ڪتاب جو نالو | روشن تارا (ٻاراڻا گيت) |
---|---|
ليکڪ | شمشير الحيدري |
سنڌيڪار / ترتيب | سليم حيدري |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-092-0 |
قيمت | 150 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 20 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 621682 ڀيرا پڙهيو ويو |
اي منهنجا پيارا پُٽڙا!
اي مُنهنجي پياري نياڻي!
اچ مان ٻُڌايان توکي ’سنڌوءَ‘ جي اڄ ڪهاڻي!
’سنڌوءَ‘ جي ٻُڌ ڪهاڻي، سنڌوءَ جي ٻُڌ ڪهاڻي!
مشهور آهي جيڪا، جَڳَ ۾ نَدين جي راڻي،
صدين کان آهي قائم هن ڏيهه جي ڌَياڻي،
تهذيبَ کان به جهُوني، تاريخَ کان پُراڻي:
سنڌوءَ جي ٻُڌ ڪهاڻي....!
سنڌوءَ جي سِيرَ ۾ ڏس، ڪيمياگريءَ جي قُدرتَ،
مِٽيءَ به سونُ آهي، پاڻي به آهي اَمرت،
ڄائي هماليا جي، ڪيڏِي نه آ سِياڻي:
سنڌوءَ جي ٻُڌ ڪهاڻي....!
بَرفَن جي شاهزادي، ڪيلاشَ ۾ ڪُڏي ٿي،
جهَرڻن ۾ ڪِئن ٿي جهومي، جبلن کي ڪِئن ٿُڏي ٿي،
هونئن مانسرووَر ۾ ڪيڏي نه هئي نِماڻي:
سنڌو جي ٻُڌ ڪهاڻي...!
’لَداخ‘ کي لَتاڙي، ’گِلگت‘ کان آئي ’هُنزا‘،
جبلن جي جانِ جهوري، پَٿر ڪيائين پُرزا،
بيحد بُلندين تان، ڪشميرَ ڏانهن اُڏاڻي:
سنڌوءَ جي ٻڌ ڪهاڻي...!
ڪشمير کان جو نِڪتي، پنجابَ ڏي اُڏامي،
پنجن نَدين اَدب سان ڊوڙي ڏِني سَلامي،
هاڻي هلي ٿي سِنڌ ڏي، ڇا ٽورَ آ شَهاڻي:
سنڌوءَ جي ٻڌ ڪهاڻي...!
ڌرتيءَ جي ساري خُوشبو سنڌوءَ ۾ جا سمائي،
قدمن ۾ سنڌ جي سا، آڻي اُنهيءَ پُڄائي،
هر جيءَ ۾ جانِ آئي، هر ساهَه سگههَ ماڻي:
سنڌوءَ جي ٻڌ ڪهاڻي...!
ڪشمورَ کان ڪراچي، سنڌوءَ جي موجَ مستي،
ساگر اندر اَچيو ٿِي پنهنجي وڃائي هَستي،
هيڏي سڄي سفر جي ٿِي خيرَ سان پُڄاڻي:
سنڌوءَ جي ٻڌ ڪهاڻي...!
ــــ