روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612334   ڀيرا پڙهيو ويو

ڌُومَ مچايون


اچو ته گڏجي ڌُوم مَچايون، گيتن جي گونجارَ ڪريون،

نئين سَمي جا سازَ وڄائي، هرڪا دل بيدار ڪريون...!

 

اسين سدا سونهارا آهيون،

پيارا، ڀاڳ ڀلارا آهيون،

جڳ جي اک جا تارا آهيون-

برپٽ باغ بهار ڪريون...!

محنت ساڻ آ محبت پنهنجي،

محنت ۾ ئي عظمت پنهنجي،

محنت زور، ضرورت پنهنجي-

محنت جو ونهوار ڪريون...!

نئين سمي سان وِک وڌائي،

علمَ عملَ جي جوتِ جڳائي،

پيار جو پورهيو خوب ڪمائي،

ملڪ جو ناماچار ڪريون...!

 

1973                                     ڌُن: نذر حسين