ڪتاب جو نالو | سنڌي ادب جو فڪري پس منظر |
---|---|
ليکڪ | پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-128-6 |
قيمت | 600 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (1864) PDF (1018) E-Pub |
انگ اکر | 12 October 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 167144 ڀيرا پڙهيو ويو |
سنڌ جا عرب دنيا سان تعلقات قديم زماني کان وٺي رهيا آهن. قديم زماني کان عرب واپاري سنڌ ۾ ايندا هئا ۽ سنڌ جا واپاري عرب، مصر، شام ۽ يورپ تائين واپار سانگي سفر ڪندا هئا، جنهن ڪري اسلام کان اڳ ٻنهي قومن جا تعلقات موجود هئا. موهن جي دڙي مان جيڪي شيون مليون آهن اهڙيون عراق جي دڙن مان به هٿ آيون آهن. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۽ عرب دنيا وچ ۾ شين جي آمد رفت ۽ واپار هلندڙ هو.
فڪري طرح سان سنڌ، مصر، عراق، يونان، شام، فلسطين ۽ ايران جي پراڻين قومن ۾ گهڻين ڳالهين ۾ مشابهت هئي، جهڙوڪ تخليق جو عمل ۽ ان متعلق رويو، موسم بهار ۾ خوشيءَ جا گيت ڳائڻ، ناچ نچڻ، تخليق جي بنياد تي رسم رواج، جادو منتر جا عمل ڪرڻ، نسل وڌائڻ لاءِ ۽ فصل جي سٺي ٿيڻ لاءِ خاص رسمون ادا ڪرڻ وغيره. اهو تهذيبي اثر ۽ ان جو تسلسل اسلام اچڻ کان پوءِ هڪ نئين انداز سان شروع ٿيو. سنڌ ۾ اسلام اچڻ جي باقاعده شروعات 92هه بمطابق 711ع ۾، عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ ٿي، ان وقت سنڌ جي عوام جي اڪثريت ٻڌ ڌرم جي پوئلڳ هئي. ۽ ڇاڪاڻ جو ٻڌن ۽ برهمڻن وچ ۾ عداوت هئي، ذات پات، ڇوت ڇات، طبقاتي اونچ نيچ تمام گهڻي هئي. انهيءَ ڪري عربن کي سنڌ فتح ڪرڻ ۽ اسلام پکيڙڻ ۾ آساني ٿي. ساڳئي وقت سنڌ ۽ عرب عالمن جا هڪ ٻئي سان مذاڪرا ٿيندا هئا.ڪيترائي عرب عالم اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا ۽ ڪيترائي سنڌي عرب ملڪن ۾ وڃي رهيا، جن مان ڪي عالم، شاعر، حديث فقهه جا ماهر هئا، جن وڏي شهرت حاصل ڪئي. جن ۾ امام اوزاعي، ابو معشر سنڌي مدني، احمد بن سنڌي، ابو محمد خلف بن سالم سنڌي بغدادي، سنڌي بن عدويه ڪلبي رازي وغيره. (1)
عربن ۽ سنڌين هڪ ٻئي جا تهذيبي ۽ لساني اثر قبول ڪيا، مثال طور هتان جي ماڻهن ۾ نرواڻ، ڀوڳ، منتر ته وري اسلام ۾ فنا، طريقت، سلوڪ، مراقبه، ڪرامت، معجزا، فڪري نعم البدل بنيا. ٽي لفظ قرآن پاڪ ۾ هتان جي ٻوليءَ جا آهن. جهڙوڪ ”مسڪ“ (مشڪ)، زنجيل (سنڍ يا سڪل ادرڪ)، ”ڪافور“ (ڪپور). (2)
مسلمانن جي مرشد واري تصور ۽ هندستان جي گرو واري تصور ۾ مشابهت آهي. خود پنچڪ ۽ رامانوج جو نظريو پرستش گرو (Acharya Bhimanyoga) اسلام کان ورتل آهي.
اسلام ۾ استاد جو مرتبو والد جي برابر آهي، علامه ابو معاويه جيڪو انڌو هو، جڏهن هٿ ڌوئڻ چاهيندو هو ته هارون الرشيد کيس هٿ ڌئاريندو هو. (3)
سنڌي عالمن جو پهريون وفد خليفي منصور جي زماني ۾ 771ع ۾ عراق ويو، ان وفد ۾ هڪ حساب دان پنڊت به شامل هو، اهو برهما گپتا جو ڪتاب (برهما سڌانت) به پاڻ سان کڻي ويو ۽ خليفي ان جو ترجمو عربيءَ ۾ ڪرايو. عراق ۾ هن پنڊت جا ڪيترائي شاگرد ٿيا. (4)
۽ اها به عجيب ڳالهه آهي ته لفظ سنڌ مان ٺهيل ۽ پوءِ جدا مروج ٿيل لفظ هند (سنڌ ۽ هند) عربن کي اهڙو ته سٺو لڳو جو هنن پنهنجي ملڪ ۾ عورتن تي اهو نالو رکيو، اهڙي طرح عربي شاعريءَ ۾ اهو نالو اها حيثيت اختيار ڪري ويو جيئن فارسي ۾ ليليٰ ۽ شيرين جو آهي. (5)
سنڌ ۾ اسلام جي فڪري ارتقا کان به اڳ سنڌ ۾ عربن جي تهذيب جا اثر باقاعده ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جڳهه جڳهه تي مسجدون ٺهرايون ويون، سنڌين پنهنجا نالا عربي رکڻ شروع ڪيا. لباس ۾ تبديلي آئي، مرڻ ۽ جيئڻ جي عمل ۾ اسلامي روايتن جو عمل دخل شروع ٿيو وغيره.
پر سنڌ ۾ اسلامي فڪر جي ارتقا تصوف جي صورت ۾ قبول ڪئي ويئي، جيڪا سنڌي ماڻهن جي مزاج، هزارين سالن جي نفسياتي ساخت ۽ روايتن مطابق هئي. سنڌ ۾ ويدن ۽ ٻڌ مت ۾ اهڙي فڪري اٿل پٿل اڳ ۾ ئي موجود هئي. بنيادي طرح وجود جي داخلي گهرائي ۽ ڪائنات جي پراسراريت بابت سوچ ويچار سان (Mysticism) شروع ٿئي ٿو.
“The mystic insight brings with it the sense of mystery unveiled.” (6)
غور سان ڏٺو وڃي ته تصوف (Mysticism) وحدت الوجود، صوفي ازم، ويدانيت، وجوديت، هڪ ئي فڪر جي دائري ۾ ڦرن ٿا. تقريباً دنيا جي هر مذهب اندر اهو فڪر موجود آهي.
وحدت الوجود جو مسئلو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ هر قوم ۾ موجود هو. ڪجهه يوناني فلاسافر هڪ معنيٰ ۾ انهيءَ جا قائل هئا. اسڪندريه جو نو افلاطوني (Neo-platonic) فرقو انهيءَ جو پوئلڳ هو. پراڻن يهودين ۽ عيسائين ۾ به اهو خيال موجود هو.
هندو ويدانت جي پوري عمارت انهي تخيل تي قائم آهي. (7)
اسلام ۾ پهرئين دور ۾ تصوف هڪ رجحان هو، ڪو فرقو يا مسلڪ نه هو، اڳيان هلي تصوف جي مابعدالطبعيات کي فروغ مليو ۽ طريقت جو سلسلو شروع ٿيو. شروعات ۾ حضرت امام جعفر صادق (765ع)، حسن بصري (728ع)، اويس القرني (پهرين صدي هه)، دائود الطائي (781ع)، شفيق بلخي (810ع)، رابعه بصري (899ع)، ابو حنيفه (768ع)، الخراز فضيل ابن عيساني (753ع) هي سڀ حضرت معرفت الاهي جي نسبت تقويٰ ۽ عقبيٰ جا زياده طالب هئا. هنن کي گناهه جو احساس ۽ جزائي الاهي جو خوف هو ۽ هي سڀ ظاهري مذهب جا قائل نه هئا. (8)
ٻئي مرحلي ۾ تصوف هڪ وجودي مرحلي ۾ ظاهر ٿيو. انهيءَ مرحلي ۾ صوفي سڳورا مختلف گروهن ۾ هڪ مزاج ۽ پنهنجي پنهنجي مزاج مطابق هڪ هڪ بزرگ جي آس پاس جمع ٿيڻ لڳا، جن ۾ حضرت سيد علي هجويري رح سفر وسيلي روحاني فيض حاصل ڪرڻ تي يقين رکندو هو. سندس چوڻ هو ته صوفيءَ کي ضرور سفر ڪرڻ کپي ته جيئن انهيءَ جي دل ۾ باطني نفساني خواهشن کان نفرت پيدا ٿئي ۽ خود پاڻ به اسلامي دنيا جي ڏورانهن علائقن جو سفر ڪيائين.
حضرت جنيد بغدادي رح فنا (Annihilation) ۽ بقا (Substance) جي مقامن جي تشريح ڪئي.
حسين ابن الحلاج منصور رح جي نظرئي مطابق ڪائنات جي تخليق کان پهريان خداوند تعاليٰ پنهنجي احديت ۾ هو. پنهنجي ذات ۾ لازوال سونهن جو خزانو هو ۽ پنهنجي ذات جي عظمت ۾ مستغرق هو ۽ اهڙي تحميد جي بنيادي سادگيءَ جو نالو ”عشق“ هو ۽ اهو ئي عشق تمام صفتن کان ماورا پنهنجي ذات ۾ ذات الذات (Essence of essence) آهي. خدا پنهنجي ڪامل فرديت ۾ عشق ئي کان منور ٿيو ۽ انهيءَ نور سان ڪثرتي صفتون وجود ۾ آيون. (9)
قشيري (1072ع) ۾ تخليق جي باري ۾ نو افلاطوني نظريو تصوف سان متعارف ڪرايو ته ڪائنات جي تخليق وچ وارن وسيلن سان وجود ۾ آئي ۽ ابن سينا انهيءَ تصور سان آشنا ڪيو ته حقيقت ڪبريٰ حسن ازلي آهي. جيڪي ڪائنات جي آئيني ۾ حسن جي جمال جو مشاهدو ڪري رهيو آهي ۽ اهو تصور پيدا ٿيو ته خدا ماورا (Transcendent) ۽ اندروني طور ڪل (Imminent) آهي.
ابن عربي (1241ع) قدرت ۽ انسان ٻنهي وجودن جو مڃيندڙ هو. سندس چوڻ هو ته مخلوق جي هر ذري ۾ سندس جلوو موجود آهي، هر شيءِ ۾ انهي جو ظهور آهي، انسان خدا جي مثل ۽ خدا انسان جو روح آهي، خدا انسان جي ئي هستي ۾ سمائجي موجوده عالم کي ظاهر ڪري ٿو ۽ اهو ئي انهن صفتن جو جوهر آهي. جڏهن انسان خدا جو تصور ڪري ۽ خدا انسان جو تصور ڪري ٿو ته ڄڻ هو پنهنجو ئي تصور ڪري ٿو. (10)
ابو هاشم ڪوفي (766ع) پهريون شخص هو جيڪو صوفيءَ جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو. اهڙي طرح آهستي آهستي صوفي زهد ۽ رياضت کان وڌيڪ الاهي عشق ۽ معرفت ڏي مائل ٿيندا ويا. بايزيد بسطامي ۽ منصور حلاج انهن تبديلين جا مکيه اڳواڻ هئا.
سنڌ ۾ تصوف جي شروعات حضرت خواجه حسن بصري رح جي ذريعي ٿي، ان وقت جيتوڻيڪ لفظ صوفي ۽ تصوف مروج نه ٿيا هئا، پر صوفيانه تعليم جي شروعات ٿي چڪي هئي، گهڻو ڪري تصوف جا سڀ سلسلا حضرت خواجه حسن بصري رح جي ذريعي حضرت علي ڪرم الله وجهه تائين پهچن ٿا. سنڌ ۾ ٻي صدي هجري ۾ ئي اهڙا عالم ۽ فاضل پهتا هئا جن حضرت خواجه حسن بصري کان علمي ۽ روحاني فيض پرايو هو. (11)
ان کان پوءِ گهڻا عالم ۽ درويش سنڌ ۾ آيا جن کان ماڻهن روحاني فيض پرايو جن ۾ سيد عبدالقادر جيلاني جيڪو 1105ع ۾ روهڙي به آيو. (12) جنهن جو قادري سلسلو شروع ٿيو.
تنهن کان پوءِ خواجه معين الدين چشتي اجميريءَ 1235ع ۾ سنڌ جي سير و سياحت ڪئي. خواجه رح پهريون شخص هو جنهن مسلم موسيقيءَ جي روايت هندستان ۾ وڌي جنهن ۾ ايراني موسيقي ۽ هندي موسيقيءَ جا اثر گڏ گڏ هئا. هن هڪ نئين تخليق ذريعي تهذيب جو ميل جول وڌايو. هندستان ۾ خواجه رح پهريون شخص هو جنهن مقامي ماڻهن سان ميل جول ۽ انهن جي ڏک سک ۾ شرڪت جي رسم وڌي. عوام کان الڳ رهڻ کي ناپسنديده عمل قرار ڏنو. سندس ايمان هو ته انسانيت ئي مذهب آهي، عبادت اها آهي ته مظلومن جي مدد ڪئي وڃي، ضرورت مندن جي مدد وارو ئي الله جو دوست آهي، ۽ اهي خوبيون صرف خواجه رح ۾ نه پر سندس پوئلڳ سڀني بزرگن ۾ موجود هيون. (13) سنڌ ۾ سندس صوفياڻو سلسلو چشتي شروع ٿيو. ان کان پوءِ لعل شهباز قلندر جي تعليم سان سنڌ ۾ قلندري تصوف جو سلسلو شروع ٿيو. قلندر حقيقت ۾ صوفياءِ ڪرام جو وضع ڪيل اصطلاح آهي، قلندر ان کي چيو ويندو آهي، جيڪو پنهنجي ارادن خواهشن کي ترڪ ڪري رضا الاهي تي راضي رهي ۽ ان ۾ ئي دلي سڪون حاصل ڪري، ان طريقي ڪار جي ڪيفيت جو نالو مستي آهي ۽ مستي ئي قلندري طريقي جي سڃاڻ آهي. (مستي عشق الاهي جي حد ڪمال جي نشاني آهي). (14)
سنڌ ۾ سهروردي سلسلو سيد محمد شجاع جي پٽ سيد محمد مڪي ۽ حضرت شيخ نوح بکريءَ ڦهلايو، هي بزرگ حضرت سهروردي کان روحاني فيض حاصل ڪري آيو هو، ان کان پوءِ تصوف جو هي سلسلو غوث بهاوالحق ذڪريا تمام گهڻو ڦهلايو. هن سلسلي ۾ ڄاڻ کان وڌيڪ بي خوديءَ کي ترجيح ڏني ويندي آهي. عشق جي شدت، مستيءَ جو جذبو، شوق جو غلبو، شعر و نغمه ۽ سماع هن سلسلي جا بنيادي عنصر آهن.
ان کان پوءِ سنڌ ۾ اسماعيلي بزرگن هندو مسلم ثقافت ۾ نمايان حصو ورتو. هي بزرگ اڪثر غير مسلمانن سان گڏ رهندا هئا، تيرهين صديءَ ۾ واديءَ سنڌ ۾ اسماعيلي فرقي جي تنظيم ڪاري ڪرڻ وارن ۾ پير صدر الدين هو، جنهن کي هندو مڇر ناٿ جي نالي سان سڏيندا هئا. هن رهنما پنهنجي فرقي جي ماڻهن کي روحاني فيض پهچائڻ خاطر ڏهه اوتار جي عنوان سان هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ حضرت آدم کي شِو حضرت محمد صلي الله عليه وسلم کي برهما ۽ حضرت علي کي وشنو سان مشابهت ڏنائين. (15)
خدا جي صفتن کي اسلامي اصطلاحن ۽ هندو ڌرم جي اصطلاحن سان ملائي هڪ تصور پيش ڪرڻ، تهذيب ۽ مذهب جو اشتراڪ ڪرڻ، سنڌ جي فڪر ۽ اسلامي فڪر جو ميل ڪري تصوف کي پروان چاڙهڻ ۾ ڀڳتي تحريڪ جو به وڏو هٿ آهي. ڀڳتي تحريڪ جي شروعات ٻارهين صدي ۾ ٿي جنهن جا باني سوامي رامانج آنند تيرٿي (1016-1117ع) وشنو سوامي ۽ باسو هئا.
سنڌ ۾ ڀڳتي تحريڪ جي پرچار ڪرڻ وارن ۾ نام ديو ساڌنا ۽ گرونانڪ زياده مشهور آهن. ڀڳتي تحريڪ جو مقصد پريم جو پرچار ڪرڻ هو. خدا ۽ انسان وچ ۾، انسان ۽ انسان وچ ۾ پريم جو پرچار ڪرڻ هو.
گرونانڪ جو مقصد هندو ۽ مسلمانن ۾ اتحاد قائم ڪرڻ هو. هن جو چوڻ هو ته ڪائنات ۾ صرف هڪ خدا آهي جنهن جو ڪو شريڪ ناهي.
مجموعي طور ڀڳتي تحريڪ وارا سماج ۾ طبقاتي ننڍوڏائيءَ خلاف هئا. سندن چوڻ هو ته سڀئي انسان برابر آهن، خدا تائين رسائي صرف محبت جي ذريعي ٿي سگهي ٿي ۽ انهيءَ مقصد لاءِ مذهبي قيد بي جواز آهي. (16)
هيءَ تحريڪ روحاني رجعت پسندي ۽ عقيده پرستي جي خلاف هئي. هو ذات پات جا سخت دشمن هئا. سندس چوڻ هو ته سچائي هڪ آهي ۽ ان جو اظهار بي شمار مختلف صورتن ۾ ٿئي ٿو. تنهن ڪري هڪ صورت کي درست چوڻ ۽ ٻين کي غلط چوڻ نا مناسب آهي. خدا هڪ آهي ۽ ان ڪري تمام انسان هڪ آهن. هندو مسلم جي تقسيم بي معنيٰ آهي. هن تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ ۽ شاعري ذريعي پنهنجي فڪر کي ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ ڀڳت ڪبير اهم ڪردار ادا ڪيو.
اهڙي طرح سنڌ ۾ اسلامي فڪر جي نشونما تصوف جي شڪل ۾ ٿي. تصوف جي فڪري گهرائيءَ ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌ جي سرزمين انهيءَ لاءِ زياده موزون هئي. بنيادي طرح صوفي هڪ بيچين وجود هوندو آهي، هو پنهنجو پاڻ مان به مطمئن ڪونه هوندو آهي، هو بهتريءَ جي تلاش ۾ هوندو آهي. (17)
صوفي پنهنجي ذات جي داخليت ۾ ٻڏي پاڻ کي نامڪمل محسوس ڪندو آهي. زمان ۽ مڪان جي حدن ۾ قيد هڪ اڻ پورو وجود جيڪو پنهنجي وجود جي تڪميل ۽ حيات جو مقصد ٿو چاهي، انهيءَ ڪشمڪش ۾ موت هڪ هيبت ناڪ تصور بنجي ويندو آهي، ذات جي اها کوٽ، اڪيلائي ۽ مايوسي ڏانهن ڌڪي ڇڏيندي آهي. انهي صورت ۾ ٻه رستا سامهون هوندا آهن هڪ ته وجود جي مڪمل هستيءَ جي ڳولا ڪئي وڃي، ٻيو خوديءَ جي آگاهي ۽ بي اختيار آزاد وجود کي ڪنهن ڪامل وجود جي سپرد ڪجي ۽ حياتيءَ جو مقصد حاصل ڪجي.
انهيءَ بنياد تي غور و فڪر ڪندي اڪثر مڪتبه فڪر ۽ گروهه وجود ۾ آيا. مذهب ۾ به فڪري اٿل پٿل اها ئي رهي، اهو فڪري عمل ڪنهن هڪ جڳهه يا هڪ قوم يا هڪ وقت جي شيءِ ناهي بلڪ اهو ايترو پراڻو آهي جيترو انسان.
“Mystical experience is not an isolated phenomenon. It is as old as humanity, and is not confined to any particular period.” (18)
ترجمو: صوفي تجربو ڪو مجرد عمل ڪونهي، اهو انسانيت جيترو پراڻو آهي ۽ ڪنهن خاص دور تائين محدود ناهي.
مذهب گهڻا ۽ جدا جدا ايندا رهيا پر سندن معنوي پاسو فڪري طرح حقيقت پروڙڻ هو. هر زمان و مڪان ۾ انهيءَ اصولن پاڻ کي نون نون نالن ۽ ويس سان ظاهر ڪيو آهي. قديم يهودين ۾ (آيسني) فرقو اهڙن اصولن جو قائل هو. يونان ۾ فيثا غورث ۽ افلاطون اها ساڳي تند تنوار، عيسائي مذهب ۾ ناستڪ (عارف) ۽ پاٽسٽ (يعني زاهد) انهيءَ صوفياڻي مسلڪ جا هئا. هندستان ۾ ويدانت موجب برهم يا آتما (حق) انسان جي عقل ۽ سمجهه کان ٻاهر آهي. يعني هي آتما سانت آهي، سندس مول متو به انهن لفظن ۾ سمايل آهي. ته (اَهَم بَرهم آسِمي) يعني آءٌ برهم آهيان اهو گفتگو مطابق آهي صوفي جي ”انا الحق“ جي. (19)
جديد وجوديت جي فڪر ۾ به انهن سوالن تي بحث ٿيل آهي ۽ موجوده وجوديت ۽ قديم وجوديت ۾ فرق ۽ امتياز ڪري سگهجي ٿو. قديم وجودي جوهر کي وجود کان پهرين مڃيندا هئا ۽ موجوده وجودي وجود کي جوهر کان پهرين مڃيندا آهن. (20)
جديد وجوديت سائنسي نڪته نظر کان ماديت پسند بنيادن تي بيٺل آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جو ڪو به جوهر ناهي. نيٽشي جو چوڻ آهي ته انسان کي کپي ته هو ڪڙي ۽ المناڪ حادثي جي حقيقت کان پنهنجي روح جي گهرائي ۾ پوري طرح سمائي ڇڏي ۽ انهيءَ حقيقت کي تسليم ڪري ته هن ڀريل ڪائنات ۾ اهو اڪيلو ۽ بلڪل اڪيلو آهي. (21)
يونان ۾ حيات جي جوهر جو هڪ جواب ايپي ڪيورس ڏنو ۽ قديم هندستان ۾ چارواڪ ڏنو، ٻنهي جي خيالن ۾ زندگي جو جوهر لذت ۽ آسودگي آهي. موهن جي دڙي جي رهڻي ڪرڻي انهي جوهر جو عملي نمونو هو جنهن مطابق زندگيءَ جو مقصد آسودگي، خوشحالي، امن، محبت ۽ پيار آهي.
صوفي مت جي تت ۾ غور سان ڏسنداسين ته ”عشق“ ئي ڪائنات جو جوهر آهي. حقيقت ازلي دراصل حسن لازوال آهي جنهن جي فطرت خود نمائي آهي. يعني خود نمائي عشق آهي ڇو ته عشق حسن جي قدرداني ۽ حسن جي تڪميل آهي. بلڪ عشق هن ڪائنات جي حرڪت جي قوت آهي. (22)
تصوف حيات جو هڪ اهڙو نمونو آهي جيڪو خيال احساس، نفس ۽ روح کي خدائي رنگ ۾ رنگي غير الله کان بي نياز ڪري ڇڏي ٿو. تصوف اها دل آهي جيڪا (لَّقَدْ كَانَ لَكُمْ فِي رَسُولِ اللَّهِ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌ) جي صدا بلند ڪري الله جي حڪم تي قربان ٿي حيات کي بي معنيٰ ۽ بي مقصد ٿيڻ کان بچائي ٿي. (23)
قرآن شريف جي صورت بقره 35 ۾ آهي ته:
وَالَّذِينَ آمَنُوا أَشَدُّ حُبًّا لِّلَّهِ
ترجمو: ۽ جيڪي مومن آهن انهن کي صرف الله سان محبت آهي. (24)
نتيجو
هن سڄي بحث مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ اسلام تصوف جي صورت ۾ وڌيڪ قبول ڪيو ويو. بلڪه اسلام جي فڪري فلسفياڻي شڪل تصوف جي صورت ۾ ئي ظاهر ٿي. ڇو ته سنڌ ۾ مثبت وجودي شڪل اڳ ۾ موجود هئي تنهن ڪري اسلام اچڻ کان پوءِ تصوف جي صورت به دنيا کان مختلف طرح قبول ڪئي ويئي.
تصوف جي انهي فڪري پرچار سنڌي ماڻهن تي اهو اثر ڪيو جو هنن مذهبن جي ظاهري دستور ۽ عقيدن سان گڏ زندگي ۽ انهيءَ جي مقصد بابت مثبت رويو پيدا ڪيو. سنڌي ماڻهن وٽ مذهبي جنون پيدا نه ٿيو بلڪ امن، پيار، انسانيت ۽ غور فڪر ۾ وچٿرو رويو پيدا ٿيو بلڪ اسان ائين سمجهنداسين ته سنڌ جي اصلي فڪر جي صورت مختلف مرحلن مان گذري اسلام سان ملي صوفي مت جي صورت ورتي. انهيءَ فڪر جي بنياد تي ڪئين بزرگ پيدا ٿيا، جن سنڌي ماڻهن ۾ پيار، امن ۽ ڀائيچاري جو پرچار ڪيو ۽ خاص طرح سان سنڌي ادب جو فڪري بنياد به اتان پيو. سندس فڪري گهرائي ۽ سنڌ سرزمين جي نفسيات سندن خيالن ۽ سنڌي ادبي ڪاوشن ۾ وڌيڪ جاچڻ لاءِ اسان الڳ الڳ شخصيتن کي ڏسنداسين.