روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612391   ڀيرا پڙهيو ويو

بهارَ جي مُندَ


سال سڄي جون مندون چار،

ڀلي سڀن کان آهي بهار!

 

مند ته جادوءَ جهڙي هيءَ،

ڪيئن نه پاڻ ڀَڄِي ويا سيءَ،

آهي سڀني جي سردار...

 

 

باغ ۾ پوپٽ اُڏرن کوڙ،

ڀونئرَ ڀنڀوريون ڏسجن کوڙ،

باتيون بلبل جون به هزار...

 

وڻن ڍڪِيا سڀ ساوا ويسَ،

سَرها سُرها سارا ديسَ،

گل ئي گل سارو سنسار...!