روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612241   ڀيرا پڙهيو ويو

سانوڻَ جا مينهَن


سانوڻ مند جا مينهنَ، ڀلي ڪري آيا،

ساوڪ سُکَ جا ڏينهن، ڀلي ڪري آيا!

 

سمنڊ تان پاڻي پِي ڇو نِڪتا،

گوڙ، کنوڻ سان ڳولي رَستا،

بادل ڊوڙي هِتڙي پُهتا،

وَڏڦُڙي جي ڏس چَنچلتا.....!

 

جهُڙ ڦڙ، جهڙ ڦڙ موجَ لڳي وئي،

بيلُ وڳو، موڪل ٿي وئي،

’هوم ورڪ‘ کان جِندِ ڇُٽي پئي،

لکڻ پڙهڻ جي ڇُوٽِ مِلي وئي....!

 

سنهڙي سنهڙي بوندَ وسي ٿِي،

اَچو اچو سڀ جلدي جلدي،

مزو وٺو وِهنجڻَ جو گڏجي،

ڳايون ڳايون رحمت ربَ جي...!