روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612374   ڀيرا پڙهيو ويو

سيارو آيو


سيارو آيو سيءُ کڻي،

اُس به نِڪري ڇڻي ڇڻي،

 

ٿڙ ٿڙ، ٿڙ ٿڙ، لِڱ ٿڙڪن،

ڏڪ ڏڪ، ڏڪ، ڏڪ، ڏَند ڏڪن،

هٿ سيڪيندي بات بڻي...!

 

رِلي ته مُور نه سيءُ جهلـٖـي،

هاڻ ته ڪمبل سوَڙ کپي:

ٿڌ وڌي وئي آهي گهڻي...!

 

گرم لَٽَن هوندي به ٺَرون،

ساجهر پَر اسڪول وڃون،

ڳالهه اِها سڀني کي وڻي...!

 

 

24.02.2003