ڪتاب جو نالو | سنڌي ادب جو فڪري پس منظر |
---|---|
ليکڪ | پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-128-6 |
قيمت | 600 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (1863) PDF (1017) E-Pub |
انگ اکر | 12 October 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 167129 ڀيرا پڙهيو ويو |
موهن جي دڙي جو سماج روشن خياليءَ جي صحيح تصوير هو، جتي مادري نظام هو. ڪو به اهڙو قدر نه هو، جيڪو انسانيت جي خلاف هجي، پر جيئن ئي حملا آور آيا، سماج ۾ ڀڃ ڊاهه شروع ٿي، پيداواري ذريعا بدليا، آقا ۽ غلام جو دؤر شروع ٿيو، ته سماج جي وحدت ٽٽي پئي، بدلجندڙ حالتن ۽ جاگيرداري سماج جا قدر ۽ ڌارين جا فڪري لاڙا سنڌي فڪر تي اثر انداز ٿيا. مذهبي رجعت پسندي، ذات پات، ڌارين جي ڏاڍ جبر ۽ قتل وغارت سنڌي سماج جي روشن خياليءَ کي ڇيهو رسايو، پر ان جي باوجود به سنڌ فڪري طور مڪمل رجعت پسندي يا مذهبي جنونيت ڏانهن نه وئي، جيڪي به لاڙا آيا اهي ڪجهه وقت لاءِ سنڌي ماڻهن جي ذهن کي ۽ سماج کي لوڏيندا رهيا پر جلدي ماڻهو پنهنجي اصليت ڏانهن موٽي ٿي ويا.ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي انهيءَ ڳالهه کي هيئن ٻڌايو آهي ته:
”گذريل صديءَ ڏانهن نهاريندي هڪ مبصر کي سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ مخصوص خوبي نظر ايندي، سنڌ پاڙيسري ايشيا جي ٻين ملڪن جي تمام اهم واقعن کان گهڻو ڪري الڳ ٿلڳ پئي رهي آهي. انهن مان ڪن اهم واقعن سنڌ تي وڏو اثر ڇڏيو، پر گهڻين حالتن ۾ ان لهر جو رد عمل تمام گهٽ محسوس ڪيو ويو. سنڌ ۽ سنڌين جي انفراديت جي ڳالهه جي تشبيهه لاءِ هيئن صحيح مثال ڏيئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي حياتي هڪ پاڻيءَ جي تلاءُ وانگر آهي، جنهن ۾ وقت به وقت ٻاهران پٿر اڇلائبو آهي، شپڪي کان پوءِ ٿوريون لهرون پيدا ٿين ٿيون ۽ ان کان پوءِ وري ماٺ ٿي وڃي ٿي، يا هن ڳالهه کي ٿورو بدلائي کڻي هيئن بيان ڪجي ته هندستان جي تاريخ جي بيتاب لهر سنڌ جي منفرد حيثيت جي خاموشي سان ٽڪرائجي ٿي ته اها ڪي هلڪيون لهرون پيدا ڪري ٿي، جيڪي وارياسي ساحل تي صرف ٿوري هلچل پيدا ڪن ٿيون. سنڌ جي تاريخ کي واقعاتي ۽ نيارو سڏڻ ڪو غلط ڪو نه ٿيندو، جيڪو ان جي هميشھ کان صلح پسند سڀاءُ رکندڙ عوام جي نمائندگيءَ ڪري ٿي.“(19)
اها اصليت ڪهڙي هئي، جيڪا ڊاڪٽر سورلي بيان ڪئي؟ اها اصليت هئي، امن پسندي، صلح واري سڀاءُ، انسانيت پسندي، پيار ۽ محبت وارو رويو، زندگيءَ ڏانهن مثبت ۽ صوفياڻو رويو، جنهن ۾ طبقاتي سماج ۽ ڌارين جي ڏاڍ انفرادي طور تبديلي ضرور آندي پر اها تبديلي سنڌي ماڻهن جي اجتماعي تبديلي نه بنجي سگهي، جنهن جا هيٺيان سبب هئا.
هڪ ته مسلسل ڌارين جي ڏاڍ، ڏهڪاءُ ۽ قتل وغارت سبب سنڌي ماڻهوءَ خوف ۽ هراس ۾ وجودي وارداتن جو شڪار ٿي هيٺاهينءَ وارو رستو ٿي ورتو، جنهن ۾ حوس پرستي، لالچ، دوکي بازي يا حمله آور ٿيڻ جي خواهش ڪا نه هئي ۽ هونءَ به نفسياتي طور ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿيل ماڻهوءَ ۾ وحشي پڻو، لالچ، هوس جنون پيدا نه ٿيندو آهي. هو يا ته خودڪشي ڪرڻ ڏانهن مائل ٿيندو آهي يا وري زندگيءَ ڏانهن مثبت رويو رکندو آهي، جيئن لطيف سائين چيو آهي.
”جيئڻ ڪاڻ جيڏيون، مون وڏا وس ڪيا.“
اهڙو ماڻهو جيئڻ جا وڏا جتن ڪندو آهي ڇو ته موت سان اکيون ملائڻ کان پوءِ زندگيءَ جي باري ۾ رويو ئي بدلجي ويندو آهي، ان وقت جنون، تنگ نظري، ظلم، منفي فرسوده قدر ڪا به اهميت نه رکندا آهن ۽ رويو صوفياڻو ٿي ويندو آهي.
ٻيو سبب نفسياتي آهي، جيئن نفسيات دان چوندا آهن ته ماڻهوءَ جي شخصيت جو بنياد ننڍپڻ ۾ رکجي ويندو آهي، سندس فطرت شروعاتي پنجن سالن ۾ ئي ٺهندي آهي، ان کان پوءِ معروضي حالتون انهن کي لوڏينديون ضرور آهن پر جيئن ئي حالتون سازگار ٿيون، هو پنهنجي اصليت ڏانهن موٽي ايندو آهي. اها اصليت نسلي (Genetic) ننڍپڻ، خانداني وارثن، جسماني ڍانچي مطابق جڙيل هوندي آهي.
سنڌي ماڻهن جي اجتماعي نفسيات جو بنيادي اهڃاڻ موهن جي دڙي جو سماج چئي سگهجي ٿو. تنهن ڪري سنڌي ماڻهن ۾ اجتماعي طور نفسيات اتان کان ڏسي سگهجي ٿي.”لاشعور انفرادي تجربن کان وٺي نسل، قوم، ملت ۽ ان جي مخصوص رجحانن جو آئينو هوندو آهي، جنهن جي تشڪيل ۾ صديون لڳنديون آهن، تنهن ڪري هر فرد ۾ اجتماعي لاشعور مشترڪ هوندو آهي.“ (20)
اهو ئي سبب آهي جو وقت جي ڏکين حالتن کين بدلايو، پر عارضي ۽ انفرادي طرح، سنڌي سماج ۾ آيل ڌاريا جيڪي هاڻ سنڌي ماڻهن ۾ ضم ٿي ويا آهن، اهي هت اچڻ کان اڳ ۾ نسلي طور سرڪش، ويڙهو ۽ چالاڪ هوندي به آهستي آهستي امن پسنديءَ، روشن خياليءَ ۽ صوفي مت ڏانهن مائل ٿي ويا. هنن ماڻهن ۾ جيتوڻيڪ پنهنجي پراڻي فطرت جا ڪي لڇڻ موجود هوندا، پر چئي سگهجي ٿو ته جيئن هنن ۾ تعليم ايندي ويئي آهي، عقل، شعور، سوچ ۽ سمجهه جبلتن تي حاوي ٿيڻ کان پوءِ هو وڌيڪ سنڌي سماج لاءِ مثبت ٿيندا ويا آهن. جهڙوڪ يوناني، عرب، پٺاڻ ۽ بلوچ وغيره.
فڪر جي انهي تسلسل کي اسلام جي اچڻ کان پوءِ هڪ نئون روپ مليو، اسلام جي تصور جو روپ جيڪو سنڌي سماج لاءِ ايترو نئون ڪو نه هو، بلڪه ان جو بنيادي ڍانچو اڳ ۾ ئي هتي هڪ قسم جي وجودي فڪر ۾ موجود هو، جنهن ڪري سنڌ ۾ جيڪي به ڪامل درويش، ولي اوليا پيدا ٿيا، اهي مذهبي قسم جي تصوف سان لاڳاپيل هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي بنيادي فڪر سان به سلهاڙيل رهيا ۽ اهي انسانيت دوستي، ڀائپي، امن، محبت جو درس ڏيڻ وارا روشن خيال ماڻهو هئا. جهڙوڪ صوفي شاهه عنايت شهيد لانگاهه، شاهه ڪريم، شاهه لطيف، خواجه محمد زمان، سچل سرمست ۽ سامي وغيره. ان کان علاوه هڪڙا عوامي ڪردار ٿيا، جيڪي بظاهر عالم فاضل نه هئا، هنن جون حرڪتون چرين، مجذوبن، مستن جهڙيون هيون ۽ هو پنهنجون ڳالهيون مذاق ۽ مسخريءَ واري انداز ۾ چوڻ جي ڪري مسخرا سمجهيا ويا، پر هو سنڌي سماج ۾ فڪري طور وڏي اهميت رکن ٿا. جهڙوڪ وتايو فقير جنهن لاءِ محمد حسين ڪاشف پنهنجي مضمون ”وتائي فقير جي شعور جي بلندي“ ۾ لکيو آهي ته:
”جيڪڏهن فلسفيءَ کي چريو نٿو چئي سگهجي ته پوءِ وتائي کي چريو ۽ اٻالو ڪوٺڻ بي انصافي آهي، دنيا وارن جي نظر ۾ هو محض هڪ ظريف آهي پر حقيقت ۾ وتائي عام ماڻهن جي نقطه نظر کان اڳتي وڌي ۽ انهن جي حالت کي خيال ۾ آڻي نتيجو ڪڍيو آهي ۽ حڪايتي رنگ اختيار ڪري حقائق ۽ حالتن جي اپٽار ڪئي آهي.“(21)
هونئن به سنڌ ۾ فڪر ۽ فلسفي جون جيڪي به حڪايتون پيش ڪيون ويون آهن، اهي تمثيلي ۽ علامتي انداز ۾ هيون، سنڌ ۾ فڪري طور سڌو سنئون ڪي به فلسفي پيدا ڪو نه ٿيا، جيئن يونان ۾ يا روم ۾ پيدا ٿيا، پر سامين، جوڳين، درويشن، مستن، مسخرن، شاعرن ۽ اديبن جي روپ ۾ ٿيا، جن پنهنجيون حڪايتون پنهنجا فلسفيانا نڪتا علامتي انداز ۾ لوڪ قصن ۽ ڪهاڻين جي روپ ۾ پيش ڪيا. هنن سڌو سنئون عوام کي نصيحتون نه ڪيون، ماڻهن کي مڃائڻ لاءِ وڏا بحث نه ڪيا، پر هنن پاڻ کي نصيحتون ڪيون. اهڙيون حرڪتون يا انداز پنهنجا يا جن جو اثر ماڻهن تي اهڙو ٿئي جو هو خودبخود سوچڻ جي لاءِ مجبور ٿين، اهي ئي بنياي فڪر هئا، جيڪي اڳتي هلي ادب ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ ادبي شڪل وٺن ٿا. چارڻ، ڀٽ فقير انهن قصن ۽ ڪهاڻين کي ڳائيندا هئا. لوڪ قصن کي شاعرن به ڳايو ۽ اهوئي روشن خيال فڪر جو علامتي انداز اڳتي هلي باقاعده ادب جي شڪل وٺي نروار ٿيو.
سنڌ ۾ روشن خياليءَ جو ٻيو دوُر انگريزن جي حڪومت ۾ شروع ٿيو، جڏهن يورپ وارا روشن خياليءَ جو بنياد سائنس ۽ جديد فلسفي تي رکي چڪا هئا ۽ زندگيءَ جو هر شعبو روشن خياليءَ کان متاثر ٿي رهيو هو. ان وقت سنڌ ۾ انگريزن ڪجهه روشن خيال فڪر جون تحريڪون هلايون هيون، جن ۾ ٿياسافيڪل تحريڪ نمايان هئي. (ٿياسافي يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي جيڪو ٿيو ۽ سافيا جو ميلاپ آهي جنهن جي معنيٰ آهي خدا جو عقل يا خدائي ڏاهپ، الاهي علم)
Theos=God ۽ Sophia= Wisdom
“It means divine wisdom, God wisdom, concering God, or the wisdom of the gods”.
هن فڪري سوسائٽيءَ جو بنياد 1891ع ۾ ٻن ماڻهن ڪرنل هينري اسٽيل آلڪاٽ (Colonel Henry Steel Olcott) ۽ مئڊم هيلينا پيٽروينا بلواتسڪي (Balvastsky Helena Petrovena Madam) هئا. هندستان ۾ هن تحريڪ جا ميمبر 1879ع ۾ بمبئي ۾ پهتا. 4 جنوري 1880ع ۾ باقاعده پهرين رسمي ميٽنگ ٿي، 1905ع ۾ هي سوسائٽي باقاعده هندستان ۾ قانوني طور رجسٽر ٿي. هندستان ۾ هن جو بنياد رکڻ وارا ايني بسنت، ڪرشنا مورتي، ديش مک شامل هئا. سنڌ ۾ هن سوسائٽيءَ جو بنياد رکڻ وارن ۾ جمشيد نسروانجيءَ خوشحال داس، ڊبليو سامتاڻي، جڳت سنگ عالماڻي ۽ هود ڀائي هئا. هن وقت محترمه گل مينوالا، دادا دولت مهتاڻي، هودڀائي، ابراهيم جويو، شمس عباسي آهن. هن تحريڪ جا فڪري طور مکيه نڪتا هي هئا.
(1) To form a nucleus of the universal brother- hood of humanity without distinction of race, creed, sex, caste or colour.
ترجمو: سڄي دنيا جي انسانن کي نسل، عقيدي، جنس، ذات ۽ رنگ جي مت ڀيد پيدا ڪرڻ کان سواءِ هڪ نڪتي تي ڀائپي ۽ برادريءَ ۽ انسانيت جي رشتي ۾ گڏ ڪرڻ.
(2) To encourage the study of comparative religion philosophy and science.
ترجمو: تقابلي مذهب، فلسفي ۽ سائنس جي تعليم کي همٿائڻ.
(3) To investigate unexplained laws of nature and power latent in man
ترجمو: فطرت جي اڻ سمجهيل ۽ اڻڄاتل قانونن جي کوج ڪرڻ ۽ ماڻهوءَ جي اندروني طاقت ۽ صلاحيتن کي نروار ڪرڻ (22)
ٿياسافيڪل تحريڪ جا فڪري نڪتا اهڙا هئا، جن لاءِ سنڌ ۾ تمام وسيع ميدان موجود هو. سنڌي ماڻهن جي رويي، سڪيولر ۽ صوفي ذهن هئڻ ڪري هنن ٿياسافي تحريڪ جو اثر قبوليو ۽ جلد ئي سنڌ ۾ ڪيتريون ئي شاخون کلي ويون، جن ۾ ڪراچي، شڪارپور، سکر، روهڙي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ باقاعده هر آچر تي گڏجاڻيون ٿينديون هيون ۽ ماڻهو ڏاڍي شوق سان ليڪچر ٻڌندا هئا. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي سالياني رپورٽ مطابق سنڌ ۾ 1941ع ۾ 130 ميمبر هئا. 45- 1944ع ۾ 188 ميمبر هئا ۽ 1946ع ۾ 196 ميمبر هئا. (23)
سنڌ جي دانشورن ۽ اديبن تي انهيءَ جو اثر اهو ٿيو جو سائين جي ايم سيد، ڄيٺ مل پرسرام، ابراهيم جويو، حيدربخش جتوئي باقاعده هن تحريڪ جا ميمبر هئا ۽ ٿيندڙ ليڪچرن ۾ باقاعده شريڪ ٿيندا هئا.
ترقي پسند تحريڪ جو فڪري محرڪ جيڪو اڳتي هلي ترقي پسند تحريڪ جو جوهر سمجهيو ويو بلڪ ترقي پسند واري اصطلاح کي انهيءَ فڪر سان ئي منسوب ڪيو ويو سو هو مارڪس ازم.