سنڌي ادب جو فڪري پس منظر

ڪتاب جو نالو سنڌي ادب جو فڪري پس منظر
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-128-6
قيمت 600    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (1815) PDF  (985) E-Pub
انگ اکر

12 October 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     165154   ڀيرا پڙهيو ويو

پهرئين ڇاپي جا پيش لفظ


علامه آءِ. آءِ. قاضي چيو هو ته علم و ادب جي واڌاري جو مدار ”فڪر“ تي آهي ڇو ته فڪر ئي هر مضمون ۽ بيان جو سرچشمو آهي.

اها ڳالهه سؤ فيصد صحيح آهي. فڪر يعني فلسفي کان بغير ته ڪو به فن سرجي ئي نٿو سگهي. ڪنهن ڏاهي چيو هو ته دنيا ۾ هر ماڻهو فلسفي آهي، ڇو ته هر ماڻهوءَ جي ڪا نه ڪا سوچ ۽ ويچار هوندو آهي، هر ماڻهو جو ڪنهن به مسئلي تي ڪو نه ڪو نقطه نظر هوندو آهي، تنهن ڪري اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته دنيا جي مڙني علمن جي ماءُ فلسفو آهي ۽ هونئن به تاريخ ۾ سڀ کان پراڻو علم فلسفو آهي، ٻيا سڀئي علم فلسفي منجهان ئي نڪتا آهن. ول ڊيورانٽ چيو هو ته سائنس ماڻهوءَ کي علم ڏيئي سگهي ٿي پر ڏاهپ صرف فلسفو ئي ڏئي ٿو ۽ واقعي جنهن ماڻهو کي ڪائنات جي مابعدالطبعياتي سوالن جي هورا کورا ٿيندي آهي اهو فلسفي جي سمنڊ ۾ ٽپي پوندو آهي، پر ڪائنات جو علم سمنڊ آهي، اسان ته صرف هڪ معمولي ٻيٽ تي بيٺا آهيون، انهي ٻيٽ تي بيهي مون سنڌي ادب جي گهرائيءَ ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن کان اڳ ۾ سنڌي ادب تي تمام گهڻي تحقيق ٿي آهي پر سنڌي ادب ۾ ڪهڙو فلسفو سمايل آهي ۽ سندس فڪري پس منظر ڪهڙو آهي انهي تي تمام گهٽ قلم کنيو ويو آهي. مون جڏهن بي. اي. ۾ فلسفو پڙهيو ته انهي وقت مون کي محسوس ٿيو ته فلسفي کان وڌيڪ ڪو دلچسپ موضوع نه هوندو، ۽ جڏهن سنڌي ادب ۾ ايم. اي. ڪيم ته مون کي وک وک تي فڪري گهرائي ملي، خاص طور سنڌي اساسي شاعريءَ مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو جنهن ۾ فڪر جا ڳوڙها نڪتا شامل آهن، ان وقت مون پڪو پهه ڪيو ته سنڌي سماج ۽ سنڌي ادب جي پس منظر تي ضرور تحقيق ڪندس ڇو ته سنڌي ماڻهن، سنڌي سماج جي فلسفي کي سمجهڻ کان بغير سنڌي ادب کي نٿو سمجهي سگهجي ۽ اها خبر نه ٿي پئجي سگهي ته سنڌي اديب شعوري يا لاشعوري طور ڪهڙو فڪر رکي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار جڏهن مون محترمه سانئڻ فهميده حسين سان ڪيو ته انهي منهنجي ڏاڍي همت افزائي ڪئي ۽ اهو ئي سبب آهي جو مان هن موضوع جي گهري سمنڊ ۾ ٽپي پيس. تحقيق ڪرڻ سان منهنجي اڳيان ڪائنات جا نوان رنگ وکري پيا، سنڌي ادب، سنڌي سماج ۽ فڪر جا دروازا کلندا ويا ۽ مون کي علمي وجدان ٿيڻ لڳو ته واقعي فڪر ۽ فلسفي جي اصل سرزمين ته سنڌ آهي، ۽ ايڏو ته امُلهه خزانو هن سرزمين ۾ موجود آهي جنهن جو ڪاٿو نٿو ڪري سگهجي. اڪثر ڪري اهو چيو ويندو آهي ته اصل فلسفي جي سرزمين يونان آهي ۽ سنڌ تي به يوناني فڪر سان گڏ ويدن، ٻڌمت، جين مت جو به گهرو اثر موجود آهي، ان کان پوءِ اسلام، يورپين لبرل ازم ۽ مارڪسزم جو سنڌ تي گهرو اثر موجود آهي، پر تحقيق ڪرڻ سان هڪ نئين ڳالهه سامهون آئي ته سنڌ جو فڪر انهن سڀني فلسفن کان منفرد آهي، جيڪو هزارين سالن کان سنڌي ماڻهن ۽ سماج جي لاشعور ۾ گردش ڪندو رهيو آهي ۽ انهي جو اظهار وقت به وقت ٿيندو رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ صوفي شاهه عنايت، خواجه محمد زمان، شاهه لطيف، سچل سرمست جهڙيون شخصيتون پيدا ٿيون آهن ۽ دنيا جا جيڪي به فڪر سنڌ ۾ آيا انهن کي پنهنجائڻ کان پوءِ به سنڌي فڪر گم ٿي نه سگهيو بلڪ انهن نون فڪرن سان ملي مثبت طور سامهون آيو ۽ جڏهن اهي فلسفا پنهنجو مدو پورو ڪري ويا ته وري سنڌ پنهنجي اصلي فڪر جي صورت کڻي بيهي رهي. آءٌ انهي فڪر جو نالو مثبت وجوديت (Positive Existentialism) تجويز ڪريان ٿو. سنڌي ادب ۾ نثر هجي توڙي شاعري منجهس انهيءَ فڪر جي اپٽار ڪيل آهي، ها البته حالتن جي گهاڻي ۾ پيڙجندي اديبن منفي اظهار به ڪيا آهن پر اهي جٽاءُ ڪندڙ نه آهن.

سنڌ جي اصلي فلسفي جو بنيادي نڪتو انسانيت پسندي آهي. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا هن وقت سنڌي ماڻهن ۾ سندن ڌرتي جو اصل فڪر عملي طور موجود آهي؟ ته جواب آهي ته انفرادي طور موجود آهي پر اجتماعي طور ناهي دور وڏي تبديليءَ جو دور آهي، اها تبديلي صنعتي دور جي شروع ٿيڻ سان شروع ٿي آهي، جنهن ۾ هزارين سالن کان موجود ۽ رائج ٿيل قدر ٽٽي رهيا آهن، جاگيرداريءَ جي رواجن، رسمن، قدرن ۾ ڏار پئجي رهيا آهن، پر تنهن هوندي به آءٌ سمجهان ٿو ته سڄي دنيا ۾ بنيادي طور اڃا جاگيرداري قدرَ موجود آهن، ڇو ته جهڙي طرح سائنسي دور ۾ قدر هئڻ گهرجن اهي ناهن. اڄ به مردانگيءَ وارو تصور، ڀاڙائپ وارو تصور، پيار ۽ محبت يا جنس بابت معيار جاگيرداري قدرن تي رکيل آهن، مطلب ته سٺائي ۽ خرابي جو معيار اڄ به فيوڊل آهي. نتيجي طور سماج ۾ هڪ غير متوازن (unbalanced) صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي، ڪمرشلزم ماڻهوءَ کي اجتماعيت کان ٽوڙي انفراديت ڏانهن گهلي ويو آهي، روز به روز ماڻهو اندر ۾ اڪيلو ٿيندو وڃي، ويڳاڻپ، ذهني غير يقيني (uncertainty) وڌندي وڃي، هر ماڻهو چاهي ٿو ته هن جو ڪو دوست هجي ڪو همراز ساٿي هجي، ڪو کيس سمجهي سگهي، ساڻس پيار ڪري، هر ماڻهو چاهي ٿو ته سندس صلاحيتون پرکجن، کيس موقعو ملي، سندس واهه واهه ٿئي، پر سڀ خواهشن جا انبار کڻي هڪ جنگل ۾ ڀٽڪي رهيا آهن، ڪير به ڪنهن کي نٿو ملي، ڇو ته سڀني جو ذهن مئٿامئٽڪل بنجي چڪو آهي، سڀئي رس کائڻ لاءِ تيار آهن ڪس ڪير به نٿو کائي، سڀڪو چاهي ٿو ته هو محبوب هجي سندس مٿان ٻيا فدا ٿين پر عاشق ٿيڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي، سڀ پنهنجي مفادن جي خول ۾ قيد آهن، بس هڪ هجوم آهي جنهن جي واتن ۾ واپاري دنيا جا کوکلا نعرا ڪنهن ڏئي ڇڏيا آهن، ۽ سڀ تاڙيون وڄائيندا وڃي رهيا آهن، ڪنهن کي به خبر ناهي ته اسين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون. منافق روين جي يلغار آهي، سچي ماڻهوءَ ۽ ايماندار ماڻهوءَ جو قدر ڪونهي، ڪوڙ، چاپلوسي، ٺڳي، بدمعاشي ۽ طاقت هن سماج جا جوهر بنجي چڪا آهن، اهڙي صورتحال ۾ ادب، ساڃاهه، ڏاهپ، تحقيق جي جڳهه ڪٿي وڃي ٿي بيهي توهان پاڻ سوچيو، اسان جا نوجوان ڊش، ڪيبل ۽ ڪاپي ڪلچر جي پيداوار مائڪل جيڪسن ٽائپ هيرو ٿيڻ پسند ڪندا آهن، جاويد ميانداد جي ڇڪي تي خوش ٿيندا آهن، وڌ ۾ وڌ ڪمپيوٽر تي چيٽنگ ڪندي خوش ٿيندا آهن. اهي ڪورس جا ڪتاب به پڙهڻ لاءِ تيار ناهن، انهن کي ڏسي ڇا اسان ادب، ڏاهپ، علم ۽ تحقيق جي مستقبل ۽ قوم جي روشن آئندي جي اميد رکي سگهون ٿا! ۽ جيڪڏهن ڪو نوجوان سنجيده ٿي علم حاصل ڪرڻ به چاهي ته ان کي چريو چيو ويندو آهي، باقي اسان جي عالمن، ڏاهن، دانشورن وٽ وقت ڪونهي جو هو جديد ادب پڙهن ۽ انهيءَ تي ٻه اکر ڳالهائين، ٻي ڳالهه ته مَه سهپ جو رويو تمام گهڻو آهي. ڪير به ڪنهن کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي.

منهنجي هن ڪتاب جي باري ۾ ڪابه دعويٰ ناهي، ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن هڪ ماڻهو کي به هن مان لاڀ حاصل ٿئي ته آءٌ پنهنجي محنت سجائي سمجهندس. هونئن به ڪنهن به تخليق ۽ تحقيق جي اهميت تاريخ طئي ڪندي آهي، ٻيو ته تحقيق ڪرڻ وقت ماڻهو مڪمل آزاد نه هوندو آهي. ڪجهه اڪيڊمڪ اصولن جو پابند رهندو آهي، جنهن ڪري فرد جي ذات، سندس تخيل، رومانويت ۽ جذبن جو عمل دخل گهٽ هوندو آهي، انهي کان علاوه جنهن سماج ۾ اسين رهون ٿا انهيءَ جي قدرن جو خيال به رکڻو پوندو آهي، تنهن جي باوجود به هن ڪتاب تي تنقيد ڪرڻ هر فرد جو جمهوري حق آهي، ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته سٺي تنقيد جي آجيان ڪرڻ ئي پرائڻ ۽ سکڻ جو پهريون ڏاڪو آهي.

آءٌ پنهنجن دوستن سائين عابد مظهر، راز شر، غني ڪانڌڙو، اياز مهر، اياز جانيءَ جو ٿورائتو آهيان، جن هن تحقيق جي سلسلي ۾ هر ممڪن مدد ڪئي ۽ پنهنجا قيمتي مشورا ڏنا.

آخر ۾ آءٌ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي ڊائريڪٽر ميڊم فهميده حسين، محترم علي احمد بروهي، محترم محمد سليم ميمڻ جو شڪر گذار آهيان، جن منهنجي هر قدم تي همٿ افزائي ڪئي.

 

فيبروري، 2002ع

ڪراچي، سنڌ

 

ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ

A/2673, Gulshan-e-Hadeed

PH II, Bin Qasim, Karachi

Email: gmemon@uok.edu.pk