سنڌي ادب جو فڪري پس منظر

ڪتاب جو نالو سنڌي ادب جو فڪري پس منظر
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-128-6
قيمت 600    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (1814) PDF  (985) E-Pub
انگ اکر

12 October 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     165095   ڀيرا پڙهيو ويو

ناشر پاران


ڪتاب”سنڌي ادب جو فڪري پس منظر“ ڇاپيندي اسان کي سرهائي ٿي رهي آهي. اصل ۾ هي ٻيو ڇاپو آهي. پهريون ڇاپو 2002ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي طرفان شايع ڪرايو ويو هو. جڏهن هي ڪتاب ڇپيو هو ته ان وقت سنڌ جي ساڃاهه وند حلقن طرفان هن ڪتاب تي ڪافي علمي بحث ٿيو هو. ڪيترن ڏاهن ۽ اسڪالرن هن ڪتاب تي ادبي تنقيد ڪئي هئي، جن ۾ ڊاڪٽر شمس سومرو، ممتاز مهر، تاج بلوچ، رئوف نظاماڻي، انور پيرزادو، انعام الحق جاويد ۽ طارق عزيز شيخ شامل هئا. ان کان علاوه رسالي ”سوجهرو“ ۾ خطن وسيلي ڪافي بحث مباحثو ٿيو هو. جلدي هن ڪتاب جي تعليمي اهميت کي محسوس ڪندي، سنڌ جي اهم يونيورسٽين پنهنجي نصاب ۾ شامل ڪيو. وقت سان گڏ آهستي آهستي هن ڪتاب جي پڙهندڙن ۾ اضافو ٿيندو ويو. هن وقت سنڌيءَ ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگردن جو وڏو تعداد هن ڪتاب جو گهرجائو آهي، پر ڇو ته شاهه لطيف چيئر وٽان هن ڪتاب جون سڀ ڪاپيون وڪامجي چڪيون آهن، تنهن ڪري هي ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود نه آهي. ڪتاب جي اهميت کي محسوس ڪندي، اسان شاهه لطيف چيئر کان هن ڪتاب جي ٻئي ايڊيشن ڇپائڻ لاءِ اجازت گهري، جيڪا موجوده ڊائريڪٽر پروفيسر محمد سليم ميمڻ خوشي سان لکت ۾ ڏني. هي ڪتاب پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا 2001ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان ڊاڪٽر فهميده حسين جي نگرانيءَ ۾ ڪئي وئي هئي.

سنڌي ادب جي فڪري پس منظر ۽ پيش منظر تي هن کان اڳ سنڌيءَ ۾ ڪم نه ٿيو هو، سواءِ هڪ ڪتاب جي جيڪو ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي صاحب ”سنڌي ادب جا فڪري محرڪ ”نالي سان لکيو هو، تنهن ڪري انهيءَ موضوع تي مجموعي طور تي موهن جي دڙي کان وٺي ويجهي ماضي واري دؤر يعني 1980ع تائين ڪم ڪرڻو پيو هو. 1980ع کان پوءِ دنيا ۾ وڏيون تبديليون آيون، جديديت جو خاتمو ٿي ويو. جديديت پڄاڻان (Post Modernism) جو دؤر شروع ٿي ويو، جنهن جو بنياد جديديت جي سڀني نظرين کان مختلف آهي. مجموعي طور دنيا کي فڪري طور ٽن دؤرن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون لوڪ ڪٿائن جو دؤر ٻيو جديد دؤر، ٽيون جديديت پڄاڻان جو دؤر. پهريون دؤر لوڪ ڪٿائن، ڏند ڪٿائن، ديوين، ديوتائن جو دؤر. ٻيو جديد دؤر جنهن جا نظريا سجاڳيءَ واري دؤر کان شروع ٿيا هئا، جن ۾ ادب جو ڪلاسيڪل دؤر، رومانويت وارو ترقي پسند دؤر، ادب جو جديديت وارو دؤر، فڪري طور جديد فلاسفي کان وٺي هيگل تائين، ڪارل مارڪس کان وٺي سارتر تائين جديد دؤر هو. ان کان پوءِ جديديت پڄاڻان دؤر شروع ٿيو، جن ۾ ساختيات، ساختيات پڄاڻان، ساختياتي فيمينزم، يا فيمينزم جي چوٿين لهر، ڊيٿ آف آٿر، سررئلزم، ڪاري مسخري (Black Humor)، حقيقت کان مٿانهين حقيقت (Hyper Reality) سچ پڄاڻان (Post truth) وغيره شامل آهن. هي ڪتاب صرف جديد دؤر جي فڪري ۽ ادبي نظرين جي اپٽار ڪري ٿو.

هتي هڪڙي ڳالهه واضح ڪندو هلان ته ادبي دؤر الڳ آهن ۽ فڪري دؤر الڳ آهن، پر ادبي تحريڪون ڪنهن نه ڪنهن فڪري پس منظر ۾ پيدا ٿيون آهن، سجاڳي واري دؤر ۾ عقليت جو فڪر پروان چڙهيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪلاسيڪل دؤر شروع ٿيو. روسو واري فڪر جي نتيجي ۾ رومانويت واري تحريڪ شروع ٿي. مارڪسزم جي پس منظر ۾ ترقي پسند ادبي تحريڪ شروع ٿي، وجوديت جي فڪر جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ جديديت نالي ادبي تحريڪ ۽ دنيا ۾ مختلف نالن سان اها تحريڪ هلي. سنڌ ۾ باقاعده اهي دؤر پيدا نه ٿيا آهن، پر انهن تحريڪن جو سنڌي ادب تي اثر ضرور ٿيو آهي. سنڌ ۾ ترقي پسندي ۽ وجوديت جو دؤر عالمي طور گڏ پيدا ٿيو، باقي ڪلاسيڪل، رومانوي دؤر سنڌ ۾ نه رهيا، پر سنڌي ادب ۾ انهن سڀني تحريڪن جا فڪري اولڙا اڳ ئي موجود رهيا آهن. مثال ڀٽائي جي شاعري هڪ وقت ڪلاسيڪل آهي، رومانوي به آهي ته ترقي پسند به آهي، پر ٿورو ڪنداسين ته وجوديت جا اهم فيچر به منجهس موجود آهن. تنهن ڪري عالمي تحريڪون، ادبي نظريا ۽ فڪري رجحان هڪ ئي وقت سڀني اديبن ۾ موجود رهيا پر هن ڪتاب ۾ انهيءَ ڳالهه تي تحقيق ڪئي وئي آهي ته ڪهڙو رجحان وڌيڪ ڪهڙي اديب تي حاوي هو.

اسان کي اميد آهي ته سنڌي ادب جا شاگرد نوان محقق ۽ استاد توڙي هن موضوع ۾ دلچسپي رکندڙ هن ڪتاب مان لاڀ پرائيندا ۽ گڏوگڏ يونيورسٽين جي شاگردن جي گهرج به پوري ٿي ويندي، جن جي نصاب تي هي ڪتاب رکيل آهي. 

 

ادارو

جون، 2017ع

حيدرآباد، سنڌ