روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612371   ڀيرا پڙهيو ويو

عيدَ ملهايون


چِڪلي پايون، پير گسايون،

اچو ڙي ٻارو، عيد ملهايون!

 

رنگ برنگي ڪپڙا پهري،

پوپٽ بڻجي ڦيريون پايون!

 

پاڙي ۾ جي ٻارَ رهن ٿا،

پاڻ اڪيلا جي سمجهن ٿا،

هلو ته عيد مبارڪ ڏيئي،

تن کي ڀينر، ڀاءُ بنايون!

 

جيڪي ڏُکيا بکيا آهن،

نوان لَٽا جن پاتا ناهن،

ڪپڙا طعام کڻي انهن لئه،

هَلو انهن کي گَلي لڳايون!

 

راند ڪندي جي رُسي ويا ها،

سال سڄو ئي وڇڙي ويا هئا،

هلو انهن سان عيد ملي اڄ،

سڀني کي گڏجي پرچايون!

1974ع