روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612405   ڀيرا پڙهيو ويو

دُعا


(اسڪول جي اسيمبليءَ ۾ پڙهڻ لاءِ)

 

ڌڻي پاڪ پَروَر، سٻاجهو تون سائين،

ڪرين ٻاجهه پنهنجي اسان تي سدائين!

 

اسين سڀ گداگر، تون صاحب سَخا جو،

سُڻي سَڏ تون در کول پنهنجيءَ عطا جو،

ڪَمي ڪا نه تو وٽ تون رحمان آهين...!

 

ڏي توفيق، دل سان ڪريون علم حاصل،

سڏي ڪو اسان کي نه دنيا ۾ جاهل،

تون تاريڪ ذهنن کي روشن بنائين....!

 

پڙهڻ لاءِ ’اِقراء‘ ٿيو فرمان تنهنجو،

ڪتاب ۽ قَلم آهه اِحسان تنهنجو،

اسان جو ڪتاب ۽ قلم بخت ٺاهين....؟

 

نئين دورر جو ماڻيون علم ۽ هنر سڀ،

رکون دينِ دنيا جو سانڍي ثَمر سڀ،

پُڄون ماڳَ تي واٽَ اهڙي وٺائين....

 

30.11.2006