روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612407   ڀيرا پڙهيو ويو

ڪُونجَ


ڪونج کي نه مار ڀاءُ، ڪونج کي نه مارِ،

ڪونج ويچاري ويٺي درياءَ جي هُن پار...!

 

نَٿَ نه ٿي کپي مون کي، نٿَ تون نه آڻ،

نٿ جي پئسن لاءِ ڪونجَ کي نه مار!

 

چُوڙيون نه کپن مون کي، چوڙيون نه آڻ،

چوڙين جي ڪري تون ڪونجَ کي نه مار!

 

چُني نه آڻ مون لئه، چُني نه آڻ،

چُني وٺڻ لئه تون ڪونجَ کي نه مار!

 

 

فنڪار: ٽيچر نُوربانو