سنڌي ادب جو فڪري پس منظر

ڪتاب جو نالو سنڌي ادب جو فڪري پس منظر
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-128-6
قيمت 600    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (1864) PDF  (1019) E-Pub
انگ اکر

12 October 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     167160   ڀيرا پڙهيو ويو

جديديت جا نمائندا اديب _ شاعري


جديد شاعريءَ جو پس منظر صرف جديد وجوديت ناهي، ڇوته سنڌ ۾ جديد وجوديت جي پس منظر ۾ جديديت ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ آئي، پر ان کان اڳ اسان کي سنڌي شاعريءَ ۾ توڙي نثر ۾ وجودي سوالن جا يا وجودي رجحان جا اشارا ملن ٿا. جيڪڏهن اسان غور ڪنداسين ته سنڌ جي اساسي شاعري ته اهڙن رجحانن سان ڀري پئي آهي، پر خود نئين دور ۾ جڏهن ترقي پسند فڪر ادب تي حاوي هو ته ان وقت به اسان کي ادب ۾ وجودي فڪر جا اشارا ملن ٿا، جهڙوڪ شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ زندگي، نجات ۽ پيڙا متعلق انيڪ سوال جيڪي وجودي فڪر سان تعلق رکن ٿا، موجود آهن. مثال:

عمر گذري وئي اياز الا!

مون نه ڄاتو ته نيٺ ڇاهيان مان. (76)

وجود جي اڪيلائيءَ کي محسوس ڪندي اياز چوي ٿو:

ڪوئي ڪنهن جو نه آهه دنيا ۾،

ڪهڙو تنها جهان آ پيارا (77)

درد ۽ پيڙا جي ڳالهه ڪندي شيخ اياز چوي ٿو:

چوڌاري ساماڻا سور،

پورب پڇم آ پيڙا (78)

عام طور سان چيو ويندو آهي ته اهڙي قسم جي وجودي ڳالهين جو سبب سنڌ ۾ ٻڌمت جي اثر جي ڪري آهي. جنهن ۾ سروم دکم دکم جو فلسفو موجود آهي، پر مسئلو اهو آهي ته اسان جي اديبن زندگيءَ کي صرف ڏک ۽ پيڙا قرار ڏئي ڇڏي ڪو نه ڏنو آهي، بلڪ هنن زندگيءَ جي انهيءَ ڪڙاڻ جو حل به ڏنو آهي، اهو آهي ”محبت“ شيخ اياز چوي ٿو:

خبر ناهي ڇو آهي ۽ ڇا آهي؟

محبت زندگيءَ جي انتها آهي،

محبت ئي اسان جي منزل آخر،

محبت ئي اسان جي رهنما آخر. (79)

غلام هالاڻيءَ جو شعر آهي ته:

ڪڏهن راضي سڄڻ ٿيندو،

ڪڏهن هي غم ختم ٿيندو. (80)

يعني غم ختم ٿيڻ جو آهي، پر شرط آهي، پرين هجي محبت هجي. مطلب ته زندگيءَ جي پيڙا کان انڪار ناهي، پر انهيءَ جو خاتمو ممڪن آهي. پر ڇا اهو حل دائمي آهي ۽ پرين پائڻ کان پوءِ پيڙا کان نجات ملي وڃي ٿي؟

شاهه لطيف جڏهن چوي ٿو، ”ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان“ تڏهن هو هتي محبت کان انڪار نٿو ڪري، پر زندگيءَ کي جستجو قرار ڏئي ٿو، شيخ اياز جو هي شعر ڏسو:

زندگي آ جستجو ۽ جستجو آ زندگي،

ڄڻ ته پائي مون پرينءَ کي پوءِ پڇتايو هيو. (81)

يعني پرين کي پائڻ سان انهي جستجو ۽ ڳولا جو خاتمو ٿي وري ڏک ۽ پيڙا جو سلسلو شروع ٿيو وڃي، تنهن ڪري پرينءَ کي پائڻ جو سلسلو رڪجي نٿو سگهي، بلڪ مسلسل جستجوءَ ۾ زندگيءَ جي بقا آهي، پوءِ پيار ڇا آهي؟ ۽ ان جي اهميت ڪهڙي آهي. شيخ اياز چوي ٿو:

معلوم آ منزل، ادراڪ مسافر،

پيار ڪري ڇانو، ذرا ويهه گهڙي گهاري.(82)

يا

آهه هڪڙي گهڙي محبت جي،

زندگي دوام کان بهتر.(83)

مطلب ته زندگيءَ جي پيڙا ۽ ڏک ۾ پيار جي هڪڙي گهڙيءَ جو سک ئي ملي، پر زندگيءَ کي زنده رهڻ جي خواهش ڏانهن موٽائي ٿو. گهٽ ٻوسٽ ۽ من جي مونجهاري ۾ پيار ٿڌي هير وانگي آهي، پر زندگي مسلسل جستجو آهي، هي اهڙو فڪر آهي، جيڪو اسان کي جديد وجوديت ۾ نٿو ملي، نه وري هندستان جي گذريل فڪرن ۾ موجود آهي، بلڪ سنڌ جي وجودي فڪر ۾ اهڙيون جهلڪيون ملن ٿيون. اهوئي سبب آهي جو سنڌ ۾ وجودي طرز جي فڪرن کي جلدي جڳهه ملي آهي. جديد وجوديت هڪ ادبي تحريڪ جي شڪل ۾ جڏهن سنڌ ۾ آئي ته اديبن وجوديت جا منفي ۽ مثبت سڀ سوال اٿاريا، خاص طور سان نثر ۾ پر شاعريءَ ۾ به انهي جون جهلڪيون ملن ٿيون. مثال زندگي ڇا آهي؟ اهو اهڙو سوال آهي جنهن تي هر ڏاهي ويچاريو آهي. شيخ اياز چيو هو:

آئون پل هان!

آئون پلِ هان!

مان ئي ميءَ هان مان ئي مٽي، مان ئي جام

مان ئي تنهنجي تشنگيءَ جو انتقام

منهنجي هستي منهنجي مستيءَ کي سڃاڻ

مان ئي تنهنجي ميڪشيءَ جو هان دوام

آئون پل هان

آئون پل هان. (84)

پاڻ کي پل سان تشبيهه ڏيڻ ۽ پاڻ کي هن ڪائنات جو جوهر قرار ڏيڻ سنڌي شاعريءَ جي فڪر جو بنياد رهيو آهي. وقت جي اهميت جو هن جديد دؤر ۾ وڌيڪ اندازو ٿي ويو آهي، جڏهن آئن اسٽائن جي نظريي (Special Theory of Relativity) تي غور ڪجي ٿو، يا ڪارل ساگان جا اهي لفظ ته ”روشنيءَ جي رفتار ۾ ئي وقت جي پراسراريت لڪيل آهي، جيڪڏهن ماڻهو روشنيءَ جي رفتار سان سفر ڪري ته ماڻهوءَ جي عمر رڪجي ويندي، منجهس ڪوبه اضافو نه ٿيندو، ڇوته روشنيءَ جي رفتار آزاد ۽ مڪمل رفتار آهي ۽ روشنيءَ جي رفتار جي قريب وقت آهستي ٿي ويندو آهي ۽ روشنيءَ جي رفتار تي پهچي بلڪل وقت بيهي ويندو، روشنيءَ جي رفتار سان سفر ڪرڻ انسان لاءِ آب حيات آهي.“ (85)

مطلب ته مابعدالطبعياتي پراسراريت وقت ۾ لڪيل آهي ۽ ٻڌمت يا جين مت ۾ به وقت جي اهميت ۽ پل کي ئي سڀ ڪجهه قرار ڏنو ويو آهي، ساڳئي وقت مارڪسزم ۾ جدلياتي ماديت جو نظريو به وقت جي اهميت کي جتائي ٿو، مطلب ته انسان ماضيءَ ۽ مستقبل جي باري ۾ سوچي سگهي ٿو، پر جيئي صرف حال ۾ ٿو ۽ اهو پل جنهن ۾ انسان موجود آهي، انهي پل جي وڏي اهميت آهي ۽ انهي پل کي صحيح طرح گذارڻ ئي زندگيءَ جو مثبت سوال آهي. زندگيءَ جو اهو پل ڄڻ پاڻيءَ جي ڦوٽي مثل آهي، گذري وڃي ٿو، خبر ئي نٿي پوي، تنوير عباسيءَ انهيءَ ڪري چيو هو:

تون ۽ مان ڄڻ آهيون ماڪ،

جيڪا سورج جي ڪرڻي تي،

آڏرڻ جي آهي هيراڪ.(86)

ڪائنات جا اربين سال ماضي آهي ۽ وري اربين سال مستقبل آهي، پر حال جي هڪ لمحي ۾ موجود انسان پنهنجي زندگيءَ جا چند سال ماڪ سان ئي ڀيٽي سگهي ٿو، جنهن جي ڪا عمر ناهي. سوال صرف قليل هجڻ جو ناهي، پر انهيءَ قليل عرصي ۾ گذارڻ واري زندگي ڇا اهميت رکي ٿي ۽ ڇا انهي عرصي ۾ خوشي حاصل ٿئي ٿي يا اهو ته انهي زندگيءَ جي اهميت آهي؟ اشرف امر لغاري جو شعر آهي:

ڀوڳنائن جو سفر آ زندگي،

پور پيڙا هر پهر آ زندگي.(87)

زندگيءَ کي پيڙا ۽ ڏک قرار ڏيڻ هن سنسار کي عذاب ۽ مصيبت چوڻ، مسلسل جستجو ۽ ڀٽڪڻ وارو عذاب کڻي زندگي گذارڻ وارو فڪر وجودي فڪر جو اهم جزو آهي، جيئن نارائڻ شيام اها رڙ ڪئي ته:

هاءِ سنسار هتي سک نه مليو سک پائي،

نانءُ ٿيو اصل جو هت آيو مگر عڪس رڳو!

ڪيئن دل درد ڀري، شيام اڃان واجهائي،

هاءِ سنسار هتي سک نه مليو سک پائي.(88)

سنسار ۾ سک نٿو ملي، انسان لاچار ۽ بيوس، خواهشن جو بوجهه کڻي جيئي ٿو ۽ جستجو ڪندو رهي ٿو، پر آخر نجات ڇا ۾ آهي؟ اهو هڪ مابعدالطبعياتي سوال آهي، جيڪو شيخ اياز به ڪيو هو ته:

آرزوءَ مان نجات نامعلوم،

زندگي تنهنجي ذات نامعلوم،

هي لڳاتار جستجو ڇا لا،

نيٺ ڇا آ نجات نامعلوم (89)

انهيءَ صورتحال ۾ گهٽ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪندي عبدالڪريم گدائي به چيو هو:

ڪيڏو نه فضا ۾ ٻوسٽ آ،

دم گهٽجي ٿو انسان جو،

ڪو ماڻهو ڪنهن جو ميت نه آ،

آ مڙهه جي ماٺ هوائن ۾!

ڪو ساز نه آ سنگيت نه آ،

ڪو بيت نه وائي، لوڙائو،

ڪا ڪافي، ڪوئي گيت نه آ،

هي شهر آ ڪهڙو شهر جتي،

هر ماڻهو آهي بيگانو،

ڪنهن سان به ڪنهن جو چاهه نه آ (90)

گدائيءَ جي هن شعر ۾ هڪ فردي اڪيلائي ڇانيل آهي، جيڪا فرد محسوس ڪندي پاڻ کي ويڳاڻو ٿو سمجهي، اها اڪيلائي وجود جو بنيادي مسئلو آهي.

عبدالڪريم گدائي جديد وجوديت جي فڪر کي سمجهي اهڙي ڳالهه ڪانه ڪئي هئي نه وري جديد وجوديت جو پوئلڳ هو، بلڪ گدائي سرمائيداريءَ جي شهري ماحول ۾ زندگيءَ جي وهنوار کي ڏسندي وجودي اڪيلائي ۽ ويڳاڻپ محسوس ڪندي اها ڳالهه ڪئي آهي، ڇوته اهي فطرتي طور وجود جا لاڙا آهن، جيڪي وجودي فڪر کي سمجهڻ کان بغير به محسوس ڪري سگهجن ٿا. هتي منهنجي هن ڳالهه کي هٿي ملي ٿي ته وجوديت فطري فڪر آهي، جنهن جون ڪيفيتون وجوديت کي سمجهڻ کان بغير به ماڻهو محسوس ڪري سگهي ٿو. مثال اڪيلائي موت جو خوف، بوريت، خودفريبي وغيره هنن ڪيفيتن جو وڌي وڃڻ ماڻهو کي نفسياتي بيماري ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿو:

سنڌي ادبين اهڙين ڪيفيتن کي تمام گهڻو محسوس ڪيو آهي، اڪيلائي جي ڪيفيت کي محسوس ڪندي امداد حسيني چوي ٿو:

شام آهي اڪيلي اڪيلي

۽ خاموش خاموش

وڻ به آهن اڪيلا اڪيلا

۽ خاموش خاموش

۽ وڻ جي وچان جيڪو رستو مٽي ٿو

سو به آهي اڪيلو اڪيلو

۽ خاموش خاموش (91)

هيءَ خاموشي ۽ اڪيلائي جي ڪيفيت سانت ۽ ويران بنجي وجود ۾ واسو ڪري ويئي آهي، جيڪا معروضيت تي حاوي ٿي ويئي آهي ۽ ماڻهوءَ کي هجومن ۾ به ڌاريو ۽ ويڳاڻو بنائي رکي ٿي، انهي ڪيفيت کي شرجيل هيئن بيان ڪري ٿو:

لکي سگهين ته لکجان

جو تمام اڪيلو آهيان

پري ۽ پري تائين

ڪجهه به ڪونهي

نه آواز

نه جسم

نڪو ٿڌي هير

نڪو جهولو

۽ مينهن

اڪيلو آهيان ڏاڍو

لکي سگهين ته لکجان. (92)

جديد دؤر ۾ هنن ڪيفيتن کي وڌيڪ هٿي ملي جڏهن سرمائيداري دور ۾ هر شيءَ خريد و فروخت لاءِ بنجي ويئي. غيرفطرتي مقابلي بازي ۽ چٽا ڀيٽي، چمڪ دمڪ، ۾ ڏيکاءَ وارو ڪوڙو ماحول، منافقي ۽ دولت جي نشي ۾ بدمست انسان ٻئي پاسي غربت ۾ وڪوڙيل ضرورتن کان به عاري انسان، ماحول ۾ ڌاريائپ ۽ اڪيلائيءَ جو احساس پيدا ڪيو. ماڻهو ماڻهوءَ کان ڇڄي ڌار ٿي ويو. اهڙي ماحول ۾ حساس ۽ باشعور ماڻهو وڌيڪ المئي جو شڪار ٿيو ۽ هن کي شعوري طور پنهنجي خالي پڻيءَ ۽ روحاني ناآسودگيءَ جو احساس ٿيو ۽ انهن ڪيفيتن ۾ ماڻهو وجودي وارداتن جي ڪيفيتن ۾ گهيرجي ويو ۽ اميدن تي، خواهشن تي، آسرن تي زندگي گذارڻ لڳو.

پري پري تائين سک جو ڪو ترورو آهي،

جو منهنجي نظر مان اوجهل ڪڏهن ٿيو ناهي،

انهيءَ اميد تي گهاريان پيو گهنگهر جيون

ڏکن پٺيان ئي ايندو سک چيو آهي ڏاهي.(93)

آسرن ۽ عذابن کان مجبور ٿي اديب دنيا کي هڪ عذاب قرار ڏنو ۽ انسان جي هر حرڪت کي ڦٿڪڻ سمجهيو مثال رسول ميمڻ جو هي شعر ڏسو:

دنيا ناچ گهر آ،

جتي هر انسان

هڪ عذاب کان

ڦٿڪي ڦٿڪي لوڏائي ٿو(94)

جديد شاعرن جي شاعريءَ ۾ وجودي ڪيفيتون جديد وجوديت کان متاثر ٿي گهٽ لکيون ويون آهن، پر سماجي حالتن جي پس منظر ۾ پيدا ٿيندڙ داخلي ڪيفيتن جي پس منظر ۾ وڌيڪ لکيون ويون آهن. مختيار ملڪ جو شعر آهي:

جسم جسم آهي زخميل،

پٿر هر ڪنهن هٿ کنيل،

هر ڪوئي خوشيون ٿو چاهي،

ڏک اڪيلو ۽ ڀٽڪيل،

شهر جون سڀ سنسان گليون،

ماڻهو ماڻهوءَ کان وڇڙيل،

سور اهوئي ساڳيو آهين،

ڏاڍو آهين پر بدليل،

ياد ڪندو رهندو آ توکي،

توکان جو آهي وسريل،

جنهن کي گيت خوشي جا ڄاڻون،

تنهن ۾ به آ درد ڀريل.(95)

مختيار ملڪ جي هن غزل ۾ اهو تاثر اُڀري ٿو ته هر ماڻهو ڏک ۽ پيڙا جو اڻ کٽندڙ سلسلو کڻي ڀٽڪي ٿو، خوشي هڪ سراب ۽ دوکو آهي، ڇوته ان جي پٺيان به هڪ درد آهي. مجموعي طور هتي ماڻهو مايوسيءَ ڏانهن وڃي ٿو ۽ ازل کان انسان ڏکيو آهي. خوشيون صرف خواهشن ۾ محدود آهن، قمر شهباز به اهڙي ڳالهه ڪئي هن شعر ۾:

قيدي آهي ڪوٽ ۾ ازل کان انسان،

الفت ۽ ايمان ڏکيو لڀي ڏيهه ۾. (96)

هن شعر ۾ جبريت جو فلسفو موجود آهي ته انسان ازل کان قيد ۽ پابند آهي، جڏهن ته جديد وجوديت ۾ انسان آزاد آهي ۽ سندس بي پناهه آزاديءَ جو شعور ئي فرد لاءِ دهشت جو سبب بنجي ٿو ۽ دهشت انهي نيستي مان جنم وٺي ٿي، جيڪا فرد جي جوهر ۽ چونڊ جي عمل ۾ رڪاوٽ آهي، انهي ڪري ماڻهو مجبور آهي ته هو آزاد رهي، ايتري حد تائين جو آزاديءَ تان هٿ کڻڻ جو فيصلو به آزاديءَ جو نتيجو آهي. (97)

مجموعي طور اسان جديد سنڌي شاعريءَ جو جائزو وٺندي اهو محسوس ڪريون ٿا ته ادب جي جديد لاڙي ۾ سنڌي شاعري خالص جديد وجوديت جي پس منظر ۾ ناهي ڪيل، بلڪ سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ ئي وقت مختلف رجحان ملن ٿا، اهوئي سبب آهي جو ڪنهن به شاعر کي خالص جديديت جو شاعر چئي نٿو سگهجي، ٻي ڳالهه اها آهي ته وجودي ڪيفيت کي محسوس ڪندي شاعرن جتي پيڙا اڪيلائي ڏک جي ڳالهه ڪئي آهي، اتي زندگيءَ کي مثبت راهه ڏيندي پيڙائن کان ڇوٽڪاري لاءِ پيار محبت ۽ عشق جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ سنسار جي جيئري هئڻ جو سبب ئي پيار کي قرار ڏنو آهي:

هي سڄو سنسار جيئرو آ پرين،

جيستائين پيار جيئرو آ پرين.(98)

يا

وندر منهنجي واٽ تي، ڳولڻ ۽ ڳائڻ،

تتيءَ ٿڌيءَ تند سان نيهڙو نڀائڻ،

پرينءَ کي پائڻ، رلندي پنهنجي راڳ ۾. (99)

انهيءَ مان ظاهر آهي ته سنڌ جي وجودي فڪر ۾ هڪ منفرد پڻو آهي، اهو آهي زندگيءَ جي پيڙا ۽ ڪرب کي عشق سان مٽائڻ جو. هڪ طرف سنڌي سماج ۾ پيار ۽ محبت جو عنصر عورت ۽ ڌرتيءَ جي پوڄا جي پس منظر ۾ پيدا ٿيل آهي، ٻيو ته فيوڊل دور ۾ روايتن ۾ جڪڙيل سماج ۾ عشق مروج قدرن کان بغاوت جو نالو آهي ۽ وجودي نڪته نظر مطابق پنهنجي حيثيت کي معنيٰ ڏيڻ لاءِ ۽ وجود جي هئڻ جو اعلان ڪرڻ لاءِ بغاوت ۽ روايتي قدرن کان انڪار ڪرڻ مان گذرڻو پوندو آهي ۽ ٽيون ته سنڌ عشق ۽ امن جي سرزمين آهي، هتان جا زياده تر روايتي قصا ۽ داستان پيار ۽ محبت تي مبني آهن. انهيءَ مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ وجودي فڪر هڪ منفرد نوعيت سان سدائين موجود رهيو آهي، پر اهو صرف داخليت يا فرد جي داخلي ڪٿا تائين محدود نه رهيو آهي، بلڪ معروضيت ۽ معروضي اٿل پٿل سان سلهاڙيل رهيو آهي.

 

حوالا

  1. رياض انور، سهڙيندڙ، وڇڙيا ڪين ورن، مرڪ پبليشرز حيدرآباد، ص 13
  2. مهر ممتاز، ويچار، آگم پبلڪيشن ايجنسي حيدرآباد، پهريون 1980ع، ص 95
  3. ماڻڪ، حويلي جا راز، مرڪ پبليشرز حيدرآباد، 1983ع، ص 47
  4. رياض انور، سهڙيندڙ، وڇڙيا ڪين ورن، ص 11
  5. ايضاً، ص 13
  6. ماڻڪ، رڃ ۽ پڙاڏا، ٽي ناوليٽ، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1992ع، ص 11
  7. ايضاً، ص 17
  8. ايضاً، ص 24
  9. ايضاً، ص 24
  10. ايضاً، ص 40
  11. ايضاً، ص 31
  12. ايضاً، ص 41
  13. جالب افتخار، مرتب، نئي شاعري، نئي مطلوبات لاهور، پهلا، 1966ع، ص 102
  14. ماڻڪ، رڃ ۽ پڙاڏا، ٽي ناوليٽ، ص 156
  15. ماڻڪ، ٽي ناوليٽ، لڙهندڙ نسل، ص 172
  16. ماڻڪ، ٽي ناوليٽ، پاتال ۾ بغاوت، ص 88
  17. مهر ممتاز، ويچار، ص 100
  18. C Brown, Distressed Mind, London Second 1949, P-63
  19. مهر ممتاز، ويچار، ص 101
  20. ماڻڪ، ساهه مٺ ۾، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1992ع، ص 55
  21. ايضاً، ص 52
  22. گهلو نور، ٽٽل شيشا ۽ آڱريون، منصور پبليڪيشن حيدرآباد، 1981ع، ص 21
  23. ايضاً، ص 25
  24. ايضاً، ص 101
  25. ايضاً، ص 105
  26. ايضاً، ص 122
  27. ايضاً، ص 125
  28. ايضاً، ص 51
  29. ايضاً، ص 47
  30. شورو مشتاق احمد، ٿڪل جذبن جو موت، سهڻي ڌرتي پبلشنگ هائوس، حيدرآباد، ص 9
  31. ايضاً، ص 8
  32. شورو مشتاق احمد، ٿڪل جذبن جو موت، ڪهاڻي، مئل ماڻهوءَ جي ڀومي، ص 134
  33. ايضاً، ص 127
  34. شيخ اياز، ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر، سنڌي ادبي اڪيڊمي، 1997ع، پهريون، ص 122
  35. شورو مشتاق احمد، ٿڪل جذبن جو موت، ڪهاڻي (مئل ماڻهوءَ جي ڀومي)، ص 10
  36. جعفري خيرالنساءِ، منهنجو تخليقي سفر، سنڌيڪا ڪراچي، پهريون 1992ع، ص 71
  37. ايضاً، ص 278
  38. ايضاً، ص 246
  39. ايضاً، ص 92
  40. ايضاً، ص 130
  41. ايضاً، ص 130
  42. ايضاً، ص 130
  43. ايضاً، ص 82
  44. ايضاً، ص 53
  45. مهر ممتاز، زندگيءَ جو وهڪرو، ساهت ڌارا پبليڪيشن ڪراچي، 1983ع، ص 4
  46. مهر ممتاز، منزل، ساهت ڌارا پبليڪيشن ڪراچي، 1983ع، ص 18
  47. پليجو رسول بخش، سنڌي ذات هنجن، سنڌي ادبي سنگت ايجنسي، 1983ع، ص 73
  48. قاضي قيصرالاسلام، فلسفي کي بنيادي مسائل، ص 135
  49. مهر ممتاز، منزل، ص 78
  50. ميمڻ رسول، امن جي نالي، پارس اشاعت گهر سکر، پهريون ايڊيشن، 1977ع، ص 15
  51. ايضاً، ص، ص 30
  52. ميمڻ رسول، ڪافر ديوتا، ص 140
  53. ايضاً، ص 27
  54. ايضاً، ص 17
  55. ميمڻ رسول، ابابيل جي آخري اڏام، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 1993ع، ص 12
  56. بلوچ محمد دائود، مرتب،چار ڪهاڻيڪار نقاد، منصور پبليڪيشن، 1983ع، ص 28
  57. شاهه نورالهديٰ، جلاوطن، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، ص 13
  58. ايضاً، ص 44
  59. ايضاً، ص 45
  60. ايضاً، ص 47
  61. ايضاً، ص 47
  62. ايضاً، ص 187
  63. ايضاً، ص 81
  64. ايضاً، ص 86
  65. بلوچ محمد دائود، مرتب، چار ڪهاڻيڪار، چار نقاد، ص 15
  66. ايضاًم، ص 23
  67. شيوڪاڻي هيرو، زندگي ۽ ڪئڪٽس، ص 39
  68. ايضاً، ص 197
  69. مهر ممتاز، سنڌ ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر، ص 40
  70. مهر رزاق، سڪون ڪٿي آهي، نئين دنيا پبليڪيشن، لاڙڪاڻو، 1983ع، ص 34
  71. اشرف طارق، سهڙيندڙ ، تخليق پبليڪيشن، آخري ڪتاب، جنوري 1979ع، ص 61
  72. ڪارل ساگان، ترجمه منصور سعيد، ڪائنات، فکشن هائوس لاهور اول، 1976ع، ص 16
  73. اشرف طارق، سهڙيندڙ ، تخليق، ص 75
  74. بلوچ محمد دائود، سهڙيندڙ، چار ڪهاڻيڪار، چار نقاد، ص 97
  75. شرجيل، پن ڇڻ کان پوءِ، ص 24
  76. شيخ اياز، ڀوئر ڀري آڪاس، نيو فيلڊ پبليڪيشن حيدرآباد، 1989ع، ٻيو ايڊيشن، ص 216
  77. ايضاً، ص 226
  78. شيخ اياز، ڪلهي پاتم ڪينرو، ساهت سڀا پبليڪيشن الهاس نگر، 1987ع، ص 69
  79. شيخ اياز، ڀوئري ڀري آڪاس، ص 196
  80. مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، 1/ 1981ع، ص 29
  81. شيخ اياز، ڀوئري ڀري آڪاس، ص 213
  82. شيخ اياز، ڀوئري ڀري آڪاس، ص 234
  83. ايضاً، ص 229
  84. ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ 2/ 1962ع، جلد-1، ص 25
  85. کارل ساگان، ترجمه منصور سعيد، کائنات، ص 147
  86. مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، 3/ 1968ع، ص 32
  87. سومرو ادل، سهڙيندڙ ، سنگت، سنڌي ادبي بورڊ، سنگت 1984ع، ص 99
  88. ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، 2، 3/ 1964ع، ص 79
  89. شيخ اياز، ڀوئر ڀري آڪاس، ص 239
  90. گدائي عبدالڪريم، پکڙا ۽ پهنوار، ضلعي ترقياتي ائسوسيئيشن جيڪب آباد، 1975ع، ص 92
  91. ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1/ 1964ع، ص 32
  92. سومرو ادل، سهڙيندڙ ، سنگت، ص 125
  93. عابد مظهر، روشن پبليڪيشن جو ڪتاب، حيدرآباد، 1981ع
  94. ميمڻ رسول، او شاجي جي آشا، سنڌي ادبي سنگت مرڪز، 1979ع، ص 61
  95. ملڪ مختيار، روشني پبليڪيشن جو ڪتاب، حيدرآباد
  96. مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 2 / 1962ع، جلد 11، ص 10
  97. سي اي قادر، وجوديت، ص 108
  98. سومرو ادل، سهڙيندڙ ، شعر اياز گل، سنگت شاعري نمبر، ص 77
  99. ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 4/ 1955ع، ص 11