روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612295   ڀيرا پڙهيو ويو

مائي ملوڪان


راوي:

مائي ملوڪان مٽڪـٖـي واري،

ذات ڪُئن جي راجڪماري:

ڇم ڇم ڇم ڇم، ڇير جا ڇمڪا:

سنهڙن، سهڻن وارن واري،

مائي ملوڪان مٽڪي واري.

 

گهر کان نڪري گس تي آئي،

ڇم ڇم، ڇم ڇم، ڇير وڄائي،

ڏيڏر جي هن ننڊ ڦٽائي.

 

ٽان ٽان، ٽان ٽان-

ڦونڊ ۾ ڀرجي،

اک مِچڪائي،

پوڙهو ڏيڏر گپَ مان نڪتو:

 

ڏيڏر:

ٽان ٽان، ٽان ٽان-

ڪيڏانهن، ڪيڏانهن؟

مائي ملوڪان مٽڪي واري،

ذات ڪُوئن جي، راجمڪاري!

هون.... پاڻي ڀرڻ ٿي وڃين؟

کُوهي واهِي ڪجهه ڀي ناهي:

جهنگل،

جهنگل اندر جهنگل آهي،

تنهن ۾ ڪيئي نانگ بلائون!

ڇا ٿيون ٻولن؟

اچي ملوڪان، کائُون کائُون!

ار ر ر ر ر ر....

۽ هوءَ جهنگلي ٻلي؟

توبهه توبهه، ڏاڍي ڏنگي آهي!

مائي ملوڪان مٽڪي واري...!

 

ملوڪان:

چين چين، چين چين-

هل هل، پوڙها ڏند ڀڳل!

بند ڪر پنهنجي ٽان- ٽان، ٽان- ٽان!

نانگ بلائون؟ مون کي ڇا هي؟

جهنگلي ٻلي، مون کي ڇاهي؟

چين چين، چين چين،

مون کي سڀ سُڃاڻن ٿا.

ڪير آهيان مان!

مائي ملوڪان مٽڪي واري،

ذات ڪُوئن جي راجڪماري!

راوي:

ڊوڙي آيون جيڏِيون سرتيون،

سڀئي گڏجي تڙ تي پهتيون،

پاڻي ڀري پوءِ وِهنتيون سِهنتيون،

گهر ڏانهن پوءِ هلي سُواري-

مائي ملوڪان...!

 

ڏيڏر ڀِلڙو مُنهن بڻائي،

گپَ ۾ ويٺو پاڻ لِڪائي،

ڏسي ملوڪان جي هُشياري-

مائي ملوڪان...!

هڪڙي ننڍڙي جهِرڪي آئي،

چون چون، چون چون، چان چان چائي:

 

جهرڪي:

وهه واهه، وهه واهه، مائي ملوڪان!

پورهئي سان تُون دل ٿي لائين،

ڪين ڪڏهن ٿي تون گهٻرائين:

واه ملوڪان، همت واري،

ذات ڪُوئن جي راجمڪاري!

 

مائي ملوڪان مٽڪي واري،

ذات ڪُوئن جي راجمڪاري!

 

17.11.1974                                                        موسيقار ۽ فنڪار: ظفر علي

 

 (ڳجهارتون)