روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612248   ڀيرا پڙهيو ويو

ٻالڪ زنده باد!


مٺڙا مٺڙا پيارا پيارا، ٻالڪ زنده باد!

ساري جڳ جي اک جا تارا، ٻالڪ زنده باد!

 

ٻالڪ بابا، ٻالڪ امان، ٻالڪ ڀينر ڀاءَ،

ننڍڙا آهن، وڏڙا ٿيندا، ٿيندا راڻيون راءَ،

آئيندي جا سرجڻهارا، ٻالڪ زنده باد!

 

پيرَ، اِمامَ، پيغمبَر، حاڪمَ، فاتح توڙي سِپاهه،

آئن اسٽائن، ارسطو، گوتم، سامي، سچل، شاهُه،

ٻالڪ ئي ته هئا هي سارا، ٻالڪ زنده باد!

 

ڌرتي، دريا، سمنڊ سمورا ٻالڪ جي ميراثَ،

سي ئي آهن ساري جڳ جي آئيندي جي آسَ،

جن جي دم سان باغ بهارا، ٻالڪ زنده باد!