روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612280   ڀيرا پڙهيو ويو

گُڏٖي گُڏِيءَ جي راندِ


اچوڙي جيڏيون، دل وندرايون،

گُڏي گُڏيءَ جي راند رچايون!

 

گُڏو گُلان جو، گُڏِي ڦُلان جي،

هُو به اسان جو، هيءَ به اسان جي،

ڌام ڌومَ سان ٻئي پرڻايون!

 

لاڏٖي جي لئه سنڌي ٽوپي،

لاڏِيءَ جي لئه ريشم پوتي،

رنگا رنگي ڪپڙا پهرايون!

 

پاڙي اوڙي کنڊُ وِرهائي،

ڍولڪ تاڙيون خوب وڄائي،

اچو ته گڏجي سِهرا ڳايون!