روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612275   ڀيرا پڙهيو ويو

فادر فيوچر جو


چُوگم چاچا!

چِي گم چاچي!

هيڏي ڏسو.... مون ڏي ڏسو!

پپو، پپن ۽ پپلي آهيان مان،

فادر فيوچر جو آهيان

چوگم چاچا، چِي گَم چاچي...

 

ٿيندس مان ته وڏو سرجن،

عجب ڪندس هڪ آپريشن،

کولي سڀ جا پيٽ بدن،

ٽافيون ڀريندس هڪ هڪ ٽن:

ونڊرفل ڊائجيسشن، دنيا کي مفت ٻڌايان-

فادر فيوچر جو آهيان...!

 

ٿيندس مان ته وڏو انجنيئر،

عجب ڪندس ٽيڪنڪ ۾ ڦير،

ٺاهي دڙو مُئلن جو ڪير،

جوڙيندس جيئرن جو ڍير:

ونڊرفل ڪنسٽرڪشن، دنيا کي مفت ٻڌايان-

فادر فيوچر جو آهيان...!

ٿيندس وڏو مان سائنسدانُ،

بم ٺاهيندس چيوگم چان،

تنهن ۾ وجهندس دال ۽ نان،

پيٽ ڀريندو هر انسان:

ونڊرفل اِنوينشن، دنيا کي مفت ٻڌايان-

فادر فيوچر جو آهيان...!

 

ٿيندس مان ته پروفيسر،

ڏيندس ماکيءَ جو ليڪچر،

کيرَ ۽ کنڊ جو لٽريچر،

ڪندو دنيا کي پيارَ جو گهر:

ونڊرفل سوليوشن، دنيا کي مفت ٻڌايان:

فادر فيوچر جو آهيان...!

 

پپو، پپن ۽ پِپلي آهيان مان،

چوگم چاچا، چِيگم چاچي!

هيڏي ڏسو... مون ڏي ڏسو!...

 

 

لکيل:

موسيقار: ڪريم شهاب الدين

فنڪار: غفور گل

6.08.1975

موسيقار: فتح علي خان

فنڪار: ارشد محمود

ڳايل: 1987ع