روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612282   ڀيرا پڙهيو ويو

ٻار هنئين جا هار


ٻارَ، هِنئين جا هارَ، گُلن جِئن نازڪ نِپجن ٿا،

آرَ، انگلَ، انڪارَ، گهڙيءَ ۾ وِرچن، پَرچن ٿا.

 

جي روئن، دل کي گهائن، جي مُرڪن مَن کي ڀائن،

ٻولَ عجائب ٽولَ، سِپيءَ ۾ موتِي سِپجن ٿا.

 

هِي ماکيءَ جهڙا مٺڙا، هي پوپٽَ، ڌيئرون، پُٽڙا،

اِيئن اکين ۾، جيئن امڙ جا تارا چِلڪن ٿا.

 

هي ٻاگهيون، دودا ٿيندا، هي ڏاها، جوڌا ٿيندا،

ٻار وڏا مهندارَ، هِينئر جي ننڍڙا ڏِسجن ٿا.