روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612297   ڀيرا پڙهيو ويو

اَنبن جِي موسم


انبن جي آ موسم آئِي،

ڪير ٿو کائي رَس مَلائِي.

 

’چوسا‘، خاص ’گلاب‘ ۽ ’لنگڙا‘،

مٺڙا مٺڙا، کَٽڙا کٽڙا،

’سنڌڙيءَ‘ جهڙي جنسَ نه ڪائِي...!

 

گوشت، مڇي، مرغي نه وڻي ٿي،

بابا! انبَ وٺي اچ جلدي،

مون کان ڪانه ٿئي ٿي پڙهائِي..! ·

 

ڪانگل کائـٖـي، طوطو کائـٖـي،

امان، بابا، ڏاڏو کائـٖـي،

کائـٖـي هرڪو مرد ۽ مائِـي...!

 

  • چوسو، گلاب، لنگڙو، سنڌڙي: انبن جا قسم آهن.