روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612347   ڀيرا پڙهيو ويو

اَڙِي نِنڊَ!


اَڙِي ننڊ، خوابن جو توکي قسم،

اچي مُنهنجي ننڍڙي جي نيڻن ۾ سُمهه!

 

تون اڄ پوپٽن جي پرن تي چڙِهي،

ڀنڀورين جا باغن ۾ پيرا کڻي:

هلي اچ گُلابن تي رکندٖي قدم....!

 

تون ايندينءَ ته ڳالهيون عجب ٿينديون،

پَريون هن کي پينگهن ۾ لوڏينديون:

اچي هِن جي خوابن جي دنيا ته گهُم....!

 

اٿئي ڏاڍو نازڪ هي نازن پليو،

اِجهو هي رُنو ۽ اِجهو هي کِليو:

تون اچ هوريان هوريان، نهايت نرم....!

 

 

23.08.2004