روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612294   ڀيرا پڙهيو ويو

سائيڪل


بابا ڏياري سائيڪل،

بابا ڏياري سائيڪل،

ڪير هلي هاڻي پيدل،

ڪير هلي هاڻي پيدل!

 

سائيڪل منهنجي نئين نياري،

گهنٽي هن جي ٽِڻ ٽِڻ واري،

واه ڦري ٿو ڪيئن هينڊل...!

 

مُور نه ٿئي ٿي پنڪچر،

ائين ڊوڙي جيئن لاري موٽر،

هٿن مان تِرڪي پيو هينڊل...!

 

سڀ کان سستي، سؤلي سواري،

سارو ڏينهن گهمان چوڌاري،

ڪونه ٿئي پيٽرول جو بل...!

 

ڌِيان سان روڊ تي هلندو آهيان،

آسي پاسي ڏِسندو آهيان،

تڪڙ ڪڏهن، نه ڪريان ڀُل...!

 

ڳاڙهي بتيءَ تي بيهندو آهيان،

سائي بتيءَ تي هلندو آهيان،

ٽوڙيان ڪونه ڪڏهن سنگل...!

04.02.2003