روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612296   ڀيرا پڙهيو ويو

پيارُ گُھرون ٿا


پيارا آهيون، پيارُ گهرون ٿا،

پيارَ ڀريو، سَنسارُ گهرون ٿا!

 

هُجي نه جنهن ۾ ڪوڙ ۽ ڪلفت،

جڳ ۾ سو وهنوارُ گهرون ٿا...!

 

اسين امن جا ننڍڙا قاصد،

جنگ نه ڪو تڪرارُ گهرون ٿا...!

 

دنيا جا سڀ ٻالڪ گڏجي،

ڌرتيءَ جو سينگارُ گهرون ٿا...!