ڪتاب جو نالو | سنڌي ادب جو فڪري پس منظر |
---|---|
ليکڪ | پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-128-6 |
قيمت | 600 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (1863) PDF (1017) E-Pub |
انگ اکر | 12 October 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 167131 ڀيرا پڙهيو ويو |
مزاحمت ڇا آهي؟
هيگل چيو هو ته انسان جي ارتقا خدا جو سفر آهي، پنهنجي ذات جي شعور ڏانهن، فطرت ۽ انسان روح جا ٻه حصا آهن. فطرت اهو روح آهي، جنهن کي پنهنجي وجود جو شعور نه آهي، پر انسان اهو روح آهي جيڪو ذات جي شعوري عمل ۾ مصروف آهي. بي شعور فطرت ۽ شعوري انسان ٻن حصن ۾ ورهايل آهن، جنهن ڪري ٻئي تضاد ۾ رهندا آهن.(1)
هيگل جو اهو فلسفو ويڳاڻپ (Alienation) بابت هو پر ڏٺو وڃي ته انسان ۽ فطرت جو تضاد ئي مزاحمت جو بنيادي ڪارڻ آهي. فطرت انسان کي جنم ڏنو ۽ انسان پنهنجي بچاءُ لاءِ فطرت جي بدلجندڙ حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلسل ويڙهه ڪري ٿو.
علم حيات مطابق زندگيءَ اها آهي، جيڪا آس پاس جي ماحول مان پنهنجي وجود جي بقا ۽ واڌ ويجهه لاءِ فائديمند جزا چونڊي وٺندي آهي ۽ نقصانڪار جزا ٿوڪاري ڇڏيندي آهي، سائنسي زبان ۾ زندهه شيءِ جي هڪ ڪرت کي ڀڃ گهڙ جو عمل (Metabolism) ڪوٺيو وڃي ٿو. هڪ پتڪڙي اميبا ۽ هماليه جبل جي وچ ۾ اهو ئي فرق آهي ته هڪڙي ۾ اهو ڀڃ گهڙ جو عمل موجود آهي ۽ ٻئي ۾ اهو موجود ڪو نه آهي.(2)
انسان هميشھ فطرت جي انهن قانونن خلاف وڙهندو رهيو آهي، جيڪي کيس نقصان پهچائين ٿا، جنگل ۾ جانور نما زندگي گذاريندي انسان کي ڪيتريون جنگيون ڪرڻيون پيون. ڪڏهن زلزلا ايندا هئا، ڪڏهن ٻوڏون، طوفان، بيماريون. ڪڏهن خوانخوار جانورن کان بچڻ لاءِ جتن ڪندو هو ۽ ساڳيءَ طرح پنهنجي خوراڪ لاءِ به هٿ پير هڻندو هو، اها سموري پنهنجي وجود جي بقا جي جنگ هئي. انسان جي اها مزاحمت فطرت جي نقصانڪار جزن خلاف هئي. زندگيءَ جي انهيءَ ارتقا ۾ سماج جي تشڪيل ٿي، قانون ٺهيا، قدر ٺهيا، طبقا جڙيا ۽ انسان جي جنگ جا ڪيئي محاذ کلي پيا. انسان جي مزاحمت جا محاذ ٽي آهن.
زنده جيو زندگيءَ جي انهن هاڃن خلاف ضرور مزاحمت ڪندو، جيڪي کيس نقصان پهچائين ٿا ۽ اها جنگ دائمي آهي، ڪڏهن به نه ختم ٿيڻ واري آهي. التبه ايترو ضرور آهي. هن جنگ ۾ جيترو انسان فتح حاصل ڪري ٿو، ايترو سندس زندگيءَ سک سهنج سان گذري ٿي. جهڙوڪ بيمارين خلاف مزاحمت ڪندي انسان ميڊيڪل سائنس ۾ وسيع ترقي ڪئي آهي. گرمي سردي يا موسمي تبديلي جي خراب اثرن کان ڪيئن بچاءَ ورتا اٿس، ٻوڏن کان بچاءَ لاءِ وڏا بند ٻڌا اٿس، طوفان جي اڳواٽ خبر پئجي وڃي ٿي. سالن جا فاصلا منٽن ۾ طئي ڪري ٿو، جنگلي ۽ وحشي پڻي جي فطرت کي مهذب انساني فطرت بنايو اٿس، هاڻي ته انسان هٿرادو مينهن وسائي سگهي ٿو ۽ وسندڙ مينهن کي روڪي سگهي ٿو. مطلب ته اهي سڀ شيون ۽ ايجادون فطرت سان مزاحمت دوران پيدا ٿيون آهن. اهو عمل مسلسل آهي، انسان پيدا ٿيڻ کان وٺي مرڻ تائين زندگيءَ جي عمل مان گذري ٿو. اهو عمل هڪ لمحي لاءِ به نه ٿو رڪجي. اهو سڀ هڪ ڪل هڪ وحد ۾ آهي، اميد ۽ نااميدي، خوف ۽ جرات، روشني ۽ اونداهي، جذبات، بي حسي، شعور ۽ بي شعوري انهي فطرت اندر آهي. ٻاهر ڪجهه به ناهي، تنهن ڪري جتي اميد، جرات، روشني، جذبات ۽ شعور هن ڦهلجندڙ ۽ وڌندڙ ڪائنات ۾ مثبت ۽ وجود جا دليل آهن، اتي نااميدي، خوف، اونداهي ۽ جهالت هن ڪائنات ۾ جدليات يعني تبديلي جا دليل آهن، جن جي خلاف جدوجهد ڪندي ئي زندگيءَ روان دوان ٿئي ٿي.
جزن ۾ پريشاني ۽ ڪل ۾ ارتقا آهي، شيون فنا ٿي وينديون آهن، زندگيءَ بقا حاصل ڪندي آهي، فرد ختم ٿي ويندا آهن، تاريخ اڳيان وڌندي رهندي آهي. انهي فنا ۽ بقا جي عمل ۾ زندگيءَ جي معنيٰ آهي. (3)
اها ئي معنيٰ پنهنجي وجود کي بخشڻي آهي ۽ اها معنيٰ صرف مزاحمت ڪندي ئي ملي ٿي. ڇو ته مزاحمت دوران ماڻهو کي پنهنجي وجود، آزادي ۽ اهميت جو بي پناهه احساس ٿئي ٿو. اها مزاحمت چاهي فطرت خلاف هجي، سماج ۾ ناانصافي جبر ۽ تشدد خلاف هجي يا پنهنجي من جي بغاوت جي خلاف هجي. طاقت جو مظاهرو ڪرڻ کان وڌيڪ طاقتور جي جبر برداشت ڪرڻ ۽ سندس آڻ نه مڃڻ وقت بي پناهه وجود کي معنيٰ ملي ٿي، جنهن لاءِ سارتر چيو هو ته:
اسان ڪڏهن ايترا آزاد نه هئاسين جيترو جرمنيءَ ۾ قيد دوران هئاسين، اسان جي مٿان ظلم ڪندڙ اسان مان اها اميد رکي ويٺا هئا ته اسان انهن جي ڏاڍ ۽ ظلم کي هڪ اڻٽر حقيقت ۽ سچ مڃي مقدر جو فيصلو سمجهون، اهو ئي سبب آهي ته اسان ان حالت ۾ آزاد هئاسين.(4)
بلڪل اها ئي ڳالهه شاهه لطيف پنهنجي شعر ۾ چئي آهي.
سکر سي ئي ڏينهن جي مون گهاريا بند ۾،
وسايم وڏ ڦڙا، مٿي ماڙين مينهن،
واجهائي وصال کي ٿيس توارون تيئن،
نيئر منهنجو نينهن، اجاري اڇو ڪيو.
جبر ۽ ڏاڍ دوران ماڻهو ظلم اڳيان نه جهڪي ۽ مسلسل مزاحمت ڪندو رهي، اها پنهنجي وجود جي بچاءَ جي هڪ ڊگهي ويڙهه آهي، جنهن دوران ماڻهو کي پنهنجي طاقت ۽ آزادي جو بي پناهه وجدان ٿيندو آهي.
زندگيءَ کي معنيٰ صرف جبر سهڻ سان نٿي ملي پر جبر خلاف جدوجهد ڪرڻ سان به ملي ٿي. سائين جي ايم سيد چيو هو ته دنيا وڙهي جيئڻ جو ميدان آهي، جنهن ۾ صرف مضبوط ۽ صالح ماڻهو يا قوتون سلامت ۽ زندهه رهن ٿيون، ڪمزور ۽ غير صالح فنا ٿيو وڃن.(5)
اهڙو ئي فلسفو ڊارون جو “Survival of the Fittest” وارو آهي. زندگيءَ جي سڄي ارتقا جي تاريخ آهي ته ڌرتيءَ تي موجود هر جيو، هر قوم جيستائين مزاحمت جي همت رکي ٿي، ان وقت تائين زندهه آهن.
مزاحمت صرف اها نه آهي ته ظلم سهي وڃجي يا لٺ ڌڪو کڻي ويڙهه ڪجي، بلڪه مزاحمت جو هڪ ٻيو رخ اسان کي صوفين ڏسيو آهي، جيڪو آهي جانوراڻي يا وحشي جبلت خلاف مزاحمت جو. انا، اهنڪار، حسد، ڪينو، لالچ، دغا، هرس، ساڙ خلاف مزاحمت. ڇو ته دنيا پرستي ۽ روحانيت جي ڪا به انتها ناهي، پر وحدت الوجود ۾ ٻيا ئي ناهي. روحانيت ۽ دنيا هڪ عمل وحدت جا ٻه پاسا آهن، تنهن ڪري هڪ وچٿرو رستو آهي، جيڪو انتهائي مثبت ۽ سڪون وارو آهي، مادي پسندي جي شدت يا روحانيت واري شدت ٻئي رويا ڏک جو سبب بنجن ٿا.
مون ماڙيءَ جو سومرا، ٻنهي پارين ڏک،
هت عمر جو اهک، هت مارو ڏينم ميهڻا.
ظلم جو پنهنجو ڏک آهي، پر امن ۾ پڻ هڪ ڏک آهي، جهڙيءَ طرح ڪنهن چيو هو ته اختيار ۾ به ڪيتري مصيبت آهي، فرد جي مڪمل آزادي نعمت آهي، پر ساڳئي وقت فرد جي بي پناهه آزادي جو وجدان فرد کي تنها ۽ پريشان ڪري ڇڏي ٿو. ڇو ته فرد کي سماج جي قانونن ۽ روايتن قدر اڳيان وري بي وس ٿيڻو پوي ٿو.
روسو چواڻي انسان آزاد هوندي به ڪيترين ئي زنجيرن ۾ قيد آهي، آزاديءَ جون به پنهنجيون پابنديون آهن. ڇو ته سماج حڪم ۽ محڪم جي قانون تحت هلي رهيو آهي. ٻاهرين طاقت جو تصور هر فرد کي ڏياري ان کي اطاعت تي مجبور ڪيو ويندو آهي. تنهنڪري اختيار هئڻ ۽ استعمال ڪرڻ بلڪل انهيءَ ڏند ڪٿا وانگر لڳي ٿو، جنهن ۾ انسان پنهنجي اختيار کي استعمال ڪري ڪڻڪ جو داڻو کاڌو ۽ جنت مان نيڪالي مليس.
سنڌ جي صوفين انهيءَ اطاعت کي پنهنجي ذات جي اندر ڳوليو ۽ هر فرد کي بيروني حڪمن جي اطاعت جي بجاءِ خود مختيار ۽ ڪل وحدت ۾ جوڙي ڇڏيو. اذيت، نفرت، حڪم جي بجاءِ عشق، محبت ۽ حسن جهڙن لازوال جذبن کي ڦهلائڻ جو پيغام ڏنو.