روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612258   ڀيرا پڙهيو ويو

اَمڙ مارِ نه مُون!


امڙ مار نه مون، منهنجي توبهن توبهن!

توبهن، منهنجي توبهن توبهن!

آءٌ تنهنجو پٽڙو چڱون:

الا ڙي، امڙ مارِ نه مُون!

 

کيٽو کِٽ کِٽ هاڻ نه ڪندس،

مانيءَ ويلي مُور نه رُسندس،

ڪين ٿيندس بي ڪَمون...!

 

اُٿي سَويري اسڪول ويندس،

ڀيڻ گُڏِيءَ کي تنگِ نه ڪندس،

ڀلي سَڙن رَمون، کمون...!

 

هاڻ ته روڪ ڀلا تون هٿن کي،

پَپِي کِلي ڏي پنهنجي پَپَن کي،

ڏي ڪجهه ٻيرَ ۽ ڄَمون...!

وهه واهه! امڙ مار نه مُون!

 

 

19.01.1998