روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612260   ڀيرا پڙهيو ويو

ٻڌو بابلي جا پارَ


ٻڌو بابلي جا پارَ، ٻڌو بابلي جا پارَ،

جنهن جا نخرا نَوَ هزار، جنهن جا ٽهڪ ٽماٽيدارَ-

ٻڌو...!

 

ٻاتيون ٻوليون ٻولي، سڀ جي دِل هرکائي،

ڏيڍ فُٽو هي ماڻهو ساري گهر کي ڀُوڪ بنائي:

ڀوڪ بنائي، ٽافي کائي،

ٿولي مالَ به کائي:

جنهن جا ريشم جهڙا وارَ، جنهن جون ڳالهيون ماکيءَ لارَ-

ٻڌو...

 

گهر جو لٺ سردارُ سڏائي، کائي کنڊ ملائِي،

کِي کِي- کِي کِي، کيچل کيٽو، کٽ پٽ کوٽ پِٽائي:

کوٽِ پٽائي،

ميز ٽپائي،

سڀ سان آهي لڙائي:

هاڻي کائي ويٺو مارَ، رڙيون راڄ ٻُڌن چوڌارَ-

ٻڌو...!

 

آئيندي جي آس به آهي، اڄ جو آهه سهارو،

ساري گهر جي سُونهن انهيءَ سان، سڀ جي اک جو تارو:

اک جو تارو،

ڀاڳ ڀلارو،

سڀ کي آهه پيارو:

جنهن تي ابي جو آڌارُ، جنهن تان امڙ ٿئي ٻلهار-

ٻڌو....!

 

 

 

6.8.1975

موسيقار: ڪريم شهاب الدين

فنڪار: غفور گل