ڪتاب جو نالو | سنڌي ادب جو فڪري پس منظر |
---|---|
ليکڪ | پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-128-6 |
قيمت | 600 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (1864) PDF (1018) E-Pub |
انگ اکر | 12 October 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 167141 ڀيرا پڙهيو ويو |
اها ڳالهه رياد رکڻ گهرجي ته جديديت هڪ جديد احساس آهي، جيڪو فرد جي وجودي احساس ۽ سوچ کان ڌار نٿو ڪري سگهجي، ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ماڻهوءَ سان ڇا وهيو واپريو اهو بحث اسان گذريل بابن ۾ ڪري چڪا آهيون ته سنڌ جو وچيون ۽ شهري طبقو واپاري هندو هو جيڪو هتان لڏي ويو، انهيءَ کان پوءِ نئين سري سان انهي طبقي جي ٺهڻ جو ارتقائي سلسلو ۽ عمل شروع ٿيو. جاگيرداري نظام پنهنجي روايتن سميت ڳوٺن ۾ موجود رهيو، شهرن ۾ تيزيءَ سان تبديليون اچڻ لڳيون. جديد سڌ سماءُ جا ذريعا ترقي ڪندا رهيا، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ثقافتي، معاشي ۽ علمي طور فرق ٿيندو ويو. ٻهراڙين جا نوجوان وڌيڪ پڙهائيءَ لاءِ شهرن جو رخ ڪرڻ لڳا، انهن ماڻهن جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو ٿيو جو هو پنهنجي ڌرتيءَ تي اڪيلائي محسوس ڪرڻ لڳا. ڇو ته ماحول اجنبي، ٻولي ڌارين، ڪو به مٽ مائٽ نه هو. غربت ۽ ڇڙائي جي زندگي کي کڻي هو شهرن ۾ ڀٽڪڻ لڳا. هاڻي شهرن جو ماحول انهن نوجوانن لاءِ بلڪل نئون ۽ رنگين هو، شهر ۾ سرمائيداري، خريد و فروخت جي چمڪ، وڏيون وڏيون عمارتون، روڊن تي ٽريفڪ جو هجوم، وڏين ڪارن ۾ ويٺل خوبصورت چنچيل ناريون ۽ دولت جي نمائش هر طرف ڳوٺ جي نوجوانن کي چپ چٽڻ تي مجبور ڪندي هئي. ساڳئي وقت علمي طور نوجوان ۾ وڏي تبديلي آئي وڏيرڪي نظام جو نوجوان اونداهي مان نڪري روشنيءَ ۾ آيو، هن جو واسطو ڪيترن جديد سائنسي علمن سان پيو، نوجوان ۾ ذهني طور تبديلي آئي ۽ ساڳئي وقت طبقاتي چٽا ڀيٽي ڏسندي منجهس ذهني الجهاءَ به پيدا ٿيا، شهر جو خوبصورت گليئمر وارو ماحول فيشن ايبل ڇوڪريون ڏسي منجهس جنسي گهٽ جو احساس پيدا ٿيو.
ساڳئي وقت رياستي طور قومي جبر جي نتيجي ۾ سياسي تحريڪون به هليون جنهن ۾ نوجوان سياسي شعور سان وابسته ٿيو. ون يونٽ جي تحريڪ کان پوءِ ادبي طور تبديلي آئي، عام نوجوان سياسي طور جماعت بندي ڏانهن ويو، منجهس نظرياتي تبديلي آئي، سماج بدلائڻ ۽ انقلاب آڻن جو شعور پيدا ٿيو. 70 کان پوءِ جڏهن پاڪستان ورهائجي ويو، ون يونٽ ٽٽي ويو ۽ جمهوري حڪومت آئي ته خاص طور سان سنڌي نوجوان کي شهر ۾ اچڻ ۽ نوڪرين ملڻ جو موقعو مليو، انهي صورتحال ۾ سنڌي نوجوان ۾ طبقاتي شعور پيدا ٿيو ۽ هو وڏيرڪن پراڻن قدرن، ڳوٺن ۽ انهن جي رواجن رسمن کان ٽٽڻ لڳو ۽ ساڳئي وقت شهر جي قدرن کي هن پنهنجائڻ ٿي چاهيو پر غربت، ويچارگيءَ هن کي محرومي ۽ ويڳاڻپ ڏانهن ڌڪيو، هن جي ذات کوکلي ٿيڻ لڳي، هو خواهشن جو ڍير ٿيندو ويو، سندس اندر جي محرومي ۽ مايوسيءَ کي ترقي پسند تحريڪ اجتماعي انقلابي تحريڪ لاءِ استعمال ڪرڻ چاهيو، پر نوجوان ڪٿي به مطمئن نه ٿيو اهڙي صورتحال ۾ سنڌ ۾ جديد وجوديت جو فلسفو متعارف ٿيو ۽ ادب جو انهيءَ طرز تي جديد رجحان پيدا ٿيو ۽ اسان جا ڪيترائي نوجوان اديب جديديت جي لاڙي کي قبول ڪري انهي فڪر ۽ اسلوب تي لکڻ لڳا.