سنڌي ادب جو فڪري پس منظر

ڪتاب جو نالو سنڌي ادب جو فڪري پس منظر
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-128-6
قيمت 600    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (1818) PDF  (986) E-Pub
انگ اکر

12 October 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     165220   ڀيرا پڙهيو ويو

جديديت


جديديت جو لاڙو سنڌي ادب ۾ 70 واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿيو. هن لاڙي جو مطلب ادب ۾ جدت نه هو بلڪه هي لاڙو هڪ خاص سماجي سياسي ۽ فلفسياڻي پس منظر ۾ شروع ٿيو. يورپ ۾ 20 صدي جي وچ ڌاري هي لاڙو ماڊرن ازم (Modernism) جي نالي سان شروع ٿيو، خاص طور سان جان پال سارتر، سيمون ڊي بوار، البرٽڪاميو، ڪافڪا، دوستوسڪي، ورجينا وولف، رلڪي، البرٽ، موراويا وغيره جون لکڻيون جديديت جي لاڙي ۾ شمار ڪيون وڃن ٿيون. اردوءَ ۾ هي لاڙو ”نيا ادب“ يا ”نئي شاعري“  جي نالي سان  متعارف ٿيو. هن لاڙي جو نالو جديديت انهي ڪري به پيو ته جنهن وقت سڄي دنيا ۾ ترقي پسند لاڙي جي هاڪ هئي ادب خاص معروضي حالتن کي بدلائڻ لاءِ تخليق ڪيو پئي ويو ته: ”اديب کي اهو محسوس ٿيو ته ترقي پسند ادب ته صرف هڪ سياسي منصوبي  جي تشريح آهي ۽ طبقاتي جنگ جو منظرنامو آهي، انهن وٽ ماڻهوءَ جي اندر جي ڪائنات ۽ شخصيت جو سمنڊ سري کان غائب آهي، انهن لاءِ هر حقيقت جو صرف مادي روپ نمايان آهي، انهن وٽ تصور ناهي صرف  بيان ڪرڻ آهي ۽ بيان ڪرڻ به سطحي ۽ کوکلو آهي“. (1)

                        ترقي پسند ادب ۾ فرد جي انفرادي شخصيت ۽ داخلي حساسيت کي نظر انداز ڪرڻ سبب ادب ۾ هڪ نئون لاڙو پيدا ٿيو جيڪو جديد ادب جي نالي سان سڏجڻ لڳو.

                        “Modernism reveals a breaking away from established Rules, raditions and conversations. Fresh ways of looking at man’s postion and functions in the universe and many expreiments in form and style.” (2)

          ترجمو: جديديت، روايت، رواج رسمن ۽ سماجي حڪومتي نظام جي قانونن کان بغاوت جو نالو آهي. هو هنن پابندين کي ٽوڙي ماڻهوءَ کي ڪائنات ۾ هڪ نئين ۽ تازي انداز سان ڏسڻ چاهين ٿا ۽ پنهنجي مواد ۽ اسلوب ۾ گهڻائي تجربا ڪرڻ چاهين ٿا.

                        تنهن ڪري جديد ادب ۾ بيشمار فڪري تحريڪن اسلوبن ۽ بغاوتن جون شڪليون نمايان آهن. مثال طور جديديت جي هن لاڙي ۾ اسان کي وجوديت (Existentialism) اظهاريت (Expressionism) آزاد شاعري (Free verse) استقباليت  (Futurism) نئين انساني دوستي (Symbolism) شعوري وهڪرو (Stream of consciousness) علامت نگاري (Newhumanism) شعوري جنسيت (Sexaualism)  سريلزم (Surrealism)  ناڪاريت (Negativism)  وغيره جا رجحان نمايان ملن ٿا. هي سڀ داخلي فڪري تحريڪون آهن، هنن جي پيدا ٿيڻ جا هزارين فطري سياسي، سماجي ۽ داخلي سبب آهن. جديديت جو فڪري جوهر سمجهڻ لاءِ اسان کي سياسي  سماجي ۽ فڪري پس منظر ڏسڻو پوندو.

سياسي سماجي حالتون

                        جاگيرداري نظام ۾ انسان فطرت کي ويجهو هو، سندس اندر من ٿانيڪو هو، هو سماجي رسمن ريتن رواجن ۾ گهيريل هو، ترقيءَ جي رفتار سست هئي، سڌ سماءُ جا ذريعا تمام گهٽ ۽ سست هئا تنهن ڪري انسان هڪ سماجي اجتماعيت ۾ جڙيل هو. کيس فردي داخلي احساس گهٽ هو. هٻڇ، هوس، لالچ، طاقت لاءِ ڀڄ ڊوڙ ۾ عام ماڻهو شامل نه هو، بلڪه ماڻهو پنهنجي موجود حالت کي تقدير جو لکيو سمجهي قبول ڪندو هو ۽ حالتن بدلائڻ جو شعور کيس نه هو. سوچ ويچار  جو دائرو محدود هو ۽ فڪري طور انسان پاڻ کي ڪائنات جو هيرو سمجهندو هو. هٿرادو جڙتو هوَس ماڻهن ۾ پيدا نه ڪئي ويندي هئي، مقابلي بازيءَ جو رجحان گهٽ هو تنهن ڪري انسان ۾ ايتري بي قراري ۽ جوش نه هو جيترو سرمائيداريءَ ۾ آهي. پر جيئن جيئن علم جو دائرو وسيع ٿيو سائنسي ايجادون ٿيون، مشينون ٺهڻ لڳيون، پورهيو آسان ٿيڻ لڳو ته نظام بدليو، جاگيرداريءَ جي جڳهه تي سرمائيداري نطام آيو، هن نظام جو بنيادي نعرو آهي نتيجي پرستي (Pragmatism) وليم جيمس جو هي فلسفو سرمائيداريءَ جو لازمي ۽ منطقي نتيجو ۽ فڪر آهي هن فڪر جو بنياد انهي تي رکيل آهي ته ”هر اها شيءِ صداقت آهي صحيح آهي جيڪا توهان جي ذات جي لاءِ فائدي ۾ آهي.“ (3)  هاڻي انهي جو مطلب اهو ٿيو ته مابعدالطبعيات، اخلاقيات، انسانيت، رواج رسمون سڀ بدلجي ويا. هاڻي جيڪڏهن خدا ڪنهن ماڻهوءَ جي فائدي ۾ آهي ته خدا جي وجود ۾ يقين رکي نه ته جيڪڏهن مفاد  ۾ ناهي ته ماڻهو اهو به سوچي سگهي ٿو ته اهو آهي ئي ڪو نه.! (نعوذ بالله) اهڙيءَ طرح اخلاقيات ۾ جذبا، قدر، عزت نفس، ضمير، جي ڪا به حيثيت ناهي جيڪڏهن ڪنهن فرد جي مفاد ۾ غداري آهي ته ڀلي قوم ملڪ کان غداري ڪري، جيڪڏهن کيس فائدو آهي ته هو ڌيءَ به وڪڻي سگهي ٿو. زال جي نمائش ڪري سگهي ٿو ۽ جي عورت آهي ته پنهنجي مفاد لاءِ عزت، غيرت وڪڻي سگهي ٿي. ساڳيءَ طرح مفاد خاطر انسانيت جون حدون لتاڙڻ، قتل و غارت، دهشتگرديءَ مذهب جي نالي تي جهيڙا، هن فلسفي جو جوهر آهن. مطلب ته مڪمل طور فرد واحد کي طاقت حاصل ڪرڻي آهي  اها طاقت سرمائيداريءَ ۾ دولت جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي. ”دولت“ هر شيءِ جي ماپڻ جو اوزار بنجي ويئي، جنهن وٽ دولت  آهي اهو هر آسائش خريد ڪري سگهي ٿو، اهو سٺو معزز ماڻهو به بنجي سگهي ٿو، اهو عزت  وقار حاصل ڪري سگهي ٿو، نيڪ ايماندار به سڏجي سگهي ٿو، تنهن ڪري دولت ئي جيئڻ جو بنياد بنجي ويئي، تنهن ڪري هڪ ڊوڙ شروع ٿي ويئي، دولت حاصل ڪرڻ جي هن ڊوڙ ۾ ڪير به ڪنهن جو ڪونهي، ڪير به ڪنهن کي ڪيرائي اڳتي وڌي سگهي ٿو. دولت حاصل ڪرڻ جي هن ڊوڙ ۾ سب قدر ٽٽي پيا، هي سڄو سماج هڪ مارڪيٽ بڻجي ويو ۽ هر ماڻهو خريدار، انهي نتيجي ۾ ماڻهوءَ جو من اڇلجي ويو. ويڳاڻپ کيس گهيرو ڪري ويئي ۽ ٻئي  طرف سرمائيدار پنهنجي مقابلي جي ڊوڙ ۾ دنيا کي تباهيءَ ۽ برباديءَ طرف ڌڪيندا ويا. 20 صدي جي  شروعات ۾ عالمي جنگ لڳي انهيءَ کان پوءِ دنيا ۾ پهريون دفعو انساني مساوات جو نعرو هڻندڙ نظام سامهون آيو، پر انهيءَ ۾ فرد جي داخلي زندگي اجتماعي مفادن ۾ گم ٿي ويئي، سرمائيداريءَ ۾ تعليم جو نظام به ڪمرشل ٿي ويو، جنهن جو مقصد صرف ڊگري وٺي پئسا  ڪمائڻ هو. تعليم جي معاملي ۾ جان ديوي  نتيجي پرستيءَ جي هڪ نئين شڪل کڻي سامهون آيو، سندس فڪر جو نالو فعاليت (Instrumentalism)  هو سندس ڪتاب  (The Theory of Inquiry)  ۾ چوي ٿو ته:

                        ”مسئلو سائنسي هجي يا اخلاقي ٻنهي صورتن ۾ نتيجو ثمر کي ڏسڻ گهرجي“. (4)

                        صورتحال اها بنجي ويئي ته بقول ايرڪ فراهم جي ته ”اوڻهين صديءَ ۾ ڀڳوان مري ويو ۽ ويهين صدي ۾ انسان مري ويو“. (5) انهي کان پوءِ ٻي جنگ عظيم شروع ٿي جنهن ۾ ڪروڙين انسان لاشن ۾ تبديل ٿي ويا. خاندان، شهر، ملڪ، تباهه برباد ٿي ويا. انسان جانور بنجي ويو. انهي جنگ ۾ اهو  احساس ٿيڻ لڳو انسان جو مستقبل غير محفوظ آهي، هن جي ڪا به حيثيت ناهي، داخلي طرح فرد وجودي دهشت ۽ ويڳاڻپ ۾ مبتلا ٿي  پيو ۽ کيس زندگي بي مطلب، ڇسي ۽ جبري لڳي، انهي احساس اديبن ۽ فلسفين کي متاثر ڪيو، سارتر اهو نعرو هنيو ته ”ادب زندگيءَ جو آئينو ناهي پر انسان جي وجود کي ثابت ڪرڻ جو  وسيلو آهي، ادب ڪردارن کي تخليق نه ڪندو آهي پر انهن جي مدد سان پنهنجي وجود کي تلاش ڪندو آهي“. (6) ڇو ته وجود مشيني زندگيءَ ۾ گم ٿي ويو هو ۽ اشتهارن جي ڇتي مقابلي ماڻهوءَ کي جوشيلو (Excited)  بنائي ڇڏيو هو، جڙتو ۽ هٿرادو ضرورتون ماڻهن ۾ پيدا ڪيون ويون. خريداريءَ  جي مقابلي ۽ جوش جي مقابلي ۾ ماڻهو نارمل نه رهي سگهيو هو، اندر ۾ ويڳاڻو ۽ مايوس ٿيندو  ويو، نتيجو اهو نڪتو ته زندگيءَ جي باري ۾ مختلف شڪ و شبها ۽ سوال پيدا ٿيا، سماج، انسان، مابعدالطبعيات تي غور فڪر نئين انداز سان شروع ٿيو ۽ هڪ اهڙو زوردار فڪر اسان جي سامهون آيو جنهن کي اسان وجوديت چئون ٿا ۽ ادب جو فڪري جوهر اها تحريڪ بنجي سامهون  آئي.