روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612250   ڀيرا پڙهيو ويو

صِحت جو خيالُ


 

ٻارو رَکو صحت جو خيالُ،

صِحت بنا جيئڻ جنجالُ.

 

صبح اُٿڻ سان ڏندڻ ڪريو،

وهنجي، ڌوتل ڪپڙا پَهريو،

وارَ سنواري ٿيو نِهالُ...!

 

نيرن کائي وڃو اِسڪول،

خوب پڙهڻ ۾ ٿيو مشغول،

پاسِ ٿي ڏيکاريو هر سالُ...!

 

منجهند جو آرامُ ڪريو،

گهر جي ڪم جو ڌيانُ ڌَريو،

شامَ جو کيڏو بيٽ ۽ بالُ...!

 

سِجُ لهي ته پڙهڻ تي ويهو،

’هوم ورڪ‘ سڀ پورو ڪريو،

ڪريو پورو هر سوالُ...!