڪيفيت کي بيان ڪندي ڪردار انهيءَ وجودي انساني واري ڪيفيت ۾ اچي ٿو.

”ڄڻ بهشت مان تڙجي نڪتي هئس، تنهنجي چپن ۾ اٽڪيل گولڊ ليف جي سگريٽ جيان هوريان هوريان دکي رهي هئس، ڪيڏي کوٽ هئي منهنجي من ۾، منهنجي بدن ۾“. (63)

فڪري طور سندس اها بغاوت هر ڪهاڻيءَ ۾ موجود آهي، جيڪا ڪنهن نه ڪنهن وجودي واردات جي ڪشمڪش ۾ اٽڪيو پوي. اها واردات زياده تر احساس گناهه واري آهي ۽ انهيءَ احساس گناهه جي الجهاءَ (Complex) کان بچڻ لاءِ مرد کي سندس گناهه جو ذميوار ڄاڻايو وڃي ٿو.

مثال طور سندس زياده تر ڪهاڻين ۾ رنڊيءَ ۽ شريف زادين جي تڪرار ۾ جيتوڻيڪ سماج جي ٻهروپي تان پردو لاٿو ويو آهي، پر پوءِ به رنڊيءَ کي جواز ڏيڻ يا (Justify) ڪرڻ پنهنجي گناهه تي پردو وجهڻ برابر آهي، پر اها ٻي ڳالهه آهي ته نورالهدى شاهه جا ڪردار خود فڪري طور الجهاءَ جو شڪار آهن. هڪ طرف بغاوت ڪن ٿا ٻئي طرف احساس گناهه کي (Justify) ڪن ٿا. ”ناگاساڪي“، ”ديوارون“، ”شريفزادي“، ”جلاوطن“ ۾ اهڙو فڪر موجود آهي، جنهن ۾ هڪ ڪردار (عورت) پنهنجي آزاديءَ جو بنياد جنس (Sex) تي رکيو آهي. هوءَ بند حويلين، ڪوٽن تي تنقيد ڪري ٿي ۽ پنهنجي بنيادي حق کي مڃرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر وٽس مرد جو ڪردار ايترو ننديل ۽ قابل نفرت آهي، ڄڻ سماجي سمورين بڇڙائين جو ذميوار مرد آهي. جيتوڻيڪ جاگيرداري سماج ۾ مرد ڪافي حد تائين جبريت پسند ۽ عورت تي پابندين جو ذميوار آهي، پر نورالهدى شاهه وٽ هڪ اديب مرد به ايترو ئي ذميوار آهي، جيئن سندس ڪهاڻي ”دوزخي“ ڏسو:

”تون اديب آهين، تون ڪوڙو آهين، تون ڪتاب ۾ ڪوڙيون ڳالهيون ڪرين ٿو ۽ توهان اديب مون کان وڏا ڀڙوا آهيو“. (64)

”سچ پچ مرد ڪتو آهي، حرامي ڦر، هو هڪ پراڻي بدن تي؟ هڪ نئين بدن تي ائين ڪرندو آهي، جيئن ڳجهه مردار تي“. (65)

نورالهدى شاهه جو اهو پهريون دؤر هو، جنهن ۾ هوءَ جذباتي آهي. اندر جي باهه کي اٻاريو اٿس، جنهن کان ڪير به بچي نه سگهيو، جيتوڻيڪ اهڙيون ڪهاڻيون ۽ مڪالما سندس شهرت جو سبب بڻيا، پر فڪري طور نورالهدى شاهه هڪ منفي ردعمل طور (Reactive) ڪهاڻيڪار ٿي اڀري ۽ سندس انهيءَ شهرت ۽ عزت کيس پابند بنايو ته هوءَ صرف اندر جو زهر اوڳاڇڻ بجاءِ هڪ سنجيده ۽ ذميوار ڪهاڻيڪاره بنجي، اهوئي سبب آهي، جو هن جو ٻيو دؤر ڪافي تناسب/ توازن (Balance) وارو آهي. پر سندس هڪ ڪهاڻي ”پاتال“، جيڪا سندس ٻنهي مجموعن کان الڳ ڇپي هئي. ان ۾ موضوعي طور نواڻ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. هن ڪهاڻيءَ جو مرد ڪردار ٻارن جي جنمڻ کان انڪاري آهي، جنهن جو سبب هو هن دؤر کي قرار ڏئي ٿو، جنهن ۾ ماڻهو ماڻهوءَ جوماس کائي رهيو آهي. وبائون، زلزلا، طوفان، ٻوڏون، جنگيون، نيوٽران بم جنهن ۾ انسان صرف سسڪي مرڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي، تنهن ڪري ڪردار ٻار کي پيدا ڪرڻ جي حق ۾ ناهي، پر عورت ڪردار ٻار پيدا ڪرڻ جي حق ۾ آهي. نورالهدى شاهه هڪ بحث ڇيڙيو آهي ته موجوده چير ڦاڙ واري دؤر ۾ ٻار پيدا ڪري وڌيڪ انهن کي بک مارجي يا پيدا ئي نه ڪجي! ٻيو سوال ته ڇا هي دؤر انهيءَ نڪتي تي پهچي چڪو آهي، جتي حد کان وڌيڪ مايوسي آهي ۽ انسان پيدا ٿيڻ ئي بند ٿي وڃي! سوال ٽيون ته ڇا انسان مان مڪمل مايوسي ظاهر ٿي چڪي آهي. هاڻ ڪابه مثبت اميد نه رهي آهي جو ٻار پيدا ئي نه ڪجن! پر ڪهاڻيءَ جي ورتاءَ ۾ اهو ٿو ظاهر ٿئي ته مرد ۽ عورت جو ڪوبه سماجي وهنوار ۾ جڙيل رشتو ناهي، ٻار شايد ناجائز آهي ۽ مرد ذميواري کان بچڻ ٿو چاهي ۽پوءِ هو دنيا جي تباهيءَ جي ڳالهه ٿو ڪري ۽ عورت وٽ ڪي سگهارا دليل ناهن. هوءَ صرف ڏکاري ٿئي ٿي، جنهن جو اظهار هنن لفظن ۾ ٿئي ٿو. ”سانت ۾ سڏڪو ۽ پاڻي ۾ پٿر جو شپاڪو“ (66) پر ڪهاڻيءَ ۾ عورت جو ٻار ڄڻڻ وارو ضد انهيءَ ڳالهه کي ظاهر ٿو ڪري ته عورت جو ڪردار مثبت آهي ۽ حياتيءَ جو تعميري رخ وٺڻ چاهي ٿو. بدر قريشي هن ڪهاڻيءَ کي سٽاءَ جي حوالي سان جديد ڪهاڻي قرار ڏنو هو. (67)

نورالهدى شاهه ڪهاڻيءَ جا ٻئي پاسا مضبوط بنايا آهن. هوءَ ڪنهن به هڪ ڪردار جي فڪر کي هٿي نٿي ڏئي، تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته نورالهدى شاهه جديديت جي سٽاءَ ۾ فڪري سوالن کان وڌيڪ متاثر آهي، جنهن ۾ ماڻهو جيڪو بارود جي ڍير مٿان ويٺو آهي، جيڪو ڪيڏي مهل به ڦاٽي سگهي ٿو، انهيءَ مايوسي ۽ خوف واري ڪيفيت ۾ هن زندگيءَ جا مثبت ۽ منفي ٻئي پاسا اڀاريا آهن.

مجموعي طور نورالهدى شاهه فڪري طور باقاعده وجودي فڪر کي (Justify) نه ڪيو آهي، پر عورت ۽ مرد جي باهمي تعلق جي ڪشمڪش ۾ هن عورت جي موضوعي ڪٿا کي وڌيڪ اڳيان آندو آهي، جنهن ڪري هن کي جديديت واري فڪر ۾ ڳڻي سگهجي ٿو.

هيرو شيوڪاڻي

هيري جو شمار هند جي وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو، سنڌي زبان ۾ جديديت جي فڪر ۾ ڀارت جا بيشمار ڪهاڻيڪار موجود آهن. هيروشيوڪاڻي به زندگيءَ جي هر پاسي کي چڱيءَ طرح پرکي ٿو. سندس ڪهاڻين ۾ فڪري طور گهرائي آهي جو ڪهاڻي کي هڪ دفعو پڙهڻ سان سڀني فڪري پهلوئن کي سمجهڻ ڏکيو آهي. زندگيءَ ۾ هر فرد جي انفراديت، اڪيلائي، موت، زندگيءَ جا خوبصورت ۽ بدصورت پهلو، سندس موضوع رهيا آهن. سندس ڪهاڻي ”زندگي ۽ ڪئڪٽس“ ڏاڍي بامعنيٰ ۽ وجودي فڪر جي اهم ڪهاڻي آهي.

هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار منفرد ۽ الڳ ٿلڳ سوچ رکي ٿو. هو چاهي ٿو ته زندگي جهڙي صورت ۾ آهي جيئن آهي ان جي منفي بدصورت پهلوءَ کي به ائين قبول ڪجي، جيئن ٻيا پهلو قبول ڪيا وڃن ٿا، هو زندگيءَ کي جدلياتي عمل ۾ ڏيکاري ٿو ۽ دل ۾ سوچي ٿو ته سندس زال جا ڪالهه گلاب جي گل وانگر هئي، اڄ ڪئڪٽس جي ڪنڊن وانگر ٿي ويئي آهي، اها اهڙي حقيقت آهي جنهن کان هو انڪار نٿو ڪري سگهي. تنهن ڪري جيئڻ خاطر هن کي سندرتا ڪئڪٽس ۾ به ڳولڻ گهرجي. سندس دوست کي هو ٿوهر متعلق قائل ڪندي چوي ٿو ته:

”اڄ جي زندگي ڪئڪٽس جي ٻوٽي کان ڇا ۾ گهٽ آهي؟ هر هنڌ ڪنڊا هر هنڌ ڪنڊيون هڪ اڻ گهڙيل ۽ بي ڊولو جيون، پوءِ به ڏسو ڪيئن نه نرڄائيءَ سان وڌندو ٿو رهي. ڪئڪٽس جيان، ڪئڪٽس اڄ جي زندگيءَ جو سمبل آهي.“ (68)

۽ ساڳئي وقت هو پنهنجي ڪمري ۾ به ڪئڪٽس رکڻ چاهي ٿو ۽ هو ائين ڪري هڪ عجيب سک محسوس ڪري ٿو. جو ڪمري جي سجاوٽ ۾ پنهنجي جيون جي موهه کي ڳولي لهي ٿو ۽ انهيءَ کي هو ماڊرن آرٽ چوي ٿو ۽ انهيءَ متعلق پنهنجا دليل به ڏئي ٿو.

ساڳيءَ طرح سندس ڪهاڻيون ”سراپيل ستارن جي دوري“، ”بيابان جو اڌوڻ“، ”آتم هتيا“، زندگيءَ جي مختلف حقيقتن جو اظهار ڪن ٿيون، جن ۾ داخلي ڪشمڪش زياده اڀريل آهي. فرد معروضي طور جڏهن پاڻ کي مس فٽ ڀانئي ٿو ۽ پنهنجي جذبن ۽ احساسن جي دنيا جي جڳهه ڳولي ٿو، ان وقت هن جي داخليت ۽ داخلي ڪشمڪش وڌي ٿي، هيرو شيوڪاڻيءَ جا ڪردار گهڻو ڪري داخلي وارتائن جا شڪار آهن، جن جي پنهنجي دنيا آهي پنهنجو اظهار آهي.

ايشور چندر

ايشور چندر جي ڪهاڻين جو اسلوب بلڪل پنهنجو، نرالو آهي. هن جي ڪهاڻيءَ ۾ نه سسپنس، نه ڪلائيمڪس نه اينٽي ڪلائيمڪس هوندو آهي. بلڪ ائين چئجي ته ڪهاڻيڪار جو پنهنجي ڪهاڻيءَ سان تعلق بلڪل نظر نه ايندو آهي، پر حقيقت کان پري نه هونديون آهن، بلڪ پڙهڻ سان ائين لڳندو آهي ته هي ڪهاڻيون اسان جي سماج جون اسان جي گهر جون ۽ پنهنجي داخلي احساسن جون آهن. ايشور جو انداز بلڪل سادو هوندو آهي، سندس ڪهاڻيون عام انداز سان شروع ٿي رواجي طرح ختم ٿي وڃن ٿيون، پر پوءِ انهن ڪهاڻين ۾ دلچسپي برقرار رهي ٿي، پڙهندڙ کي پيغام ملي ٿو ۽ سندس ڪهاڻين ۾ فڪر موجود آهي. ايشور ڪنهن به ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي فڪر کي مڙهي نٿو نه وري ڪنهن کي پنهنجي فڪر سان هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. بلڪ ڪهاڻيءَ ۾ سماج جي جن پهلوئن کي کنيو وڃي ٿو ۽ جن انساني لاڳاپن ۽ بدلجندڙ حالتن ۾ سماجي قدرن جو بيان ڪيو وڃي ٿو، ان مان خودبخود ظاهر ٿئي ٿو ته جديد دؤر ۾ اقتصادي طور ڪهڙيون تبديليون آيون آهن ۽ انهن جو انسان جي لاڳاپن تي ڪهڙو اثر پيو آهي، جهڙوڪ سندس ڪهاڻي ”شرٽ“ ۾ جديد سرمائيداريءَ ۾ ٿيندڙ چٽا ڀيٽيءَ جو هڪ فرد تي اثر ڏيکاريل آهي. هڪ ڪردار مسلسل پاڻ کي ٻين سان ڀيٽ ڪرڻ جي ڪشمڪش ۾ رهي ٿو، پر انهيءَ سڄي ڪشمڪش ۾ ڪردار ڄڻ اوپرو ۽ ويڳاڻو لڳي ٿو، ڄڻ ته پاڻ کي مطمئين ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح سرمائيداريءَ دؤر ۾ بدلجندڙ رشتن ۽ فرد جي ويڳاڻپ سندس ڪهاڻين ۾ ”هڪ رات جي لاءِ“، ”نه مرڻ جو ڏک“، ”ڪجهه به نه“ ۾ موجود آهي.

هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار وچولي طبقي جا آهن، جيڪي مصلحت پسنديءَ ۾ ورتل آهن. بدلجندڙ قدرن رشتن ۽ جذبن جي سامهون مفادپرستي ۽ پنهنجي سفيد پوشيءَ جي عجيب ڪشمڪش ۾ ڪردار داخلي طور ويڳاڻا نظر اچن ٿا. انهيءَ صورت ۾ ڪردار ايڏا ته اوپرا ۽ داخليت ۾ ورتل آهن جو ”نه مرڻ جو ڏک“ ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار کي پنهنجي ماءُ جي نه مرڻ جو ڏک ٿئي ٿو. هو سندس بيماريءَ ۾ مسلسل پئسا خرچ ڪري ڇڏي ٿو، ۽ سندس ماءُ ٺيڪ ٿي گهر اچي رهي آهي ته هن کي وري هڪ خوف ٿئي ٿو ته هاڻي جي بيمار ٿي ته ڇا ڪندس.

ايشور چندر جي ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جي روزمره جو وهنوار ايترو سادو ۽ آهستي آهي جو ڪردار مسلسل پيڙا ۾ عذاب ڀوڳين ٿا پر سڀ ڪجهه عام ۽ رواجي لڳي ٿو، جنهن ۾ ظاهر ٿئي ٿو ته عام طور انسان زندگيءَ ۾ ڪيترو ڀوڳي ٿو، پر سڀ ڪجهه عام ۽ آهستي آهستي ٿيندو رهي ٿو. انهيءَ عام وهنوار ۾ ڪهاڻي ”ٿڌا چپ“ هڪ الڳ ڍنگ جي آهي، جنهن ۾ اوچتو ڪا تبديلي اچي ٿي. ڪردار منوءَ کي ڪنهن ڇوڪريءَ سان پيار ٿي وڃي ٿو. ان وقت هن کي پنهنجا احساس جذبا محسوس ٿين ٿا، جيڪي ڄڻ ته مري چڪا هئا. ڪردار اهو ظاهر ڪري ٿو ته کيس عشق اهي احساس ۽ جذبا عطا ڪيا آهن، جيڪي هو زال سان گڏ رهندي وساري چڪو هو.

مطلب ته زندگيءَ ۾ تبديلي، نواڻ ۽ داخلي طور جذبن جي زنده هئڻ جو سبب پيار آهي، جيڪو ايشور چندر پنهنجي ٻي ڪهاڻي ”ڪجهه غلط غلط“ ۾ بيان ڪري ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ مريض موت ۽ زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ آهي، پر هو هڪ نرس سان پيار ٿي وڃڻ جي ڪري زنده رهڻ جي خواهش کي وڌيڪ ترجيح ڏئي ٿو. هن ڪهاڻيءَ جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن ۾ ڪردار انقلابي آهي، سپنا ڏسندڙ، سماج کي بدلائيندڙ آهي، پر ڪنهن هڙتال دوران گوليون کائي زخمي ٿي پوي ٿو ۽ بيماريءَ جي بستري تي اڪيلو بي يارو مددگار پيو آهي ۽ کيس نرس اهو احساس ڏياري ٿي ته:

”توهان ماڻهن ۾ ٻڌي پٿر بازي ڪرڻ ۾.... ڪارخانن کي باهيون لڳائڻ ۾ توهان سڀ هڪ آهيو..... پر زنده رهڻ ۾ توهان سڀ هڪ نه آهيو.“ (69)

مجموعي طور ايشور چندر موجوده دؤر ۾ وچولي طبقي جي نفسياتي الجهنن ۽ انهن جي بدلجندڙ قدرن کي ظاهر ڪيو آهي، جنهن ۾ گهڻا ڪردار بي حس، محدود دائرن ۾ ۽ مصلحت پسنديءَ جو شڪار رهن ٿا. اهڙيءَ سڄي صورتحال ۾ ڪردار ۾ اميد ۽ زندگيءَ جو موهه ان وقت نظر اچي ٿو، جڏهن کيس پيار ملي ٿو. پر عام طور سندس ڪهاڻين ۾ پيار ئي گم رهي ٿو، ڄڻ ته ڪردار کوکلا ۽ بي روح ٿي چڪا آهن. هو پنهنجو پاڻ کي ئي ڳولي رهيا آهن، مجموعي طور ايشور چندر جو جديديت ۾ هڪ اعليٰ مقام آهي.

رزاق مهر

رزاق مهر پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر“ ۾ جديد ليکڪن لاءِ چيو آهي ته ”بظاهر هو فرد جي داخلي پيڙا / ڌاريائپ/ تنهائي، سماجي جبر جي ڳالهه ڪرڻ لڳا، پر حقيقت ۾ انهن جون لکڻيون عام انسان جي محرومين، استحصال ۽ انساني جذبن جي گهٽڻ / چيڀاٽڻ جو داستان آهن، عام انسان جي ان خراب صورتحال خلاف احتجاج آهن.“ (70)

رزاق جي ڪهاڻين ۾ به عام انسان موجود آهي، جيڪو استحصالي سماج جي گهاڻي ۾ پيڙجي رهيو آهي، هو عام انسان جي واتان جديديت جا نوخيز ڊائيلاگ نٿو چورائي نه وري ڪردار کي ويٺي ويٺي وجودي وارداتون گهيرين ٿيون بلڪ هن سماج جي هڪ تصوير پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ ڏٺو وڃي ٿو ته سندس سڀ ڪردار مجبوري ”بي وسيءَ“ ۾ ڪيئن ڦاٿل آهن. هو زندگيءَ ۾ موت سان ڪيئن وڙهن ٿا ڪيئن بي رحم، ظالم، مفادپرست، ڀوائتي دنيا انهن جي مٿان حاوي آهي.

ڪهاڻي ”سڪون ڪٿي آهي“ انهيءَ سڄي صورتحال جو نچوڙ آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ايڏو ته زبردست مشاهدو آهي ۽ وري انهيءَ کي پيش ڪرڻ جو انداز اڃان وڌيڪ سگهارو آهي، جو ڪهاڻي پڙهندي اسان جي اکين اڳيان اهو خيراتي اسپتال جو سڄو ماحول گهمي وڃي ٿو، جنهن ۾ بيمار، بي وس، عاجز، نٻل، پيڙهيل انسان مسلسل اسپتالن جا ڌڪا ٿاٻا کائين ٿا. ڪهاڻيڪار اهڙيءَ طرح هيءَ ڪهاڻي پيش ڪئي آهي جو هر منظر ۽ هر احساس فرد جي معروضي عمل ۾ داخلي پيڙا صاف ۽ چٽي نظر اچي ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ٽين دنيا جي پيڙهيل طبقي سان انسانيت سوز صورتحال جو نقشو اسان جي سامهون گهمي وڃي ٿو ۽ ويهين صديءَ ۾ انساني ترقي ۽ انسانيت جي قدرن جا نعرا کوکلا ۽ مذاق محسوس ٿين ٿا ۽ ساڳئي وقت انهن ماڻهن خلاف نفرت پيدا ٿئي ٿي، جيڪي 20 صديءَ ۾ انسانيت جي فلاح بهبود جا مسيحا بنجي گهمن ٿا.

”ويهين صديءَ جي بيشمار مسيحائن خلاف منير جي من ۾ به نفرت ڀرجي وئي هئي“.(71)

”سڪون ڪٿي آ“ فڪري طور انسانيت جي زوال پذير قدرن جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ انسان اڪيلو ويڳاڻو جنگل نما شهرن ۾ ڀٽڪي رهيو آهي، احساس، جذبا، همدردي، پيار، سڀ صليب تي لٽڪيل آهن، ڪير به ڪنهن جو ناهي سڀ پنهنجي مفاد پٺيان انسانيت جي هر سرحد لتاڙي ڀڄي رهيا آهن. رزاق مهر انهيءَ صورتحال جو مشاهدو ايڏو ته گهرائيءَ سان ڪيو آهي ۽ وري ڪهاڻيءَ جي ڪردار ۾ انهيءَ سڄي اذيت کي اهڙي انداز سان ڀريو آهي، جو اسان جي اڳيان هر منظر چٽو ۽ صاف ٿي اچي ٿو ۽ هر اذيت پيڙا ڄڻ خود ڀوڳي رهيا هجون.

اهڙي ويڳاڻپ ۽ ٽٽندڙ انساني قدرن جي هڪ ٻي ڪهاڻي ”وئرٿ زندگي“ آهي. جنهن ۾ هڪ بيماريءَ ۾ ورتل ڪردار بستري داخل آهي، کيس اڪيلائي محسوس ٿئي ٿي ۽ بيماريءَ جي ڊگهي عرصي ۾ سخت وحشت ۽ ڪراهت مان گذري ٿو. هو چاهي ٿو ته هن بيماريءَ ۾ ڪو هجي جو هن سان همدرديءَ ڪري، پيار جا مٺا ٻول ٻولي، پر هن جي اداس دنيا ۾ ڪوبه جهاتي نٿو پائي ڪوبه هن کي آٿت نٿو ڏئي، هن جو درد ڪير به نٿو سمجهي، هرڪو هن کان بيزار چڙيل آهي، جڏهن گهر ۾ رت جا رشتا يعني هن جو سڳو ڀاءُ، ڀاڄائي ۽ ڀائٽي موجود آهي، پر اهي هن جي بيماريءَ کان بيزار آهن. هن جي بيماري موجوده معاشي نظام مان مليل تحفو آهي. سخت ٽي بيءَ واري حالت ۾ ورتل هي اڪيلو ڪردار ڪيئن پنهنجن جذبن ۽ احساسن ۾ اڪيلائيءَ جا ڏنڀ ڀوڳي ٿو، جو پڙهندڙ جي مٿان هيبت طاري ٿي وڃي ٿي.

رزاق مهر جي ڪهاڻي ”ٽٽل انسان“ خطرناڪ معاشي حالتن ۾ جڪڙيل هڪ بي وس انسان جي ڪهاڻي آهي، جيڪو پنهنجي گهر ٻارن جو گاڏو گهليندي خود ٽٽڻ لڳي ٿو ۽ سخت عدم تحفظ جو شڪار ٿيندي پاڻ کي بيمار ڪري وجهي ٿو.

مجموعي طور جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته رزاق مهر جي ڪهاڻين ۾ جيئن ”جنم جلي“، ”هڪ شخص جو موت“، ”شڪست“، ”پيڙا جي ڪوهيڙن ۾“ وغيره تقريباً سڀئي ڪهاڻيون انسان جي داخلي وجودي احساس ۾ دکندڙ جهنم جون ڪهاڻيون آهن، اهو جهنم جيڪو موجوده معروضي حالتون هر انسان جي اندر ۾ پيدا ڪري رهيون آهن. رزاق مهر جا ڪردار فڪري طور وجوديت جي داخلي پيڙائن ۾ ورتل ضرور آهن، پر اها پيڙا خود ساخته، يا ڏاهپ جي ڏک کان مختلف آهي، نه وري وجودي وارداتن جي احساسن کي فيشن طور اڀاريل ٽريجڊي آهي، بلڪ رزاق مهر جديديت جي سڀني منفي پهلوئن جو سبب موجوده معاشي نظام کي قرار ڏنو آهي.

مدد علي سنڌي

مدد علي سنڌي پنهنجي ڪهاڻين ۾ فڪري طور وجوديت جا اهي ٺوس سوال اڀاري ٿو، جن ۾ زندگيءَ متعلق بيشمار سوال آهن، مثال سندس ڪهاڻي ”اڏوهي جيئن ڏکڙا“  ۾ رخسانه جو ڪردار اهڙن دانشورانه سوالن ۽ المين جي زد ۾ آهي. کيس زندگيءَ جا پراسرار رنگ سمجهه ۾ نٿا اچن. زندگيءَ جي وهنوار جي حقيقت جي تلاش ڪندي هُو ٿڪجي پوي ٿي، کيس اڪيلائي محسوس ٿئي ٿي ۽ سوچي ٿي:

”اڪيلو ته هتي هر ڪوئي آهي، هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ بي انتها اڪيلائي ۽ ويراني آهي، ڪو محسوس ڪري ٿو ۽ ڪو محسوس ڪري به ان کي محسوس ڪرڻ نٿو ڏي“.(71)

زندگي ڇا آهي؟ هي سنسار ڇا آهي؟ ڏک ۽ خوشي ڇا ۾ آهي، ابدي سڪون ۽ نجات ڇا ۾ آهي؟ اهي سوال هميشه انسان جي ذهن ۾ گردش ڪندا رهيا آهن. مدد علي سنڌيءَ وٽ به اهي ئي سوال موجود آهن، جيڪي سندس ڪهاڻي ”اڏوهي جيان ڏکڙا“ ۾ بنيادي موضوع رهيا آهن، چوي ٿو. ”ڪٿي ائين ته ناهي جو اسين پنهنجي ئي ٺاهيل اصولن جي قيد ۾ بند ٿيل آهيون قيدي آهيون جيڪي هڪ ٻئي جا چهرا ڏسي ڏسي تنگ ٿي پيا آهيون.“

آخر هي بوريت، يڪسانيت، قيد و پابندي ڇا آهي، انسان جو خوابن سان ڪهڙو تعلق آهي، اسان تخيل پسند ڇو آهيون؟ خوابن جي سهاري ڇوٿا جيئون؟ جديد دؤر ۾ اهڙا سوال انسان کي تنگ ڪندا رهيا آهن. بلڪ جديديت جا اهم موضوع اهي رهيا آهن، مدد علي سنڌيءَ وٽ وجوديت جا منفي پاسا ناهن بلڪ هو انهن سوالن جو جواب ٿو چاهي، ڇوته اڄ جو انسان سوچي سمجهي زندگي گذارڻ ٿو چاهي هو چاهي ٿو ته هن پراسرار منڊليءَ جا پردا ڪرن ۽ حقيقت جي خبر پوي، پر حقيقت ڇا آهي؟ ڪوبه حتمي جواب ناهي. ڪارل ساگان چيو هو، تخيل ۽ شڪ اسان کي مجبور ڪن ٿا ته اسان ڪائنات جو مطالعو ڪريون پر تخليل اسان کي هميشه اهڙي دنيا ۾ وٺي ويندو آهي جا ڪڏهن هئي ئي ڪانه، پر تخيل کان بغير اسان ڪيڏانهن به وڃي نٿا سگهون. پر شڪ اسان کي خيال ۽ حقيقت ۾ تميز ڪرڻ جو شعور ڏئي ٿو. (72)

مدد علي سنڌيءَ وٽ فڪري حقيقت صرف ”وقت“ آهي. باقي اسان بدلجندڙ آهيون، هي چهرا سڀ غير حقيقي ٿي ويندا هڪ ڏينهن زمان ۽ مڪان سڀ ڪجهه خارج ٿي ويندو تنهن ڪري انسان ڪيڏو نه عجيب آهي، ايترو عجيب جو رحم جوڳو. اسان سڀني کي هڪ ٻئي سان رحم ڪرڻ کپي. اسين رحم جوڳا ڪردار آهيون، زندگيءَ جي هن سمجهه ۾ نه ايندڙ ويڙهه منجهه ڪنهن کي به ڪا ڄاڻ نه آهي ته هي سڄو مانڊاڻ ڇو آهي؟ اهي سوال هميشه هڪ حساس ۽ ڏاهي ماڻهوءَ جي ميراث رهيا آهن ۽ انهن سوالن جي تلاش ۾ انسان هميشه سرگردان رهيو آهي، ڪڏهن آئيڊلسٽ بنجي ٿو، ڪڏهن ڪهڙو فيصلو ڪري ٿو ته ڪڏهن پڇتائي ٿو. ڪهاڻي ”اڏوهيءَ جيان ڏکڙا“ ۾ سڀني وجودي سوالن تي بحث ڪيل آهي ۽ هڪ ڪردار انهن احساسن ۾ ڪيئن ٿو گذاري اها ئي وارتا هن ڪهاڻيءَ جو موضوع رهيو آهي. وجودي واردات موت تي ڳالهائيندي چوي ٿو ته:

”موت خوفناڪ چيز آهي، پر موت ان ماڻهوءَ لاءِ خوفناڪ نه آهي، جنهن ماڻهوءَ زندگي عام حيثيت ۾ گذاري ڏٺي هوندي ۽ موت شايد ان لاءِ خوفناڪ چيز آهي، جنهن لاءِ زندگي بيحد سونهن سان ڀريل آهي.(73)

مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻي ”احساسن ۽ جذبن جو موت“ جو به فڪري پس منظر اهوئي آهي، هن ۾ ليکڪ هڪ نوجوان جي خيالن کي ”شعور جي وهڪ“ واري اسلوب ۾ انسان جي داخلي ۽ خارجي مسئلن طور پيش ڪيو آهي. جديد ۽ مشيني دؤر ۾ انسان جو سندس وجود ئي بنيادي مسئلو رهيو آهي، ته وجود ڇا آهي؟ هن وهنوار ۾ ڦاٿل عام قدرن ۾ گهٽيل رواجي زندگي ڇو آهي؟ اهوئي انسان جو بنيادي الجهاءُ رهيو آهي، جنهن کان ڀڄندي انسان سڪون ۽ نجات چاهي ٿو، پر سڪون ۽ نجات ڇا ۾ آهي؟ جنهن ۾ انسان زندگيءَ کي مقصد ڏئي ٿانيڪو ڪري سگهي.

هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڪردار پنهنجي حياتي بي مقصد گذاري ٿو ۽ کيس احساس ٿئي ٿو، پنهنجي بي مقصد حياتيءَ جو ۽ کيس ڏک ٿئي ٿو، سندس عام وهنوار جو جنهن ۾ هن ٻين کان نفرت ڪئي ۽ اهو سوال اٿاري ٿو ته ستر سالن جي زندگيءَ جو مقصد ڇا هو؟ ليکڪ وجود ۽ عدم وجود جي مسئلي کي اٿاري ٿو، آخر انهن رستن روڊن سان ۽ جاين سان منهنجو ڪهڙو تعلق آهي، جن تان مان گذرندو رهيو آهيان، انهن تان اڳ به سوين انسان گذرندا رهيا آهن، پر هي زندگيءَ جو روٽين ڇو؟ آخر ڇا لاءِ ليکڪ ڪردار ذريعي محرومين ۽ نفرتن کي به هڪ روٽين قرار ڏئي ٿو، جيڪي ماڻهو پنهنجي ذات جي الجهاؤ جي بدلي ٻين ماڻهن سان ڪندو رهندو آهي.

بنيادي طور هيءَ ڪهاڻي انسان جي نه ختم ٿيندڙ پيڙا ۽ ڀوڳنا جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ سڀني جذبن ۽ احساسن جو تجربو ڪندي زندگيءَ کي ڪارائتو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ليکڪ جي هڪ ٻي ڪهاڻي ”کنڊر“ ۾ به اهوئي پس منظر آهي، جنهن ۾ هڪ ڪردار داخلي خود ڪلاميءَ وسيلي پنهنجي ذهني حالت کي چٽي ٿو، بظاهر ته ڪردار ذهني مريض لڳي ٿو. پر هو انتهائي ڪڙيون حقيقتون پيش ڪري ٿو، هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪافڪا جا ڏنل ٽڪرا به وجودي نڪته نظر جا اهم سوال اڀارين ٿا، سندس ڪهاڻي ”پکا پکن سامنهڙا اوري اچي اڏ“ ۾ هو ظاهر ڪري ٿو ته انسان ڪيئن نظرين هٿئون اڏوهيءَ وانگر کاڄي وڃي ٿو، ڪوبه انقلاب ڪا به نظرياتي جدوجهد انسان جي آدرشن جي متحمل ناهي، انسان جي زندگي هڪ درياهه وانگر آهي هلندي رهي ٿي، خاص طور سان هن ڪهاڻيءَ ۾ ورهاڱي جو ذڪر آهي، جنهن ۾ انسان مذهبي جنون ۾ ڪيئن نه ٻئي انسان جو رت وهائي ٿو. مجموعي طور هن ڪهاڻيءَ ۾ اهو فڪر آهي ته خواهشون ڏاڍي خوبصورتيءَ سان جنم وٺن ٿيون پر سندن انت ڀيانڪ ٿئي ٿو.

مجموعي طور مدد علي سنڌي جديديت جو هڪ ذميوار ۽ ڀرپور ڪهاڻيڪار آهي. هن وٽ فڪري طور فلسفياڻه بحث ۽ سوال آهن ته زندگيءَ جو مقصد آخر ڪهڙو آهي؟ اها هڪ انفرادي نوعيت جي ذميواري آهي، جيڪا ڪهاڻيڪار مڪمل طور نڀائي آهي.

ڪيهر شوڪت

ڪيهر شوڪت جي ڪهاڻين جا ڪردار ڏاڍا حساس آهن، ايترا حساس جو انهن تي وجودي وارداتن جو نمايان اثر نظر اچي ٿو، ڪٿي ڪردار خوف ۽ دهشت ۾ ورتل آهن، ڪٿي بوريت جو شڪار آهن، ڪٿي معاشي محرومي ۽ جنسي فرسٽريشن جو شڪار آهن، اڪثر ڪري سندس ڪهاڻين جا ڪردار اهي نوجوان آهن، جيڪي جاگيرداري ڳوٺن مان نڪري شهرن ۾ آيا آهن، سندن خانداني پسمنظر غربت وارو آهي، شهرن ۾ ڌاريائپ جو احساس معاشي طور محرومي ۽ سخت اڪيلائيءَ جي پيڙا ڀوڳيندڙ هي ڪردار جلدي نفسياتي طور پيچيدگين ۾ وٺجي وڃن ٿا. اهڙن پيچيدگين جو اظهار اسان کي ڪيهر شوڪت جي ڪهاڻين ۾ ملندو، جهڙوڪ سندس شاهڪار ڪهاڻي ”لئي تي لهي آيل چٻرو“ جيڪا سندس فڪري ڪاوشن جي ترجماني آهي، ان وقت به ڪافي تنقيد نگارن جي نظرن مان گذري، مثلن: عبدالرحمان نقاش هن ڪهاڻيءَ لاءِ چيو هو ته، ”فڪري طور هيءَ ڪهاڻي زندگيءَ بابت ۽ ان بابت فلسفن جو نڪته نظر، انهن جو زندگيءَ ڏانهن رويو، سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ جي ترقيءَ پويان پڻ حياتيءَ جي بي معنيٰ هجڻ وارو خيال ۽ انسانن جو بلاڪن ۾ ورهائجي وڃڻ، اهي سموريون ڳالهيون هن ڪهاڻيءَ جو نڪته نظر آهن.“ بدر قريشيءَ هن ڪهاڻيءَ لاءِ چيو هو ته، ”ڪيهر شوڪت تو هم پرستي جو پرچار ڪري ٿو، ڪهاڻي سٽاء جي لحاظ سان بلڪل ڪو نه نڀائي سگهيو آهي ۽ بي معنويت جو شڪار ٿي ويو آهي.“ (74)

پر هيءَ ڪهاڻي انساني نفسياتي پيچيدگين بابت اهم مشاهداتي ڪهاڻي آهي، هوبهو اهي ڪيفيتون انهي ڪهاڻي ۾ بيان ڪيل آهن، جيڪي هڪ فرد ۾ وجودي وارداتن جي وڪوڙڻ وقت ٿينديون آهن، اهي ئي ٻڏتر واريون ڪيفيتون يقيني ۽ غيريقيني ڳالهيون، وهم وسوسا، اعتماد جي کوٽ، اڪيلائيءَ جو احساس، دهشت، خوف- سڀئي ڪيفيتون جيڪي هڪ فرد ۾ نفسياتي الجهن وقت ٿي سگهن ٿيون، اهي ڪهاڻيڪار بيان ڪيون آهن، عام طور سان اهي ڳالهيون تنقيد نگار نٿا سمجهي سگهن، جن انهن ڪيفيتن کي ڀوڳيو ناهي، تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪهاڻيڪار خود اهڙين پيڙائن مان گذريو آهي.

هن نڪته نظر جي ٻي ڪهاڻي ”رک“ آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ بوريت ۽ وجودي واردات ۾ وڪوڙيل ٻه ڪردار ڏيکاريل آهن، جن ۾ هڪ ٻئي لاءِ رسمي رشتو وڃي رهيو آهي، هو ٻئي پاڻ ۾ ملڻ نٿا چاهين، هڪ ٻئي لاءِ ڪوبه پيار ڪابه سڪ نه رهي اٿن، پر پوءِ به رسمي طور هڪ ٻئي سان گڏ ٿين ٿا، ڪهاڻيڪار ٻنهي جي اندر جي ڪيفيت کي اڀارڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جنهن ۾ هو هڪ ٻئي کان بيزار آهن. ڪهاڻيڪار فڪري طور اهو نڪتو اڀارڻ چاهي ٿو، جنهن ۾ انساني قدر وقت سان گڏ ڪيئن بدلجي وڃن ٿا. وقت سان گڏ رشتن ناتن ۾ اها ڇڪ ۽ اها حب نٿي رهي پر ڀرم رکڻ لاءِ ڪيئن رشتن جي هام هڻي نڀائڻو پوي ٿو.

ڪيهر شوڪت وجودي نڪتهء نظر جو ڪامياب ڪهاڻيڪار آهي ڇوته هن فڪري طور انهن انساني نفسياتي ڪيفيتن کي اڀاريو آهي، جيڪي وجودي وارداتن ۾ گهيريل هڪ ماڻهوءَ جون ٿي سگهن ٿيون.

مجموعي طور ڪيهر شوڪت صرف داخليت جو ڪهاڻيڪار ناهي پر هو معروضيت ۽ معروضي مسئلن سان جڙيل آهي. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”پل تي ويٺل هڪ نوجوان“ آهي، جنهن ۾ هن انهن معاشي مسئلن کي اڀاريو آهي، جن جو شڪار ٿي نوجوان ڪهڙين حالتن کي پهچن ٿا. سندس ڪهاڻي ”پويون تاريخون“ جو موضوع ”بک“ آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ خاص طور سان انهن نوجوانن کي موضوع طور کنيو ويو آهي، جيڪي شهر ۾ اچي معمولي نوڪري ڪن ٿا، پر مهنگائي ۽ خرچن کي منهن نٿا ڏيئي سگهن. سندس ڪهاڻي ”دٻائن جي پيداوار“ به هڪ اهڙي نوجوان جي ڪهاڻي آهي، جيڪو سماج ۾ پاڻ کي اوپرو ٿو سمجهي. هو ڀٽڪندو رهي ٿو، شين جا انبار، روشن بازارون ۽ عورتن جي رش ڏسي سندس اندر ۾ ڪئين خيال اچن ٿا ۽ منجهس جنسي خيال اڀرن ٿا، کيس بار بار پنهنجي ذات جو احساس ٿئي ٿو، اصل ۾ ڪهاڻيڪار هن ڪردار کي محروم ڏيکاريو آهي، جيڪو پيار کان محروم آهي، ڏتڙيل آهي ۽ سوچي ٿو: ”ڪٿي آهي پيار؟ ڇا آهي پيار؟ رڳو خيالي پُلاءُ رڳو ڪوڙا خواب، رڳو دوکو، رڳو مفاد، ڪيئن نه ٿي وڇڙيل يار جي ياد ۾ ڳوڙها ڳاڙهي هنجون هاري، ڪوڙي، فريبڻ، مڪار! هن کي فنڪاره تي ڏاڍي خار اچي ٿي“. (ص 2، پل تي ويٺل نوجوان“) هن ڪهاڻيءَ ۾ اصل موضوع اهوئي آهي ته فرد پنهنجي ذات ۾ ويڳاڻو ۽ اوپرو ٿي ويو آهي، سخت الجهن ۾ ورتل ۽ سماج ۾ ڌاريو محسوس ڪري ٿو ۽ پوءِ هن کي سوين خيال اچن ٿا.

ڪهاڻي ”قابيل جو جنم“ انسان ۾ اندر لڪل جانوراڻي جبلت کي ظاهر ڪري ٿي، جنهن ۾ هڪ ڪردار عورت حاصل ڪرڻ لاءِ ڀاءُ سان حسد ڪري ٿو ۽ سندس من ۾ ڀاءُ کي مارڻ جا خيال اچن ٿا. ٻي طرح هن ڪهاڻيءَ ۾ اهو به خيال اڀري ٿو ته جنسي ضرورت انسان جي اهم ضرورت آهي، جنهن کان محرومي ماڻهوءَ کي جانور بڻائي سگهي ٿي. نفسياتي دٻاءُ جو شڪار ۽ سخت الجهن ۾ ورتل هڪ ڪردار ڪهاڻي ”پل تي ويٺل نوجوان“ ۾ موجود آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ مسلسل ڪشمڪش موجود آهي، ڳوٺ ۽ شهر جي زندگيءَ ۾ وچڙندڙ هڪ ڪردار معاشي طور پست حالتن جو شڪار آهي، سندس والدين هن مان اميدون رکيو ويٺا آهن ۽ ٻئي طرف سندس عام ڪلارڪي نوڪريءَ مان هو پنهنجو خرچ به پورو نٿو ڪري سگهي. هڪ خاص سرمائيداريءَ ۾ پيدا ٿيندڙ ڪردار جيڪو معاشي دٻاءُ جي ڪري چڪي جي ٻن پڙن ۾ پيسجي ٿو ۽ پاڻ کي ويڳاڻو محسوس ڪري ٿو.

مجموعي طور ڪيهر شوڪت جي ڪهاڻين ۾ هڪ دؤر ۾ پيدا ٿيندڙ ڪردارن جي ذهني ارتقا ڏيکاري ويئي آهي، خاص طور سان ڪردارن ۾ تمام وجودي وارداتون دانشوراڻي يا ڏاهپ جو سبب ناهن، پر اهي معروضي حالتن جون پيداوار آهن جن ۾ معاش سڀ کان وڏو مسئلو آهي ۽ اها حقيقت آهي ته ڪلاڪار پنهنجي دؤر جو حالتن جو ئي عڪس ڪهاڻين ۾ ڏيکاريندو آهي، انهيءَ ۾ مايوسي، انڪاريت، محروميءَ جو سوال ئي ناهي ته هو پڙهندڙ تي مڙهي ٿو، بلڪ جيڪي ڪجهه هو ٻاهر ڏسي ٿو ۽ محسوس ڪري ٿو اهوئي فنڪاريءَ سان پيش ڪري ٿو، تنهن ڪري ڪيهر شوڪت جي ڪهاڻين ۾ سنڌ جي مخصوص حالتن جي تاريخ نظر اچي ٿي، جيڪا فڪري طور مثبت ۽ وجودي نقطه نظر سان جڙي ٿي.

شرجيل

شرجيل جي ڪهاڻين ۾ هڪ خاص ڳالهه اها نظر اچي ٿي ته هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ سنئون سڌو شامل آهي. هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ عام طور سان اهڙو ڪردار پيش ڪندو آهي، جيڪو تمام گهڻو حساس هوندو آهي، هر ڏک کي پنهنجو ڏک سمجهي ٿو. سندس ڪهاڻين جي مجموعي ”پن ڇڻ کان پوءِ“ ۾ سندس اسلوب مختلف ۽ رومانوي فڪر سان قريب آهي، ائين چئجي ته سندس اسلوب رومانوي ۽ ڪهاڻين ۾ ڪيفيت وجودي ڇانيل آهي. گهڻو ڪري ڪهاڻين ۾ ڪردار اڪيلو پيار نه حاصل ڪرڻ جو ڏک کڻي ڀٽڪي ٿو. جيئن ”موناليزا“ ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار آخر ۾ سوچي ٿو: ”مون کي ڇا مليو؟ پنهنجو پاڻ تي ڦڪي مرڪ اڀري آئي، منهنجي لاءِ رڳو ٽن هزارن جا ڪاغذي نوٽ“.(75)

ڪردار اميد پرست آهي، پر سندس سوڀ پيار حاصل ڪرڻ ۾ آهي، نوٽن ۾ ناهي. يعني ائين چئي سگهجي ٿو ته شرجيل وٽ اهم مسئلو پنهنجي وجود جي اظهار جو آهي، جيڪو صرف پنهنجي ذات جي تسليم ڪرڻ سان آهي ۽ سندس ذات جو تسليم ڪرڻ صرف پيار ۾ آهي. اهڙي ڪيفيت سندس ڪهاڻي ”ڪاري ڪاٺي ڳاڙها ڪنڊا“ ۽ ”تجريدي رئلزم“ ۾ آهي.

شرجيل جون ڪهاڻيون هڪ اهڙي انسان جون ڪهاڻيون آهن، جيڪو سچ تي ڀروسو رکي ٿو ۽ ڪنهن اميد کي کڻي دنيا جا غم ڀوڳي ٿو. سندس ڪهاڻي ”ڪاڪ محل“ آتم ڪهاڻيءَ جي طرز تي لکيل آهي، جنهن ۾ هڪ ڪردار پنهنجي زندگي عادتون ۽ رايا سڀ هڪ احوال طور پيش ڪري ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ داخليت جو اثر زياده آهي. هڪ اهڙيءَ ڇوڪريءَ جو ڪردار جنهن کي پنهنجي محرومين جو شدت سان احساس آهي ۽ سخت ڪمپليڪس ۾ ورتل آهي، نتيجي طور خود سر ٿيڻ ۽ پاڻ کي الڳ ٿلڳ ڪرڻ ۽ پنهنجو خيالي ڪاڪ محل جوڙي انهيءَ ۾ بند رهي ٿي، پر ظاهر ائين ٿي ڪري ته کيس ڪنهن جي پرواهه ڪانهي. هن ڪهاڻيءَ جو مقصد اهڙو ڪردار تخليق ڪرڻ آهي، جنهن ۾ هڪ آدرشي عورت هجي، پر ساڳئي وقت ڪهاڻيڪار خود سنئون سڌو پنهنجي داخليت ڪهاڻيءَ ۾ ظاهر ڪري ٿو. مجموعي طور سندس ڪهاڻيءَ ۾ رومانوي فضا ڇانيل آهي، جنهن ڪري جديديت جو هي انداز ڪافي نئون ۽ مختلف اسلوب وارو لڳي ٿو، پر سندس ڪهاڻيءَ ۾ فڪري طور جيڪا خاص ڳالهه آهي اها ميد پرستي آهي.

 

ڪجهه ٻيا ڪهاڻيڪار

شوڪست حسين شورو

جديديت جي ڪهاڻيڪارن ۾ شوڪت حسين شورو به شامل آهي، هن جو مجموعو ”اکين ۾ ٽنگيل سپنا“ ڪافي دير سان ڇپيو، پر سندس ڪهاڻيون اڳ ۾ مختلف رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن. سندس ڪهاڻي ”سمنڊ ۾ هيڪلو روح“، شاندار ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ سمنڊ به هڪ ڪردار آهي ۽ سمنڊ کي به دنيا سان تشبيهه ڏني ويئي آهي. جهاز ٽٽل معاشري جي علامت آهي، جنهن ۾ ماڻهو سخت اڪيلائپ، عدم تحفظ ۽ بي سهاري هجڻ جو شڪار آهي، پر پوءِ جدوجهد ڪندو رهي ٿو ۽ آخرتائين حالتن سان وڙهندو رهي ٿو. سندس ڪهاڻي ”گم ٿيل پاڇو“ ۾ وجود جي مسئلي کي کنيو ويو آهي، جنهن ۾ وجود کي معنيٰ ڏيڻ جي مسلسل جستجو شامل آهي، اهڙيءَ طرح سندس ڪهاڻي ”سرنگ“ زندگيءَ جي انتهائي حد تائين پهچي ٿي، جتان ناڪاميءَ ذريعي سڀ رستا بند ٿي چڪا آهن. هن ڪهاڻيءَ ۾ جدوجهد جو درس ڏنل آهي.

بيدل مسرور

وجوديت جي فڪري سوال ۽ وجدان ٿيڻ کان پوءِ فرد لاءِ شعوري طور ڪهڙيون حالتون پيدا ٿين ٿيون ۽ هو انهن کي ڪيئن منهن ڏئي ٿو، بيدل مسرور وٽ اهي ئي موضوع آهن. سندس ڪهاڻي ”۽ منهنجو من“ ۾ هڪ فرد جي داخلي بوريت وقت ساڻس ڪهڙو الميو ٿئي ٿو بيان ڪيل آهي، جنهن ۾ ڪردار پيار کان محروم آهي ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪي ٿو. اڪيلائيءَ جو احساس ۽ محروميءَ جو احساس کيس عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا رکي ٿو. سندس ڇپيل مجموعو ”ڀوڳنا جو سفر“ ۾ مجموعي طور اهڙي طرز جون ڪهاڻيون آهن.

عابد مظهر

عابد مظهر جي ڪهاڻين جو زياده تر پس منظر فرد جي داخلي پيڙا ۽ محرومي آهي. سندس ڪهاڻين ۾ پيار کان محرومين جي نتيجي ۾ فرد جي وجود جو بي مقصد پڻو شامل آهي. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”گم ٿيل محبتون“ ڪافي دير سان شايع ٿيو، پر ان کان اڳ سندس ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن. سندس ڪهاڻيون ”مان، روڊ ۽ سوچون“۾، ”ڌنڌ ۾ گم ٿي ويل ڪرڻا“، ”پل پل جو قيدي“ ۽ ”وڃايل پاڇا“ جديد فڪر جون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ فرد مسلسل بي چين ۽ نه ختم ٿيندڙ ڏک ۾ مبتلا آهي ۽ سماجي هر قسم جون محروميون داخلي طرح فرد کي بي وس ۽ نفسياتي الجهن جو شڪار ڪري چڪيون آهن. سندس ڪهاڻين ۾ انهيءَ فڪر جو اشارو آهي ته سک ۽ شانتيءَ ڏانهن صرف هڪ ئي واٽ وڃي ٿي اها آهي ”پيار“ جي.

ڪيلاش

آغا پيرمحمد جيڪو ڪيلاش جي نالي سان ڪهاڻيون لکندو رهيو آهي، سندس ڪهاڻين ۾ ”ٻوسٽ“، ”سج اونڌو ٿي ويو آهي“ وجودي فڪر جون ڪهاڻيون آهن. سندس ڪهاڻين ۾ خاص طور سان سماجي پابنديءَ ۾ فرد جي گهٽ ۽ ٻوسٽ جو ذڪر آهي، ساڳئي وقت ڪائنات ۾ ماڻهوءَ جو مقام ڇا آهي ۽ سندس مقصد ڇا آهي جهڙا سوال ڪهاڻين ۾ موجود آهن. سندس ڪهاڻين ۾ فلسفو آهي ته ڪو به نظريو انسان جي ڪم نٿو اچي سگهي، بلڪ انسان ئي انسان جي ڪم اچي سگهي ٿو.

اخلاق انصاري

طبقاتي سماج ۾ فرد جي نفسياتي الجهن ۽ پيچيدگين سبب انيڪ مسئلا جنم وٺن ٿا. اخلاق انصاري اهڙي سماج جي مسئلن کي اظهاريو آهي، خاص طور سان سندس ڪهاڻين ۾ جنسي مسئلا، فرد جي داخلي پيڙا، نرواڻ، جنم مرڻ جهڙا سوال زيربحث آيل آهن. سندس ڪهاڻيون جديديت ۾ اعليٰ مقام رکن ٿيون.

ان کان علاوه جديديت جي اسلوب ۽ فڪر ۾ گهڻا ڪهاڻيڪار موجود آهن جن جا مجموعا يا ڇپيا ناهن يا وري گهڻو دير سان ڇپيا آهن. مثلاً پرويز ميمڻ جنهن جي ڪهاڻي ”ٽٽل اتساهه“ سليم چنا، هدايت پريم، ظفر حسن ۽ ڀارت جا مشهور ڪهاڻيڪار جيڪي جديديت ۾ اعليٰ حيثيت رکن ٿا، انهن مان وشنو ڀاٽيا، ناري پدم، نند لعل، هريڪانت ۽ گنوساماتاڻي شامل آهن.