روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612397   ڀيرا پڙهيو ويو

عيد مبارڪ


عيد مبارڪ! عيد مبارڪ!

ڳليءَ ڳليءَ مان ڊوڙندا،

مڙي آيا ٻارڙا،

عيد مبارڪ! عيد مبارڪ!

 

ڪپڙا نوان پاتاسين،

گُل ته گلابي ٿا لڳن،

ٽهڪ ڏيو خوب ٿا ٽڙن،

گد گد ٿيو کلي ملن...!

عيد مبارڪ!

 

سيوين جو سيرُ ڀلو،

خرچين جو ڍيرُ ڀلو،

نئينءَ جتيءَ پيرُ ڀلو،

سائينءَ جو خيرُ ڀلو..!

عيد مبارڪ!

 

ننڍڙا هي ٻارَ جيئن،

امڙ جا سينگارَ جيئن،

اَبي جا آڌارَ جيئن،

جَڳ جا اِهي يارَ جيئن...!

عيد مبارڪ!