ڪتاب جو نالو | سنڌي ادب جو فڪري پس منظر |
---|---|
ليکڪ | پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-128-6 |
قيمت | 600 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (1864) PDF (1019) E-Pub |
انگ اکر | 12 October 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 167149 ڀيرا پڙهيو ويو |
گهڻو ڪري ڪا انقلابي تحريڪ رومانويت کان خالي نه هوندي آهي. ڪنهن به نظريي سان يا ڪنهن به تنظيم سان لڳاءُ، جذباتي ۽ انقلاب متعلق تخيلي رويو هوندو آهي. اسان ڏسنداسين ته اردو ادب ۾ سر سيد احمد خان ۽ علامه اقبال جا فڪري رويا دراصل مسلمانن کي پنهنجو سنهري ماضي ياد ڏياري انهي رومانويت ۽ تخيل سهاري اڳتي وڌڻ جي تلقين ڪن ٿا. محمد عثمان ڏيپلائي ۽ سراج ميمڻ جا ناول به قوم ۾ سندن خوبصورت گڻن ۽ مضبوط قدرن جا خوبصورت تصور اڀاري قومي جذبو اڀارين ٿا. سندن اها رومانويت ڪنهن انقلابي تبديليءَ جي آس رکي ٿي.
سانگهڙ
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي لکيل هن ناول ۾ انگريزن جي خلاف حر تحريڪ کي هڪ جامع انداز ۾ ترتيب ڏئي پيش ڪيو ويو آهي، پر ڇو ته هي ناول پاڪستان جي آزاديءَ کان پوءِ لکيو ويو آهي، جنهن ڪري گهربل نتيجا اڳ ۾ ئي زير بحث آندا ويا آهن.
مثال ناول ۾ جي ايم سيد ۽ پير پاڳاري جي ملاقات ۾ ٿيل گفتگو مستقبل جي نتيجن مطابق ڏنل آهي. ان کان علاوه ناول ۾ جنگ جا منظر وڌيڪ جذباتي انداز ۾ اڀاريا ويا آهن ۽ ڪردار خطرناڪ حد تائين ويڙها ۽ قرباني ڏيندڙ آهن. اهڙي طرح ناول ۾ وڌاءُ يا مبالغو ٿو محسوس ٿئي.
مثال:
”هڪ نوجوان جي شادي ٿي چڪي هئي، ماڻس کير جو وٽو ڀري اڃان هٿ ۾ ڏنس ته هن عورت آواز ڏنو. ”مجاهدو نڪرو جهاد لاءِ!“ يڪدم ماءُ چيو، ”پٽڙا!! هاڻي تو تي هي کير حرام ٿي چڪو آهي، يڪدم سهرا لاهي وردي پايو.“ ته ٻي عورت چيو ادي اڄوڪي رات ته ڪنوار وٽ گهارڻ ڏينس ته هن مجاهدياڻي جواب ڏنو. ”مون ته اها شادي به رڳو اوهان جي زور رکڻ تي ڪئي نه ته هي شادين جو وقت ڪو نه هو. هاڻي جي سلامت رهيو ته اچي ڪنوار سان گهاريندو نه ته وڃي حورن سان لائون لهندو.“(12)
ناول ۾ حر تحريڪ ليکڪ جي داخلي جذبن احساسن ۽ تخيل سان ڀرپور آهي، خاص طور سان ليکڪ جي ڪوشش رهي آهي ته حرن جي خلاف جيڪا غلط پروپيگنڊا ٿيل آهي، انهيءَ کي ختم ڪري حرن کي مجاهد ۽ انسانيت جا علمبردار ڪري پيش ڪجي. خاص طور سان آخر ۾ حر مهاجرن جي ڏاڍي خدمت ڪن ٿا ۽ انتهائي مثبت رويو پيدا ڪن ٿا. جيتوڻيڪ هي تاريخي ناول آهي پر منجهس رومانوي پاسو حاوي آهي.
پڙاڏو سوئي سڏ
هي ناول سنڌ جي اونداهي دؤر جي تاريخ جي هڪ دؤر تي مشتمل آهي. هن ناول جو به بنيادي مقصد سنڌي قوم ۽ ڌرتي لاءِ اهو جذبو اڀارڻ آهي، جنهن سان هو ڌارين جي ڏاڍ خلاف وڙهي سگهن. هي ناول 1970ع ۾ شايع ٿيو هو. هي دؤر سنڌ جو نازڪ دؤر هو. هن دؤر ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ هلي رهي هئي، سنڌي ادب قومي جذبو اڀارڻ ۽ قومي تحريڪ کي وڌائڻ ۾ رڌل هو. اهڙي دؤر ۾ هي ناول سنڌي قوم لاءِ ڏاڍو اتساهيندڙ هو. هي ناول ڏاڍو سحر انگيز آهي، پڙهڻ سان ماڻهو اهڙي دنيا ۾ گم ٿي وڃي ٿو، جتي سنڌي پنهنجي وجود جي جنگ وڙهي رهيا آهن پر جنگ ڏاڍي طلسماتي آهي، جنهن ۾ سنڌي جانٺا جوان مابعدالطبعاتي ڪردار لڳن ٿا، ڪٿي سوڍل جهڙو سنجيده ۽ بهادر ڪردار آهي ته ڪٿي دادن جهڙو جان نثار ڪردار آهي. هن ناول پٺيان ليکڪ جو قومي جذبو ۽ سنڌي ماڻهن جا مثبت قدر نمايان آهن، جن کي هن تخيلي ڪهاڻيءَ جا روپ ڏيئي اهڙو ته اڀاريو آهي جو ناول پڙهڻ سان ائين لڳي ٿو ڄڻ سنڌي قوم اها عظيم قوم آهي جنهن جو هر فرد بهادر جانٺو جوان، ارڏو، وطن تي جان نثار ڪندڙ آهي. ناول جا اهي پراسرار ڪردار نه صرف بهادر ۽ جنگجو آهن پر ڌارين جي خوبصورت عورتن جا آدرش به آهن.
مثال:
”سنڌي تون اچين وئين! مون کي پڪ هئي ته تون ضرور ايندين: پر ايترو انتظار ڪرائبو آهي......!“(13)
انهن سڀني ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو ته ناول جو اسلوب ڏاڍو رومانوي آهي. ناول جي سڄي پلاٽ تي رومانويت حاوي آهي. مصنف جي خيال ۾ رومانوي آئيڊئلزم ڇا ڪاڻ ته ان دؤر جي ضرورت هو، ان ڪري هن آدرشي ڪردار تخليق ڪيا ۽ انهن هٿان آدرشي عمل ڪرايا. اها رومانويت جي هڪ اهڙي لهر هئي، جيڪا ان دؤر جي ڪيترن ئي ترقي پسند ليکڪن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن ۾ ڄڻ ته هن جو ڪو خواب ساڀيان ٿيڻ جي خواهش لڪيل هجي.
آغا سليم
آغا سليم جي ناول ۾ بنيادي فڪر تصوف آهي، جنهن کي هن رومانوي انداز ۾ پيش ڪيو آهي، مثال طور سندس ناول ”همه اوست“ جنهن ۾ هن هندو، مسلم، عيسائي مذهب جي ٽن ڪردارن کي زندگيءَ جي مختلف ارتقائي حالتن ۾ ڏيکاريو آهي. جيڪي آخر ۾ فڪري طرح تصوف ڏانهن رغبت رکن ٿا. انهن ڪردارن جي فڪري ارتقا ليکڪ جي ذهن ۾ موجود فڪر مطابق آهي. اهو فڪر حقيقت آهي پر ڪردارن جو ماحول ۽ سندن چر پر تخيلي آهي، جنهن ۾ ليکڪ ڏاڍو رومانٽڪ آهي. انهيءَ کان پوءِ ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته سڄي سنڌ ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي هاڪ آهي ۽ ٻئي طرف سندس فڪري تحريڪ جو بنياد شاهه عنايت صوفيءَ آهي. تاريخي طور ڏٺو وڃي ته شاهه عنايت صوفيءَ جي تحريڪ وقت شاهه لطيف اڃان 28 سالن جو هو. سندس هاڪ سڄي سنڌ تائين نه پهتي هئي، تنهن ڪري آغا سليم جو اهو خيال به رومانوي آهي. آغا سليم جو ٻيو ناول ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ 1978ع ۾ اسان جي سامهون آيو. هن ناول ۾ سنڌ جي 5 هزار سالن کان وٺي اڄ تائين مختلف دؤرن جي فڪري ۽ تهذيبي صورت حال کي رومانوي انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. هن ناول جو مکيه ڪردار سارنگ آهي، جيڪو هر دؤر ۾ سنڌي ماڻهن جي نمائندگي ڪري ٿو. هن ناول جو پلاٽ رومانوي آهي، جنهن تي تخيل جي اڏام سان ڪردارن کي زندگيءَ ڏني وئي آهي. بنيادي طرح ليکڪ جو سنڌ ڏانهن جذباتي رويو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي شهرن، ڳوٺن ۽ ماڻهن جو ذڪر ڏاڍو رومانوي انداز سان ڪري ٿو. مثال طور: ”شڪارپوري عورت ڳالهائيندي ته ائين لڳندو ته ڄڻ سُر جي ورکا پئي ٿئي. شڪارپوري گار به سُر ۾ ڏيندو، ڪڏهن شڪارپور جي گهورڙن جا هوڪا ته ٻڌ. اهڙي لانڍ ۾ اهڙي سر سان هوڪا ڏيندا، ڄڻ ڪو گيت پيا ڳائين، اَسُر ٿيندو ته سريلا آواز شروع ٿي ويندا. موهن جي دڙي وارا ڏاند گاڏين جا چيچاٽ، اٺن جا چڙا گهورڙن جا هوڪا.“ (14)
بنيادي طرح ليکڪ جو پنهنجي شهر سان جذباتي رشتو آهي، جيڪو هڪ عام سڀاويڪ جذبو آهي، جنهن جو بنياد محبت آهي ۽ محبت اهو جذبو آهي، جنهن ۾ انسان حقيقي دنيا جي قيد مان نڪري پنهنجا گس، پنهنجا پيچرا، پنهنجا رشتا ۽ پنهنجي تخليقي دنيا ٺاهي انهيءَ ۾ پنهنجا رنگ ڀريندو آهي.
پرل ايس بڪ جو هڪ ڪردار (Pavilion of Women) ۾ چوي ٿو ته انسان جي دل ۾ سڀ کان پهرين محبت ان جي پنهنجي ذات سان محبت آهي، قدرت هر انهيءَ شيءِ کي زنده رکي ٿي، جنهن ۾ زنده رهڻ جي خواهش موجود آهي، جڏهن ڪنهن به مرحلي تي انسان ۾ جيئڻ جي خواهش ختم ٿي وڃي ٿي ۽ پوءِ ڪنهن به شيءِ جي محبت ان جي دِل ۾ داخل نه ٿي ٿئي ته پوءِ انسان ۾ جيئڻ جي خواهش به ختم ٿي وڃي ٿي.“(15)
رومانيت به رومانويت جو هڪ حصو آهي ۽ انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته حياتياتي عمل لاءِ رومانويت ضروري آهي. انسان ۾ جيتري حياتياتي طاقت (Vital Force) وڌيڪ هوندي اوترو هو رومانوي هوندو، شين سان جذباتي سطح تي رشتا جوڙيندو، پنهنجا ڪردار ٺاهيندو، پنهنجي تخيل سان ڪهاڻيون گهڙيندو، اهڙي طرح هو پنهنجي هڪ نئين دنيا آباد ڪندو آهي، جنهن ۾ سونهن هجي، سوڀيا هجي، امن ۽ پيار هجي. آغا سليم به هڪ اهڙو ليکڪ اهي، جنهن سنڌ سان وطن پرستي جو جذباتي ناتو جوڙي هڪ حسين ۽ خوبصورت سنڌ جي تخليق ڪئي آهي.
آغا سليم جا ٻه ننڍا ناول آهن. روشنيءَ جي تلاش“ ۽ ”اڻ پورو انسان“ جن ۾ مختلف فڪري بحث ٿيل آهن. ناول ”روشنيءَ جي تلاش“ ۾ مختلف عورتن جا ڪردار پيش ڪيل آهن، جن جي سماجي زندگيءَ ۾ ڪمزور مردن جا ڪردار آهن. مثال نسيم جو مڙس فالج زنده آهي، هلڻ کان لاچار آهي، وهيل چيئر تي ويٺل آهي ۽ شميم جواڻ جماڻ ڇوڪري آهي پر کيس مرد جي محبت بجاءِ مرد جي مردانگي ۽ طاقت جهڙا گڻ وڻن ٿا، بلڪه هوءَ فطرت مان به طاقت، زور ۽ ڏاڍ جي روپ کي پسند ڪري ٿي.
مثال:
”رڳو هڪڙو وحشي ڪتو ڌاريو هئائين جنهن سان کيس ڏاڍو پيار ٿي ويو هو، ان ڪتي سان سندس پيار جو به عجيب سبب آهي، هڪڙي ڏينهن ڪتو رومڙ ڪري مٿان چڙهي آيس ۽ ڄنگهه ۾ چڪ هڻي ڪڍيائينس، هوءَ ڊپ يا ڪاوڙ ڪرڻ بدران چرين جيان ان ڪتي جي چڪ کي چمڻ لڳي، ان کان پوءِ ڪتو سندس زندگيءَ جو حصو بڻجي ويو.“(16)
شميم جو هي روپ سندس نفسياتي مرض جي نشاندهي ڪري ٿو، جيڪا اذيت پسنديءَ جي شڪار آهي ۽ خود اڳتي هلي ليکڪ ڏيکاري ٿو ته شميم خود ڪشي ڪري ڇڏي، ڇو ته کيس موت طاقت ور لڳو ۽ زندگيءَ جا سڀ سهارا کيس ڪمزور لڳا. هن جو ڀروسو محبت تي به ناهي جو ليکڪ هڪ ڪردار واتان چورائي ٿو ته:
”ادا هن دنيا ۾ محبت ڪنهن کي به ميسر ڪانهي، هر ڪو محبت کان محروم ۽ اڪيلو آهي، محبت، همدردي ۽ خلوص اهي سڀ کوٽا سڪا آهن، جن کي چمڪائي ۽ جرڪائي اسين ٻين کي فريب ڏيون ٿا ۽ پاڻ به فريب کائون ٿا.“(17) ۽ اڳتي هلي ليکڪ خود انهيءَ ڪردار کان چورائي ٿو:
”ادا پيار، محبت، همدردي سڀئي رڃ جا روپ آهن پر رڃ جي ان فريب کان سواءِ جيئڻ به ته محال آهي.“(18)
يعني جيئڻ لاءِ فريب کائڻ ضروري آهي! هتي ليکڪ رومانويت جي انهي نڪتي تي پهچي چڪو آهي ته زندگيءَ جو فطرت سان يعني ٻاهر مادي دنيا سان رشتو رومانوي آهي، حقيقت ناهي ۽ زندگيءَ جو خوشحال روپ رومانوي آهي نه ته حقيقت ڪجهه به نه آهي يعني ٻي معنيٰ ۾ حقيقت موت آهي ۽ زندگيءَ رومانويت آهي. مطلب ته زنده رهڻ جي لاءِ رومانويت جو ويس ڌارڻو پوندو جنهن ۾ جذباتي ۽ تخيلي سهارا آهن.
هتي ليکڪ وجودي فلسفي جي انهيءَ جوهر تي پهتو آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جو مثبت پاسو لڪل آهي پر ليکڪ واضع طور ناول ۾ انهيءَ فڪر کي پيدا ڪرڻ بجاءِ منفي پاسي ڏانهن هليو وڃي ٿو ۽ ڪردار يعني شميم کان خود ڪشي ڪرائي ٿو.
ٻيو ننڍو ناول ”اڻ پورو انسان“ آهي. هن ناول ۾ هڪ شخص انقلابي آهي، سندس خواب ۽ آدرشن هن سماج کي بدلائڻ جا آهن، پر اوچتو هن جي دنيا ۾ تبديلي اچي ٿي، هو دنيا جي چمڪ دمڪ ڏسي پنهنجي آدرشن ۽ خوابن تان هٿ کڻي ٿو ۽ هڪ امير ڇوڪري سڪينه جي زندگيءَ ۾ هليو وڃي ٿو ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ هن کي سڪينه ۾ موهه نٿو ملي ۽ خود سڪينه به هن کان پري ٿي وڃي ٿي. تنهن کان پوءِ هن ڪردار جي زندگيءَ ۾ مختلف ڇوڪريون اچن ٿيون، هو انهن مان سڪون، پيار جي تلاش ۽ جستجوءَ مان مڪتي چاهي ٿو، پر کيس سڪون نٿو ملي، وري هڪ عجيب ڪراهت محسوس ٿئي ٿي سوچي ٿو:
”ڇا لذت جو انجام ڪراهت آهي، انساني جسمن جي ازلي ڪشش ۾ ميلاپ جو نتيجو اٻٿايون ۽ اٻڙڪا آهن؟(19)
آغا سليم انساني فطرت جو سفر ڏيکاري ٿو، جيڪو ڪٿي به ٿانيڪو ناهي، هر نظريو هر فڪر وقتي آهي، هر خوشي ۽ لذت عارضي آهي. انسان مسلسل ڀٽڪندو رهي ٿو، هو زندگيءَ ۾ خواب ڏسي ٿو پر خواب ڏک جو ڪارڻ بنجن ٿا، مطلب ته انسان سراپا ڏک آهي، تنهن ڪري رومانوي زندگي هڪ آٿت آهي، هڪ دل بهلائڻ جو ذريعو آهي. آغا سليم هر عمل جي انتها ڏيکاري آهي، جڏهن ته رومانويت جي انتها وري به ڏک آهي ۽ ليکڪ انهيءَ حقيقت کي ظاهر ڪرڻ چاهي ٿو.
آغا سليم جي ڪهاڻين جو مجموعو جيڪو 1932ع ۾ ڇپيو هو انهيءَ ۾ به رومانوي عنصر آهي. سندس ڪهاڻي ”نيٺ بهار آيو“ ۾ هڪ سلهه جو مريض زندگيءَ جي لاءِ رومانس جو سهارو چاهي ٿو. هو پڙهيل لکيل جديد سماج جي ڇوڪريءَ ڏانهن هرکي ٿو پر کيس بيماريءَ ڪارڻ رد ڪري ٿي ۽ ساڳئي وقت ڳوٺاڻي عام سادي سودي ڇوڪري کيس انهيءَ حال ۾ قبول ڪري ٿي. هو زندگيءَ کي ڪوهه ڪاف ۾ رهندڙ نيلم پري قرار ڏي ٿو، جنهن ۾ فطرت جا عذاب هڪ ڪاري ديو وانگر آهن، انهن جي چنبي مان نڪرڻ جي لاءِ عشق جي طاقت کپي جيڪا زندگيءَ کي فطرت جي ديوي کان کسي واپس جيئڻ ڏانهن موٽائي.
سندس ٻي ڪهاڻي ”خوابن جا سوداگر“ ۾ هڪ ڪردار زبردست رومانويت جو شڪار آهي. هو هڪ افسانو پڙهي، انهيءَ جو اثر ايترو وٺي ٿو جو افساني جي هيري وانگر هڪ رنڊيءَ کي شريف بنائڻ لاءِ ساڻس شادي ڪري ٿو پر ناڪام ٿئي ٿو ۽ زندگي پوري تباهه برباد ڪري ويهي ٿو.
سندس ڪهاڻي ”سڄڻ نت سوجهرو“ سونهن جي داخلي جذبي جو اظهار ڪري ٿي. هن ۾ ليکڪ انهيءَ سوال کي اڀاري ٿو ته خوبصورتيءَ جي ڪشش ته سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي پر بدصورتيءَ جي ڪشش سمجهه کان ٻاهر آهي.“(20)
هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ رومانويت کي پنهنجي مفهوم ۾ صحيح طرح اڀاريو آهي ته رومانويت داخلي جذبو آهي، جيڪو شين ڏانهن پنهنجي ناتي کي جذبن ۽ احساسن جي زور تي پيدا ڪري ٿو.
ڪهاڻي ”چنڊ جا تمنائي“ ۾ هڪ اهڙي جذبي جي نشاندهي ڪري ٿو، جيڪو جوانيءَ جي امنگن مان ڦٽي نڪرندو آهي، انهي وقت ماڻهو بي تحاشا رومانوي هوندو آهي، هو خوبصورت شين سان پنهنجا رشتا پنهنجي جذبن کي مطمئن ڪرڻ جي لاءِ جوڙيندو رهندو آهي پر سندس حصول انهيءَ آدرشن جي عڪس وانگر آهي ۽ هو سڄي عمر تماشائي رهندو آهي.
مجموعي طور آغا سليم جي ڪاوشن ۾ فڪري گهرائي موجود آهي. هو بنيادي طور وحدت الوجود جي فڪر جو قائل آهي ۽ شين ڏانهن سندس رويو ۽ انداز رومانوي آهي پر اها رومانويت مغربي رومانوي فڪر جي ڪاپي ناهي پر فطرتي انداز ۾ انسان جي ڍنگ کي نروار ڪندي هو رومانيت کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪا انساني وجود جو هڪ لازمي عنصر آهي.
امر جليل
رومانيت (Romance) به رومانويت (Romanticism) جو هڪ جزو آهي، عشق محبت وارو پهلو به هن تحريڪ جو حصو آهي ۽ امر جليل جي ڪهاڻي ۾ رومانوي پهلو زياده حاوي آهي. سندس ڪهاڻين ۾ زياده تر ڪا عورت آهي، جيڪا هن جو آدرش آهي. اها عورت مختلف شين جي علامت آهي، ڪڏهن ڌرتيءَ جي، ڪڏهن قوم جي ۽ ڪڏهن محبوبا جي جنهن لاءِ امر جليل ڏاڍو جذباتي هوندو آهي. هن جي وجود جو مقصد اها عورت آهي، جنهن کي هو ڳوليندو رهي ٿو، پر هميشھ عورت هن کي معاشي حالت جي الميي ۾ ملندي آهي. معاشي ڏک ۽ پيڙا ۾ اها عورت ليکڪ لاءِ آٿت آهي.
هن جي ڪهاڻين جا ڪردار هميشھ غريب ڏتڙيل ۽ وچئين ڪلاس جا هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن ڪلارڪي ڪن ٿا يا وري اخبارون وڪڻڻ ٿا يا وري بي روزگار آهن، پر هن جي ڏک ۽ پيڙا جي تلخ حقيقت ۾ رومانوي رويو موجود آهي. امر جليل جي اها خوبي آهي ته هو سخت ڏک ۽ تڪليف واري حالت کي به رومانوي انداز ۾ کڻي ٿو ۽ پڙهندڙ انهي الميي کي محسوس ڪندي کلي پوي ٿو. بلڪه انهن تڪليفن کي ڏاڍو رومانوي انداز ۾ محسوس ڪندي سحر انگيز ٿئي ٿو ۽ ڪٿي انهن ڏکن سان رومانوي سطح تي پيار ڪرڻ لڳي ٿو. امر جليل جي جذباتي ۽ تخيل جي اڏام تيز آهي. هڪ ڪهاڻي ”هڪ دل جي اڪيلائي“ ۾ هي مڪالمو ڏسو:
”مان جي مري پوان نرگس ۽ موهن جو دڙو ٿي پوان ته اڄ کان پنج هزار سال پوءِ منهنجي لاش مان ماڻهو تنهنجي ياد جو کنڊر کوٽي ڪڍندا.“(21)
رومانوي فڪر ۾ اڪثر اديب کليل اکين جا خواب ڏسڻ لڳا هئا ۽ زندگيءَ جي اصل حقيقت کان انهن جو رشتو ڪٽجي ويو هو. اهڙي طرح رومانويت ۾ جذبي جي انتها ۽ شدت موجود هئي. پر امر جليل وٽ رومانويت ۾ هڪ مسلسل ارتقا نظر اچي ٿي، حقيقت جي تلخيءَ مان امر جليل جي رومانويت جنم وٺي ٿي. اهڙي طرح ليکڪ عام سادن لفظن کي به تخيل جي هڪ نئين دنيا ڏئي ڇڏي ٿو.
امر جليل جي هڪ سخت ۽ تلخ معاشي بحران مان جنم وٺندڙ ڪهاڻي ”منهنجو پٽ مهدي“ آهي جنهن ۾ اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته امر جليل جي رومانويت صرف محبت ۽ تخيل جي خيالي دنيا ناهي، بلڪ هڪ زنده سماج آهي، جنهن ۾ هڪ ڪردار جي زال ۽ پٽ بک مري رهيا آهن، ٻئي طرف مسجد سينگارجي رهي آهي، جنهن جي افتتاح لاءِ ديڳيون لٿيون آهن، هڪ طرف سيٺن، واپارين ۽ اسمگلرن جون عياشيون آهن، ٻئي طرف رياستي ڏاڍايون آهن، وچ ۾ هڪ عام ماڻهو پيڙهجي رهيو آهي پر انهيءَ تلخ ۽ ڪڙي حقيقت وچ ۾ امر جليل طنز مزاح پيدا ڪري ورتو آهي ۽ انهن زيادتين کي سماج ۽ رياست جي ناانصافي قرار ڏئي چٿرون ڪيون آهن. اهو سڄو رويو رومانوي سطح تي اڀري ماڻهن کي پراسرار بنائي انهن کي اهڙي دنيا سان آشنا ڪري ٿو، جنهن ۾ پيڙا ڀوڳيندڙ جي شخصيت سرخرو آهي. سندس ٻي ڪهاڻي ”جڏهن مان نه هوندس“ رزميه ۽ روماني واقعن جو ميلاپ آهي، ايوب شاهي جي حڪومت خلاف ملڪ ۾ هلندڙ جدوجهد جي پس منظر ۾ هي ڪهاڻي لکيل آهي، پر ڪهاڻيءَ جو هيرو ڏاڍو پراسرار ۽ رومانوي آهي. وطن پرستي ۽ عورت سان محبت ٻنهي جذبن کي هن رومانوي انداز سان کنيو آهي. ڪهاڻيءَ ۾ رومانوي پهلو ان وقت اڀري اچي ٿو جڏهن رومانس ۽ انقلابي جدوجهد ٻنهي جو سنگم ٿئي ٿو ۽ ڪردار ٻنهي جذبن کي رومانوي انداز سان کڻي ٿو جو ڪردار لاءِ سزاءِ موت قبول ڪرڻ به آسان ٿيو پوي، يعني ليکڪ لاءِ موت ٽرئجڊي نه پر هڪ رومانس آهي، جيڪو زندگيءَ جي رومانوي پهلوءَ جو هڪ حصو آهي. اهڙي ئي ٽريجڊيءَ جي هڪ ٻي ڪهاڻي ”مان ديوادس نه آهيان“ ۾ آهي. هن ڪردار جو اهو ئي الميو آهي ته عورت سان محبت ۽ انهيءَ کي حاصل نه ڪري سگهڻ جو درد ليکڪ وٽ ازلي آهي، سندس جذبا خوابن ۾ پرورش پائين ٿا. مثال ڏسو:
”مان مينهون نه چورائيندو هوس، مان خواب چورائيندو هوس، چورايل خواب سيني سان سانڍي مان رڻ جو راهي ٿيندو هوس. اهو ئي سبب آهي جو اسلام آباد جي رڻ ۾ بيٺو آهيان، منهنجي هنج ۾ خواب آهن ۽ مان پنهنجي عبرتناڪ انجام جو منتظر آهيان.“(22)
عام طور سان چيو ويندو آهي ته رومانوي تحريڪ ادب ۽ خيال ۾ هڪ وڏو انقلاب برپا ڪري ڇڏيو هو. زندگيءَ جي مادي بوجهه مان نجات حاصل ڪري آسماني سحر جو رجحان پيدا ڪيو هو. پر سنڌي ادب ۾ اهو سحر خالص ناهي ۽ محبت جو جنون افلاطوني ناهي، پر ايترو ضرور آهي جيڪڏهن امر جليل جهڙي ليکڪ جي ڪهاڻيءَ مان رومانويت جو پهلو ڪڍي ڇڏجي ته باقي ڪجهه به نه بچندو، ڇو ته امر جليل معاشي سماجي مسئلن جي ڏک ۾ گهرو وڃي پڙهندڙ مٿان اداسي ۽ ذهني دٻاءُ نٿو مڙهي ۽ نه ئي ڪو آدرشي سماج جو نقشو ڪڍي وڙهڻ لاءِ مڇرائي ٿو، پر هو جذباتي سطح تي عورت جي عشق پٺيان ڪردار کي مظلوم ڄاڻائي ٿو ۽ ساڳي وقت ڪردارن جي جذباتي اڇل تمام وسيع آهي. سندس ڪهاڻي ”تون منهنجي نصيب ۾ ناهين“ ۾ اها عورت موجود آهي، جيڪا ڪردار جي جذبن کي ڇهي سندس نصب العين بنجي وڃي ٿي، پر ڪردار جي نصيب ۾ ازل جو وڇوڙو هتي به حاوي ٿي وڃي ٿو. اهڙي طرح سندس ڪهاڻي ”هڪ دؤر جو ماتم“ ۽ ”منهنجي دل موهن جو دڙو“ به انهيءَ رومانوي صورتحال سان وابستا آهن.
اڪثر اها ڳالهه به ڪئي ويندي آهي ته امر جليل جي رومانوي انداز ۽ مڪالمن جي بي ساختگي ڪهاڻيءَ جي فن کي متاثر ڪيو آهي پر مان سمجهان ٿو جهڙي طرح وليم ورڊس ورٿ غمن ۽ ڏکن کان ڀڄي فطرت جي حسن ۾ پناهه ورتي ۽ شاعريءَ ۾ ڳوٺاڻي ۽ سادي زبان اختيار ڪئي اهڙي طرح امر جليل سخت سماجي، قومي ۽ طبقاتي جبر جي پيڙا کان بي حال ٿي رومانويت ۾ پناهه وٺي ٿو. طنز ۽ مزاح جا مڪالما ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪري پڙهندڙ جي جذباتي سطح تي تلخيءَ کي گهٽائي ٿو.
مجموعي طور امر جليل جي ڪهاڻيءَ ۾ ٻين گهڻن فڪري پهلوئن سان گڏ رومانوي پهلو به شامل آهي. پر رومانوي پهلوءَ ۾ روماني جزو زياده حاوي آهي. جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته ڌرتيءَ ۽ عورت سان جذباتي ناتو سنڌي قوم جي نفسيات ۾ شامل آهي امر جليل جي ڪهاڻين ۾ اهڙو پڙاڏو دراصل موهن جي دڙي جي تاريخ جو تسلسل آهي.
موهن ڪلپنا
موهن ڪلپنا سنڌي ادب ۾ تمام وڏو نالو آهي، هن جا ڪيترائي ناول ۽ ڪهاڻيون ڇپجي چڪيون آهن، جيڪي پنهنجي موضوع، اسلوب ۽ فڪر ۾ بلڪل نراليون ۽ اهم جڳهه والارين ٿيون. موهن تمام گهڻو رومانوي آهي، هن جي دنيا هڪ رنگين سپنن واري دنيا آهي، جنهن ۾ خوبصورت رومانٽڪ سندر ناريون آهن، جيڪي چاهت جا سپنا کڻي هلن ٿيون، جوان امنگون کڻي هلندڙ مرد آهن، جيڪي روح ۽ جسم جي پيار جا آلاپ ڇيڙن ٿا. موهن وٽ درد آهي ته اهو وچئين طبقي جي رومانوي ۽ روماني ڪشمڪش جو، وٽس پيار آهي ته اهو اهڙي خواب نما دنيا جو جيڪا سحر انگيز آهي ۽ من کي رومانٽڪ بنايو ڇڏي، موهن وٽ فڪر آهي ته انسانيت جو جنهن لاءِ ڪو به نظريو آدرشن اتم ناهي، سواءِ انسانيت پسندي جي. موهن پنهنجي هر ڪاوش ۾ عورت ۽ مرد جي ازلي ڪشمڪش کي ظاهر ڪيو آهي. مان ۽ اپمان، روح ۽ جسم، پيار ۽ جنس، ميلاپ ۽ وڇوڙو جهڙا نفيس ۽ اهم مسئلا ڇيڙيا اٿس.
سنڌ ۾ سندس پهريون مجموعو ”پيار ۽ پاپ“ 1977ع ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ سندس شاندار ۽ رومانوي ڪهاڻي ”موهي نرموهي“ شامل آهي. هن ڪهاڻيءَ جو مکيه ڪردار آدرشي آهي. عورت لاءِ هن جا پنهنجا خيال ۽ خواهشون آهن، سندس ذهن هڪ عورت ”ساڌنا“ کي انهي ڪري قبول نٿو ڪري جو پريم ۾ هو سڀ ڪجهه وڃائڻ جي خواهش رکي ٿي. هن ۾ ضد ناهي، پنهنجي شخصيت جي انفراديت ناهي، هو چاهي ٿو ته ساڌنا مون سان بحث ڪري، پنهنجي وجود جو الڳ ثبوت ڏئي، ڪردارن وچ ۾ هن گفتگو کي ڏسو:
”تون اکين لاءِ ننڊ ۽ ننڊ لاءِ خواب آهين،“
هن گنڀير ٿي چيو” اصل ۾ آهيان هڪ اوجاڳو هڪ سراپ“
”مان پنهنجي ڳالهه ٿو ڪريان“
”مان پنهنجي ڳالهه ٿي ڪريان“
”نه نه تون مهان آهين، بي حد مهان......“
”مان تنهنجي داسي آهيان“
”تون منهنجي اکين جي روشني آهين.“
”مان تنهنجي پيرن جي مٽي آهيان“
مون کجي چيو”تون بي وقوف آهين“
”مان تنهنجي آهيان“
”مون وٽ انڪار ڪونهي“
”مون پريم ڪيو آهي“
”تون مون سان بحث نٿي ڪرين“
”مون وٽ سوال ڪونهن“
”تو ۾ خودي ڪونهي“
”منهنجو سمر پڻ!“
”نه کپي اهڙو نيهه مون کي، نه کپي، مون کي شوخ سنيهه کپي شوخ.“(23)
مکيه ڪردار عورت جي آزاديءَ جو قائل آهي، ايتري قدر جو پريم ۾ به عورت جي خودي ۽ پنهنجي الڳ حيثيت ٿو چاهي، جنهن ڪري سندس پيار سخت ڪشمڪش جو شڪار رهي ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ انتهائي خوبصورت ۽ رومانوي مڪالما موجود آهن.
جيئن:
”ڪلهه جڏهن تون مون سان گڏ هئينءَ ته سمنڊ خوشيءَ منجهان گجي رهيو هو، مٿس چنڊ جو عڪس نه پر تنهنجي چهري جو عڪس هو، پر اڄ جڏهن تون ناهين ته لهرن ۾ شور ناهي، ڪنهن جو ماتم آهي، سمنڊ آهي يا شمشان ڀومي، سمنڊ ۾ چنڊ جو عڪس ناهي سندس چتا جلي ٿي.“(24)
هتي موهن جماليات جو داخلي پهلو پيش ڪري ٿو، سونهن جو ڏيکاءُ اندر جي خوشي ۽ ڏک سان آهي. فطرت جا حسين منظر انهيءَ وقت خوبصورت لڳن ٿا، جڏهن محوب جو ساٿ آهي ۽ دل خوش آهي، موهن تخيل ۾ فطرت جي حسن کي پنهنجي محبوب سان تشبيهه ڏئي ٿو. سندس ٻي ڪهاڻي ”پيار ۽ پاپ“ ۾ هڪ انقلابيءَ جو پريم ڏيکاريو اٿس، جنهن ۾ هو سڄي دنيا کي بدلائڻ جا خواب ڏسي سگهي ٿو ۽ هڪ ٻيو عام مرد جيڪو روايت پڻي جو شڪار آهي، عورت کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ۽ انقلابي صرف ڪشمڪش ۾ رهي ٿو، اندر ۾ گهٽجي ٿو. ٻئي طرف اها عورت آهي جيڪا انقلابي جي ڪردار کان متاثر آهي، سندس دل ۾ هڪ عجيب رومانوي خواهش آهي ته انقلابي (ڪرشن) قد جو ڊگهو آهي ۽ پٻن تي بيهي سندس ڪن ۾ آهستي ڳالهه چوڻ ۾ ڪيڏو مزو ايندو.
”هو ڊگهو آهي هن کي ڏسي هن جي ڪن ۾ ڪا ڳالهه چوڻ لاءِ دِل ٿيندي، پٻن تي بيهي چوڻ سان ڳالهه چوڻ جو ڍنگ خوبصورت لڳندو پر ڪا ڳالهه به هجي. ان ڏينهن چيو مانس... ٻڌ ته چيائين ڇا؟
مون پٻن تي بيهي آهستي هن جي ڪن ۾ چيو... ڪجهه نه، حيران رهجي ويو.“(25)
عورت ۽ مرد جي هر رشتي کي موهن ڪلپنا پنهنجي ڪهاڻيءَ جو موضوع بنايو آهي. موهن جي هر ڪهاڻيءَ ۾ عورت يا مرد زبردست رومانوي آدرشن جو شڪار آهن. پيار روح سان يا جسم سان ٿيندو آهي، موهن انهيءَ سوال کي بار بار اٿاريو آهي. سندس ڪهاڻي ”ٽاءِ ۽ گل“ ۾ به ننڍين ننڍين رومانوي ڳالهين کي وڏي اهميت مليل آهي. زال مڙس جي ازدواجي رشتن لاءِ پيار ضروري آهي، يا هڪ ٻئي کي سمجهڻ ضروري آهي، انهيءَ مسئلي تي بحث ٿيل آهي ۽ نتيجو اهو ٿو نڪري ته روح کي نفسياتي سطح تي سمجهڻ سان به پيار شروع ٿيندو آهي. جسم جو جسم سان رشتو جٽاءُ نٿو ڪري پر هڪ ٻئي کي ذهني سطح تي قبول ڪرڻ سان موهه وڌي ٿو.
موهن ڪلپنا ڪٿي ڪٿي اذيت پسند ليکڪ بنجي وڃي ٿو، جنهن ۾ پيار ڪرڻ وارو مکيه ڪردار پنهنجي معمولي آدرشي ڳالهين تي سخت ڀوڳي ٿو ۽ اندر ئي اندر پيڙا جو شڪار رهي ٿو. اهڙي ئي هڪ ڪهاڻي ”چانڊوڪي ۽ زهر“ آهي جنهن ۾ راج ۽ اروڻا پريم ۽ روح ۽ جسم جي ميلاپ تي الجهندا رهن ٿا. راج جو خيال آهي ته پريم دراصل جسماني ميلاپ ئي آهي.
”جيڪڏهن چانڊوڪي رات ۾ توکي ڪوتا جون ٻه تڪون ٻڌائي، پلنگ تي ليٽايان ته اهو ٿيو پريم، پر جيڪڏهن ائين نه ڪريان ته اها ٿي گراوٽ، يعني پريم هڪ اها گراوٽ آهي، جنهن ۾ محبوبا جي منظوريءَ جي ضرورت آهي.“(26)
موهن ڪلپنا جو هڪ ناول ”جلاوطني“ جيڪو ”تاريخ مان موڪل“ نالي سان ڇپجي چڪو آهي. هن ناول ۾ ورهاڱي جي هاڃي جو ذڪر آهي پر ناول جو مکيه ڪردار ”موهن“ پنهنجي قوم سان ڏاڍو جذباتي سطح تي واڳيل آهي. هن جو خيال آهي ته هي دنيا اهڙن ماڻهن جي ڪري ورهايل آهي، جي انسانيت، زندگيءَ جي قدرن، ان جي سونهن ۽ اهميت سمجهڻ جي ناقابل آهن.(27)
ناول جو هيرو جوشيلو، جذباتي ۽ رومانوي حد تائين قوم پرست آهي. مثال ڏسو:
”پر مارڻ سان جو نٿو مري اهو سنڌي آهي.“(28)
مجموعي طور اسان ڏسنداسين ته موهن جديد دؤر جي عورت ۽ مرد جي تعلق جو ڇيد ڪيو آهي. هن جا ڪردار گهڻو ڪري وچئين طبقي جا رومانوي فرد آهن، جيڪي پيار ۽ جنس جي ڪشمڪش ۾ رهن ٿا.
موهن جي ڪهاڻي ۽ ناول ۾ هڪ اهڙو رومانوي ماحول ملي ٿو جيڪو پڙهندڙ تي سحر طاري ڪري ڇڏي ٿو ۽ کيس هڪ اهڙي دنيا جو سير ڪرائي ٿو، جنهن ۾ سندرتا آهي، سونهن آهي، تخيل آهي، رومانس آهي. خوبصورت اپسرائون آهن ۽ پيار آهي. موهن ڪلپنا جو ماحول ڌاريو، اوپرو تخيلي ۽ خواب نما لڳي ٿو پر جديد مشيني دؤر ۾ هو انسان ۾ پيار ۽ امن جاڳائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ۽ سنڌي فڪر جي انسانيت پسنديءَ وارو پهلو اسان کي موهن وٽ ملي ٿو.
شاعري
شاعريءَ جو بنياد ئي رومانويت آهي، ڇو ته شاعري جذبن، احساسن، امنگن ۽ تخيل جي اٿل آهي. قديم دؤر ۾ ماڻهو فطرت سان سرشار ٿي ڳائيندو هو ۽ ناچ ڪندو هو يا وري ديوتائن کي راضي رکڻ يا انهن جي ساراهه ۾ ڀڄن چوندو هو. اهڙي طرح هو پنهنجي خوشي ۽ ڏک جي جذبن کي اظهاريندو هو. آهستي آهستي شاعري فطرت جي ڏيکائن مان ٿيندي پنهنجي وجود تي به مرڪوز ٿي. محبت پيار جهڙن جذبن جي عڪاسي به شاعريءَ ۾ ٿيڻ لڳي. سنڌيءَ ۾ شاعري قديم دؤر کان وٺي مختلف رومانوي قصن جي پس منظر ۾ ٿيندي هئي. هر شعر کي هڪ زندگي، هڪ داستان، هڪ ڪهاڻي ۽ هڪ معنيٰ ٿيندي آهي، بقول تنوير عباسيءَ جي ته : ”هر شاعر ڪائنات ۽ زندگيءَ جي مسئلن کي هڪ مخصوص رنگ ۾ ٿو محسوس ڪري، ان ڪري سندس بيان ۽ اظهار، احساس ۽ فڪر پڻ مخصوص ۽ انفرادي ٿيو پوي.“(29)
انهي ڪري شاعري انفرادي جذبن ۽ احساسن مطابق ڪائنات جي نمائندگي ڪري ٿي، سنڌ ۾ رومانوي شاعريءَ جو بنياد عشق آهي، جنهن ۾ محرڪ پرين ۽ ڌرتي آهي.
ڏٺو وڃي ته عشق اندر جي حياتياتي طاقت آهي ۽ اها طاقت ئي آهي، جيڪا ماڻهن کي فطرت سان جوڙي رکي ٿي ۽ اهو ئي جذبو روز ازل کان انسان ۾ موجود آهي، جيئن:
”پرين تو سان پيار آهي، روز ازل کان
منهنجي من جي ملڪ جو سائين تون سردار.“(30)
ڏٺو وڃي ته موهن جي دڙي جي ماڻهن جا زندگيءَ متعلق جيڪي اهم جذبا هئا، انهن ۾ تخليقي قوتن سان انسيت اهم هئي. اهو هڪ اهڙو فڪر آهي، جنهن ۾ رومانس ڪنهن خلا ۾ نٿو ڀٽڪي ۽ نه ئي صرف تخيلي آهي، بلڪه ڌرتيءَ ۽ عورت سان واڳيل آهي. اهو ئي تسلسل اسان کي جديد شاعريءَ ۾ ملي ٿو. جديد شاعريءَ ۾ به عورت ۽ ڌرتيءَ هڪ وڏي اتساهه جو باعث آهن، بلڪه شيخ اياز هر فرد کي محبت جي ميدان ۾ هڪ مثالي ڪردار وانگر ڏسي ٿو ۽ چوي ٿوي:
”سڀڪا مومل، سڀڪو راڻو
پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي!(31)
جديد شاعريءَ ۾ رومانويت جو محرڪ عشق آهي، جنهن ۾ عورت بنيادي حيثيت رکي ٿي. اسان جي سڀني شاعرن گهڻو ڪري پيار جو مادي تصور پيش ڪيو آهي، جيڪو جنسي لاڳاپن يا جنسي ڪشش کان سواءِ اڌورو آهي. شيخ اياز جو هي شعر ڏسو:
چپ چميءَ لاءِ اڀريا، سامهون آهي چوٿينءَ چنڊ
ڪهڙو سندر سپنو آهي، جيون جو سپنو!
تنهنجي ڇاتي آتي آتي، نيڻ به تنهنجا نينڍ
دانهون دانهون تنهنجون ٻانهون، پيار پلين ٿي ڇو؟“(32)
شيخ اياز جو هي تصور خيال ناهي، بلڪ هڪ جيئري جاڳندي حسين عورت کي سامهون بيهاري ڇڏي ٿو. نه صرف ايترو بلڪ انهيءَ جي جسم جي اڇل ۽ بدني بناوٽ مان رومانس کي اڀاري ٿو ۽ ساڳئي وقت سماجي روايتن ۽ قدرن جي جهل پل کي نندي ٿو. شيخ اياز جو هي آزاد نظم ڏسو:
”تون چوين ٿي
ته سرير جو ناتو
پوتر نه ٿيندو آهي
ڇا
سورج مکيءَ جي سجيلي سونهن
جڏهن سج لاءِ
پنهنجي ڇاتي کوليندي آهي
تڏهن اَپوتر ٿي پوندو آهي؟
ڇا سانوڻ جي رم جهم
ان اڻ مندائتيءَ ڪڪريءَ کان گهٽ پوتر هوندي
جا ڏورانهون ڏيک ڏئي
ويندي رهندي آهي؟
پريت سرير کانسواءِ
ائين آهي
جيئن ساز کان سواءِ سنگيت
تار جي ڇهاءَ کان سواءِ
مڌرتا
ڪنهن کي ملي آهي!(33)
رومانويت جو بنياد سماجي روايت کان بغاوت کانسواءِ اڌورو آهي، تنهن ڪري شيخ اياز وٽ پنهنجا قدر ملن ٿا، جن ۾ انساني جبلتن جو کليو اظهار آهي ۽ ساڳئي وقت شيخ اياز پيار جي سگهاري، جذبي جي سچائي فطرت سان ڀيٽي ٿو. سنسار جي وهنوار ۾ پيار جا دليل ڳولهي ٿو ۽ پيار کي اهڙو محرڪ قرار ڏئي ٿو، جنهن کانسواءِ انسان اڌورو آهي. جيئن تنوير عباسي چيو هو.
اوهين به پارس ناهيو سائين، اسين به پارس ناهيون
پيار ڇهي ويو اسان ٻنهي کي، سونا ٿي پيا آهيون.(34)
تنوير عباسي پيار کي پارس قرار ڏئي ٿو. اهو جڏهن انسان کي ڇهي ٿو ته، انسان سون وانگر جرڪي پوي ٿو، سون وانگر قيمتي ٿيو پوي ۽ امر ٿيو پوي، ساڳيو جذبو استاد بخاريءَ وٽ ملي ٿو. چوي ٿو:
”جاني تو بن جيون ڪهڙي!
قادر ڌاران قدرت ڪهڙي!
عشق ڪيئه ڪلتار بخاري،
تو ۾ آ نه ته طاقت ڪهڙي!“(35)
استاد بخاري حسن جو شاعر آهي، وٽس سونهن ۽ سوڀيا وڏي سچائي آهي. سندس شاعريءَ ۾ عشق کي عظيم مڃتا مليل آهي. انسان جو جوهر وٽس عشق آهي.
مون کي عشق پڄايو عرشن تي،
چپ چنڊ مٿان، هٿ ڪڪرن تي.(36)
الهداد ٻوهئي چيو هو ته ”اها شاعري جيڪا ڪنهن کي سڏي نه ٿي سگهي، ڪنهن کي پيار نه ٿي ڪري، ڪنهن سان سچي ناهي ۽ ڪنهن کي به جياري ۽ اٿاري نه ٿي سگهيس يا بڪواس آهي.“(37)
استاد بخاري به رومانويت جي ساڳئيءَ روايت کي زندهه رکي جواني، سونهن ۽ جذبن جي ڳالهه ڪري ٿو.
تنهنجا جلوا، جهلڪن تنهنجي جوڀن مان،
منهنجا جذبا، تڙپن منهنجي تن من مان.(38)
استاد بخاريءَ وٽ به انسان جو بنيادي محرڪ عشق آهي، ساڳئي وقت استاد بخاريءَ وٽ انسانيت لاءِ عوامي فڪر آهي. هو درٻاري بادشاهي ۽ اميراڻي ڪردار جو قائل ناهي، ڇو ته استاد وٽ صرف عشق انسان جو معراج ناهي، بلڪه هو چوي ٿو:
”محبت، محنت بن انسان،
اڌ حيوان ته اڌ شيطان.“(39)
انهيءَ جو مطلب ته سنڌيءَ شاعريءَ جي روايت ۾ سنڌ جي فڪر جي جهلڪ موجود آهي، جنهن ۾ محبت صرف هوائي جذبو ناهي بلڪه ڌرتيءَ سان واڳيل آهي.
سنڌي شاعريءَ جي رومانيت ۾ هڪ ٻيو پهلو محبوب کي فطرت جي حسن سان تشبيهه ڏيڻ وارو به موجود آهي. جيئن هي شعر ڏسو:
”اکيون ته تنهنجون اهڙيون اونهيون، جهڙي ڪينجهر تار،
ڇاتيون تنهنجون ڇولين جهڙيون، لهرون ڪارا وار،
سونهي ٿو سنسار، مومل تنهنجي مرڪ سان“
هن شعر ۾ فطرت سان محبوب کي تشبيهه ڏيڻ جو لازوال مثال موجود آهي، جيئن ورڊس ورٿ، ڪيٽس، شيلي فطرتي منظرن کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بنايو ۽ حسن سونهن ۽ پيار انهيءَ ۾ ڳولي لڌو تيئن اسان وٽ به رومانويت جو وسيع تصور آهي، جنهن ۾ فطرت جي بي پناهه وسعت ۾ شاعر جو من سرگردان رهي ٿو. ساڳئي وقت پرينءَ کان بغير فطرت جو هر منظر ويران ۽ رکو ٿو لڳي، ڇو ته جذبن جي اُڀامَ خوشي ۽ ڏک جون ڪيفيتون اندر مان ٿيون اڀرن.
”سکي پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سوا نه ٿيندي.
اچين ته منهنجي اماس ۾ آءُ، ڇو ته ٻي رات ڪا نه ايندي.“(40)
پيار جو دلڪش منظر فطرت سان ڀٽيندي شيخ اياز جو هي شعر ڏسو:
”تنهنجا چپ
اڀري آيا مون ڏانهن
ساوڻ ۾ سپ وانگر
۽ ڀرجي.
جهڪي آيو انهن تي
منهنجو من“
اونهو
اونداهو
گهنگهور گهٽا وانگر“(41)
شيخ اياز سونهن ۽ پيار جو وجود مادي سنسار کان سواءِ اڌورو ٿو سمجهي، بلڪه سندس رومانويت ۾ مايا جو سنسار ڄار يا فريب ناهي، بلڪه سونهن جي سرجڻ جو بنياد آهي، يعني هن فڪر ۾ اسان کي زندگيءَ جو اهو مثبت پهلو ملي ٿو، جنهن ۾ رومانويت روحاني رمزن سان ڀريل ناهي ۽ نه وري صرف تخيل ۽ خوابن جي دنيا آهي، بلڪه جيئري جاڳيندي حقيقت آهي.
”سامي! تو به نه سمجهيو ڇا آهي سنسار!
مايا ڌوتي ناهه ڙي، مايا ناهي ڄار!
مايا آ پرمپارَ، سدا سرجي سونهن ۾.“(42)
رومانويت جي باري ۾ فڪري تجزئي مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته اهو هڪ حياتياتي نظريو آهي، زندگيءَ جي خال ۾ ماڻهو خوبصورت خواب ڀريندو آهي. ماکيءَ جهڙا مٺا نازڪ نفيس محبوب ۽ مکڻ جي چاڻن جهڙا تن هن جي خوابن ۾ جرڪندا آهن، هو پاڻ ڪائنات جو مرڪز هوندو آهي. سندس داخلي ڪائنات ۾ طاقت، محبت، حسن جا مجسما هن اڳيان سرنوائي بيهندا آهن. پنهنجي ذات سان بي پناهه محبت هوندي آهي. انهيءَ ڪري هو ٻين سان محبت ڪندو آهي ۽ اهو ئي جذبو هن کي زندهه رکندو آهي.
آغا سليم جي هن شعر کي ڏسو:
”ڳاڙها گل گلاب
تنهنجا منهنجا خواب
گونجي ڪوئي گناهه
رڳون سڀ رباب
تنهنجي تن جي جوت
جڳ مڳ مان مهتاب
سورج بنجي جرڪندا
ديوانن جا خواب.“(43)
نتيجو
مجموعي طور رومانوي شاعري هجي يا نثر پر سنڌ جي فڪر جي لازمي ضرورت آهي، انهي ڪري ته رومانويت زندگيءَ جو لاڙو آهي. هڪ انسان لاءِ رومانس، سونهن ۽ مستقبل جا رنگين خواب، انتهائي ضروري آهن ۽ ساڳئي وقت انهي رومانس جي آڌار تي روايتن کي ٽوڙڻ ۽ سرڪشي ڪرڻ به رومانويت جو هڪ حصو آهي ۽ سنڌ ۾ زندگيءَ جي تخليقي رنگين سپنن واري حصي ڏانهن ڇڪ ماڻهن ۾ رهي آهي ۽ انهيءَ خاطر بغاوت، روايتون ٽوڙڻ جا واقعا به عام ٿيندا آهن. ادبي طور خاص طور سان جديد دؤر جي سنڌ ۾ محبوب جو تصور بدلجندو رهيو آهي. ڪڏهن عورت محبوب آهي ته ڪڏهن ڌرتي محبوب آهي ته ڪڏهن انقلاب محبوب آهي، ڪڏهن وري ماروئڙا غريب سانگيئڙا محبوب بنجي شاعر جي شاعريءَ جو موضوع بنجندا آهن. انهيءَ بنياد تي اديب رومانويت کان ٻاهر نڪري ترقي پسنديءَ جي دائري ۾ اچي ٿو.
حوالا