روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612393   ڀيرا پڙهيو ويو

رَمشا


ننڍڙي رَمشا پنڌُ ڪري ٿي،

پنڌ ڪري ٿي، ڪِري پوي ٿي،

ڪِري اُٿي ٿي، وري ڪِري ٿي،

پوءِ ته ڪير ٻڌي ٻونگاڙ،

بس نه ٿيندي راڙوراڙ،

ننڍڙي رَمشا پنڌ ڪري ٿي.

ننڍڙي رَمشا راند ڪري ٿي،

پنهنجا سڀ رانديڪا ڀڃي ٿي،

چوڻ نه ڪنهن جو مُور مڃي ٿي،

پوءِ ته ڪير ٻڌي ٻونگاڙ،

بس نه ٿيندي راڙوراڙ.

ننڍڙي رَمشا ضِدُ ڪري ٿي،

ٽافي چاڪليٽ جوس گهُري ٿي،

منٽ نه هڪڙو هوءَ ترسي ٿي،

پوءِ ته ڪير ٻڌي ٻونگاڙ،

بس نه ٿيندي راڙوراڙ.

ننڍڙي رَمشا ننڊ ڪري ٿي،

نِنڊَ ۾ گل ڦل پَرِي ڏسي ٿي،

اوچتو ڇرڪ ڀري جاڳي ٿي،

پوءِ ته ڪير ٻڌي ٻونگاڙ،

بس نه ٿيندي راڙوراڙ.

موسيقار: شاهد ڀٽو

فنڪار: بيبي ثُميره