روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612377   ڀيرا پڙهيو ويو

سهيڙيندڙ پاران


سنڌيءَ جا تمام ٿورا سينيئر شاعر ٻارن لاءِ شاعري ڪن ٿا. ان جو سبب اهو آهي، جو اهو
ڪم البت ڏکيو آهي، ڇو ته وڏي عمر جي شاعر کي گهڻو هيٺ لهي، ٻارن جي سطح تي اچي سوچڻو پوي ٿو. تنهن هوندي به، مجموعي طرح، سنڌيءَ ۾ ٻارن جو ادب، جيڪو هيستائين موجود ٿي سگهيو آهي، سو قدر لائق آهي.

ٻاراڻن گيتن جي هن مختصر مجموعي ۾ شامل گيت، پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ جي
ٻاراڻي پروگرام ’روشن تارا‘ لاءِ لکيا ويا هئا. منهنجو والد، شمشير الحيدري، شروع کان وٺي، ڪن مختصر وقفن کان سواءِ، ’روشن تارا‘ پروگرام جو اسڪرپٽ لکندو رهيو هو، ۽ ٻارڙن جي انهيءَ پروگرام جو نالو به سندس ئي ڏنل آهي. سَتر جي ڏهاڪي کان وٺي ’روشن تارا‘ پروگرام جو اسڪرپٽ لکندي، هن جيڪي ٻاراڻا گيت لکيا، سي هن ڪتابڙي ۾ ’روشن تارا‘ جي ئي نالي سان شامل ڪيا ويا آهن. اميد ته ٻارڙن کي پسند ايندا.

آءٌ موسيقار شاهد ڀُٽي جو به ٿورائتو آهيان، جنهن ڪجهه اهڙا گيت ڳولي ڏنا، جيڪي والد صاحب جي فائيل ۾ موجود ڪونه هئا. ڪوشش ڪري اڪثر گيتن جي هيٺان موسيقارن جا به نالا ڏنا ويا آهن، پر جن گيتن تي موسيقارن جا نالا ڄاڻايل نه آهن، انهن مان گهڻا گيت، شاهد ڀُٽي صاحب جا  ئي ڪمپوز ڪيل آهن.

اها خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي ته هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو مختصر عرصي ۾ وڪرو ٿي ويو ۽ اٿارٽي هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. اميد آهي ته هيءُ ڪتاب سنڌ جي ٻارڙن لاءِ معلومات ۽ دلچسپيءَ جو سبب بڻجندو.

 

- سليم حيدري